Monday 4 May 2020

زميني چرپر

زميني چرپر 

سج جي ويجھو زمين جي مداري حرڪت جي وڌ کان وڌ رفتار هڪ لک نو هزار ڪلوميٽر في ڪلاڪ جيڪا ڊسمبر ۾ هوندي آهي، ۽ گهٽ کان گهٽ هڪ لک پنج هزار ڪلوميٽر في ڪلاڪ جيڪا جون ۾ هوندي آهي، ائين ڇھن مهينن ۾ زمين جي رفتار ۾ چار هزار ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي تبديلي ايندي آهي، ائين ان تبديلي جي شرح تقريبن ٻاويھ سينٽي ميٽر في سيڪنڊ في سيڪنڊ آهي، هڪ لک پنج هزار ڪلوميٽر في ڪلاڪ سان ڪا شيءَ حرڪت ڪندڙ هجي تہ ۽ انجي رفتار ۾ تبديلي جي شرح ٻاويھ سينيٽي ميٽر في سيڪنڊ في سيڪنڊ هجي تہ انکي محسوس ڪرڻ ناممڪن ٿيندو. 
اسانجي فريم آف ريفرنس موجب زمين ساڪن آهي، بلڪل ان طرح جنھن ريت ڪنھن هلندڙ ريل ۾ ويٺل مسافر پنهنجي فريم آف ريفرنس جي موجب ساڪن آهي، ريل ۾ ويٺل مسافر ريل جي رفتار جو Acceleration رفتار تيزي مشاهدو نٿا ڪري سگهن، جڏهن تہ ٻاهران وارا ڪري سگهن ٿا، بلڪل انهي طرح اسان زمين تي ويٺل آهيون زمين جي رفتار ۾ رفتاري تيزي نٿا معلوم ڪري سگهون، جڏهن تہ خلا ۾ انجو مشاهدو ڪري سگھجي ٿو، ياد رهي تہ ھي رفتاري تيزي ان ڀاڳي گهٽ هوندي آهي جو اسان اک سان انجو مشاهدو نٿا ڪري سگهون. سياري جي مرڪز جي سلسلي ۾ زمين جي سطح جي حرڪت تي ڌيان ڏيون تہ، زمين هر 23 ڪلاڪ، 56 منٽ ۽ 4.09053 سيڪنڊ ۾ هڪ ڀيرو گھمندي آهي، جنھن کي سائيڊريئل پيريڊ چيو ويندو آهي، ان طرح خط استوا تي زمين جي سطح 460 ميٽر في سيڪنڊ يا تقريبن هڪ هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان حرڪت ڪندي آهي

No comments:

Post a Comment