Wednesday, 9 October 2019

جاپاني ماهرن اک جي قرنيا پڙدي جو پروگرام ٿيل اسٽيم سيل وسيلي ڪامياب پيوندڪاري جو تجربو

جاپاني ماهرن اک جي قرنيا پڙدي جو پروگرام ٿيل اسٽيم سيل وسيلي ڪامياب پيوندڪاري جو تجربو 
دريا خان :-

جاپاني ماهر چشم آئي پي ايس اسٽيم سيل سان اکين جي قرنيا پڙدو بڻايو آهي جنھن کي هڪ عورت جي اک ۾ پيوند پڻ ڪيو ويو آهي جنھن جا سٺا نتيجا حاصل پڻ ٿيا آهن هي جاپان ۾ پھريون ۽ حيرت ۾ وجھندڙ تجربو ڪيو ويو آهي جنھن ۾ انساني خليات ساق اسٽيم سيلز ۾ پروگرامنگ وسيلي ڪجھ تبديلون ڪيون ويون جنھن سان انساني اک جو قرنيا پڙدو بڻايو ويو آهي جنھن کانپوءِ ان عورت پنھنجي بينائي ۾ بھتري اچڻ جو اعتراف پڻ ڪيو 
هي آپريشن اوساڪا يونيورسٽي جي مرض چشم جي ماهر ڪوهجي نيشيڊا جن ڪيو هڪ عورت جي اک جي اهم حصو قرنيا پڙدي خراب هئو اک جو اهو حصو اسانجي ٻاهران کان حفاظت ڪندو آهي ان عورت جو اهو حصو خراب ٿيڻ سبب بينائي ڏا وڃي رهي هئي 
علاج لاءِ ڊاڪٽرن انڊيوسڊ پلوري پوٽينٽ اسٽيم سيلز” آئي پي ايس سي وسيلي پڙدي جي خلين تي جڙيل سنهڙو پڙدو بڻايو هي خليات ٻئي ماڻھون کان عطيو ڪيا ويا هئا ۽ انھن کي پروگرام ڪري انساني بيضي ايمبريو جي صورت ڏني وئي هئي آپريشن ڪندڙ ماهر ڪوهجي موجب آپريشن جي هڪ مھيني کانپوءِ عورت جي بينائي صحيح ٿي رهي آهي ۽ سندن کي صاف نظر اچڻ پڻ شروع ٿي ويو آهي واضع رهي تہ آئي پي ايس خلين جو بنيادي ڪم جاپان ۾ ٿيو آهي جنھن تي ڪيوٽو يونيورسٽي جي پروفيسر شنيا يا ماناڪا کي نوبيل انعام بہ ڏنو ويو جاپاني ماهرن آئي پي ايس خلين سان پارڪنسن ۽ حرام مغز جي بيمارين جو علاج بہ ڪري چڪا آهن جنھن کان پوءِ حڪومتي سطح تي چئن ماڻھن تي استعمال ڪرڻ جو اجازت نامو پڻ مليل آهي جنھن کانپوءِ اها توقع آهي تہ اڳيئن پنجن ڇھن ورهين ۾ هي ٽيڪنالاجي عام استعمال لاءِ هوندي جنھن سان ٻين ملڪن جي ماهرن کي پڻ هٿي ملندي ۽ ائين اکين جي بينائي جي شڪار ماڻھن ۾ هڪ نئي اميد جاڳي پوندي جنھن سان اهوئي باقي زندگي بہ آساني سان گھار سگھندا

سچ جو ڌوڪو

سچ جو ڌوڪو 
دريا خان :-

اوهان پنھنجي دماغ جو صرف ڏھ سيڪڙو استعمال ڪندا آهيون، گجر کائڻ سان اکين جي نظر تيز ٿي ويندي آهي، وٽامن سي سان زڪام ٺيڪ ٿي ويندو آهي، جيتريون خراب حالتون هاڻ آهن پھريان نہ هيون، اسان تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهيون، حقيقتن انھن منجھان ڪابہ شيء سچ ناهي پر گھڻا ماڻھون انھن ڳالھين کي صحيح سمجھندا آهن. ڇو جو انھن اهوئي ڳالھيون ڪيترا ئي ڀيرا ٻڌيون آهن حقيقت اهم ناهي، ڪنھن ڳالھ کان متاثر ٿيڻ اهم آهي هي  مارڪيٽنگ ۽ سياست جو سڀ کان اهم هٿيار آهي جيڪو دماغ لاءِ پراسس ڪيو وڃڻ سولو هجي اهو اسان لاءِ سچ بڻجي ويندو آهي ٻيھر ورجهاڻ ان ۾ مدد ڪندو آهي اهو سچ جو ڌوڪو چورائبو آهي. جيڪڏهن اوهان پهريان ڪا ڳالھ ٻڌي آهي تہ ان ڳالھ جا امڪان گھڻا آهن تہ اوهان انکي سچ سمجھندا ڀلي ڇونہ اهو صحيح هجي بہ يا نہ، ان تي ڪيل تجربي ۾ هر ٻئي هفتي کانپوءِ ماڻھن ۾ ڪجھ خيالن جا سچ يا ڪوڙ هجڻ جي باري ۾ پڇيو ويو. انھن سيشنز جي دوران تجربي هيٺ بس اهڙيون اي ڪجھ ڳالھيون ڪيون ڪجھ غلط ۽ ڪجھ صحيح جن جو واسطو ان سيشن ساڻ نہ هئو انھن کي گھڻو اي واضع نتيجو مليو. پوئين هفتن ۾ جنھن بہ اهوئي جملا ٻڌا هئا ان ڳالھ جو امڪان گھڻو وڌي ويو هئو تہ اهوئي انھن کي سچ چوندو، جيتوڻيڪ انکي ياد بہ نہ هئو تہ ان اهو خيال پهريان ٻڌو آهي ڪنھن خيال کي ٻڌڻ سان انجي باري ۾ بڻجندڙ رائي تي فرق پوندو آهي(سچ جو ڌوڪو) سان انھن ماڻهن کي گھڻو هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي جيڪي مسلسل هڪ ئي خيال رکڻ وارن جي ويجھو ئي رهندا آهن ۽ هڪ ئي طرح جون ڳالھيون ٻڌندا رهندا آهن ۽ دماغ انهن کان بہ وڌيڪ آساني سان اثر وٺي ڇڏيندو آهي ڪنھن شيء کي ڏسي وٺڻ سان ٿيندڙ اثر وڏي دير لاءِ هوندا آهن جيڪڏهن اوهان ڪنھن منھن کي ڪجھ دير لاءِ ڏٺو آهي، بعد ۾ انکي گھڻو پرڪشش محسوس ڪندا، ڀلي انکي پهريان ڏسڻ ياد بہ نہ رهيو هجي انکي ميري ايڪسپوسر افيڪٽ چيو ويندو آهي انکي وڌيڪ پريشاني واري حقيقت کي ظاهر ڪندو آهي تہ اندروني يادداشت اسانجي زندگي جي باري ۾ نظري کي متاثر ڪندي آهي. ڇا پسند آهي، ڇا نہ وغيرھ کي ان ۾ ڪجھ حيران ڪندڙ ناهي تہ اشتهارن ۾ سامان ويڪرو ڪريو ڪنھن ويجھڙائي واري جي تصوير ٺاهيو يا سياسي مهم سازي ۾ اهوئي اصول استعمال ٿيندو آهي، هڪ نتيجو هڪ چھرو هڪ نعرو وري وري بي خيالي ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو ويندو آهي تہ صحيح لڳڻ لڳندو آهي هڪ سٺو سياستدان پنھنجي باري ۾ منفي خبر لاءِ ڪڏهن بہ ناهي پريشان ٿيندو. مشھور قول آهي تہ- سڀ کان خراب  شھرت، شهرت جو نہ هجڻ آهي يا وري ڪنھن چيو آهي — مونکي پرواھ ناهي تہ اخبار منھنجي باري ۾ ڇا چئي رهيا آهن بس منهنجي نالي جي هجئي صحيح هجڻ گھرجي. 
اوهان سپر اسٽور مان صابڻ ڪھڙو کڻندا؟ ٿي سگھي اوهان چئو تہ منهنجي ڪا ترجي ناهي بس ڪو بہ- اوهان غلط آهيون: او ان چوڪ تي اشتھار لڳل هئو جنھن ۾ هڪ کلندڙ عورت صابڻ هٿ ۾ کنيو بيٺي هئي، اوهان اهو ئي کنيو آهي صابڻ جون خوبيون ٻڌاڻ اهم نہ هئو اوهانکي انجي نالي رنگ ۽ پيڪنگ سان متاثر ڪرڻ اهم هئو.

ٻوٽن جي چرپر ۽ ڊارون

ٻوٽن جي چرپر ۽ ڊارون
دريا خان :-

جيئن تہ ٻوٽا گھمي فري نٿا سگھن پر پنھنجي نسل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سندن کي پکين جيتن ۽ رهڙيندڙن جو محتاج ٿيڻو پوندو آهي انھن جو ڌيان پاڻ ڏا ڇڪڻ لاءِ ٻوٽن وٽ گلن جو رس آهي پکي جيت انھن مان رس چوسيندا آهن ۽ ان دوران گلن جا ذرڙا داڻا انھن جي جسم سان چمبڙي ڪري ٻين ٻوٽن ۽ علائق ۾ پکڙجي ويندا آهن 
ان ڳالھ جو ڊارون جي پيشگوئي سان ڇا واسطو آهي 
ڊارون جي تحقيق جي دوران آفريڪي ملڪ مڊغاسڪر جي ڪجھ اهڙا ٻوٽا مليا جن جي گلن جي اندر تقريبن هڪ فٽ وڏي ٽيوب هئي ۽ رس ان ٽيوب جي بلڪل اندر پيل هئو، تصوير هيٺان کان جيڪڏهن هي ٻوٽا ختم ناهين ٿيا ۽ پنھنجي نسل جي اڳتي وڌائي رهيا آهن تہ انھن جو رس چوسيندڙ ۽ ذرڙا داڻا پکڙڻ لاءِ ٻہ اهوئي جيوت موجود هوندا پر هاڻي اسانکي هڪ اهڙو غير معمولي پوپٽ کپي جنھن جي زبان گل جي لمبائي سان ملي تہ جيئن اهو گل تي ويھي ڪري انجو رس چوسي سگھي 
 اهڙو پوپٽ ڊارون کي ڪڏهن بہ نہ مليو پر انھن انجي هجڻ جي پيشگوئي ڪري ڇڏي هئي هيٺ تصوير ۾ 1862ع جي ڪتاب ۾ عڪس گڏوگڏ انھن اها پيشگوئي بہ ڪئي تہ هن پوپٽ ۽ گل جو ارتقاء گڏ گڏ ٿي رهيو هوندو
ڊارون جي ٻئي نظري سان گڏ ان پيشگوئي جي بہ مخالفت ڪئي وئي مسئلو انھن جي جارج ڪيمپبل جو چوڻ هئو تہ هي پيشگوئي ڪائنات ۾ ڊيزائن ۽ مقصد جي تصور کي نظرانداز ڪندي آهي ڊارون کي حمايت بہ ملي خاص ڪري نطريہ ارتقاء جي دريافت ۾ انھن جي قد ڪاٺ پر تاريخ ۾ احسان ڪندڙ الفرڊ والس پاران جن ڊارون جي پيشگوئي موجب ان پوپٽ جا خاڪا ٺهرايا
ويھي صدي شروع ٿي ڊارون جي وفات کي ويھ ورهين گذري ويا تڏهن 1907ع ۾ پھريون دفعو ان پوپٽ کي دريافت ڪيو ويو جنھن جي جسم جي بناوت ڊارون جي پيشگوئي جي عين موجب هئي پر انھن جي ٻئي پيشگوئي جو ڇا، ڇا هي پوپٽ واقعي ۾ ان گل جو رس چوسيندو آهي ان دريافت ۾ وڌيڪ پنجاسي ورهين لڳي ويا ۽ 1992ع ۾ ڊارون جي پيشگوئي جي هڪ سئو ٽيھ ورهين کانپوءِ ڪئمرن وسيلي پتو پيو تہ اهو پوپٽ ان گل مان رس چوسيندو آهي

وڊيو هن لنڪ تان... 
https://www.youtube.com/watch?v=VUiZDhs0JrA

بنا نر جي ٻچا پيدا ڪندڙ ۽ فطرتي جاندار

بنا نر جي ٻچا پيدا ڪندڙ ۽ فطرتي جاندار
دريا خان :-

فطرت ۾ ڪجھ ڪرڙين ڏيڏرن ۽ مڇين ۾ ڪڏهن ڪڏهن پيءَ کان سواءِ ماءُ مان ٻچا پيدا ٿي ويندا آهن پر ان طرح جي غير جنسي پيدائش نسل اسان کير پياڪ مماليا ۾ ناهي پاتي ويندي ڪارڻ ماءُ جو جنسي خليو آنو ۽ پيءُ جو جنسي خليو اسپرم ملي ڪري پيدائش نسل ڪندا آهن ٻنھي ۾ خلين ۾ گھڻيون ئي جينز هڪ جھڙيون آهن جڏهن خليا ملندا آهن تہ هڪ جھڙي جينز جي جوڙڻن مان صرف هڪ جينز ڪم ڪندي آهي ۽ ٻئي ماٺ ڪري رهندي آهي 
يعني ڪنھن بہ جوڙي ۾ ماءُ جي جين ڪم ڪندي آهي ۽ پيءَ جي جين خاموش رهندي آهي ۽ وري ڪنھن ۾ انجي ابتڙ بہ ٿيندو آهي
ان عمل کي جينوم امپرينٽنگ چئبو آهي جيڪڏهن اوهان ٻنھي جنسي گليا مادين کان وٺو يا نر کان وٺو ۽ انجو ميلاپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو تہ جينز جي گھڻين جوڙين ۾ ٻہ هي جينز خاموش ٿيندا ان وجھ جي ڪري ٻار نہ پيدا ٿي سگهندو ۽ مماليا جاندار غير جنسي طريقي سان پيدائش نسل نٿا ڪري سگھن 
 پر جيڪڏهن جينز اهڙن جوڙڻ کي سڃاڻي وٺن ۽ ممڪن بڻائن تہ ٻنھي جينز مان هڪ ڪم ڪري رهي هجي تہ پوءِ
چين جي سائنسدانن ائين اي ڪري ڏيکاريو آهي انھن ڪوئن جي اسٽم سيل خلين ۾ ٽرائل اينڊ ايرر وسيلي جينز جي اهڙن سئو جوڙڻ کي جانچو ۽ مادين ۾ ٽي، نر ڪوئي ۾ ست اهڙا مقام سڃاڻپ ڪيا جتي ٻہ هي جينز ڪم ڪري رهيون هجن تہ پيدائش نسل نٿي ٿي سگھي هاڻ انھن جوڙڻ مان هڪ هڪ جين ڪڍيو، جڏهن انھن ٻن مادين ڪوئن جي اسٽم خلين کي ملائي ڪري ان مان حمل ڪرائيو تہ ان مان صحتمند ڪوئا پيدا ٿيا جيڪي هاڻي پاڻ بہ والدين بڻجي چڪا آهن جڏهن تہ ٻن نرن ڪوئن ۾ اهو تجربو وقتي طور ڪامياب رهيو پر انھن جي اولاد ڪوئا ٻن ڏينهن ۾ مري ويا 
ائين ان طريقي ساڻ ممڪن ٿيو تہ اوهان هڪ ئي جنس جي پيءَ کان بہ اولاد پيدا ڪري سگهندا، ڇا انسانن ۾ بہ ائين ممڪن آهي! ان لاءِ فلحال ٽيڪنيڪي ۽ اخلاقي مسئلا هيٺ آهن 

https://www.cell.com/cell-stem-cell/fulltext/S1934-5909(18)30441-7

ڪيمسٽري جو نوبل انعام

فزڪس کانپوءِ ڪيمسٽري ٻہ هزار اڻويھ جو نوبل انعام ليٿيم آئن بيٽرين جي ايجاد ڪندڙن جي نالي
دريا خان :-

اڄ جيڪي اسان بيٽري پنھنجي موبائل ليپ ٽاپ ۾ استعمال ڪري رهيا آهيون اها محنت بي گڊاينف، ايم اسٽينلي وٽنگهم ۽ اڪيرا يوشينو جي آهي 
رائل سويڊش اڪيڊمي آف سائنس پاران هن سال جو ڪيميائي نوبل انعام ٽين ڪيميادانن کي ڏنو ويو جن پنھنجي تحقيقن وسيلي وري وري چارج ٿيڻ واري ليٿيم آئن بيٽريون ايجاد ڪيون جن ۾... جون بي گڊاينف، ايم اسٽينلي وٽنگهم ۽ اڪيرا يوشينو آهن 
هن سال نوبل انعامن جي قميت پاڪستاني چوڏهن ڪروڙ رکي وئي آهي جيڪا ٽنھي نوبل انعام حاصل ڪندڙن ۾ ونڊي ويندي 
ليٿيم آئن بيٽريون هڪ وڏي عرصي جي محنت تحقيقن کانپوءِ پندرهن سالن کانپوءِ ٺهي 1970ع ۾ تيل جي عالمي کوٽ کي نظر ۾ رکندي ڊاڪٽر اسٽينلي حاصل توانائي کي اهڙن ذريعن تي ڪم شروع ڪيو جن جو واسطو تيل گيس يا ڪوئلي رڪازي ٻارڻ تي نہ هئو ان ڪوشش ۾ انھن دريافت ڪيو تہ ان مقصد لاءِ ليٿيم جو استعمال ڪارآمد رهندو آهي
شروعات ۾ جيڪا ليٿيم بيٽري ٺاهي وئي اها ڪمزور هجڻ سبب صرف ٻين وولٽ تائين ڪم ڪري سگھي پئي
ان دوران جون گڊاينف ڪم کي اڳتي وڌائيندي انھي بيٽري ۾ وڌيڪ تبديليون آنديون جنھن کانپوءِ چار وولٽ واري هڪ تجرباتي ليٿيم آئن بيٽري تيار ٿي جيڪا اڃان تجارتي سطح لاءِ اهل نہ هئي

پر هي مرحلو بہ جاپان جي اڪيرا يوشينو 1985ع ۾ ڪامياب ڪري ڇڏيو ۽ دنيا جي پھرين اهڙي ليٿيم آئن بيٽري تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جيڪا تجارتي سطح تي فائديمند بہ هئي
جنھن کانپوءِ اڄ تائين ليٿيم آئن بيٽرين جو استعمال ۽ صلاحيت ۾ مسلسل اضافو ٿيو هڪ عام ليٿيم آئن بيٽري کي ٽي سئو کان پنج سو دفعا چارج ڪري سگھجي ٿي جڏهن تہ ڪجھ نئين ليٿيم بيٽريون ننڍيون هجڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ بجلي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ آهن جن کي ڏھ ھزار کان هڪ لک دفعو چارج ڪري سگھجي ٿو

فزڪس جو نوبل انعام ماڻيندڙ
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2466911726924237/

#ChemistryNobelPrize2019

Group #ScienceJeDuniya Page #ScienceJeDunya

Blogger https://sciencejeduniya.blogspot.com

فزڪس جو نوبل انعام

فزڪس ٻہ هزار اڻويھ جو نوبل انعام ارتقائي ڪائنات ۽ نظام شمسي کان ٻاهر سيارن جي کوجنا ڪندڙن جي نالي 
دريا خان :-

ان نوبل انعام کي سائنس جي دنيا ۾ سڀ کان قابل احترام انعام سمجھو ويندو آهي هن سال فزڪس جو نوبل انعام  ٽين سائنسدانن کي انھن جي تحقيقي کوجنائن ۾ ڏنو ويو، جن جي ڪري اسان ڪائنات جي ارتقاء کي ۽ ڪائنات ۾ پنھنجي مقام کي بھتر نموني سمجهڻ جي قابل ٿياسين
هن سال جو نوبل انعام ماڻيندڙ طبيعيات دان جيمس پيبلز کي ان حصي جو حقدار ڪوٺيو ويو جڏهن تہ بقايو حصو ڊاڪٽر مائيڪل ميئر ۽ ديديئر ڪيلوز ۾ روايتي ونڊيو ويو هن سال جي نوبل انعام جي قيمت نوي لک سوئس ڪورونا آهي جيڪا چوڏهن ڪروڙ ٽيھ لک پاڪستاني روپيا آهي ڪينيڊا سان واسطو رکندڙ جيمس پيبلز جو شمارو 1970ع جي انھن سائنسدانن ۾ ٿيندو آهي جن ڪائنات کي سمجهڻ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري جيتوڻيڪ انکان اڳ آرنو پينزياس ۽ رابرٽ ولسن (ڪوسمڪ مائيڪروويو بيڪ گرائونڊ) دريافت ڪري چڪا هئا پر پيبلز جتي ڪائنات جي شروعات ۽ ارتقاء جي باري ۾ گهڻيون ڳالهيون ڪيون اتي انھن اهو بہ دريافت ڪيو تہ ڪائناتي بيڪ گرائونڊ اصل ۾ ان وقت جي يادگيري آهي جڏهن ڪائنات جو گھڻو مادو هاڻوڪي ايٽمن جي شڪل ۾ آيو جنھن جي نتيجي ۾ گھڻي توانائي آزاد ٿي ۽ پوري ڪائنات ۾ هر جڳھ وکري 
ڪائناتي بيڪ گرائونڊ وارو منظر بگ بینگ جي تقريبن ٽي لک سال کانپوءِ وجود ۾ آيو هئو پر مسلسل ڪائناتي پکيڙ جي وجھ سان انھن لهرن جي ڊيگھ بہ وڌندي وئي ۽ اڄ هي مائيڪروويوز ۾ تبديل ٿي چڪي آهي جن کي اسان (ڪوسمڪ مائيڪروويو بيڪ گرائونڊ) جي نالي سان سڃاڻون ٿا جيڪو پوري ڪائنات ۾ هر جڳھ پکڙيل آهي ان منظر جو مطالعو ڪري اڄ اسان ان قابل ٿيا آهيون جو شروعاتي ڪائنات جي ننڍين جزاتن جو پتو لڳائي سگهو 
شمي سيارن جي دريافت ۾ سوئٽزرلينڊ جي مائيڪل ميئر ۽ ديديئر ڪيلوز کي هن سال نوبل انعام طبيعيات جو بقائي اڌ حصي جو حقدار ڪوٺيو ويو انھن ٻنھي ماهرن پاران 1995ع ۾ پهريون دفعو ڪنھن ٻئي ستاري جي ويجھو گھمندڙ سيارا دريافت ڪيا هيا ان سلسلي ۾ انھن سڀ کان اڳ سيارو (51 پيگاسي بي) دريافت ڪيو هئو جيڪو اسان کان پنجاھ نوري سال پري 51 پيگاسي نالي هڪ سياري جي ويجھو چڪر لڳائي رهيو آهي 
ان کان اڳ اسانکي يقين هئو تہ اسانجي نظام شمسي جيان ٻين ستارن جي ويجھو بہ سيارا چڪر لڳائيندا هوندا پر تڏهن اسان اڃان اهڙو سيارو دريافت نہ ڪري سگھياسين 
ان دريافت جي تفصيل جيئن ئي منظر تي آئي سڄي دنيا ۾ هڪ ڳچ مچي ويو تڏهن کان وٺي اڄ تائين اسان پنھنجي نظام شمسي کان ٻاهر چار هزار کان وڌيڪ سيارا دريافت ڪري چڪا آهيون جن ۾ ڪجھ اهڙا بہ آهن جتي زندگي هجڻ جو امڪان ظاهر آهي ائين مائيڪل ميئر ۽ ديديئر ڪيلوز جي هي دريافت هڪ سٺي ٽپال ثابت ٿي
#PhysicsNobelPrize2019 

Group #ScienceJeDuniya Page #ScienceJeDunya

Blogger https://sciencejeduniya.blogspot.com

ايٽم Atom

ايٽم               Atom
”اصغر ساگر“



ايٽم Atom 💎اصغر ساگر💎



يوناني فيلسوفن چار خلط مقرر ڪيا باھ ۔ پاڻي ۔ ھوا ۽ مٽي پر سوال ساڳو برقرار رھيو تہ ھي باھ ۔ مٽي ۔ پاڻي ۽ ھوا ڇا جا ٺھيل آھن. اھڙي نموني چار خلط ٺاھيا ويا صفرا ۔ بلغم ۔ دم ۽ خاڪي. ائين اڳتي ھلي مادي جو تصور آيو. مادي جي تصور اچڻ سان مادي جي جوڙجڪ ڏي ڌيان ڇڪجي آيو ۽ مادي جي ننڍڙي ذرڙي بابت سوال اڀرڻ لڳا.
توھان چوطرف نظر ڦيرائي ڏسو تہ توھان کي سھسين قسم جون شيون نظر اينديون ڪٿي نھرو ڪٿي پٽڙو ۽ ڪٿي گئس مادي جون صورتون نظر اينديون ظاھر ۾ مختلف پر باطن ۾ ھڪ اھي سڀ ايٽمن جون ٺھيل آھن.
مادي جو ننڍي ۾ ننڍو ذرو جيڪو پنھنجي جوڙ ۾ پورو ٿئي ٿو. ايٽم مادي جي وجود ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. ايٽم ڌم ڌماڪ کان پوء وجود ۾ آيو. ان کان پوء ايٽمن يڪجا ٿي ڪائنات کي جوڙيو جنھن ۾ سج ۔ چنڊ ۔ تارا ۽ گرھ اچي وڃن ٿا. ان کان پوء ايٽمن ڌرتي جي گولي تي زندگي جي شروعات ڪئي.
ايٽم جو پھرئين نظريي يونان ۾ جنم ورتو جيڪو وسيع پيماني تي مشھور ٿيو. تقريبن 460 سو قبل مسيح اڳ يونان ۾ فيلسوف ڊيموڪريٽس پيدا ٿيو جيڪو ھر مادي ۽ ڪائنات تي غور ڪندو ھيو. ان پنھنجي علم منطق سان سٽ سلجهايو ۽ فلسفي جي بنياد تي مادي جو نظريو پيش ڪيو
ڊيموڪريٽس جي نظريي مطابق ڪائنات جو سڄو مادو اڻ ٽوڙ ذري سان ملي ٺھيو آھي. جيڪڏھن ھڪ پٿر کي ٽوڙجي ۽ حصن ۾ تقسيم ڪندو وڃجي ھلي ھلي اھڙي ننڍڙي ذري تي پھچي وينداسين جنھن کي وڌيڪ حصن ۾ ٽوڙڻ ناممڪن آھي جنھن ايٽم جو نظريو پيش ڪيو جيڪو تصور ھن پنھنجي استاد ليوسي تان ورتو ۽ ان ذري کي ھن ايٽموس Atmos جو نالو ڏنو يعني اڻ ٽوڙ ذررڙو جيڪو اڳتي ڦري ايٽم جي نالي سان مشھور ٿيو جنھن جي معنا آھي ناقابل تقسيم. يوناني فيلسوف جو خيال ھو تہ ايٽم کي تباھ نٿو ڪري سگهجي ۽ ان جي وڌيڪ تقسيم ڪري نٿي سگهجي ايٽم جو ھي نظريو 23 سو سالن تائين رھيو.
1803ع ۾ سائنسدان جان ڊالٽن عملي طور تي ايٽمي نظريو پيش ڪيو ۽ ايٽم کي ذرو قرار ڏنو جيڪو برقي قوت وارن زورن ۽ اليڪٽرانن سان ڀريل آھي. ان کان پوء 1800ع ۾ جان ڊالٽن ڊيموڪريٽس جي ايٽم جي نظريي کي بنياد بنائي ڪجھ وڌيڪ شيون شامل ڪري ايٽم جو نظريو پيش ڪيو. ھن نظريي مطابق
مادو ايٽمن سان ملي ٺھيو آھي جنھن کي تقسيم ڪري نٿو سگهجي.
ايٽم کي اک سان ڏسي نٿو سگهجي.
ايٽم ۾ تغير ۽ تبدل آڻڻ ناممڪن آھي.
جڏھن عنصر ڪيميائي ميل ڪن ٿا تہ ان جو سبب ان جا ايٽم ٿي سگهن ٿا.
جان ملٽن جي ان نظريي سان گڏ ڪجھ مغالطا پيدا ٿيا جنھن جي ڪري ايٽم جو نظريو ڌنڌلايو ۽ ڊيموڪريٽس جو نظريو مبھم ٿي ويو.
1968ع ۾ پروٽان ۽ نيوٽران جي اندر ڪئار دريافت ڪيو ويو.ھر پروٽان ۽ نيوٽران جي اندر 3 ڪئار ٿين ٿا جيڪي پاڻ ۾ وڌيڪ جزن گلونس جي ذريعي جڙيل ٿين ٿا.
ھر ايٽم جو نيوڪليس ٿئي ٿو جنھن ۾ مختلف تعداد ۾ پروٽان ۽ نيوٽران ٿين ٿا. ان کان سوا اليڪٽران ٿين ٿا جيڪي نيوڪليس جي مدار ۾ گردش ڪن ٿا. ايٽم جي اندر اليڪٽران ۽ پروٽان برابر تعداد ۾ ٿين ٿا اليڪٽران تي ڪاٽو چاڄ ۽ پروٽان تي واڌو چاڄ ٿئي ٿي جنھن سان مثبت ۽ منفي برقي قوت رکڻ وارا اليڪٽران ۽ پروٽان ھڪ ٻئي جو توازن برقرار رکن ٿا. انهن عددن ۾ ھڪ بہ
مختلف ھجي تہ ايٽم جو وجود نہ رھي ھا ۽ برقي مقناطيسي توازن بگڙي وڃي ھا. اليڪٽران پروٽانن جي ڀيٽ ۾ ھلڪا ٿين ٿا. 1836 اليڪٽران ھڪ پروٽان جي برابر ٿين ٿا جڏھن تہ اليڪٽران ۽ پروٽان مقدار ۾ برابر ٿين ٿا. ڪنھن ايٽم ۾ ھڪ پروٽان جي اضافي سان اھو پروٽان ھڪ نئون ايٽم بنجي وڃي ٿو. جيڪو مادو ھڪ ئي قسم جي ايٽمن بڻيل ھجي اھو عنصر سڏجي ٿو. مثال ھيڊروجن ۔ آڪسيجن ۽ ڪاربان وغيرھ عنصرن جا مختلف قسم ٿين ٿا. ھاڻي تائين 118 عنصر دريافت ڪيا ويا آھن انهن مان گهڻا عنصر قدرتي آھن. سڀ کان سادو ترين ايٽم ھائيڊروجن جو آھي جنھن ۾ ھڪ اليڪٽران ۽ ھڪ پروٽان ٿئي ٿو جڏھن تہ نيوٽران نٿو ٿئي. ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ايٽمن جيملڻ سان ماليڪيول ٺھن ٿا مثال طور عنصر ھيڊروجن جا ٻہ ايٽم عنصر آڪسيجن جي ھڪ ايٽم سان ملايا وڃن ٿا تہ پاڻي جو ھڪ ماليڪيول تشڪيل پائي ٿو.
ھاڻي ھي معلوم ڪريون تہ ايٽم ۽ ان جا ذرا ڪيترا ننڍا ٿين ٿا. اليڪٽران کي وزن جي لحاظ کان ھلڪي ترين جزي ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ھڪ قطرو پاڻي جو وزن اليڪٽران جي ڀيٽ ۾ اربين ڀيرا وڌيڪ ٿئي ٿو. جيڪڏھن اسان پينسل سان ھڪ سينٽي ميٽر ليڪ ڪڍون تہ ان ليڪ ۾ 10 ڪروڙ ايٽم سمائجي سگهن ٿا. جيڪڏھن اسان ايٽم جي اسڪيل سان نقشڪاري ڪريون ۽ پروٽان ۽ نيوٽران جي قطر جي ماپ ھڪ سينٽي ميٽر رکون تہ اليڪٽران ۽ ڪئارن جي ماپ انساني وار جي ماپ کان ننڍي ٿيندي جڏھن تہ پوري ايٽم جي ماپ جي ماپ 30 فٽ بال جي ميدان جي برابر ھوندي. نيوڪليس ايٽم کان ايترو ننڍو ٿئي ٿو جو جيڪڏھن اسان ايٽم کي فٽ بال جي ميدان جيترو پکيڙيون تہ نيوڪليس ھڪ انگور جي داڻي برابر ٿيندو. ھاڻي اچو تہ ھن ڳالھ کي سمجهون تہ اليڪٽران نيوڪليس کان ڪيترو پري مخصوص مدار ۾ گردش ڪن ٿا. ان لاء نيوڪليس کي گولف جي بال برابر تصور ڪيو وڃي تہ ان جي چوڌاري گردش ڪرڻ وارن اليڪٽرانن جو پھريون مدار ان کان ھڪ ڪلوميٽر پري ھوندو. جڏھن تہ ٻيو مدار چار ڪلوميٽر ۽ ٽيون مدار 9 ڪلوميٽر پري ھوندو. اھڙي طرح باقي مدارن جو بہ قياس ڪري سگهجي ٿو. ھڪ ٻي حيرت انگيز ڳالھ اھا آھي تہ نيوڪليس جي جسامت ايٽم جي جسامت کان ايتري ننڍي ٿئي ٿي جو جو ان جو مقدار ايٽم جي ڪل مقدار جو 99.50 سيڪڙو ٿئي ٿو. ڪيتري حيرت انگيز ڳالھ آھي تہ ھڪ طرف ھڪ شي جو مقدار تقريبن سمورو حصو آھي ٻئي طرف نيوڪليس نہ ھجڻ جي جڳھ والاري ٿو ۽ ايٽم جو 99.999999999999 % حصو خالي آھي گڏوگڏ سائنسدانن صرف انهن قوتن کي دريافت ڪيو آھي تہ ننڍا ننڍا ايٽم پاڻ ۾ ڪيئن جڪڙيل آھن ۽ اھي طريقا بہ معلوم ڪيا آھن تہ برقي قوتن کي ايٽم کان ڌار ڪيئن ڪجي انهي طريقي کي نيوڪليئر پاور پلانٽ ۾ استعمال ڪري بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي.
نت نين ٽيڪنالاجين ۽ تجربن سان سائنسدان اسٽينڊرڊ ماڊل آف پارٽيڪلز جو نظريو پيش ڪن ٿا جنھن ۾ نيوڪليس جي گهر ۾ گهڙي پروٽان در کڙڪائي ٿو ۽ ان جي اندر ڪئارن Quarks جي دريافت ڪئي وڃي ٿي تہ پتو پوي ٿو تہ ڪئار تہ توانائي جي Vibratory strings آھن يعني توانائي جون ھي ڏوريون ھڪ خاص نموني Viberate ڪن ٿيون تہ ڪئار کي وجود ملي ٿو. مطلب اھو ٿيو تہ مادي جي سرزمين ڪئارن تي اچي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ھن سرزمين کان اڳتي توانائي جي دنيا شروع ٿي وڃي ٿي.
يعني ڪئار ئي بنيادي ذرا آھن جن کي وڌيڪ تقسيم ڪرڻ ناممڪن ھيو يعني ماديت جو جڳ ڪئارن کان شروع ٿئي ٿو. غور ڪيو وڃي تہ ڊيموڪريٽس جي ڳالھ ايتري سچي ۽ منطقي آھي جو مادي جي تقسيم در تقسيم سان اسان اھڙي ذري تي پھچي وڃون ٿا جنھن کي وڌيڪ تقسيم ڪرڻ ناممڪن آھي اھو ذرو ڪئار آھي. اڄ کان ھزار سال پھرين سائنس ان جزي تي پھچي ٿي پر فلسفي ان جي پيشنگوئي اڄ کان ھزارين سال پھرين ڪري ڇڏي ھئي پر جان ڊالٽن جو نظريو مغالطو پيدا ڪري چڪو ھيو ۽ جنھن کي ھو ايٽم تصور ڪري ويٺو ھو ڊيموڪريٽس جو اھو ايٽم نہ ھيو پر ڊيموڪريٽس ان جزي کي ايٽم چيو ھو جنھن جي تقسيم ممڪن نہ ھجي تہ مادي جي شروعات ڪيئن ٿئي ڇوجو اليڪٽران ۽ ڪئار ئي بنيادي جزا آھن جن کي ھاڻوڪي علم مطابق بنيادي جزا سڏيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏھن جديد سائنس اسان کي ان ذري جو پتو ڏئي جو اليڪٽران ۽ ڪئار جا بنيادي ايڪو ھجي تڏھن بہ ڊيموڪريٽس جو نظريو ھر صورت صحيح رھندو.
ويھين صدي۾ مادي ۽ توانائي جو اختلاف ختم ٿي ويو. سائنس ثابت ڪيو تہ ٻئي ھڪ ٻئي جون شڪليون آھن. ڪڏھن مادو توانائي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو ۽ ڪڏھن توانائي مادي ۾. ڪنھن مادي شي جو مقدار مستقل ٿي نٿو سگهي پر ان جي حرڪت تي دارومدار ٿئي ٿو  ۽ اھا رفتار سان گڏ وڌندي ۽ گهٽجندي رھي ٿي. ھڪ مادي شي ڪڏھن ذري وانگر ھڪ ليڪ ۾ حرڪت ڪري ٿي ڪڏھن وري موجن وانگر پکڙجي اڳتي وڌي ٿي. مادي کي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي انهي اصول تي ايٽم جنم ورتو.
ايٽم جي باري ۾ 1985ع تائين ائين سمجهيو ويندو ھيو تہ ھن کي وڌيڪ حصن ۾ ٽوڙي نٿو سگهجي. ايٽم ۾ ٽي باريڪ ذرڙا اليڪٽران ۔ پروٽان ۽ نيوٽران ٿين ٿا. ايٽم جو مادو پکڙيل نٿو ٿئي پر ھن جي اندر جو نظام شمسي نظام وانگر آھي ۽ ذرا مقرر مدارن ۾ حرڪت ڪندا رھن ٿا. ايٽم جي ذرن جي درميان ايترو خال ٿئي ٿو جيترو سج ۽ گرھن جي درميان. ايٽم جي مرڪز ۾ ناڀ ٿئي ٿو جنھن جي ٽٽڻ سان ايٽم جي ماھيت تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ ايٽمي توانائي حاصل ٿئي ٿي.
موجودھ صدي ۾ زمان ۔ مڪان ۔ مادو ۔ توانائي ۔ عنصر ۽ قوت جھڙن بنيادي تصورن ۾ تبديلي اچي چڪي آھي. نيوٽن ھڪ ڏينھن چيو ھو تہ ڪائينات جي ھر حالت ۽ ھر گهڙي مقرر آھي ۽ مادو ان مطابق پنھنجي شڪل اختيار ڪري ٿو. 1927ع ۾ ھڪ پروفيسر ھائي زنگ دعوا ڪئي تہ ڪائنات ۾ ڪنھن ذري جو مستقبل قطعي طور تي مستقل ناھي پر ھو حالتون تبديل ڪري سگهي ٿو. اھي سڀ ڳالهيون ايٽم سان منسلڪ آھن.
مختلف سائنسدان دور در دور ايٽم جي نظريي تي پنھنجون تحقيقون پيش ڪندا رھيا ۽ وقت گذرڻ سان ايٽم جي نظريي جامع صورت ورتي.
ڊالٽن جو ايٽمي ماڊل:-
سن 1808ع ۾ سر جان ڊالٽن باضابطہ طور تي پھريون ايٽمي ماڊل پيش ڪيو. ھن ماڊل جا بنيادي نڪتا ھي آھن.
1 ھر قسم جومادو ننڍڙن باريڪ ذرڙن جو ٺھيل آھي جيڪو ناقابل تقسيم ۽ ناقابل فنا آھي يعني ايٽم کي وڌيڪ ٽوڙڻ ممڪن ناھي ۽ نہ ان جي اندر ماتحت ذرا ٿين ٿا.
2 ھڪ عنصر Element جا تمام ايٽم پنھنجي مقدار ۽ ٻين خواصن ۾ ھڪ جھڙا ٿين ٿا مثال سون ۔ چاندي ۽ ڪاربان وغيرھ. ٻن لفظن ۾ جنھن مادي جا تمام ايٽم ھڪ جھڙا ۽ ھڪ قسم جا ٿين ٿا انهن کي عنصر چيو ويندو.
3 اھڙا مادا جيڪي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ قسم جي ايٽمن جي ميلاپ سان جڙن ٿا انهن کي مرڪب چيو وڃي ٿو ڇوجو پاڻي مرڪب آھي اھو آڪسيجن ۽ ھيڊروجن جي ايٽمن جي ميلاپ سان عمل ۾ اچي ٿو.
4 ھڪ ڪيميائي ردعمل دراصل ايٽمن جي نئين سر ترتيب rearrangement آھي.
پھرئين نڪتي کان سوا ھن ماڊل جا ٻيا نڪتا صحيح آھن. بعد ۾ سائنسدانن جي وڌيڪ تحقيق پھرئين نڪتي جي چوڌار ڦرندي رھي. جان ڊالٽن جوپھريون جلد ئي غلط ثابت ٿي ويو ۽ ايٽم جي اندر وڌيڪ ذرا اليڪٽران ۔ پروٽان ۽ نيوٽران دريافت ٿيا. ان کان علاوه ايٽم کي جوھري ردعمل Nuclear reaction جي مدد سان تباھ ڪرڻ ممڪن ٿي ويو. جان ڊالٽن جي نظريي کي 1890ع ۾ جي جي ٿامسن ڪيٿوڊ ريز جي تجربي ۾ اليڪٽران کي دريافت ڪري باطل ثابت ڪري ڇڏيو ۽ ٻڌايو تہ ايٽم کي ورھائي سگهجي ٿو ۽ ايٽم جي اندر ڪاٽو چاڄ وارا اليڪٽران موجود ٿين ٿا ان ڪري ايٽم جي باري ۾ ڊالٽن جو نظريو غير معتبر ٿي ويو.
اليڪٽران جي دريافت:
سر جان ڊالٽن جي ماڊل کان پوء ايٽم جي اندروني جوڙجڪ معلوم ڪرڻ لاء ڪوششن جو آغاز ٿي ويو. ھن سلسلي ۾ شيشي جي اھڙي ڊسچارج نلي ٺاھي وئي جنھن کي ھوا کان خالي ڪيو ويو ۽ ان ۾ برقي ڌار گذاري وئي.
ھن تي پھريون تجربو 1838ع ۾ مائيڪل فيراڊي ڪيو. ھن چمڪدار شعائن جو مشاھدو ڪيو پر ان جي وضاحت نہ ڪري سگهيو تہ اھي شعاع ڪھڙا آھن. سن 1857ع ۾ جرمن سائنسدان گيرلز ڊسچارج ٽيوب جو نمونو وڌيڪ بھتر ڪيو.
1874ع ۾ وليم ڪروڪس انهن شعاع کي ڪيٿوڊ شعاع جو نالو ڏنو ۽ ثابت ڪيو تہ شعاعون ڪاٽو اليڪٽروڊ ڪيٿوڊ مان خارج ٿين ٿيون.
جي جي ٿامسن اھو سائنسدان ھو جنھن ڪيترن تجربن بعد قرار ڏنو تہ ڪيٿوڊ شعاع حقيقت ۾ ننڍڙا ذرا آھن جن تي ڪاٽو چاڄ آھي ۽ انهن جو پنھنجو مقدار ٿئي ٿو. انهن ذرن کي اليڪٽران چيو ويو. ھي ايترا ھلڪا ٿين ٿا جو اھي ايٽم کان 1840 ڀيرا ننڍا ٿين ٿا. ھر ايٽم ۾ اليڪٽران ٿين ٿا. ھن نظريي جان ڊالٽن جي نظريي تہ ايٽم ناقابل تقسيم ٿئي ٿو ان کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو
ٿامسن جو ايٽمي ماڊل
اليڪٽران جي دريافت بعد منطقي طور تي ايٽم جي بقايا ذري کي واڌو چاڄ وارو قرار ڏنو ويو. جي جي ٿامسن نئون ماڊل پيش ڪيو جنھن کي پلم پڊنگ ماڊل Plum pudding model جو نالو ڏنو ويو. ھن مطابق
1 ايٽم ناقابل ونڊ آھي.
2 ھن جي گهڻي قدر مقدار مثبت چاڄ واري ذري تي مشتمل آھي.
اليڪٽران ھن مثبت چاڄ اندر ساڪن حالت ۾ وکريل ٿين ٿا جيئن ڪيڪ ۾ ڪشمش وکريل ٿئي ٿي.
ايٽم جي مثبت ۽ منفي چاڄ مساوي ٿئي ٿي.
جي ٿامسن Plum Pudding نظريي سان ايٽم جي ساخت کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن مطابق ايٽم ھڪ گولو Sphere آھي جنھن ۾ واڌو وھڪ ڀريل ٿئي ٿي جڏھن تہ اليڪٽران ڪاٽو جزا ان ۾ موجود ٿين ٿا يعني پراڻي نظريي مطابق ايٽم تن تنھا ھيو ان جي گهر ۾ اليڪٽران پيدا ٿي چڪو ھيو.
ردرفورڊ جو ايٽمي ماڊل
ارنسٽ ردر فورڊ جيڪو جي جي ٿامسن جو شاگرد ھيو ان ٿامسن جي ماڊل کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو.
سن 1909ع ۾ ھن سوني جي باريڪ ورق تي الفا ذرن جي بمباري ڪندي ثابت ڪيو تہ
1 ايٽم جو گهڻو تڻو اندروني مقدار خالي ٿئي ٿو.
2 ايٽم جي تمام مثبت چاڄ ۽ گهڻو تڻو مقدار ان جي مرڪز ۾ موجود ناڀ Neucleus ۾ مرڪوز ٿئي ٿو.
(بعد ۾ ثابت ٿيو تہ نيوڪليس ۾ 2 ايٽمي ذرا پروٽان ۽ نيوٽران پاتا وڃن ٿا.پروٽان تي مثبت چاڄ ۽ نيوٽران تي ڪابہ چاڄ ناھي.)
3 تمام نيوٽران نيوڪليس جي چوڌاري گردش ڪندا رھن ٿا جيئن سج جي چوڌاري گرھ.
ايٽم جي دنيا ۾ نيوڪليس جو اچڻ باقي ھيو جنھن جو سھرو رڌرفورڊ Rutherford ڏي وڃي ٿو. ھن پنھنجي گولڊ فائل تجربي سان ثابت ڪيو تہ ايٽم جي درميان ھڪ سخت حصو ٿئي ٿو جنھن کي نيوڪلس سڏجي ٿو ۽ ٻڌايو تہ نيوڪليس تي واڌو چاڄ آھي جڏھن تہ اليڪٽران جيڪي نيوڪليس جي چوڌاري ڦرن ٿا انهن تي ڪاٽو چاڄ آھي. ھن نظريي کي Rutherfords planetary model سڏيو وڃي ٿو ڇوجو ھن جو مثال اسان کي سولر سسٽم ۾ ملي ٿو. شايد ھن جي فڪر ھي نظريو شمسي نظام مان ورتو ھجي.
ردرفورڊ جي ماڊل جون خرابيون
ردر فورڊ جو ايٽمي ماڊل ڪنھن حد تائين درست ھيو پر ھي ٻن مظھرن جي وضاحت ڪري نہ سگهيو.
1 ايٽم جي اخراجي ۽ انجذابي طيف Spectrum حاصل ٿيڻ جا سبب ڇا آھن.
(طيف Spectrum مان مرداد روشني جي اھا رنگ پٽي آھي جنھن جي مخصوص اڳاڻ Frequency ٿئي ٿي جيئن انڊلٺ ۾ ھر رنگ جي ڌار الڳ الڳ ڏيکاري ڏئي ٿي.)
2 اليڪٽران گهمندي پنھنجي توانائي خرچ ڇو نٿو ڪري؟ جيڪڏھن ان جي توانائي خرچ ٿي رھي آھي تہ ان کي نيوڪليس ۾ ڪرڻ کپي.
نيوٽران جي دريافت:
جيمز چيڊوڪ نيوٽران جي ايجاد ڪري ايٽم جي گهر ھڪ نئين جزي جي پيدائش جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بوھر جو ايٽمي ماڊل
ڊينمارڪ جي سائنسدان نيل بوھر Neil Bohr ردرفورڊ جي خامين کي دور ڪري 1913ع ۾ پنھنجو ايٽمي ماڊل پيش ڪيو. ھي اھو وقت ھيو جڏھن مقداري نظريي Quantum theory فزڪس جي شعبي ۾ ھلچل مچائي ڇڏي.
ھن تناظر ۾ پيش ڪيل بوھر جي ايٽمي ماڊل جا نڪتا ھي آھن.
1۔ جيتوڻيڪ اليڪٽران نيوٽران جي چوڌاري گردش ڪن ٿا پر نيوڪليس کان ان جي گردش جو مفاصلو طئي شدھ ٿئي ٿو. انهن طئي شدھ رستن کي آربٽ چئبو آھي. اليڪٽران انهن مقرر آربٽن جي انحرافي نٿا ڪن.
2۔ جيستائين اليڪٽران ڪنھن ھڪ آربٽ ۾ گردش ڪندا رھن ٿا ھي توانائي جذب يا خارج نٿا ڪن.
3۔ ڪوبہ اليڪٽران ان وقت توانائي جذب يا خارج ڪري ٿو جيڪڏھن اھو ڪنھن ھيٺئين آربٽ کان ھيٺ يا مٿئين آربٽ کان مٿي آربٽ ۾ ڇلانگ لڳائي ٿو ۽ ھي اھو وقت ٿئي ٿو جڏھن اسپيڪٽرم جوڙجڪ پائن ٿا.
🔹پروٽان ۽ نيوٽران ڳرا ذرا ٿين ٿا ۽ انهن جي مقدار تقريبن ھڪ جيتري ٿئي ٿي. نيوٽران 1838.7 اليڪٽرانن جي برابر جڏھن تہ پروٽان 1836.1 اليڪٽرانن جي برابر. ھي ٻئي ايٽم جا ذرا نيوڪليس ۾ پاتا وڃن ٿا.
اسان ڄاڻون ٿا تہ ايٽم جا بنيادي ٽي ذرا آھن.
(1) اليڪٽران  Electron
(2) پروٽان      Proton
(3) نيوٽران     Neutron
1) اليڪٽران  Electron
اليڪٽران ھلڪو ذرو ٿئي ٿو ۽ ھي نيوڪليس جي چوڌاري تيز رفتار سان گردش ڪن ٿا. اليڪٽران تي ڪاٽو چاڄ ٿئي ٿي پر ان جي مقدار پروٽان جي واڌو چاڄ جي برابر ٿئي ٿي يعني ھڪ پروٽان ۽ ھڪ نيوٽران ھجي اتي چاڄ نيوٽرل ٿي وڃي ٿي. ايٽم ۾ واڌو چارج رکندڙ مرڪز ٿئي ٿو،جنهن جي چوڌاري ڪاٽو ذرڙا يعني اليڪٽران،توانائي جي خاص رستن يعني توانائي سطح(Energy levels) تي چڪر لڳائين ٿا،جنهن جي ڪري سندن توانائي چڪر هڻڻ ۾ خارج نٿي ٿئي.اليڪٽران توانائي خارج تڏهن ڪري ٿو جڏهن اليڪٽران مٿين توانائي سطح(Higher Energy Level) کان هيٺين تونائي سطح(Low Energy Level) ۾ اچي ٿو. جڏهن اليڪٽران مٿئين تونائي سطح() کان هيٺين تونائي سطح() ڏانهن اچن ٿا تـ تونائي جو خاص مقدار خارج ڪن ٿا،جنهن کي هيٺين رياضي اظهار ذريعي لکبو:
                                        E=hf
E=توانائي،h=ميڪس مستقل،f=فريڪيونسي
جڏھن ڪو به ذرڙو مثال طور اليڪٽران،پنهنجي مخالف ذري پازيٽران سان ملي ٿو ته اهي هڪ ٻئي کي تباھ ڪن ٿا ۽ ٻنهي جو مايو، ڦوٽان جي  “گهڻ توانائي جوڙ“ ۾ تبديل ٿئي ٿو.
ان عمل کي فنائيت  چئجي ٿو.
When a particle such as an electron meets its antiparticle, a positron, they destroy each other and their masses are converted into a high energy pair of photons in a process called annihilation.
(2) پروٽان      Proton
پروٽان تي واڌو چاڄ ٿئي ٿي جڏھن تہ نيوٽران تي ڪابہ چاڄ ناھي. سڀ کان دلچسپ ڳالھ ھي آھي تہ ڪائنات جي تمام ايٽمن جي پروٽانن ۔ اليڪٽرانن ۽ نيوٽرانن ۾ معمولي بہ فرق نٿو ٿئي.
مثال پاري جي ايٽم ۾ 80 پروٽان ٿين ٿا پر جيڪڏھن ان جو ھڪ پروٽان ڪڍيو وڃي تہ ھي سون بنجي پوي ٿو ڇوجو سون جي ھڪ ايٽم ۾ 79 پروٽان ٿين ٿا يا ھن جو الٽ بہ ڪري سگهجي ٿو. اھڙي طرح جيڪڏھن سون جي ايٽم مان ھڪ پروٽان ڪڍجي تہ ھي پلاٽينيم بنجي وڃي ٿو. فزڪس جي عالمگير اصول مطابق ائٽم جي مرڪز ۾ جيتري تعداد ۾پروٽان (مثبت چارج) وڌندا اوتري ئي تعدا ۾  اليڪٽران(منفي چارج)به وڌندا ويندا.
(3) نيوٽران     Neutron
ھي ايٽم جو بنيادي ذرو آھي. ھن تي ڪابہ چاڄ ناھي. ھڪ ايٽم ۾ اليڪٽران ۽ پروٽان جي تعداد ھميشہ برابر ٿئي ٿي جڏھن تہ نيوٽران جي تعداد پروٽان جي برابر يا ٿوري وڌيڪ ٿئي ٿي.
ھاڻي اچون ٿا ايٽم جي سائيز تي. ھڪ ايٽم ايترو ننڍو ٿئي ٿو جو ان جو تصور ڪري نٿو سگهجي. ھڪ ڪاربان جي ايٽم جي ايٽم مثال وٺجي ان جو قطر diameter) 0.154) نينو ميٽر بيھي ٿو. ھڪ نينو ميٽر ھڪ ملي ميٽر جو ڏھ لکون حصو آھي. ڄڻ تہ توھان پنھنجي پينسل سان ڪاغذ تي ھڪ نقطو لڳايو ٿا تہ ان نقطي ۾ ڪروڙين ايٽم سمائجي وڃن ٿا. انهن ايٽمن مان جڙندڙ ماليڪيولن جي تعداد لکين ناھي پر ڪروڙن تائين وڃي پھچي ٿي.
ڪائنات ۾ 120 قسمن جا ايٽم پاتا وڃن ٿا ڇوجو ھڪ عنصر ۾ ھڪ قسم جا ايٽم ٿين ٿا تنھنڪري عنصرن جي تعداد بہ اوتري آھي پر ايٽمن مان بنجندڙ ماليڪيولن جي تعداد لکين ناھي پر ڪروڙن تي وڃي پھچي ٿي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو
    

MyDairyAsgharSagar
Author & Editor

 0 COMMENTS:


POST A COMMENT