Sunday, 9 December 2018

“Phloem Bundle اوڄي تندون ۔ تاندوري ڳنڍون”

“Phloem Bundle            اوڄي تندون ۔ تاندوري ڳنڍون”

"اصغر ساگر"

ڪيلو اھو ميوو آھي جيڪو مڪمل غذائيت رکي ٿو. ھي وٽامنن جومجموعو آھي. ڪيلو سپر فوڊ جي حيثيت رکي ٿو پر ان جي کل بہ  ڪمال جي شي آھي گڏوگڏ ڪيلي جي اندر تار جھڙي کل بھترين فائدا رکي ٿي. ڪيلي جي اندرين تارن کي اوڄي تندون يا تاندوري ڳنڍون چئبو آھي.
Those banana strings are called ''Phloem.'' Their job is to distribute nutrients up and down the banana as it grows and their scientifically name is Phloem bundle.
ڪيلي جي انهن تارن کي فلوئم چئبو آھي. انهن جو ڪم ڪيلي کي غذائيت پھچائڻ آھي جيئن اھو واڌ ويجھ ڪري ٿو ۽ ھنجو سائنسي نالو فلوم بنڊل آھي. ڪيلي جي اوڄي تندن Phloem Bundle ۾ ايتري غذائيت آھي جيتري ڪيلي ۾ اچي وڃي ٿي. ڪيلي جي اوڄي تندن Phloem Bundle ۾ پوٽيشم ۔ تاندورا ۔ وٽامن اي ۽ وٽامن بي 6 وافر مقدار ۾ موجود ٿئي ٿي. اوڄي تندون Phloem Bundle
 تاندورا ٿين ٿيون جيڪي مختلف ميون ۾ پاتيون وڃن ٿيون. ھن جو ڪم غذائيت پھچائڻ آھي. اوڄي تندون Phloem Bundle زندھ گهرڙن مان ٺھن ٿيون ۽ ھي کاڌي ۽ شڳر کي ٻوٽي جي مختلف حصن تي پھچائن ٿيون ۽ ڪيلي جون اوڄي تندون بہ ساڳو ڪم سرانجام ڏين ٿيون. ھي اوڄي تندون رڳن وانگر پوري ميوي کي غذائيت ۽ پاڻي پھچائين ٿيون تہ جيئن ميوو پوري طرح پروان چڙھي. ھي اوڄي تندون ڪيلي جي واڌ ويجھ ۾ مدد ڪن ٿيون. توھان جڏھن بہ ڪيلو کائو ڪيلي ۾ موجود اوڄي تندن يعني تارن کي کائو تہ جيئن وڌيڪ غذائيت حاصل ٿئي ڇوجو اوڄي تندون ڪيلي جيتري غذائيت رکن ٿيون.
اسان کي ذھن نشين ڪرڻ کپي تہ جيڪي ميوا اسان کان ٿا انهن جي اندر اوڄي تندون يا تاندوري ڳنڍون Phloem يا Phloem bundle ٿين ٿيون جيڪي ميوي وانگر ساڳا فائدا رکن ٿيون. جيڪڏھن اسان انهن اوڄي ڳنڍن کي وٽامن بي17 ۾ شمار ڪريون تہ ڪري سگهون ٿا ڇوجو اھي ميوي جو جوھر يا ست رکن ٿيون جيڪي مرض کي جلدي ختم ڪري سگهن ٿيون. نارنگي ۔ مالٽا ۔ ڪيلي يا اھڙن ميون ۾ اوڄي تندون ٿين ٿيون جن کي کائي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا


مڪڙيء جيڪا پنهنجي ٻچن کي کير پيارئي ٿي

مڪڙيء جيڪا پنهنجي ٻچن کي کير پيارئي ٿي

"دريا خان سنڌي" 

چيني سائنسي ماهرن موجب جنوب مشرقي ايشيا ۾ پاتي ويندڙ هڪ
ٽوڪسيئس ميگنس Toxeus magnus نالي مڪڙي جيڪا پنهنجي ٻچن کي کير پيارئي ٿي جيڪو ڳئون جي کير جيئان هجي ٿو. 
ماهرن: موجب مختلف مڪڙين تي تحقيق ڪرڻ وقت ٽوڪسيئس ميگنس نالي مڪڙي جي ٻچن جڏهن پنهنجي ماءُ سان چمبڙڻ لڳا تہ هڪ ماهر "زينجي چين" نالي ڏٺو تہ مڪڙي جا ٻچا پنهنجي ماءُ جي هيٺان نڪرندڙ ڪا شيء کائي رهيا هئا. جنهن تہ ماهر انهيءَ مڪڙي کي خوردبيني
هيٺان رکي ڏٺو تہ کير نموني مائعو مڪڙي پنهنجي ٻچن کي پيارئي رهي هئي. 
جنهن کان پوءِ ماهرن انهن ٻچن کي ڪجهہ ڏينهن تائين پنهنجي ماءُ کان ڌار رکيو تہ اهوئي مري ويا
ماهرن موجب مڪڙي جا ٻچا انهيءَ کير سان جلدي وڏا ٿين ٿا جيڪي 20 کان 40 ڏينهن تائين مسلسل پنهنجي ماءُ جو کير پئيندا رهندا آهن جنهن کانپوءِ هو ننڊهن کيڙڻ جو پنهنجي خوارڪ لاءِ شڪار ڪن ٿا
جن کي پنهنجي ماءُ کان ڌار رکيو وڃي تہ هو جلدي مرڻ لڳن ٿا


Monday, 3 December 2018

وٽامن ڊي ۽ هڏين جي ڪمزوري جو پاڻ ۾ ڪو واسطو ناهي:تحقيق

وٽامن ڊي ۽ هڏين جي ڪمزوري جو پاڻ ۾ ڪو واسطو ناهي:تحقيق

"دريا خان سنڌي"

وٽامن ڊي سان واسطو رکندڙ دوائون ۽ سپليمينٽس کي هڏن جي ڪمزوري، ٻوڙائپ کي ختم، دم، سور، ڏندن جي مرض، ٿولھ ۽ ذھني ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ اهم سمجهيو ويندو آهي پر ائين ناھي.
نيوزي لينڊ ۽ برطانيا جي سائنسدانن موجب هڪ تحقيق مان پتو پيو آهي تہ وٽامن ڊي، هڏين جي ڪمزوري ۽ ٻوڙائپ جي هڪ ٻئي سان ڪا ويجهڙائي ناهي. تحقيق موجب وڏي عمر ۽ گهٽ عمر رکندڙ ماڻهن کان سوا وٽامن ڊي جي دوائن جي سپليمينٽس جو اهڙي عمر رکندڙ ماڻهن تي خاص اثر يا فرق نٿو پوي.
 ماهرن موجب اهو تاثر غلط آهي تہ وٽامن ڊي وٺڻ سان ئي هڏيون مضبوط ٿينديون آهن. سائنس جرنل (دي لينسٽ) ۾ پڌرو ٿيندڙ نيوزيلينڊ ۽ برطانيا جي ماهرن جي تحقيق موجب گهڻو ڪري بالغ ماڻهن کي اهڙين دوائن وٺڻ سان ڪو فائدو حاصل نہ ٿيندو آهي.
وٽامن ڊي جي گهٽتائي ظاهر ڪندڙ 5 علامتون رپورٽ ۾ ٻڌايون ويون. تحقيق دوران ماهرن وٽامن ڊي بابت ماضيءَ ۾ ٿيندڙ 81 تحقيقات جو جائزو وٺڻ کان علاوه 50 هزار کان مٿي ماڻهن کي ڪجھ مھينن تائين وٽامن ڊي جي خوراڪ ڏيئي نتيجا حاصل ڪيا ويا. ماهرن موجب وٽامن ڊي بابت گهڻو ڪري جيڪي خيال 4 صديون پراڻا آهن، انهن جي برعڪس هاڻ نتيجا بدلجي ويا آهن.
رپورٽ موجب گهڻو ڪري ماڻهون تي وٽامن ڊي جي دوائن جو ۽ خوراڪ جو اثر نٿو ٿئي گهڻو ڪري گهٽ عمر رکندڙ ماڻهن کي ان جو فائدو گهٽ ٿئي ٿو.
رپورٽ موجب اهڙين سپليمينٽس ۽ دوائون جو گهڻو فائدو صفا گهٽ عمر رکندڙن کي پئي ٿيو جن ۾ وٽامن ڊي جي گهڻي گهٽتائي هجي ٿي.
ماهرن 10 سالن کان وڌ ۽ 60 سالن کان گهٽ عمر رکندڙ کي تجويز ڏني آهي تہ هو هي سمجهڻ ڇڏي ڏين تہ وٽامن ڊي جون دوائون ۽ سپليمينٽس کائڻ سان انهن جون هڏيون مظبوط ٿينديون ۽ جسم ۾ سور ٿيڻ ختم ٿي ويندو.
ماهرن واضح ڪندي چيو آهي تہ وٽامن ڊي جو جسم جي هڏين کي مضبوطي، جسم ۾ سور، دم ۽ وٽامن ڊي جي گھٽتائي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين سان ڪو تعلق ناهي.
وڌيڪ ماهرن موجب وٽامن ڊي جي دوائن ۽ سپليمينٽس جو انهن ماڻهن کي فائدو ضرور پهچي ٿو جن ۾ وٽامن ڊي گهٽتائي هوندي آهي انهن ماڻهن جو شمار ٿيندڙ 4 سال کان گهٽ ٻار ۽ 60 سالن کان وڌ واري عمر وارا ماڻهو شامل آهن

زيتون Guava

”زيتون         Guava“

"اصغر ساگر"

زيتون جو موسم آھي سياري جي موسم ۾ ھر شھر توڙي ڳوٺ ۾ زيتون کي شوق سان کاڌو وڃي ٿو. زيتون بھترين ذائقو رکي ٿو گڏوگڏ ھن ۾ صحت جا ڪافي جز موجود آھن جيڪي صحت کي بھتر بنائين ٿا.ھن جو نباتاتي نالو Psiduin guava آھي ۽ ھي Myrtaceas خاندان سان واسطو رکي ٿو. ھن جو Generic نالو Psiduim يوناني لفظ تان ورتل آھي جنھن جو مطلب آھي ڏاڙھون ڇوجو خواص جي لحاظ کان زيتون ڏاڙھون جيتري اھميت رکي ٿو. زيتون ايشيا ۔ آفريڪا ۔ مصر ۽ ميڪسيڪو ۾ پاتو وڃي ٿو. زيتون مفرد نظريي تحت اعصابي غدي آھي. 
عام طور خيال آھي تہ وٽامن سي جي حصول لاء مالٽا بھترين ميوو آھي پر پر مالٽا جي مقابلي ۾ زيتون ۾ وڌيڪ وٽامن سي آھي. ھڪ مالٽا ۾ 69 ملي گرام وٽامن سي ٿئي ٿي جڏھن تہ ھڪ زيتون ۾ 165 ملي گرام وٽامن سي پاتي وڃي ٿي. زيتون ۾ بيٽاگجرو Beta carotene  ۔ لائڪوپين  ۔ وٽامن ۔ نمڪيات ۔ غذائي ريشو-Pectin۔ فليونائيڊ ۔ گجرا ۔ فيٽي ايسڊ ۔ نوٽلز ۔ ٽونن ۽ فراري تيل Lectins triterpences saponins پاتا وڃن ٿا. زيتون دافع جسم ۔ دافع اميبيا ۔ دافع دست ۔ دافع حيات ۔ دافع تشنج ۽ سڪون ڏيندڙ خوبيون پاتيون وڃن ٿيون. زيتون حيض گهڻو اچڻ ۔ رت جو داٻ ۔ رطوبتن جي ڪمي ۔ ڦڦڙن ۾ سوڙھ ۔ جيري وارو دم ۔ خشڪ کنگھ ۔ تيزابيت ۔ ٿولھ  ۔ چرٻاڻ (ايل ڊي ايل) Cholesterol LDL ۾ فائدو ڏئي ٿو.

تڪسيد روڪ Antioxident :-
حيدرآباد ۾ قائم نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميڊيسن حال ۾ 14 ميون تي تحقيق ڪري نتيجو ڪڍيو تہ زيتون ۾ تڪسيد روڪ خوبيون ٻين ميون جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آھن ان کان سوا ھن ۾ غذا بخش جزا گهرڙن کي تباھ ٿيڻ کان روڪن ٿا ۔ پوڙھائپ کي جلدي اچڻ نٿا ڏين ۽ ڪينسر جي گهرڙن جي روڪ ڪن ٿا. زيتون آزاد تڪسيدي جزن کي ختم ڪري ايندڙ بيمارين کي روڪن ٿا جيڪي خرابين جو سبب بنجن ٿا. جائزي ۾ زيتون کي غريبن جو ميوو سڏيو ويو. ڏاڙھون ۔ ڪيلي ۔ شريفي ۔ انب ۔ صوف ۔ آلوچي ۽ انگور جي مقابلي ۾ زيتون کي وڌيڪ تڪسيد روڪ پاتو ويو. 100 گرام زيتون ۾ 500 ملي گرام تڪسيد روڪ ٿين ٿا جڏھن ايتري مقدار آلوچي ۾ 330 ملي گرام ۔ صوف ۽ ڏاڙھون ۾ 135 ملي گرام ۽ ڪيلي ۾ 30 ملي گرام تڪسيد روڪ پاتا وڃن ٿا. 

وٽامن سي سان سرشار Abundant in Vitamin C :-
زيتون کي گرم ملڪن جو صوف چيو وڃي ٿو ھن ۾ خاص ڪري پروٽامن سي جي مقدار ٻين ميون کان وڌيڪ پاتي وڃي ٿي. زيتون ۾ وٽامن سي جي مقدار صرف 212 ملي گرام ٿئي ٿي جڏھن تہ 100 گرام نارنگي ۽ ڪينو ۾ وٽامن سي جي مقدار 40 ملي گرام ٿئي ٿي. جيڪڏھن روز 90 گرام زيتون کاڌو وڃي  تہ وٽامن سي جي ڏينھوڪي مقدار پوري ڪري سگهجي ٿي. وٽامن سي پٺن ۾ پاتي ويندڙ اھم پروٽين ڪولاڄن زيتون ۾ موجود ٿئي ٿي جيڪا ھاضمي جي نظام کي طاقتور بنائي ٿي ۽ ڪينسر ۽ دل جي مرضن کان بچائي ٿي.

ڪينسر جو خطرو گهٽ ڪندڙ :-
زيتون ۾ موجود وٽامن سي ۔ لائڪوپين ۽ ٻيا جزا دافع تڪسيد طور ڪم ڪن ٿا جيڪي جسم ۾ نقصاندھ گهرڙن جي سطح گهٽ ڪن ٿا ۽ ڪينسر جي گهرڙن کي روڪن ٿا.

شڳر ۾ مفيد :-
تاندور ھجڻ ڪري زيتون شڳر کي وڌڻ کان روڪي ٿو ۽ رت جي شڳر کي باقائدي ڪري ٿو.

ﺩﻝ کي صحتمند رکندڙ :-
زيتون جي کائڻ سان جسم ۾ نمڪ يا سوڊيم ۽ پوٽيشم جي توازن ۾ بھتري اچي ٿي جنھن جي ڪري بي پي ضابطي ۾ رھي ٿو. ھي ميوو نقصاندھ چرٻاڻ کي گهٽ ڪري ٿو جيڪو دل جي مرضن جو سبب بنجي ٿو.

ﻗﺒﺾ ڪشا :-
زيتون ۾ تاندور گهڻا ٿين ٿا ان ڪري زيتون تاندور جو 12 حصو جسم کي فراھم ڪري ٿو جيڪو ھاضمي جي نظام کي بھترين بنائي ٿو ۽ قبضي کي ٽوڙي ٿو.

نظر وڌائيندڙ :-
زيتون ۾ وٽامن اي پاتو وڃي ٿو جيڪو اکين لاء مفيد آھي. ھي ميوو عمر گذرڻ سان گڏ نظر کي ساڳي حالت ۾ رکي ٿو پر ان کي بھتر بہ رکي ٿو. ھي موتيي پاڻي جي مرض جي رفتار کي سست ڪري ٿو.

ڳورھاري عورتن لاء بھتر :-
زيتون ۾ فولڪ ايسڊ ٿئي ٿو جيڪو ڳورھاري عورتن لاء فائديمند آھي ۔ پيٽ ۾ ٻار جي حفاظت ڪري ٿو ۔ پيٽ ۾ ٻار کي ڪرڻ کان روڪي ٿو ۽ ڪمزوري ٿيڻ نٿو ڏئي.

ڏندن جو درد ختم ڪندڙ :-
زيتون ۾ جراثيم روڪ خوبيون پاتيون وڃن ٿيون جيڪي ڇوت کي ختم ڪن ٿيون ۽ جراثيمن کي مارين ٿيون. ھن جي کائڻ سان ڏندن جو سور ختم ٿي وڃي ٿو.

ڇڪتاڻ گهٽ ڪندڙ :-
زيتون ۾ موجود ميڳنيشم مشڪن ۽ اعصابن کي پرسڪون ڪري ٿو. ڏينھن ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري ٿڪ ٿئي ٿو ۔ مشڪون ڳريون ٿي وڃن ٿيون ۽ ذھني دٻاء وڌي ٿو. صرف زيتون کائڻ سان انهن مسئلن کان نجات ملي وڃي ٿي.

ﺩﻣﺎغي ميوو :-
ھن وٽامن ۾ وٽامن بي ٿري ۽ وٽامن بي سڪس موجود ٿئي ٿي جيڪي دماغ جي طرف رت جي فراھمي کي بھتر بنائين ٿيون ۽ ذھني فعلن کي تحريڪ ڏيڻ سان گڏ اعصابن کي بہ سڪون پھچائين ٿا. 

ٿولھ کان تحفظ ڏيندڙ :-
جيڪڏھن توھان جسماني وزن ۾ کوٽ آڻڻ چاھيو ٿا تہ زيتون کائڻ شروع ڪيو ڇوجو ھي تاندور سان ڀرپور ٿئي ٿو ۽ گهرڙاتي تبديلي کي بھتر بنائي ٿو ۽ ھن جي کائجڻ سان پيٽ ڀريل رھڻ جو احساس رھي ٿو.

زڪام :-
زڪام ۾ زيتون ھاڪاري اثر رکي ٿو. جڏھن مريض جو بلغم پچي نٿو نڪري ۔ ڳلي ۾ کچ کچ رھي ٿي ۽ ڳلي ۾ ريڳاڙ ڳڙندو رھي ٿو، انهي صورت ۾ زيتون جو کائڻ فائدي بخش آھي.

ٻيرڙا :-
جڏھن ڳلي ۾ سوڄ اچي ۽ ڳيھڻ ۾ تڪليف اچي تہ اھڙي صورت ۾ زيتون کي ڪر ۾ پچائي صاف ڪري نيم گرم کائجي ائين ڳلي جي سوڄ گهٽجي ويندي ۽ بلغم پچي نڪرندو. اھڙي ترڪيب سان ٻارن کي استعمال ڪرايو وڃي ٻارن جي ڳلي جي مسئلي حل ٿيڻ سان گڏ خشڪ کنگھ بہ ختم ٿي ويندي.

گهنجن کان بچائيندڙ :-
زيتون ۾ وٽامن اي ۔ وٽامن سي ۽ تڪسيد روڪ جيئن گجرا Carotene ۽ لائڪوپين اچي وڃن ٿا جيڪي گهنجن گهنجن کان بچائين ٿا. زيتون جي کائڻ سان ھروڀرو جسم تي گهنج نٿا اچن.

پیشاب جي تڪليف دور ڪندڙ :-
جڏھن گرمي ۽ خشڪي جي ڪري پيشاب جون ناليون تنگ ۔ سوڄدار يا خشڪ ٿي وڃن اھڙي حالت ۾ زيتون کائڻ لاڀائتو آھي پيشاب جهالارو ايندو ۽ پيشاب رڪجي اچڻ بند ٿي ويندو.

بواسير ۾ مفيد :-
بواسير خوني ھجي يا بادي زيتون فائدو ڏئي ٿو ڇوجو زيتون کائڻ سان قبضي ختم ٿي وڃي ٿي نتيجي طور بواسير کي فائدو پوي ٿو.

ڳلي جي ڪينسر کي روڪيندڙ :-
جڏھن جسم ۾ سودا وڌي ٿي تہ رت بگڙجڻ لڳي ٿو ۽ ڪھڙو بہ ڪينسر پيدا ٿي سگهي ٿو. زيتون کائيندو رھڻ سودا جو اثر گهٽ ٿي وڃي ٿو ۽ ڳلي جي ڪينسر جا امڪان نٿا رھن.

دست بند ڪندڙ :-
زيتون ۾ Quercetin موجود ھئڻ ڪري ھن جي پنن مان دستن جي دوا تيار ڪئي وئي آھي. ھنن جي پنن کي ڇانو ۾ خشڪ ڪري ڪٽي پائوڊر ڪري رکيو وڃي. ھي پائوڊر دستن لاء مفيد آھي

کاڌا جيڪي خالي پيٽ نہ کائڻ کپن

کاڌا جيڪي خالي پيٽ نہ کائڻ کپن

"دريا خان سنڌي"

ڇا اوهان ڄاڻو ٿا خالي پيٽ اهڙيون غذائون کائڻ صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون. هتي اسان اوهان کي اهڙيون غذائون ٻڌائينداسين جن کي اوهان کي خالي پيٽ کائڻ کان پرھيز ڪرڻ کپي.  

پيسٽري يا ڪيڪ وغيرھ :
خالي پيٽ ڪيڪ يا پيسٽرين جھڙين غذائن کان پاسو ڪرڻ کپي جيڪي خالي پيٽ معدي ۽ آنڊن لاءِ سٺيون نہ ٿيون هجن ۽ مختلف گئسون پيدا ڪري معدي ۽ آنڊن لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿيون.

مٺائي :
صبح  جو اٿڻ سان خالي پيٽ مٺاڻ پتي لاءِ نقصانڪار آهي ان سان شڳر جو خطرو وڌي وڃي ٿو. 

ڏهي :
خالي پيٽ ڏهي کائڻ سان پيٽ ۾ هائيڊرو ڪلورڪ ايسڊ پيدا ٿي ويندي آهي جيڪا اوهان جي پيٽ ۾ موجود ليڪٽڪ ايسڊ بيڪٽيريا کي ختم ڪندي آهي جيڪو اوهان جي جسم لاءِ فائديمند آهي. ان ڪري خالي پيٽ ڏهي فائديمند ناهي. 

زيتون :
زيتون ۾ خام ريشا پاتا وڃن ٿا جنھن کي خالي پيٽ کائڻ سان بلغم واري جهلي متاثر ٿئي ٿي انڪري ان کي خالي پيٽ کائڻ مفيد ناهي. 

ٽماٽو :
ٽماٽر ۾ ٽينڪ ايسڊ جي مقدار گهڻي هجي ٿي جنھن کي خالي پيٽ کائڻ سان معدي ۾ تيزابيت جو خطرو وڌي وڃي ٿو. ان تیزابیت سان گيسٽرڪ السر بہ ٿي سگهي ٿو. 

کيرو ۽ سبز رنگ جون سبزيون :
ڪچيون سبزين ۾ امينو ايسڊ گهڻو ٿئي ٿو جيڪو خالي پيٽ معدي لاءِ وڌيڪ نقصانڪار آهي. انهن سبزين کي خالي پيٽ کائڻ سان سيني جي جلن ۽ پيٽ ۾ سور جهڙن مسئلن کي منھن ڏيڻ پئجي سگهجي ٿو. 

ڪيلا :
خالي معدي سان ڪيلا کائڻ سان جسم ۾ میگنیشیم جي مقدار وڌي سگهجي ٿي جيڪا رت ۾ شامل ٿي ڪري دل لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. 

مصالا :
صبحو جو خالي پيٽ سان مصالي جات وارا کاڌا کائڻ سان پيٽ جي جلن جھڙن مسئلن کان سوا ھاضمي واري سرشتي ۾ مختلف مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. 


ڪولڊرنڪس :
خالي معدي سان ڪولڊرنڪ جو استعمال پيٽ تائين رت پھچڻ جي رفتار کي گهٽ ڪري ٿو جنھن کان پوءِ کاڌو هضم ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي ۽ ٻيا مسئلا ۽ خطرا پڻ وڌي وڃن ٿا.

کٽو ڳاڙھو ميوو :
کٽن ڳاڙھن ميون ۾ هڪ اهڙو ايسڊ ٿئي ٿو جيڪو خالي پيٽ کائڻ سان سيني جي جلن جو ڪارڻ ٿئي ٿو. ان سان گيسٽرڪ السر کي بہ منھن ڏيڻ پئجي سگهجي ٿو

چنڊ Moon

”چنڊ     Moon“
انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا
چونڊ ۽ ترتيب :- اصغر ساگر

نھري جسامت رکندڙ هي گرھ ،جنھن کي اسين چنڊ سڏيون ٿا ،اُهو زمين کي ويجهي کان ويجهو گرھ آهي .قديم دؤر جي ماڻهن ۾ چنڊ بابت جدا جدا عقيدا رائج هئا ،ڪي هن کي پراسرار شيءِ سمجھندا هئا تہ ڪن جي خيال ۾ هي طاقت جو ديوتا هو. ڪي ماڻهو ان کي موسمن جو مالڪ ليکيندا هئا تہ ڪي چنڊ کي پنهنجي قسمت سان وابستہ سمجهندا هئا .چنڊ بابت اهڙين من گهڙت ڳالهين ۽ خيالن جو سلسلو ويھين صديءَ جي آغاز تائين هلندو رهيو .ان وقت تائين
چنڊ جي بناوت جو خاڪو واضح نہ هو .ويھين صديءَ جي آخري ڏهاڪن کي ’خلا جي تسخير جو دؤر سڏيو ويو آهي ڇو تہ هن دور ۾ ايجادن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان
انسان جو صدين کان چنڊ تي پھچڻ وارو خواب پورو ٿيو.

چنڊ بابت نظريا :-
چنڊ جي وجود بابت ڪيترا سائنسي نظريا موجود آهن جن
مان ٽي بنيادي نظريا قابل ذڪر آهن:
(1) نظريو :هن نظريي مطابق چنڊ زمين جو ئي ٽڪرو آهي ،جڏهن زمين جو وجود ابتدائي مرحلا طئي ڪري رهيو هو ۽ اڃا پگھريل صورت ۾ هو تہ ان حالت ۾ سج جي چوڌاري گردش ڪندي ،ان جي شڪل ڊگھي ڪَروُ جھڙي ٿي وئي هئي .تڏهن ان جي جسم مان ٿورو ٽُڪر ٽُٽي ،جدا ٿي ويو ۽ پوءِ ان جي ئي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳو. پاڻيٺ واري حالت ۾ جدا ٿيل ٽُڪرو ،جنھن هنڌان جدا ٿيو هو، اڄ اتي پئسفڪ وڏو سمنڊ موجود آهي. سائنسدان پنھنجي نظريي جي تائيد ۾ چون ٿا تہ جيترو وزن پئسفڪ سمنڊ جي پاڻيءَ جو آهي ،اوترو ئي وزن چنڊ جو هوندو .يا ائين چئي سگهجي ٿو تہ پئسفڪ سمنڊ مان پاڻي ڪڍجي تہ ان خال ۾ چنڊسمائجي ويندو.
(2) نظريو :هن نظريي وارن سائنسدانن جو خيال آهي تہ چنڊ زمين جي عمر کان وڏو آهي. سندن چواڻي چنڊ ،نظام شمسيءَ جي شروعاتي دؤر ۾ وجود ۾ اچي چڪو هو جڏهن تہ زمين ان کانپوءِ وجود ۾ آئي هئي. 
(3) نظريو :سائنسدانن جي اڪثريت جو خيال آهي تہ چنڊ ۽ زمين هڪ ئي وقت وجود ۾ آيا. ٻنهي جي بناوٽ ۾ هڪجھڙا بنيادي عنصر ملن ٿا .چنڊ ،ڌرتيءَ جو ويجھي کان ويجھو گرھ آهي .اهو ئي سبب آهي جو هڪ مھيني جي عرصي ۾ مختلف وقتن تي جدا جدا شڪليون اختيار ڪندو رهندو آهي. چنڊ جي هن جادوئي طرز واري خصوصيت جي ڪري ماڻهن ۾ مختلف خيال ظاهر ٿيا جھڙوڪ :چنڊ موسمن تي اثر انداز ٿئي ٿو . اڪثر سائنسدان هن ڳالهه تي متفق آهن تہ حقيقت ۾ چنڊ هڪ نھرو جسم آهي ،جيڪو زمين کان لڳ ڀڳ اڍائي لک ميلن جي پنڌ تي آهي ،جيڪو ڪنھن بہ قسم جي توانائي خارج نٿو ڪري پر سج جي ٿوري روشنيءَ کي موٽ کارائي ٿو .هي خود روشن جسم ناهي .ان کانسواءِ ڌرتيءَ تان چنڊ جو صرف اڌ حصو نظر ايندو آهي. 
چنڊ جو قطر 2160 ميل ،يعني ڌرتيءَ جي قطر جي چوٿين حصي جيترو آهي .وزن جي لحاظ سان زمين جي تور جو ايڪاسيون حصو آهي .ڪشش ثقل جو دارو مدار جسم جي گھٽ وڌائيءَ تي هوندو آهي .ان حساب سان زمين تي جيڪو وزن 150پائونڊ آهي تہ چنڊ تي ان جسم جو وزن فقط 20 پائونڊ ٿيندو، ساڳيءَ طرح زمين تي ٽِن فوٽن جو ٽِپ ڏئي سگھبو تہ چنڊ تي 18 فوٽن جو ٽِپ ڏيڻو پوندو.
انهيءَ اصول هيٺ خلابازيءَ جي مرحلن ۾ وڏي سھوليت پيدا ٿي ٿئي.
چنڊ ڌرتيءَ جي چؤڌاري ڪجھ بيضوي مدار تي گردش ڪندو آهي .ان جي اوچائيءَ تان زمين تائين 252710 ميل مفاصلو آهي ،جڏهن تہ هيٺاهين تان زمين 238857 ميل پري آهي. اپالو-11( خلائي گاڏي ،جنھن ۾ سائنسدان جولاءِ 1969ع ۾ چنڊ تي پهتا هئا)، ڌرتيءَ کان چنڊ تائين پھچڻ ۾ 4 ڏينهن لڳايا هئا. روشنيءَ کي چنڊ کان ڌرتيءَ تي پهچڻ ۾ هڪ منٽ 10 سيڪنڊ لڳندا آهن .ڌرتي 24 ڪلاڪن ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي محور تي گهمي ٿي .اهو ئي سبب آهي جو زمين تي ڏينھن ۽ رات 12-12 ڪلاڪن جا ٿين ٿا .ليڪن چنڊ پنهنجي محور تي گردش ڪندي، زمين جي چوڌاري 27 ڏينھن ۽ ڇھن ڪلاڪن ۾ هڪڙو چڪر پورو ڪري ٿو .سج وانگر چنڊ ڪنھن بہ قسم جي روشني پيدا ڪري نہ سگھندو آهي. چنڊ جي روشني ،جيڪا اسان کي رات جو نظر ايندي آهي سا سج جي آهي جا چنڊ جي سطح تان موڙ کائي ،اسان ڏانھن موٽ کائي ايندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو چنڊ جون شڪليون اسان کي مختلف وقتن تي مختلف نظر اينديون آهن .انهن کي ’چنڊ جون ڪلائون ‘چوندا آهن. چنڊ جو رنگ، جيڪو اسان کي زمين تان نظر اچي ٿو ،سو اصل ۾ سج جي روشنيءَ جو موٽ کائيندڙ ڪرڻو آهي .چنڊ مان موٽ کائيندڙ روشني خلا مان لنگھي اچي ٿي .سياري ۾ جڏهن چنڊ آسمان جي وچ ۾ نھايت اوچائيءَ تي وڃي پھچندو آهي تڏهن ان جا ڪرڻا سِڌا زمين تي پوندا آهن .ان وقت اسان کي چنڊ اڇو يا چانديءَ جھڙو نظر ايندو آهي. اونهاري ۾ چنڊ جڏهن هيٺئين درجي تي لھي ايندو آهي تڏهن ان جا ڪرڻا گھاٽي فضا جي تَھن مان لنگھي زمين تي پھچندا آهن. ان وقت چنڊ جو رنگ اسان کي پِيلو ۽ سونھري نظر ايندو آهي. خلانوردن جڏهن هيٺ لھي چنڊ جي رنگ جو مشاهدو ڪيو تڏهن کين چنڊ خاڪي ۽ هلڪي ڀُوري رنگ جو نظر آيو. 
پھريون دفعو گليلو گليليءَ چنڊ جو گھرو مطالعو ڪيو .1690ع ۾ کيس معلوم ٿيو تہ هالينڊ جي عينڪ ساز هڪ اوزار ايجاد ڪيو آهي، جنھن مان پري جي شين کي ويجھو ڏسي سگھجي ٿو. اهو اوزار دوربين ھئي، جنھن ۾
ڪئين شيشا فِٽ ٿيل هئا. گليلو انهيءَ دوربين ۾ لڳل شيشن کي جدا جدا طرفن ڏانهن تبديل ڪرڻ سان گڏ شيشن کي چڱيءَ طرح صاف ڪرڻ سان نئين دوربين ايجاد ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿيو. هن جڏهن پھريون ڀيرو پنهنجي دوربين جو رخ چنڊ ڏانھن ڪيو تہ کيس چنڊ ۾ موجود ٻرندڙ جبلن ۽ ڇپن جي اڻ کٽ سلسلي کان سواءِ ڪشادن ميدانن جي مشاهدي جو موقعو مليو ۽ چنڊ جي دنيا ۾ موجود اهي علائقا ڪٿي هموار ۽ ڪٿي کڙٻڙ وارا نظر آيا ۽ کيس اهي سڀ مشينون وهندڙ پاڻيءَ جي وسيع علائقي ۾ نظر آيون، تڏهن هن ان جو نالو سمنڊ رکيو. عمر جي آخري حصي ۾ گليلو نھايت مصروف رهيو .سندس سمورو وقت سيارن جي مشاهدي ۾ گذريو .هن چنڊ بابت پنھنجي تحقيق ۾ وسعت آندي .هن پنھنجي ايجاد ڪيل دوربين جي ذريعي چنڊ جي داغن جو بہ غور سان مطالعو ڪيو. هن ڪلائون ڪڍندڙ زهري ۽ مشتري جا چار چنڊ ڳولي لڌا ۽ هن اهو معلوم ڪيو تہ ڪھڪشان دراصل ڪروڙين تارن جو ميڙ آهي. چنڊ جي مٿاڇري تي اندازن ٽيھ هزار داغ آهن. ڪن ماهرن جو خيال آهي تہ شھاب ثاقب جي ڪرڻ سان چنڊ جي سطح تي اهي کڏون کوٻا بڻجن ٿا. جيئن تہ چنڊ جي سطح تي پاڻي ۽ هوا موجود نہ آهن، ان ڪري هڪ ڀيرو ڪا کڏ بڻجي ٿي تہ ان ۾ ڪابہ تبديلي نہ ٿي ٿئي .موجوده خلائي تحقيق مان چنڊ جي ساخت ۽ ماهيت متعلق خلائي چنڊ گاڏين وسيلي ٿيل تحقيق مطابق اربين سال (ساڍا تيرهن ارب سال) اڳ زمين سان هڪ گرھ جي ٽڪر سان چنڊ وجود ۾ آيو. اهو گرھ مريخ کان ٽيڻو وڏو هو. ٽڪر سان زمين جو ٻاهريون مادو ڌرتيءَ کان جدا ٿي پکڙجي ويو، پوءِ ان مان ننڍا ننڍا ڪيترائي چنڊ ٺھي ويا، جن پوءِ گڏ ٿي چنڊ جو وجود ورتو. 
چنڊ ڌرتيءَ جو واحد اپگرھ آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي چوگرد 27 ڏينھن ۽ 20 ڪلاڪن ۾ هڪ چڪر پورو ڪندو آهي، ساڳئي وقت پنھنجي محور تي هڪ چڪر پورو ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو گردش ۾ ڦيري دوران هن جو رخ هميشہ زمين جي طرف رهندو آهي جيڪو ان جي ڪل سطح جو 59 سيڪڙو آهي. زمين جي چوطرف بيضوي گردش ڪرڻ وقت هن جو زمين کان ويجهو ۾ ويجهو مفاصلو 221463 ميل ۽ پري کان پري مفاصلو 25271 ميل آهي. هن جو ماپو ڌرتيءَ جي ماپي کان گهٽ آهي. چنڊ پنھنجي محور تي چوگرد 2287 ميل في ڪلاڪ جي
رفتار سان چڪر ڪاٽي ٿو. زمين تي چنڊ جو رڳو هڪ پاسو
ڏسجي ٿو ،پر 1959ع ۾ جڏهن روس جو موڪليل خلائي جھاز ليونڪ-2 ،خلا ۾ ويو تہ ان چنڊ جي مخالف پاسي جا بہ فوٽو ڪڍيا ۽ ائين چنڊ جي مخالف پاسي کي ڏسڻ ممڪن ٿيو. 
چنڊ هڪ ويران ۽ خاموش ٽڪرن جو گولو آهي ،جتي جبلن جون وڏيون چوٽيون ۽ وڏا ريگستان آهن. چنڊ تي فضا موجود ناهي، جنھن ڪري چنڊ تي ڪشش گهٽ آهي. ڌرتيءَ ۾ ايڏي ڪشش آهي جو اها گئس جي هڪ فضا کي سوگهو ڪري سگهي ٿي. پر چنڊ ۾ ايتري ڪشش نہ آهي. چنڊ تي هوا نہ هئڻ ڪري ڏينهن جو گرمي پد 250 تائين ۽ رات جو گرمي پد 280 ڪاٽو فارنھائيٽ تائين پھچي ٿو .اهڙي طرح
چنڊ تي پاڻي بہ موجود نہ آهي ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو تہ چنڊ تي زندگيءَ جو تصور نہ آهي. ھڪ سال ۾ زمين
۽ چنڊ جي وچ ۾ پنج انچ مفاصلو وڌي ٿو .چيو وڃي ٿو تہ
چنڊ تي جبلن جي هڪ هزار ميل ڊگهي قطار آهي ،جنھن ۾ ڪيترائي ٻرندڙ جبل بہ هئا ،پر هاڻي انهن جا تراکڙا مٿاڇرا موجود آهن .ان بابت مختلف خيال ظاهر ڪيا ويا آهن.
(1) ڪنھن وقت چنڊ تي ٻرندڙ جبل موجود هئا ،جن پنهنجا آثار ڇڏيا آهن.
(2) چنڊ سان ڪرندڙ تارا ٽڪرايا،جن کوھ کڙا ڪيا آهن. چنڊ جي بلند ترين چوٽي 25 هزار سال پراڻي چئي وڃي ٿي. ان جي عمر ساڍا چار ارب سال ٻُڌائي وڃي ٿي. چنڊ مختلف حالتن مان گذريو آهي. ڪرندڙ تارن جو مادو کوهن مان لاروا جي صورت ۾ خارج ٿيو ۽ جڏهن لاوا ٿڌو ٿيو تہ چنڊ سراسري شڪل اختيار ڪئي ۽ چنڊ تي اهڙا نشان موجود آهن جيڪي لاروا جي وهڪري جو ثبوت ڏين ٿا.  مخالف حالتن ۾ جڏهن چنڊ سج جي بلڪل سامهون هوندو آهي تہ ان جي مٿاڇري تي گرمي پد 1000 ڊگريون ۽ جڏهن سج کان لڪل هوندو آهي تہ ڪاٽو 150 ڊگريون هوندو آهي. چنڊ جو هڪ ڏينھن ۽ رات زمين جي چوڏهين ڏينھن جي برابر هوندا آهن.
چنڊ زمين تان چمڪندڙ نظر اچي ٿو ،پر روشني سج جي روشني آهي ۽ خلابازن پھريون ڀيرو 1969ع ۾ جڏهن چنڊ
تان پٿر ۽ ٻيون شيون کڻي آيا تہ سائنسدانن تجربا ڪري اها ڳالھ ٻڌائي تہ چنڊ تي 50 سيڪڙو شيشي جا ذرا موجود آهن جنھن ڪري ٿي سگهي ٿو تہ چنڊ سج جي روشنيءَ سان وڌيڪ روشن ٿئي ٿو. چنڊ جي سطح تان زمين نيراڻ مائل نظر ايندي آهي. جڏهن چنڊ تي نيل آرمسٽرانگ نالي خلاباز ،21 جولاءِ 1949ع تي رات جو هڪ لڳي 49 منٽن تي پھريون قدم رکيو هو ،تہ قدمن جا نشان اهڙا تہ چِٽجي ويا جو اڃان بہ موجود آهن ڇو تہ چنڊ تي ڪا بہ فضا موجود نہ آهي.  چنڊ تي سليڪون، ٽيٽانيم، ايلومينيم، لوھ،
ميگنيشيم، سوڊيم، پوٽاشيم، مينگائيز، ڪرومين ۽ زاڪوليم
جھڙا عنصر موجود آهن. 
نئين چنڊ ۽ مڪمل چنڊ جي عرصي ۾ ڌرتي، چنڊ ۽ سج سڌائي ۾ اچي وڃن ٿا، چنڊ ۽ سج جي ڪشش سبب وڏي وير پيدا ٿئي ٿي. جڏهن چنڊ چوٿين حصي مان ٽئين حصي ۾ هوندو آهي تہ ان جو لاڙو ڌرتيءَ جي نسبت کان سج ڏانھن وڌيڪ هوندو آهي. ان وقت چنڊ ۽ سج هڪٻئي جي طاقت سان زمين کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندا آهن جنھن جي نتيجي ۾ معمولي قسم جي وير چڙهندي آهي. وير جي چڙهڻ ۾ ڪئين ارب ٽن سمنڊ جو پاڻي اڳتي ڌڪجي ٿو ۽ لھڻ وقت پٺتي ڇڪجي ٿو. انهيءَ عمل دوارن پيدا ڪندڙ گھڪو يا گاٺ ڌرتيءَ جي گردش کي ڄڻ تہ هڪ قسم جي ’بريڪ ‘جو ڪم ڏئي ٿي.
اهڙيءَ طرح جڏهن گردش جي رفتار گھٽجي ٿي تڏهن ڏينھن وڏا ٿين ٿا. ’وير ‘جي گھڪي جو اثر ان وقت بہ ڌرتي
۽ چنڊ تي هو جڏهن ٻئي گئسن جي پاڻيٺ جي صورت ۾ ارتقائي مرحلا طئي ڪري رهيا هئا. اڄ بہ ساڳيءَ طرح زمين تي سامونڊي پاڻيءَ تي اثر انداز ٿي رهيو آهي. ان مان اهو نتيجو نڪري ٿو تہ زمين جي گردش ۾ ڪمي ايندي رهي ٿي ۽ چنڊ جي مدار ۾ بہ مفاصلو وڌندو رهي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ قمري مھينو وڏو ٿيندو رهندو آهي. وير جي گھڪي سبب تبديلي ڪروڙن ميلن کان اڄ تائين جاري آهي.
شروعات ۾ زمين تي ڏينھن ٻن ڪلاڪن جو هو جيڪو وڌي 24 ڪلاڪن جو ٿي ويو. اهڙيءَ طرح قمري مھينو زمين جي هڪ ڏينهن جي برابر هو جيڪو هاڻي وڌي چئن هفتن جو ٿي ويو آهي. اربن سالن کانپوءِ چنڊ کسڪي زمين کي ويجھو ايندو. جڏهن زمين کان ٽي هزار ميلن جي مفاصلي تي هوندو تڏهن ڦاٽي ذرا ذرا ٿي ويندو. پوءِ اهي ذرا زحل
سياري وانگر پٽا ٺاهي زحل جي چؤڌاري ڦرڻ لڳندا. چنڊ جڏهن ڌرتيءَ جي پاڇي ۾ ڍڪجي ويندو آهي ،تڏهن اسين
ان کي ’چنڊ گرهڻ ‘چوندا آهيون. دراصل زمين سج جي چوڌاري مدار ۾ گھمندي رهندي آهي .ان جي برعڪس چنڊ
ڌرتيءَ جي چؤڌاري گهمندو آهي جيڪو جھڪيل هوندو آهي .انهيءَ ڪري مڪمل چنڊ گرهڻ ڪونہ لڳندو آهي. زمين جو پاڇو فضا ۾ 849000 ميلن تي پوندو آهي پر چنڊ گھڻو ڪري پاڇي جي هيٺان يا مٿان لنگھي ويندو آهي. مڪمل
چنڊ وارين تاريخن ۾ چنڊ ڌرتيءَ جي سنوت ۾ ايندو آهي تہ زمين جو پاڇو چنڊ تي پوندو آهي ۽ چنڊ گرهڻ ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح سج گرهڻ جو ٿيڻ ممڪن آهي .جڏهن نئون چنڊ نڪرڻ شروع ٿيندو آهي تہ ان سان گڏ سج گرهڻ بہ ٿيندي آهي. جيئن تہ ان وقت چنڊ ڌرتيءَ ۽ سج جي وچ ۾ هوندو آهي تہ ان جو پاڇو مخروطي شڪل ۾ زمين تي پوندو آهي. اهو پاڇو 28000 ميلن کان 32000 ميلن تائين گھٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي ،چنڊ ڪنھن بہ وقت اهڙيءَ حالت ۾ هوندو آهي جنھن ڪري سج گرهڻ ٿيندو آهي پر چنڊ جو پاڇو ايترو وڏو نہ هوندو آهي جو سڄي ڌرتي ان ۾ سمائجي وڃي. سج ۾ ڪڏهن ڪڏهن گرهڻ ٿيندي آهي جيڪا عارضي هوندي آهي ۽ ان جو عرصو چند منٽن کان وڌيڪ نہ هوندو آهي. سج گرهڻ زمين جي مختلف حصن تي ظاهر ٿيندي آهي.

چنڊ بابت قديم زماني کان وٺي هيٺيون ڳالهيون ماڻهن ۾ رائج آهن: 
هاري پنھنجا فصل چنڊ جي حساب سان پوکيندا ۽ لڻندا آهن؛ يونانين ۽ رومين کان سواءِ ايشيا ،آفريڪا ،آسٽريليا وغيره ملڪن جا اصلوڪا رهاڪو چنڊ کي مقدس ديوتا سمجھي پوڄا ڪندا آهن؛ موجودھ ترقي يافتہ دور ۾ بہ عيسائين ۽ يهودين جي مقدس ڏهاڙي ۾ چنڊ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. عيسائين جو ڏهاڙو ’ايسٽر‘ بہ بھار جي مُند کان شروع ٿئي ٿو (جڏهن ڏينهن رات هڪ جيترا ٿيندا آهن). سڄوچنڊ نڪرڻ واري پھرئين آچر تي ملهايو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح يهودي بہ غلاميءَ مان نجات جي ياد سبب مقدس عيد ملهائيندا آهن جيڪا بھار جي موسم ۾ ڪئلينڊر جي 14 کان 21 تاريخ تائين ملهائي وڃي ٿي

Wednesday, 28 November 2018

Where do the dead cells go after dying? مرڻ کان پوءِ مئل گهرڙا ڪاڏي وڃن ٿا؟

Where do the dead cells go after dying?
مرڻ کان پوءِ مئل گهرڙا ڪاڏي وڃن ٿا؟
"دريا خان سنڌي"

انساني جسم ۾ گھري ڳاڙهي يا ڄمون رنگ جو هڪ عضوو ٿئي ٿو جنھن کي سپلين يا تري چئبو آهي انهيءَ کي عام طور تي رت جي ڳاڙهن گهرڙن جو قبرستان چئجي ٿو
رت جي ڳاڙهن گهرڙن جي عمر تقريبن هڪ سو ويھ ڏينھن هجي ٿي جنھن کان پوءِ ھي ناڪارا ٿي وڃن ٿا. ھي ناڪارا يا پنھنجي طبعي عمر پوري ڪرڻ وارا گهرڙا جڏھن اسپلين يا تري مان گذرن ٿا ڄڻ ھي گهرڙا تري ۾ قيد ٿي وڃن ٿا. اهو ان ڪري ٿيندو آهي جو تري ۾ مدافعتي نظام جو حصو وڏا اڇا گهرڙا يا "میڪرو فیج" پاتا وڃن ٿا جيڪي انهن گهرڙن کي پڪڙي کائڻ شروع ڪن ٿا. انھي عمل دوران ڳاڙهن گهرڙن جو ڪارآمد مواد يعني پرٿ (ھیموگلوبن) ۾ موجود فولاد اتي ري سائڪلنگ جي لاءِ روڪيو ويندو آهي جڏهن تہ ٻيا ناڪارا مواد جسم جي خارجي نظام جي ذريعي ٻاهر نيڪال ڪيا ويندا آهن. فولاد جي ذخيري جي ڪري جيري جيان جانورن جي تري کي بہ رت جي گهٽتائي جي صورت ۾ فولاد جي حصول جو وڏو ذريعو سمجهو ويندو آهي

Device That Generates 'Negative Mass' ڊوائيس جيڪا ڪاٽو مايو پيدا ڪري ٿي

Device That Generates 'Negative Mass'
ڊوائيس جيڪا ڪاٽو مايو پيدا ڪري ٿي 
              تحقيق ڪندڙ – واميواڪاس ۽ سندس ساٿي                          
                       ترجمو--- پروفيسر بشير احمد  سومرو                                                                                      
فزڪس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هنن پهرين ڊوائيس ايجاد ڪئي آهي جيڪا اهڙا پارٽيڪلس (ذرا) پيدا ڪرڻ جي قابل آهي جيڪي ڪاٽو مايو هجڻ وارو برتاءُ ڪن ٿا. هيءَ ڊوائيس هڪ عجيب پارٽيڪلس پيدا ڪري ٿي جيڪي اڌ-روشني/ اڌ- مادو آهن، ۽ ڄڻ ته جيڪي گهڻو ٿڌو نه ٿيندا آهن، هي پارٽيڪلس هڪ نئين قسم جي ليزر جو بڻياد پڻ ٿي سگهندا جنهن کي موجوده ٽيڪنالاجيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ توانائيءَ کان گهٽ توانائيءَ تي به هلائي سگهبو. هيءَ ڊوائيس تازي پوليٽران (ڏسڻ ۾ پارٽيڪل جيڪو اليڪٽرو ميگنيٽڪ لهرن جي ملڻ يا هڪ اليڪٽرڪ يا ميگنيٽڪ ٻه-قطبي کڻڻ وارو ايڪسائيٽيشن) جي ٿيوريٽيڪل (نظرياتي) ڪم واري برتاءَ تي ٺاهي وئي آهي، جيڪي ظاهري طور تي اهڙو برتاءُ ڪن ٿا ڄڻ ته انهن کي ڪاٽو مايو آهي--- هڪ حيرت ۾ وجهندڙ خاصيت جيڪا شين کي چرندي ڏسي ٿي پاڻ ڏانهن جڏهن انهن کي ڌڪڻ واري قوت لڳائجي ٿي. 
روچسٽر يونيورسٽيءَ ۾ فزڪس جي ماهرن هڪ ڊوائيس پيدا ڪئي آهي جيڪا انهن کي حقيقي طور تي ڪمري جي گرميءَ جي درجي تي هي پوليٽران پيدا ڪرڻ جي اجازت ٿي ڏئي. سائنسدانن هي تجربو ڦوٽان کي هٿرادو طريقي سان پڪڙي ۽ انهن کي گڏ ڪيو هڪ قسم جي  اڌ يا غير حقيقي پارٽيڪل سان جنهن کي ايڪسائيٽان (اليڪٽرانن جي ٻڌل حالت ۽ هڪ اليڪٽران جو سوراخ جيڪو ڪشش ڪري ٿو هڪ ٻئي سان اليڪٽرو اسٽيٽڪ ڪولمب فورس سان) سڏجي ٿو جيڪي اڌ-روشني/ اڌ- مادو ٺاهن ٿا جنهن کي ڪجهه سائنسدان محبت منجهان ميجڪ ڊسٽ (جادوئي مٽي) جو حوالو ڏئي ظاهر ڪن ٿا. 
ڪوانٽم فزڪس جي ماهر نڪ واميواڪاس ٻڌايو ته فزڪس جي پس منظر ۾ هي اڪيلو دلچسپيءَ وارو ۽ اتساهه ڏياريندڙ تجربو آهي پر اهو ظاهر ڪري ٿو ڊوائيس کي پڻ جنهن کي اسان ايجاد ڪيو آهي جيڪا پيش ڪري ٿي ليزر لائيٽ کي پيدا ڪرڻ جو هڪ طريقو هڪ واڌو ننڍڙي بجليءَ جي مقدار جو. ان کان اڳ جو اسان ليزرس ۾ ڦاسي پئون، اچو ته پهرين ظاهر ڪيون ته واقعي به هي *ميجڪ ڊسٽ* پوليريٽان ڇا آهي. جيئن اسان اڳ ۾ چيو، هڪ پوليريٽان پيدا ڪرڻ جيڪو شامل ٿئي ٿو هڪ ڦوٽان کي گڏڻ ڪرڻ هڪ اڌ يا غير حقيقي پارٽيڪل سان جنهن کي سڃاتو وڃي ٿو هڪ ايڪسائيٽان جي طور تي. جيڪڏهن هڪ ساز هجي پارٽيڪلس جي لاءِ ته اتي حصا هجن شين جي لاءِ جهڙوڪ اليڪٽرانَ، ڪوارڪس ۽ ڦوٽانَ.  
سڌو ڳالهائيندي، غير حقيقي پارٽيڪلس هن جي پنهنجي هڪ حصي جي لاءِ ڪامياب نه ٿيندا. اهي انهيءَ جي بدران گڏيل برتاءُ ٺاهيندا ٻين پارٽيڪلس جو، وڌيڪ بانسرين يا مرلين جهڙي هم آهنگي. جڏهن اهي عمل ڪن ٿا ڌار، پارٽيڪلس جهڙين شين جو، اهي اڪثر ڪري ساڳيو ئي ڪم ڪن ٿيون. غير حقيقي پارٽيڪل سوال ۾ سڏجي ٿو هڪ ايڪسائيٽان ۽ اهو هڪ واڌو اليڪٽران آهي هڪ قسم جي وٿي سڏجي ٿي هڪ اليڪٽران خال.
 جوڙو ڪولمب فورس جي ڪري گڏ ٻڌل آهي، اڪثر ٺهي ٿو جڏهن روشني تعلق رکي ٿي ڪجهه مٽيريل سان. هن اڀياس جي حالت ۾، جيڪو مٽيريل ائٽمي طور تي سنهو ڪجهه پسرائيندڙ ٿيڻ گهرجي جيڪو موليبڊينم ڊاءِسيلينائيڊ (هڪ غير نامياتي مرڪب جيڪو موليبڊينم ۽ سيلينم جو ٺهيل آهي) مان ٺهيل آهي. تحقيق ڪندڙن ڪجهه پسرائيندڙن کي  هڪ آپٽيڪل ننڍڙي خال سان ملائي—هڪ شيشن جو ننڍڙو ڪمرو استعمال ڪيو ويو جنهن ۾ روشنيءَ جي هڪ خاص فريڪئنسيءَ کي محفوظ ڪري هڪ بيهڻ واري لهر ڏانهن ڪيو ويو. هي ملائي ٿي شناخت ايڪسائيٽان جي شناخت کي هڪ بيهڻ واري روشنيءَ سان  هڪ پوليريٽان ٺاهڻ جي لاءِ. اهڙا غير حقيقي پارٽيڪل واقعي نوان نه هوندا آهن پر تحقيق ڪندڙن جي مطابق گهڻا پوليريٽان ڪم ڪن ٿا هاڻي تائين ٿيا آهن فقط غير حقيقي پارٽيڪلس ٺهيا جيڪي نيوٽرل (بغير ڪنهن چارج جي) ايڪسائيٽان ڦوٽان مان ٺهيا جي، ۽ نه ٻين مونجهارن تي.
هيءَ نئين ڊوائيس اجازت ڏئي ٿي تحقيق ڪندڙن کي مختلف قسمن جي پوليريٽان جي وچ ۾ تعلقاتن کي ثبوت ڏئي ظاهر ڪرڻ جو. ۽ اها ظاهر ٿئي ٿي ته اهي نه يقين ۾ ايندڙ اسرار آهن. واميواڪاس چيو ته هڪ ايڪسائيٽان جي سبب جي ڪري ڇڏڻو پوي ٿو ڪجهه انهيءَ جي پنهنجي شناخت هڪ ڦوٽان ڏانهن پوليريٽان پيدا ڪرڻ جي لاءِ، اسان ختم ڪيون ٿا هڪ شيءِ کي جنهن سان ڪاٽو مايو لاڳاپيل آهي. ڪاٽو مايو هڪ سخت تصور آهي پنهنجي مٿي کي چوڌاري ٻڌڻ جي لاءِ، پر اهو اهم آهي غور ڪرڻ واري نسبت سان.  
مايي جو اڪثر ڪري مشاهدو ڪيو ويندو آهي هڪ فورس يا هڪ مزاحمت جي رويي جي طور تي. اهو ڏکيو آهي ڌڪڻ ۽ روڪڻ هڪ بائولنگ ٿيندڙ بال کي هڪ چدي جي ڀيٽ ۾. هڪ شيءِ جيڪا برتاءُ ڪري ٿي ڄڻ ته انهيءَ کي ڪاٽو مايو آهي، جهڙيءَ طرح پوليريٽانَ هنن حالتن هيٺ، برتاءُ ڪندا توقع کان ابتڙ طريقن سان. واميواڪاس چيو ته اهو قسم آهي هڪ دماغ ڦيرائڻ واري شيءِ آهي سوچڻ جي حوالي سان، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن توهان ڪوشش ڪيو ڌڪڻ يا ڇڪڻ جي ان کي، اهو ويندو اوهان جي ادراڪ جي طرف کان مخالف طرف ڏانهن. جيڪو برتاءُ ڪري سگهندو آهي ڪنهن حد تائين اڀار وارين ايپليڪيشنس وانگر، انهن مان هڪ حرڪت ۾ آڻي اليڪٽرو ميگنيٽڪ ريڊيئيشن جي خارج ٿيڻ جي. ڪجهه شيءِ جيڪا عام طور تي گهڻو سمجه ۾ اچي ٿي جيئن شيءِ جيڪا ڦُوٽان جي قطار ٺاهي ٿي ٿا ڪن هڪ ليزر تي. واميواڪاس جي چواڻي ته پوليريٽان سان اسان پيدا ڪيو آهي هن ڊوائيس سان، هڪ ليزر کي آپريٽ ڪرڻ جي هدايت مڪمل طور تي مختلف آهي. ڏيکارين ٿا خاصيتون ڪاٽو مايي جي هجڻ جون، پوليريٽانَ ليزر پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪندا گهڻي گهٽ توانائي داخل ڪرڻ سان. 
ويجهن سالن ۾ غير حقيقي پارٽيڪلس وڏي خبر آهن پارٽيڪل فزڪس جي ٻين ايريا ۾، ڏيکارين ٿا قوت ٻين ٽيڪنالاجيز ۾ جهڙيءَ طرح ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ. ايتريقدر جو فزڪس جي ماهرن غور ڪرڻ شروع ڪيو آهي جيڪڏهن هي روشنيءَ ۽ مادي جي هن ميجڪ ڊسٽ کي استعمال ڪري سگهنداسين بنياد جي طور تي ته هڪ مڪمل طور تي نئون سپر ڪمپيوٽر وجود ۾ اچي سگهندو

Immune Cells We Thought were Useless.

Immune Cells 
We Thought were Useless.
تحقيق : ڪرس گوڊ نائو۽ ساٿي
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو

هڪ جيو گهرڙن جو ڪلاس جنهن کي Self-reactive Immune جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو جنهن جي لاء ٽيهه سال اڳ ۾ هي تصور هيو ته اهي جيو گهرڙا ڪنهن به ڪم جا نه آهن يا وري اهي اسان جي پنهنجي صحت جي لاٻ وڏا هاڃيڪار آهن جيڪڏهن اهي سرگرم ٿين ته پر تازي تحقيق جي مطابق اهي جيو گهرڙا اسان جي جسم جا لڪل هٿيار آهن جيڪي اسان جي جسم جي اندر انفيڪشن پيدا ڪندڙ خوردبيني جاندارن سان مقابلو ڪري ٿا سگهن۔
آسٽريليا ۾ تحقيق ڪندڙن جي ٽيم گوڊ نائو جي اڳواڻيء ۾ ڪوئن ۾ Silenced B جيو گهرڙا ڳولي لڌا، هي رت جا ننڍڙا اڇا جزا (Lymphocytes) جيڪي ڏسڻ ۾۾ ته Dormant ٿي آيا پر جڏهن اهي سرگرم ٿين ٿا جيئن اڳ ۾ تصور هيو اهي اسان جي جسم کي نقصان ڏين ٿا Auto Immune جي صورت ۾۾۔
ڪرس گوڊ نائو وضاحت ڪئي ته هتي هي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ٿو ته آخر ايڏي وڏي تعداد ۾ جيو گهرڙن جو موجود هجڻ سان اسان جي جسم کي ڪهڙو فائدو ٿئي ٿو جڏهن ته انهن جون اينٽي باڊيز اسان جي صحت جي لاء لڳاتار خطرو آهن جن جي لاء هڪ دفعي اهو سوچيو هيوسين ته انهن کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيون۔
هن تجربي ۾۾ اسان کي اهوجواب ملي ويو آهي ته Self- reactive B جيو گهرڙا اسان جي پنهنجي جيو گهرڙن کي تباه ڪرڻ جي بدران انفيڪشن پيدا ڪندڙ خوردبيني جاندارن سان مقابلو ڪن ٿا۔
هن قسم جي نئين دريافت اسان کي ايڇ آء وي ۽ ڪيميپائلوبيڪٽر جهڙين بيمارين کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي جيڪي اسان جي Immune System ۾ لڪي وڃن ٿيون ۽ اهي اسان ۾ موجود حياتياتي سامان جو نقل ڪن ٿيو۔
گوڊنائو وڌيڪ چيو ته اسان کي هاڻي خبر پئي آهي ته اسان جي جسم جو هر Immune Cell قيمتي آهي جيڪو هر وقت اسان جيجسم جو دفاع ڪندو رهي ٿو۔

Artificial photosynthesis هٿرادو روشنائي ترڪيب

Artificial photosynthesis
                                              هٿرادو روشنائي ترڪيب                                    
                                    تحقيق—پروفيسر ڊن وئي وانگ                                                                          
                             ترجمو—پروفيسر بشير احمد سومرو                                                                         
بوسٽن ڪاليج ۾ سائنسدانن جي هڪ ٽيم جيڪا پروفيسر ڊن وئي وانگ جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪندي اريڊيم وارو ڪيٽالسٽ (اهڙو مادو جيڪو ريئيڪشن کي وڌائي پر پاڻ تبديل نه ٿئي) تيار ڪري ورتو جنهن ۾ صرف ٻه سرگرم ڌاتوئي مرڪز هيا. گهڻي اثر وارن، تجربن ظاهر ڪيو ته ڪيٽالسٽ جي هڪ واضع بناوت هجڻ گهرجي، جيڪو هڪ پيداواري پليٽ فارم وانگر مستقبل جي تحقيق جي ڪم ڪرڻ جي لائق هجي خاص طور تي سولر فيوئل سينٿيسز (سج مان ٻارڻ کي ترڪيب ڏيڻ).
 پروفيسر وانگ هن تحقيق جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته اسان جي تحقيق سڌي طرح سج واري توانائي جمع ڪرڻ واري ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل آهي جيڪا سنجيده چيلينج کي ڇهي ٿي ته سج جي توانائي بي ترتيب آهي. ان جي ڪري سڌيءَ طرح سان سج جي توانائي گڏ ڪرڻ ۽ انهيءَ توانائيءَ کي ڪيميڪل بانڊز ۾ جمع ڪرڻ آهي، ساڳئي طرح سان جيئن ڦوٽو سينٿيسز (روشنائي ترڪيب) ڪم ڪري ٿو وڏي اثر سان پر گهٽ خرچ تي.    
تحقيق ڪندڙن هڪ اڪيلي ائٽم واري ڪيٽالسٽ تي گهڻو وقت خرچ ڪيو آهي جيئن
 ۽ مشڪل سان کوجنا ڪئي هڪ ائٽمي طور تي ٽڙيل پکڙيل ڪيٽالسٽ تي(SACs)
  جنهن ۾ ٻه ائٽم ظاهر ٿين. پنهنجي تحقيقي پيپر جنهن جو عنوان 
"Stable iridium dinuclear heterogeneous catalysts supported on metal-oxide substrate for solar water oxidation,"
 سائنسدانن جي ٽيم پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ اهو لکيو ته هنن هڪ اريڊيم ڊاءِ نيوڪليئر هيٽروجينيس ڪيٽلسٽ ترڪيب ڏنو آهي سادي ڦوٽو ڪيميڪل طريقي سان. هي ڪيٽالسٽ ڏيکاري ٿو حد کان وڌيڪ پائداري ۽ وڏي سرگرمي پاڻيءَ واري آڪسيڊيشن ڏانهن، جيڪو هڪ اهم عمل آهي فطري ۽ هٿرادو ڦوٽو سينٿيسز ۾. 
تحقيق ڪندڙن ڪيٽالائيسز جي هن پاسي تي ڌيان ڏنو جيڪو مقابلو ڪري ٿو خاص چيلينجز سان خاص طور تي ملاوتي ڪيٽالسٽ جي تياريءَ ۾ جيڪي وڏي پئماني تي ڪيميائي صنعت جي تبديليءَ ۾ استعمال ٿين ٿا. گهڻا سرگرم هيٽروجينيس (مختلف) ڪيٽالسٽس اڪثر ڪري سادي نموني سان وضاحت ٿيل آهن ايٽمي بناوت ۾، جيڪو ان کي ماليڪيولي سطح وڌائڻ واري تفصيلي طريقي کي ڏکيو ڪري ٿو.  
ٽيم هڪ نئين ٽيڪنڪ جو فائدو حاصل ڪرڻ جي لائق ٿي وئي خاص طور تي اڪيلي ايٽم واري ڪيٽالسٽ کي سمجهڻ جي لاءِ ۽ هڪ مٽيريل وارو پليٽ فارم تيار ڪيو خاص ۽ ڪامپليڪس ريئيڪشن (پيچيده رد عمل) جي اڀياس ڪرڻ جي لاءِ جن کي هڪ کا وڌيڪ ايڪٽوِ سائيٽ (سرگرم هنڌ) گهرجن. وينگ چيو ته اسان جي ٽيم اهو فيصلو ڪيو ته جيڪو به ننڍي کان ننڍو سرگرم هنڌ ۽ وڌيڪ پائدار ملاوتي ڪيٽالسٽ ايڪو پاڻيءَ واري آڪسيڊيشن جو ٿي سگهندو. اڳ ۾ تحيقيق ڪندڙن هي سوال پڇيو هيو ۽ جواب صرف هم جنسي ڪيٽالسٽ ۾ ڳوليو هيو جنهن جي پائداري سادي هئي. هيءُ پهريون دفعو آهي، اسان کي هڪ جهلڪ نظر آئي طاقتور ملاوتي ڪيٽالسٽس جي صاف توانائيءَ واري پيدار وار ۽ جمع ڪرڻ ۾. 
تحقيق ڪندڙن لارينس برڪلي نيشنل ليبارٽريءَ جي ايڊوانس لائيٽ سورس ۾ ايڪس ري تي تجربا پڻ ڪيا جنهن ۾ اريڊيم ڪيٽالسٽ جي بناوت کي ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ملي. انهن ٻه طريقا استعمال ڪيا—ايڪس ري ايبسارپشن فائين اسٽرڪچر ۾ ۽ ايڪس ري ايبسارپشن نيئر ايج اسٽرڪچر پنهنجي ماپن ۾. هي تجربا نئين ڪيٽالسٽ کي بهتر سمجهڻ جي لاءِ سنجيده شاهدي مهيا ڪن ٿا. هنن تجربن سنجيده ثبوت ڏنا نئين ڪيٽالسٽ کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ جي لاءِ.
 وانگ چيو ته اسان جي ٽيم ڪيٽالسٽ جي سادگي ۽ پائداري ڏسي ڪري حيرت ۾ آئي، گڏجي وئي وڏي سرگرمي سان گهربل ريئيڪشن پاڻيءَ واري آڪسيڊيشن ڏانهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻيو قدم تحقيق ۾ شامل ڪجي ٿو ته جيئن اڳتي جي لاءِ ڪيٽالسٽ جي عملي استعمال کي بهتر بڻائي سگهجي جاچ واري ميدان ۾ ته جيئن ڪيٽالسٽ کي نئين ڪيميائي تبديليءَ ۾ لاڳو ڪري سگهجي

سپر آئيونڪ آئيس جيڪا ساڳئي وقت سخت ۽ پاڻياٺ ٿئي ٿي۔

سپر آئيونڪ آئيس جيڪا ساڳئي وقت سخت ۽ پاڻياٺ ٿئي ٿي۔

تحقيق: ماريس ملاٽ ۽ ساٿي
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو

لارينس لور مور نيشنل ليبارٽري ڪيليفورنيا ۾ ڪم ڪندڙ فزڪس جي ماهرماريس ملاٽ ۽ ساٿين پاڻيء جو هڪ نئون قسم *سپر آئيونڪ واٽر* دريافت ڪيو آهي ۔ سپر آئيونڪ واٽر جي دريافت تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تحقيق جاري هئي ڇاڪاڻ ته سائنسدانن جو خيال هيو ته اهڙو پاڻي يورينس يا نيپچون گرهن جي تهن ۾ ٿي سگهي ٿو۔
فزڪس جي ماهرن سپر آئيونڪ واٽر کي پيدا ڪرڻ وقت وڏو دٻاء ڏئي انهيٻ کي لڳاتار طاقتور ليزر جو لهرون هنيون ويون۔ 
ماريس ملاٽ نيو يارڪ ٽائيمز کي انٽرويو ڏيندي چيو ته سپر آئيوواٽر کي فطري طور تي ڌرتيء جي مٿاڇري تي پيدا نه ٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته انهيء جي لاء تمام گهڻو گرميء جو درجو ۽ دٻاء گهرجي ۔ هن تجربي جي لاء اسان تقريبن ٻه سال ماپون ٺاهيون ۽ وڌيڪ ٻه سال انهيء طريقه ڪار تي ڪم ڪري ڊيٽا جو تجزيو ڪيو۔
ماريس ملاٽ وڌيڪ چيو ته پاڻيء جي ماليڪيول ۾ هائڊروجن ۽ آڪسيجن جي ايٽمن جو ميلاپ V واري صورت ۾۾ هوندا آهن۔ هنن ايٽمن ۾ ڪمزور قوت موجود آهي جيڪا ٿڌي ٿيڻ تي ظاهر ٿئي ٿي اها انهن کي ڌڪي ڌار ڪري ٿي جڏهن پاڻي ڄمي 
ٿو۔ 
سپر آئيونڪ واٽر شديد گرميء تي پاڻيء جو بانڊ ٽٽي پوي ٿو جنهن جي ڪري آڪسيجن ائٽم ڪرسٽل بناوت ۾ ٿي وڃي ٿو ۽ هائڊروجن نيوڪلس يا آئنس انهن جي وچ ۾ وهڪرو پيدا ڪن ٿا جنهن جي ڪري سخت ۽ پاڻياٺ هڪ ئي وقت وجود ۾ اچن۔
ماريس ملاٽ وڌيڪ ٻڌايو ته سپر آئيونڪ واٽر کي پيدا ڪرڻ جي لاء  ڌرٿيء تي موجود گرميء کان ڏه لک دفعا مٿي گرميء جو درجو ڏئي ڪري پاڻيء کي ٻن هيرن جي تهن مان گذاري هڪ خاص قسم جي برف پيدا ڪئي ٿي وڃي جنهن کي VII برف سڏجي ٿو جيڪا ڪمري جي گرميء جي درجي تي سخت رهي ٿي۔ 
هڪ ڌار ليبارٽريء ۾ برف منهنجان ليزر شاڪ گذاري وئي جنهن جون لهرون سيڪنڊ جي 10کان 20 ارب حصي ۾ رهڻ جي نتيجي ۾ سپر آئيونڪ واٽر پيدا ٿي پيو۔