چنڊ تي موجود چيني خلائي گاڏي يوٽو ٻہ ليونر لينڊر پاران ورتل چنڊ جي هڪ کڏي جي تصوير پڌري ڪئي وئي آهي
گذريل مهيني چيني خلائي ايجنسي پاران اعلان ڪيو هيو تہ انھن جي روور پاران چنڊ جي هڪ ننڍڙي کڏي جي ويجھو هڪ شي ڏٺي آهي جيڪا بناوت ۽ رنگ ۾ چنڊ جي مٽي کان الڳ آهي
جنھن جي هاڻي تصوير بہ پڌري ڪئي وئي آهي اها شي کڏي جي اندر موجود آهي جنھن جي ويجھو وڃڻ ڏکيو آهي جيڪڏهن اها گاڏي ان کڏي ۾ وڃي ٿي تہ اتي ڦاسي سگھجي ٿي يا ابتي پڻ جنھن جو ماهر وڏو خيال رکندا آهن اها تصوير ان خلائي گاڏي ۾ لڳل هڪ ڪيمرا مان ورتي وئي آهي جنھن کي پري کان ڏسڻ سان اهو مادو هلڪي نيري رنگ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي
ڪجھ ماهرن موجب اهو هڪ شيشو يا ڪنھن پٿر جي ٽڪرائجڻ کانپوءِ زور ۽ پد ڪارڻ ٺهيو هوندو چيني ماهرن جو چوڻ آهي تہ اهوئي جلدي انجون ٻيون بہ تصويرون بہ پڌريون ڪندا ۽ انکي وڌيڪ پرکڻ جي ڪوشش ڪندا
دريا خان
No comments:
Post a Comment