Sunday, 9 December 2018

ریڊيو ڪاربن ڊيٽنگ Radiocarbon Dating

ریڊيو ڪاربن ڊيٽنگ  Radiocarbon Dating

"ترجمون ۽ تحرير: زاھد آرائين"

ریڊيو ڪاربن ڊيٽنگ جي طريقي کي قديم جاندارن جي باقيات يا فوسلز مان عمر جو اندازو لڳائيڻ لاء استعمال ڪيو ويندو آھي.

.....وضاحت.....

ھوا ۾ موجود ڏھ کرب ڪاربن جي ايٽمن ۾ صرف ھڪ ايٽم ڪاربن 14 جو ھوندو آھي ھي ناپائيداد ھوندو آھي ۽ ھن جي اڌ عمر تقريبن 5730 سال ھوندي آھي. دنيا ۾ موجود ریڊيو ايڪٽيو مادي ۽ ڪوسمڪ ريز ياڪائيناتي شعاعن جي ڪري ڪاربن 14 مسلسل ٺھندوہ ۽ ٽٽندو رھندو آھي ان لاء ھن جي مقدار ۾ گھٽتائي نٿي اچي ۽ ھن کي ريڊيو ڪاربن ڊيٽنگ لاء استمعمال ڪيو ويندو آھي اندازو آھي تہ پوين ھڪ لک سالن کان ڪاربن 14 جي مقدار ۾ گھٽتائي نہ آئي آھي ان طرح سان ڪنھن قديم جاندار ۾ موجود ڪاربان 14 جي مقدار جو تجزيو ڪري ھن جي قدامت جو ٺيڪ اندازو لڳايو ويندو آھي.

اھڙي طرح  بريليئم 10 
 پڻ ڪوسمڪ ريز يا ڪائيناتي شعاعن جي ڪري ٺھندو آھي ۽ ان جي تجزيئي سان سائينس دان ٻڌائي سگھندا آھن تہ ھي زمين، ٽڪري يا ڪو مخصوص علائقو ڪيترا ھزار سال پراڻو آھي

باھ Fire

 باھ   Fire
"زاھد آرائی" 

"باھ جي تاريخ ۽ سائينس" 
هي قديم عنصر آهي، جيڪو زمين تي ٻين ’آدي‘ (هميشه قائم رهندڙ) عنصرن سان گڏ وجود ۾ آيو. يونانين ۽ ان کان پوءِ مصرين جن چئن عنصرن کي بنيادي قرار ڏنو، تن ۾ باھ به شامل آهي. هوا، باھ، پاڻي ۽ مٽي بنيادي عنصر آهن. يوناني فلسفين کان پوءِ ايرانين باھ کي مقدس عنصر ڄاڻي، اُن جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي. بابل ۽ نينوا جي تهذيب ۾ باھ جي پوڄا لاءِ وڏا آتش ڪدا ٺاهيا ويا. زردشتي دستور مطابق اُها جاءِ جتي مقدس باھ رکي وڃي ٿي، عموماً اٺ ڪنڊي ٺاهي ويندي هئي، جنهن جي وچ ۾ آتشدان هوندو هو. آهستي آهستي اهو دستور ٿي ويو تہ مقدس باهه تي سج جي روشني نه پوي، تنهن ڪري عبادتگاهه اونداها رهڻ لڳا هئا. 31 هه/651ع ۾ جڏهن بلخ فتح ٿيو ته اَهڙن آتش ڪدن جي باھ هميشه لاءِ ٿڌي ٿي ويئي. هندو ڌرم ۾ ’اندر ديوتا‘، باھ جو ديوتا سڏيو وڃي ٿو.
باھ ماڻهوءَ کي آب و هوا جي محتاجيءَ کان آجو ڪيو ۽ کيس دنيا تي ڇانئجڻ جي اهليت ڏني. باهه سان ئي ماڻهوءَ جا اوزار مضبوط ٿيا ۽ اهڙيون شيون جيڪي اڳ هو کائي نٿي سگهيو سندس خوراڪ جو حصو ٿيون. سڀ کان اهم ڳالهه اها ٿي ته باهه ماڻهوءَ کي رات جو مالڪ بڻايو ۽ هن جي شامن ۽ صبحن کي روشن ڪيو. ٿوري دير لاءِ ان زماني جو تصور ڪيو جڏهن ماڻهو اوندهه تي غالب نه ٿيو هو. اڃا تائين اسان جي روايتن ۽ شايد ته اسان جي رت ۾ ان دور جو روپ موجود آهي. ڪو وقت هو جو اوندهه ماڻهوءَ لاءِ عذاب هئي ۽ اونده کان ڊڄي هو پنهنجي غار ۾ هليو ويندو هو. هاڻي اسين صبح کان اڳ غارن ۾ نٿا وڃون. صبح جو سج اڀرڻ جي نظاري کان محروم ٿيڻ وڏي بيوقوفي آهي پر اوندهه جي ڊپ کان آزاد ٿيڻ به وڏي نعمت آهي. ماڻهوءَ جڏهن پنهنجن هٿن سان روشن ڪيل ستارن سان رات کي روشن ڪيو ته هن جو روح روشن ٿي ويو ۽ زندگيءَ جي چرپر ۽ خوشي ماڻڻ جا امڪان وڌي ويا. اسان شايد ڪڏهن به هٿرادو روشنيءَ جي ايجاد جا ٿورا لاهي نه سگهنداسين۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائینس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
باھ آڪسيجن جي مدد سان شين جي اخراجي گرمي يا ان جي اثر مان پيدا ٿيندڙ ٻرڻ جو ھڪ ڪيميائي عمل جو نالو آھي جنھن ذريعي گرم روشني ٻاھر نڪرندي آهي . شين جي ان اخراجي گرمي کي علم ڪيميا ۾ ايڪسوٿرمڪ پروسيس (Exothermic process) ۽ ٻرڻ جي ان عمل کي ڪمبسشن (Combustion) چئبو آهي. باھ جي گرم ھجڻ جو ڪيميائي سبب ان ٻرڻ جي عمل ۾ ماليڪيول واري آڪسيجن جي ڪمزور ٻٽي بانڊ (double bond) O2 جو , ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وارين شين جي طاقتور بانڊن ۾ تبديلي ۽ پاڻي جو توانائي جاري ڪرڻ آھي. ٻرڻ جي ان عمل ۾ گرمي جو درجو ھڪ اھڙي سطح تي ٿي ويندو آهي جو باھ جا شعلا ڀڙڪي پوندا آهن جنھن کي دکڻ جي پوائنٽ (ignition point) 
چوندا آهن. شعلو باھ جو نظر ايندڙ حصو ھوندو آھي جنھن ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ, پاڻي جا بخار، آڪسيجن ۽ نائيٽروجن شامل ھوندا آھن. جڏھن اھي تمام گرم ھوندا آھن تہ انھن جون گئسون آئئنن (ions) ۾ تبديل ٿي پلازماپيدا ڪنديون آهن. ٻرندڙ شين جي مادي ۽ ان جي ٻاھران لڳل ملاوٽ جي آڌارَ تي باھ جي رنگ ۽ ان جي شدت ۾ فرق ٿيندو آهي. جڏھن ساون وڻن ٻوٽن وغيره کي باھ لڳندي آهي تہ باھ نائيٽروجن ٻاھر ڪڍندي آهي ۽ ٻيا عنصر جن ۾ پوٽيشيم ۽ فاسفورس شامل آهن خاڪ ۾ رھجي ويندا آهن ۽ جلد مٽي جو حصو ٿي ويندا آهن

”برف نشو يا ميٿا نشو Crystal methamphetamine“

برف نشو يا ميٿا نشو Crystal methamphetamine 

"دريا خان سنڌي"

برف نشو جنھن جو اصل نالو ” ڪرسٽل ميٿا ايمفيٽامين“ آهي جنھن کي ميٿا يا ڪرسٽل ميٿا چئبو آهي. ھي مخصوص ٻوٽن ۽ وڻن مان حاصل ٿيندڙ هڪ خاص ڪيميڪل کي چئبو آهي. ھي ليباريٽرين ۾ ايفيڊرين سان بہ تيار ڪيو ويندو آهي. ھن خوني نشي جا قلم کنڊ يا لوڻ جي وڏن ڌاڻن جي ماپ جا هجن ٿا. طبي ماهرن موجب هي خطرناڪ نشن مان هڪ آهي. ھن جي واپرائڻ سان انسان جي توانائي ٻيڻي ٿي وڃي ٿي، حافظو گهڻو تيز ٿي وڃي ٿو ۽ انسان 24 کان 72 ڪلاڪ تائين جاڳي سگهي ٿو. جيئن نشو لھي ٿو، انسان گهڻو ٿڪ ۽ سستي محسوس ڪندو آهي ۽ پنھنجي آسپاس موجود سڀني ماڻهن کي شڪ طور ڏسي ٿو.
برف نشو جي مسلسل واپرائڻ سان انسان چريائپ جو شڪار ٿي پنھنجي زندگي موت جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. پاڪستان ۾ ڳوٺاڻو علائقو گهڻو ڪري خيبر ايجنسي کي آئس جو مرڪز ڪوٺيو وڃي ٿو جتي هي زهر ۽ نشو افغانستان کان اسمگلنگ ٿي اچي ٿو. مھانگو هجڻ ڪري پھرين هي اميرن ۽ انهن جي پارٽين ۾ پاتو ويندو هو ڇوجو هڪ نج پج برف نشي جي هڪ پڙي 5 کان 10 هزارن جي ملندي هئي جنھن کان پوءِ جھازن جي گهڻائي ۽ کپت ۾ غير معمولي اضافي جي ڪري افغانستان کان گهڻو اسمگلنگ ٿي مقامي ليبارٽرين ۾ تيار ٿيندڙ ٻہ نمبر آئس جي قيمت ۾ گهٽتائي اچي وئي ۽ 500 سئو کان 1500 جي هيٺ اچي وئي آهي. خيبرپختونخواھ ۾ ان خوني نشي جو استعمال ۽ ڪاروبار گهڻو مضبوطي سان پنھنجا خوني پير ڄمائي چڪو آهي جنھن کان پوءِ وڏن شھرن پشاور، لاهور،ڪراچي ۽ ٻين جڳهن تائين عام ٿي ويو آهي جيڪو تيزي سان جاري آهي. عام ماڻهو سان گڏوگڏ تجارت ڪندڙ فرد، سياستدان ۽ سرڪاري آفيسر هن نشي کي واپرائيندي پاتا ويا آهن. افسوس سان هي نشو تعليمي ادارن ۾ بہ پکڙجي رهيو آهي شاگردن سان گڏ شاگرداڻين جو پڻ  وڏو تعداد هن خوني نشي جو عادي آهي. لاهور جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڻ هي تيزيءَ سان هي وڌي رهيو آهي. حڪومت پاران هن نشي جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ڪي سٺا قدم ناهن کنيا ويا ۽ نہ ئي ڪو قانون جوڙيو ويو آهي.

نوٽ: ھن مضمون لکڻ جو ڪارڻ عوام کي آگاهي ڏيڻ آهي تہ جيئن خاص ڪري والدين پنھنجي ٻارن تي نظر رکن ۽ قيمتي زندگيون بچائين

پت Cholesterole

پت       Cholesterole

"اصغر ساگر"

انساني جسم ھڪ مشين وانگي آھي جيڪا لکن ڪروڙن ننڍن پرزن تي ٻڌل آھي جنھن کي خوردبين کان سواء ڏسي نٿو سگهجي. جسم جو ھر پرزو پنھنجي منفرد حيثيت ۾ گهرڙو سڏرائي ٿو جيڪو اصل ۾ نباتاتي زندگي جي بنيادي اڪائي آھي ۽ ان جي تشڪيل جنھن بنيادي مادي سان ٿئي ٿي ان کي پرٿ Protoplasm چئبو آھي ھي گهرڙو ھر حالت ۾ پٽڙو ٿئي ٿو ۽ ھن جي مرڪز Neucleus جي تقسيم سان گهرڙن جي تقسيم ٿيندي رھي ٿي. گهرڙا پنھنجي مدت پوري ڪري مري وڃن ٿا ۽ وري ان جي جڳھ تي نوان گهرڙا جنم وٺندا رھن ٿا. صرف سبب ھي آھي تہ قدرت توھان کي جينن Genes جي تحرير ۾ زندھ رکڻ چاھي ٿي جڏھن تہ صحتمند يا بيمارى رھڻ توھان جي چونڊ تي آھي. اھا توھان جي چونڊ پت Cholesterol آھي جنھن کي مقرر حد ۾ رکو ٿا تہ صحتمند رھو ٿا ۽ جي ان کي وڌايو ٿا تہ اوھان مرضن جي ور چڙھي ويندا.

پت                            Cholesterol
پت هڪ قسم جو سڻڀو مادو آهي جيڪو رت ۾ گردش ڪندو رهي ٿو جسم ۾ ڪيترائي ڪارائتا ڪم ڪندو آهي. اسانجي جسم ۾ 75 سيڪڙو پت جيرو ٺاهيندو آهي جڏهن تہ 25 سيڪڙو اسانجي کاڌي مان ايندو آهي. پت موم وانگر چڪنو مادو ٿئي ٿو جيڪو اسان جي جيري ۾ تيار ٿيندو آھي ۽ اسان جي غذا مان حاصل ٿي ذرن جي شڪل ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. چرٻ پت جي معمولي مقدار اسان جي جسم جي ساخت ۾ شامل گهرڙن جي نشونما ۽ صحت لاء تمام ضروري آھي. ھي مختلف ھارمونن جي تياري ۽ ھاضمي جي نظام جي ڪارڪردگي جو اھم جز آھي.  ان کان سوا ھي جسم ۾ حرارت پيدا ڪرڻ لاء استعمال ٿئي ٿو. چرٻاڻ جي مقرر حد رھي تہ ھر شي معمول مطابق ڪم ڪري ٿي پر جي چرٻ پت مقرر حد کان وڌي وڃي تہ مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا ۔ رت جون ناليون بند ٿي وڃن ٿيون ۽ مختلف عضون کي نقصان پھچي ٿو.

پت جا ڪم :-
پت ھارمون بنائڻ ۽ گهرڙن جي بنائڻ ۾ ڪم اچي ٿو ۔ اعصاب جي حفاظت لاء اعصابي جهلي تشڪيل ڏئي ٿو ۽ وٽامن ڊي کي جوڙي ٿو. اسان جو جسم پت کي خود رسد بنائي ٿو. اسان جو جيرو پت ٺاھي ٿو جنھن جي جسم کي ضرورت پوي ٿي. جسم ۾ تمام بنيادي ھارمون خصيرو ۔ ايسٽروجن ۽ سيل ميمبرين جو بنجڻ جو سبب بنجي ٿو. اھي خوراڪون جيڪي اسان کائون ٿا اھي پت وڌائڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. حيواني خوراڪن ۾ جيئن گوشت ۽ بيدي ۾ وڌ ۾ وڌ پت پيدا ٿئي ٿو جڏھن تہ نباتاتي خوراڪن جيئن ڀاڄين ان ۽ سبزين ۾ پت نٿو پاتو وڃي. ڪجھ خوراڪون جيئن مکڻ ۔ گھ ۔ ناريل ۽ ڪريم ۾ پت وڌيڪ پاتي وڃي ٿو. پت انساني جسم ۾ بنيادي چرٻي آھي جيڪا گهرڙن کي توانائي ڏيڻ سان گڏ مضبوطي فراھم ڪري ٿي. پت جسم ۾ عمر جي حد سان وڌي ٿو پر ڪڏھن ڪڏھن ان جي سطح عمر کان پھرين وڌي وڃي ٿو جيڪا وزن ۽ بيمارين جو  سبب بنجي ٿو. جسم ۾ تمام بنيادي ھارمون خصيرو Testosterone ۔ بيدوڻ Estrogen ۽ گهرڙجهلي Cell membrane جو بنجڻ جو سبب بنجي ٿو.

پت جي سڃاڻپ :-
جيڪڏهن اوهان جا ڳل ڀريل ۽ چيلھ ويڪري آهي تہ خير آهي پر جڏهن اوهان جي رت ۾ سڻڀ جو مقدار وڌي وڃڻ ڪري اهو گهاٽو ٿي وڃي ۽ ان ۾ پيلي رنگ جو گهاٽو مادو شامل ٿي وڃي تہ اهو خطرناڪ آهي ڇو تہ حد کان وڌيل پت اوهان جي رت جي نالين ۾ ڄمندو ويندو ۽ رت جي وهڪري کي متاثر ڪندو. اڳتي هلي دل جي دوري جو سبب بڻبو.

پت چڪاس ڪرائيندو رھڻ :-
پت چرٻي جو ھڪ قسم آھي جيڪا محدود مقدار ۾ ضروري آھي پر ان جي گهڻائي رت کي گهاٽو ڪري ٿو ۽ دل کي مرضن جي ور چاڙھي ٿو ۔ دل جي دوري ۽ فالج جھڙا مسئلا پيدا ڪري سگھي ٿو ۽ دل جي دوري جي امڪانن کي وڌائي ٿو. پت سوڙهي رت نليءَ ۾ رت جي دِڳِ پيدا ڪري دل جي دوري يا اڌرنگيءَ جو سبب بڻجي ٿو. دل جي دوري سبب اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ 54 سيڪڙو فردن ۾ پت جي حد وڌيل هوندي آهي. ڪيترا فرد پنهنجي جسم ۾ وڌيل پت کان بي خبر هوندا آهن. پت کي دنيا ۾ چيڪ ڪرڻ جا مختلف طريقا آھن پر ان جو صحيح مقدار ٻڌائڻ ممڪن ناھي ان ڪري ضروري آھي گهٽ ۾ گهٽ ھر چوٿين مھيني بعد پت ۽ شڳر جو فائيل وٺڻ ضروري آھي تہ جيئن 
توھان جو رت گهاٽو ٿي دل جي شريانين ۾ ويھي نہ وڃي.

👇. محترم سائين اصغر ساگر جو بلاگ ڏسو 
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/

ھلندڙ


حصو ٻيو
پت                Cholesterol
"اصغر ساگر"

پت ڪھڙين شين مان ملي ٿي :-
پت جانورن مان حاصل ٿيل غذا مان پاتي وڃي ٿي
وڏو ۽ ننڍو گوشت - بيدي جي زردي - ڊيري جون شيون مثال کير ۔ ڏھي ۔ مکڻ ۔ پنير ۔
بڪي ۔ جيرو ۔ مغز وغيرھ ۾ پت وڌيڪ ٿئي ٿي. ڪڪڙ ۽ مڇي جي گوشت ۾ پت جي مقدار نسبتن گهٽ ٿئي ٿي.
نباتات مان حاصل ڪيل غذا مثال ميون ۔ سبزين ۔ دالن ۔ مغزن ۔ گرين ۽ ڦرين ۾ پت ڪافي گهٽ ٿئي ٿي.

پت جا قسم :-
* ايڇ ڊي ﺍﯾﻞ HDL: (High Density Lipoprotein ‏) پت
* ايل ڊي ﺍﯾﻞ ‏( LDL : Low Density Lipoprotein ‏) پت
* ٽرائي ﮔﻠﯿﺴﺮﺍئيڊ ‏( Triglycerides ‏)
پت ھڪ خاص پروٽين لپروٽينLipoproteinجي سھاري ھلن ٿا. لپروٽين جو مثال گاڏي وانگر آھي جيڪا روڊ تي ھلي ٿي ۽ جنھن تي سامان سٿيل ھوندو آھي ۽ ھي سامان پت جي مختلف قسمن جو ٿئي ٿو جو رت جي ذريعي مختلف عضون تي پھچي ٿو.

ٺوس پت يا سٺي پت يا ايڇ ڊي ايل ‏( HDL ‏) پت :-
ٺوس پت کي سٺو سمجهيو وڃي ٿو ڇوجو ھي پت رت جي نالين ۽ پٺن کان جيري طرف وڃي ٿي ۽ جيرو ھڪ صنعت وانگر آھي ھي پت اتي پھچي ڀسم ٿي وڃي ٿي. اھڙي طرح جيرو رت جي مقرر پت کي حد ۾ رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ خاص عضوي دل جي خاص طور تي حفاظت ڪري ٿو.

چرٻ پت يا خراب پت يا ايل ڊي ﺍﯾﻞ ‏( LDL ‏) پت :-
ھي چرٻ پت بري سمجهي وڃي ٿي ڇوجو ھي ئي رت جي اندرين نالين ۾ ڄمي رڳن کي ٿلهو ڪري رت جي گردش ۾ کوٽ آڻي ٿي ۽ دل جي شريانين جي مرض جو سبب بنجي ٿي.

چرٻاڻ ‏Triglycerides :-
ھي اھا چڪنائي آھي جيڪا ذرن جي شڪل ۾ ڪٺي ٿئي ٿي. جڏھن جسم ۾ ضرورت کان وڌيڪ حرارا ڪٺا ٿي وڃن ٿا تہ اتي واڌو توانائي جي صورت ۾ مثال ورزش ۔ ڳرو جسماني ڪم وغيرھ جي  ضرورت پوي ٿي. ھي رت ۾ لڳاتار رھڻ ڪري دل جي مرضن جو سبب بنجي ٿي ۽ شڳر جھڙا مرض ھن جي مقدار وڌڻ جي ڪري جنم وٺي ٿو.

رت ۾ پت جي مقرر حد ۽ وڏي حد جي مقدار :-
ٽوٽل چرٻاڻ جي وچٿري مقدار درجابندي مطابق 180 ملي گرام يا گهٽ ٿئي ٿي.
سرحد لائين وڏي پت جي مقدار 181 کان 199 ملي گرام آھي.
وڏي پت جي مقدار 200 ملي گرام يا ان کان وڌيڪ ٿئي ٿي

"ڪيلشم Calcium"

"ڪيلشم           Calcium"
حصو ٻيو

"اصغر ساگر"

قد وڌائڻ ۾ ڪيلشم جو ڪردار :-
ھڪ نئين ڪتاب جي مصنف ”بين ڪوٽس“ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪري ٿو تہ ڪھڙي طرح دنيا جي ھن قوم کير - ڏھي ۽ پنير جو استعمال ڪري پنھنجو قد وڌايو ۽ رشڪ جوڳي قوم بنجي وئي. بي بي سي جي رپورٽ مطابق ڊچ قوم جي کير - پنير ۽ ڏھي صرف روز جي خوراڪ ناھي پر قومي علامتي حيثيت رکي ٿي. سون سالن تائين جڏھن نيڌرلينڊ جي ماڻهن پنھنجي آزادي جي جنگ وڙھي پنھنجي ڌرتي کي آزاد ڪرايو تہ انهن کي گاھ سان زرخيز ڌرتي ملي جاڏي ڪاڏي ساوڪ ملي ۽ گنج چراگاھ مليا. انهن ھزارين چوپايا جانور پاليا. کير ايترو عام ٿي ويو جو جھڙوڪر پاڻي کان جهجهو لڳو پئي. کير پيئندڙن کان کير وڌي ويو جو کير مان ڏھي - پنير ۽ مکڻ ٺاھڻ لڳا. ائين ڊچ قوم ۾ پنير اھم حيثيت ٺاھي ورتي ۔ وڏي مقبوليت ماڻي ۽ عام استعمال ۾ اچي ويو. تقريبن ڏيڍ صدي پھرين ڊچ قوم يورپ ۾ سڀ ننڍي قد واري قوم ھئي پر پوين ڏيڍ سو سالن کان انهن پنير ۽ کير جو خوب استعمال ڪيو پر اڄ ڊچ قوم نہ صرف يورپ کان پر دنيا جي سڀني قومن کان  قداور قوم آھي. نيدر لينڊ ۾ عورتن جو سراسري قد 5 فٽ 7 انچ ۽ مردن جو سراسري قد 6 فٽن کان مٿي آھي. ماھرن مطابق ان سموري ڪارفرما ۾ ڊيري مصنوعات جو وڏو عمل دخل آھي. نيدرلينڊ ۾ کير مان ٺھندڙ شيون آمريڪا - برطانيہ ۽ جرمني جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو وڌيڪ واپرايون وڃن ٿيون. ھن ملڪ جو مقبول ترين ناشتو پنير - بريڊ ۽ کير آھي. صبح جي وقت ماڻھو ريل گاڏين ۾ سفر ڪندي ماڻھو پنير ۽ کير مان ٺھيل شيون کائيندي نظر اچن ٿا. جڏھن اسان مٿئين عنوان تي نظر رکون ٿا تہ اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪيلشم قد وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي ڇوجو ڪيلشم ھڏن جي نشونما کي فروغ ڏئي ٿي جنھن جي ڪري قد وڌڻ جي اوسر ۾ ڪابہ رڪاوٽ نٿي رھي. ماضي ۾ سنڌي گهرن ۾ مائرون ڄمندي ٻار کي مکڻ جو دڪو وجهنديون ھيون جنھن جا مثبت اثر زندگي جي آخر تائين رھندا ھيا ۽ ڄمندي ٻار جي ماء کي سچي گھ ۾ مختلف شين جي چورن ٺاھي ڏني ويندي ھئي يا روز بصري کارائي ويندي ھئي جنھن سان عورت جي جسم ۾ حيض جو زھريلو مادو خارج ٿي ويندو ھو ۽ صحتمند ٿي ويندي ھئي پر ھاڻي اسان جي سنڌي سماج ۾ کير مکڻ کائڻ واري روايت ختم ٿي وئي سڄو ڏينھن مالوند گهرن ۾ چانھ جا ٻاٽا ڪڙھن ٿا پيا. قد وڌائڻ لاء جتي ڪيلشم ضروري آھي اتي ٻار جي ڄمندي ان کي خشڪ گرم ۽ گرم خشڪ شين کان پاسو ڪرائڻ کپي ڇوجو ٻار جو ھڏ ڪمزور ٿيندو آھي ان جي گرم شين جي استعمال ڪرڻ سان ھڏين جي نشو نما رڪجي وڃي ٿي نتيجي طور ٻار جي قد ۾ رڪاوٽ جا امڪان اچي وڃن ٿا ۽ ٻار سدائين ڪمزور رھي ٿو.

ڪئلشم جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿيندڙ عارضا :-

خشڪ چمڙي :-
بائپوسلڪيميا ۽ ڪيلشم جي کوٽ جي ڪري چمڙي خشڪ ٿي وڃي ٿي ۽ وارن ۾ ٻڦو اچو وڃي ٿو. ڪئلشم جي کوٽ جي ڪري ايگزيميا ۔ تر ۔ موھيڙا ۽ ٻيا عارضا جنم وٺن ٿا.

ٿڪ :-
جڏھن جسم ۾ جلدي ٿڪ ٿئي تہ سمجهجي تہ ڪيلشم جي کوٽ آھي. ڪيلشم سان ڀرپور غذائن کي استعمال ڪري سستي ۽ ٿڪ کي ختم ڪري سگهجي ٿو.

ذھني دٻاء :-
مزاج کي ٺيڪ رکڻ لاء ڪيلشم جو استعمال ضروري آھي. ڪئلشم ۾ اھڙا عنصر آھن جيڪي ذھني دٻاء کان بچائن ٿا ۽ سڪون ڀريو احساس ڏين ٿا.

ننڊ نہ اچڻ :-
رات جو سڪون جي ننڊ نہ اچي ۽ بي چيني ھجي اھا ڪيلشم جي کوٽ طرف اشارو ڪري ٿي. اھڙي حالت ۾ ڪئلشم استعمال ڪرڻ کپي ڇوجو ڪئلشم ۾ اھڙا ھارمون ٿين ٿا جيڪي ننڊ ڏيڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

اڪثر بيمار ٿيڻ :-
اڪثر بيمار رھڻ ڪئلشم جي کوٽ طرف اشارو آھي ڇوجو جسم قوت مدافعت جي کوٽ ٿي وڃي ٿي ان ڪري ڪئلشم جي غذائن جي استعمال سان جسم کي ڪئلشم ملي ٿي ۽ قوت مدافعت وڌي وڃي ٿي.

ننھن جو ٽٽڻ :-
ننھن جو ڀرڀرو ٿيڻ ۔ ٽٽڻ ۽ اڇو نظر اچڻ ڪيلشم جي کوٽ آھن ڇوجو ننھن کي بہ ڪئلشم جي ضرورت پوي ٿي.

ڳيھڻ ۾ تڪليف :-
جيڪڏھن ڳيھي نہ سگهڻ جي شڪايت ھجي تہ اھا ڪيلشم جي کوٽ آھي. ڪيلشم جي کوٽ جي ڪري ڳلي ۽ پٺن جو تعلق ٽٽي وڃي ٿو ۽ ڪنھن شي کي کائڻ ۽ ڳيھڻ ۾ تڪليف کي منھن ڏيڻو پئجي وڃي ٿو.

ڏندن جو درد :-
اسان جي جسم وڌيڪ ڪيلشم ھڏين ۽ ڏندن ۾ ڪٺي ٿئي ٿي. ڪئلشم جي کوٽ جي ڪري ڏندن جو درد ۔ ڏندن ۾ ڪيڙو ۽ ٻيون بيماريون لڳي سگهن ٿيون.

پٺن جو درد
ڪئلشم جي ڪري پٺا مضبوط رھن ٿا ۽ جڏھن ڪيلشم ۾ کوٽ ٿئي ٿي پٺن جو درد مستقل ٿي وڃي ٿو

ھلندڙ

“Phloem Bundle اوڄي تندون ۔ تاندوري ڳنڍون”

“Phloem Bundle            اوڄي تندون ۔ تاندوري ڳنڍون”

"اصغر ساگر"

ڪيلو اھو ميوو آھي جيڪو مڪمل غذائيت رکي ٿو. ھي وٽامنن جومجموعو آھي. ڪيلو سپر فوڊ جي حيثيت رکي ٿو پر ان جي کل بہ  ڪمال جي شي آھي گڏوگڏ ڪيلي جي اندر تار جھڙي کل بھترين فائدا رکي ٿي. ڪيلي جي اندرين تارن کي اوڄي تندون يا تاندوري ڳنڍون چئبو آھي.
Those banana strings are called ''Phloem.'' Their job is to distribute nutrients up and down the banana as it grows and their scientifically name is Phloem bundle.
ڪيلي جي انهن تارن کي فلوئم چئبو آھي. انهن جو ڪم ڪيلي کي غذائيت پھچائڻ آھي جيئن اھو واڌ ويجھ ڪري ٿو ۽ ھنجو سائنسي نالو فلوم بنڊل آھي. ڪيلي جي اوڄي تندن Phloem Bundle ۾ ايتري غذائيت آھي جيتري ڪيلي ۾ اچي وڃي ٿي. ڪيلي جي اوڄي تندن Phloem Bundle ۾ پوٽيشم ۔ تاندورا ۔ وٽامن اي ۽ وٽامن بي 6 وافر مقدار ۾ موجود ٿئي ٿي. اوڄي تندون Phloem Bundle
 تاندورا ٿين ٿيون جيڪي مختلف ميون ۾ پاتيون وڃن ٿيون. ھن جو ڪم غذائيت پھچائڻ آھي. اوڄي تندون Phloem Bundle زندھ گهرڙن مان ٺھن ٿيون ۽ ھي کاڌي ۽ شڳر کي ٻوٽي جي مختلف حصن تي پھچائن ٿيون ۽ ڪيلي جون اوڄي تندون بہ ساڳو ڪم سرانجام ڏين ٿيون. ھي اوڄي تندون رڳن وانگر پوري ميوي کي غذائيت ۽ پاڻي پھچائين ٿيون تہ جيئن ميوو پوري طرح پروان چڙھي. ھي اوڄي تندون ڪيلي جي واڌ ويجھ ۾ مدد ڪن ٿيون. توھان جڏھن بہ ڪيلو کائو ڪيلي ۾ موجود اوڄي تندن يعني تارن کي کائو تہ جيئن وڌيڪ غذائيت حاصل ٿئي ڇوجو اوڄي تندون ڪيلي جيتري غذائيت رکن ٿيون.
اسان کي ذھن نشين ڪرڻ کپي تہ جيڪي ميوا اسان کان ٿا انهن جي اندر اوڄي تندون يا تاندوري ڳنڍون Phloem يا Phloem bundle ٿين ٿيون جيڪي ميوي وانگر ساڳا فائدا رکن ٿيون. جيڪڏھن اسان انهن اوڄي ڳنڍن کي وٽامن بي17 ۾ شمار ڪريون تہ ڪري سگهون ٿا ڇوجو اھي ميوي جو جوھر يا ست رکن ٿيون جيڪي مرض کي جلدي ختم ڪري سگهن ٿيون. نارنگي ۔ مالٽا ۔ ڪيلي يا اھڙن ميون ۾ اوڄي تندون ٿين ٿيون جن کي کائي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا


مڪڙيء جيڪا پنهنجي ٻچن کي کير پيارئي ٿي

مڪڙيء جيڪا پنهنجي ٻچن کي کير پيارئي ٿي

"دريا خان سنڌي" 

چيني سائنسي ماهرن موجب جنوب مشرقي ايشيا ۾ پاتي ويندڙ هڪ
ٽوڪسيئس ميگنس Toxeus magnus نالي مڪڙي جيڪا پنهنجي ٻچن کي کير پيارئي ٿي جيڪو ڳئون جي کير جيئان هجي ٿو. 
ماهرن: موجب مختلف مڪڙين تي تحقيق ڪرڻ وقت ٽوڪسيئس ميگنس نالي مڪڙي جي ٻچن جڏهن پنهنجي ماءُ سان چمبڙڻ لڳا تہ هڪ ماهر "زينجي چين" نالي ڏٺو تہ مڪڙي جا ٻچا پنهنجي ماءُ جي هيٺان نڪرندڙ ڪا شيء کائي رهيا هئا. جنهن تہ ماهر انهيءَ مڪڙي کي خوردبيني
هيٺان رکي ڏٺو تہ کير نموني مائعو مڪڙي پنهنجي ٻچن کي پيارئي رهي هئي. 
جنهن کان پوءِ ماهرن انهن ٻچن کي ڪجهہ ڏينهن تائين پنهنجي ماءُ کان ڌار رکيو تہ اهوئي مري ويا
ماهرن موجب مڪڙي جا ٻچا انهيءَ کير سان جلدي وڏا ٿين ٿا جيڪي 20 کان 40 ڏينهن تائين مسلسل پنهنجي ماءُ جو کير پئيندا رهندا آهن جنهن کانپوءِ هو ننڊهن کيڙڻ جو پنهنجي خوارڪ لاءِ شڪار ڪن ٿا
جن کي پنهنجي ماءُ کان ڌار رکيو وڃي تہ هو جلدي مرڻ لڳن ٿا


Monday, 3 December 2018

وٽامن ڊي ۽ هڏين جي ڪمزوري جو پاڻ ۾ ڪو واسطو ناهي:تحقيق

وٽامن ڊي ۽ هڏين جي ڪمزوري جو پاڻ ۾ ڪو واسطو ناهي:تحقيق

"دريا خان سنڌي"

وٽامن ڊي سان واسطو رکندڙ دوائون ۽ سپليمينٽس کي هڏن جي ڪمزوري، ٻوڙائپ کي ختم، دم، سور، ڏندن جي مرض، ٿولھ ۽ ذھني ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ اهم سمجهيو ويندو آهي پر ائين ناھي.
نيوزي لينڊ ۽ برطانيا جي سائنسدانن موجب هڪ تحقيق مان پتو پيو آهي تہ وٽامن ڊي، هڏين جي ڪمزوري ۽ ٻوڙائپ جي هڪ ٻئي سان ڪا ويجهڙائي ناهي. تحقيق موجب وڏي عمر ۽ گهٽ عمر رکندڙ ماڻهن کان سوا وٽامن ڊي جي دوائن جي سپليمينٽس جو اهڙي عمر رکندڙ ماڻهن تي خاص اثر يا فرق نٿو پوي.
 ماهرن موجب اهو تاثر غلط آهي تہ وٽامن ڊي وٺڻ سان ئي هڏيون مضبوط ٿينديون آهن. سائنس جرنل (دي لينسٽ) ۾ پڌرو ٿيندڙ نيوزيلينڊ ۽ برطانيا جي ماهرن جي تحقيق موجب گهڻو ڪري بالغ ماڻهن کي اهڙين دوائن وٺڻ سان ڪو فائدو حاصل نہ ٿيندو آهي.
وٽامن ڊي جي گهٽتائي ظاهر ڪندڙ 5 علامتون رپورٽ ۾ ٻڌايون ويون. تحقيق دوران ماهرن وٽامن ڊي بابت ماضيءَ ۾ ٿيندڙ 81 تحقيقات جو جائزو وٺڻ کان علاوه 50 هزار کان مٿي ماڻهن کي ڪجھ مھينن تائين وٽامن ڊي جي خوراڪ ڏيئي نتيجا حاصل ڪيا ويا. ماهرن موجب وٽامن ڊي بابت گهڻو ڪري جيڪي خيال 4 صديون پراڻا آهن، انهن جي برعڪس هاڻ نتيجا بدلجي ويا آهن.
رپورٽ موجب گهڻو ڪري ماڻهون تي وٽامن ڊي جي دوائن جو ۽ خوراڪ جو اثر نٿو ٿئي گهڻو ڪري گهٽ عمر رکندڙ ماڻهن کي ان جو فائدو گهٽ ٿئي ٿو.
رپورٽ موجب اهڙين سپليمينٽس ۽ دوائون جو گهڻو فائدو صفا گهٽ عمر رکندڙن کي پئي ٿيو جن ۾ وٽامن ڊي جي گهڻي گهٽتائي هجي ٿي.
ماهرن 10 سالن کان وڌ ۽ 60 سالن کان گهٽ عمر رکندڙ کي تجويز ڏني آهي تہ هو هي سمجهڻ ڇڏي ڏين تہ وٽامن ڊي جون دوائون ۽ سپليمينٽس کائڻ سان انهن جون هڏيون مظبوط ٿينديون ۽ جسم ۾ سور ٿيڻ ختم ٿي ويندو.
ماهرن واضح ڪندي چيو آهي تہ وٽامن ڊي جو جسم جي هڏين کي مضبوطي، جسم ۾ سور، دم ۽ وٽامن ڊي جي گھٽتائي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين سان ڪو تعلق ناهي.
وڌيڪ ماهرن موجب وٽامن ڊي جي دوائن ۽ سپليمينٽس جو انهن ماڻهن کي فائدو ضرور پهچي ٿو جن ۾ وٽامن ڊي گهٽتائي هوندي آهي انهن ماڻهن جو شمار ٿيندڙ 4 سال کان گهٽ ٻار ۽ 60 سالن کان وڌ واري عمر وارا ماڻهو شامل آهن

زيتون Guava

”زيتون         Guava“

"اصغر ساگر"

زيتون جو موسم آھي سياري جي موسم ۾ ھر شھر توڙي ڳوٺ ۾ زيتون کي شوق سان کاڌو وڃي ٿو. زيتون بھترين ذائقو رکي ٿو گڏوگڏ ھن ۾ صحت جا ڪافي جز موجود آھن جيڪي صحت کي بھتر بنائين ٿا.ھن جو نباتاتي نالو Psiduin guava آھي ۽ ھي Myrtaceas خاندان سان واسطو رکي ٿو. ھن جو Generic نالو Psiduim يوناني لفظ تان ورتل آھي جنھن جو مطلب آھي ڏاڙھون ڇوجو خواص جي لحاظ کان زيتون ڏاڙھون جيتري اھميت رکي ٿو. زيتون ايشيا ۔ آفريڪا ۔ مصر ۽ ميڪسيڪو ۾ پاتو وڃي ٿو. زيتون مفرد نظريي تحت اعصابي غدي آھي. 
عام طور خيال آھي تہ وٽامن سي جي حصول لاء مالٽا بھترين ميوو آھي پر پر مالٽا جي مقابلي ۾ زيتون ۾ وڌيڪ وٽامن سي آھي. ھڪ مالٽا ۾ 69 ملي گرام وٽامن سي ٿئي ٿي جڏھن تہ ھڪ زيتون ۾ 165 ملي گرام وٽامن سي پاتي وڃي ٿي. زيتون ۾ بيٽاگجرو Beta carotene  ۔ لائڪوپين  ۔ وٽامن ۔ نمڪيات ۔ غذائي ريشو-Pectin۔ فليونائيڊ ۔ گجرا ۔ فيٽي ايسڊ ۔ نوٽلز ۔ ٽونن ۽ فراري تيل Lectins triterpences saponins پاتا وڃن ٿا. زيتون دافع جسم ۔ دافع اميبيا ۔ دافع دست ۔ دافع حيات ۔ دافع تشنج ۽ سڪون ڏيندڙ خوبيون پاتيون وڃن ٿيون. زيتون حيض گهڻو اچڻ ۔ رت جو داٻ ۔ رطوبتن جي ڪمي ۔ ڦڦڙن ۾ سوڙھ ۔ جيري وارو دم ۔ خشڪ کنگھ ۔ تيزابيت ۔ ٿولھ  ۔ چرٻاڻ (ايل ڊي ايل) Cholesterol LDL ۾ فائدو ڏئي ٿو.

تڪسيد روڪ Antioxident :-
حيدرآباد ۾ قائم نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميڊيسن حال ۾ 14 ميون تي تحقيق ڪري نتيجو ڪڍيو تہ زيتون ۾ تڪسيد روڪ خوبيون ٻين ميون جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آھن ان کان سوا ھن ۾ غذا بخش جزا گهرڙن کي تباھ ٿيڻ کان روڪن ٿا ۔ پوڙھائپ کي جلدي اچڻ نٿا ڏين ۽ ڪينسر جي گهرڙن جي روڪ ڪن ٿا. زيتون آزاد تڪسيدي جزن کي ختم ڪري ايندڙ بيمارين کي روڪن ٿا جيڪي خرابين جو سبب بنجن ٿا. جائزي ۾ زيتون کي غريبن جو ميوو سڏيو ويو. ڏاڙھون ۔ ڪيلي ۔ شريفي ۔ انب ۔ صوف ۔ آلوچي ۽ انگور جي مقابلي ۾ زيتون کي وڌيڪ تڪسيد روڪ پاتو ويو. 100 گرام زيتون ۾ 500 ملي گرام تڪسيد روڪ ٿين ٿا جڏھن ايتري مقدار آلوچي ۾ 330 ملي گرام ۔ صوف ۽ ڏاڙھون ۾ 135 ملي گرام ۽ ڪيلي ۾ 30 ملي گرام تڪسيد روڪ پاتا وڃن ٿا. 

وٽامن سي سان سرشار Abundant in Vitamin C :-
زيتون کي گرم ملڪن جو صوف چيو وڃي ٿو ھن ۾ خاص ڪري پروٽامن سي جي مقدار ٻين ميون کان وڌيڪ پاتي وڃي ٿي. زيتون ۾ وٽامن سي جي مقدار صرف 212 ملي گرام ٿئي ٿي جڏھن تہ 100 گرام نارنگي ۽ ڪينو ۾ وٽامن سي جي مقدار 40 ملي گرام ٿئي ٿي. جيڪڏھن روز 90 گرام زيتون کاڌو وڃي  تہ وٽامن سي جي ڏينھوڪي مقدار پوري ڪري سگهجي ٿي. وٽامن سي پٺن ۾ پاتي ويندڙ اھم پروٽين ڪولاڄن زيتون ۾ موجود ٿئي ٿي جيڪا ھاضمي جي نظام کي طاقتور بنائي ٿي ۽ ڪينسر ۽ دل جي مرضن کان بچائي ٿي.

ڪينسر جو خطرو گهٽ ڪندڙ :-
زيتون ۾ موجود وٽامن سي ۔ لائڪوپين ۽ ٻيا جزا دافع تڪسيد طور ڪم ڪن ٿا جيڪي جسم ۾ نقصاندھ گهرڙن جي سطح گهٽ ڪن ٿا ۽ ڪينسر جي گهرڙن کي روڪن ٿا.

شڳر ۾ مفيد :-
تاندور ھجڻ ڪري زيتون شڳر کي وڌڻ کان روڪي ٿو ۽ رت جي شڳر کي باقائدي ڪري ٿو.

ﺩﻝ کي صحتمند رکندڙ :-
زيتون جي کائڻ سان جسم ۾ نمڪ يا سوڊيم ۽ پوٽيشم جي توازن ۾ بھتري اچي ٿي جنھن جي ڪري بي پي ضابطي ۾ رھي ٿو. ھي ميوو نقصاندھ چرٻاڻ کي گهٽ ڪري ٿو جيڪو دل جي مرضن جو سبب بنجي ٿو.

ﻗﺒﺾ ڪشا :-
زيتون ۾ تاندور گهڻا ٿين ٿا ان ڪري زيتون تاندور جو 12 حصو جسم کي فراھم ڪري ٿو جيڪو ھاضمي جي نظام کي بھترين بنائي ٿو ۽ قبضي کي ٽوڙي ٿو.

نظر وڌائيندڙ :-
زيتون ۾ وٽامن اي پاتو وڃي ٿو جيڪو اکين لاء مفيد آھي. ھي ميوو عمر گذرڻ سان گڏ نظر کي ساڳي حالت ۾ رکي ٿو پر ان کي بھتر بہ رکي ٿو. ھي موتيي پاڻي جي مرض جي رفتار کي سست ڪري ٿو.

ڳورھاري عورتن لاء بھتر :-
زيتون ۾ فولڪ ايسڊ ٿئي ٿو جيڪو ڳورھاري عورتن لاء فائديمند آھي ۔ پيٽ ۾ ٻار جي حفاظت ڪري ٿو ۔ پيٽ ۾ ٻار کي ڪرڻ کان روڪي ٿو ۽ ڪمزوري ٿيڻ نٿو ڏئي.

ڏندن جو درد ختم ڪندڙ :-
زيتون ۾ جراثيم روڪ خوبيون پاتيون وڃن ٿيون جيڪي ڇوت کي ختم ڪن ٿيون ۽ جراثيمن کي مارين ٿيون. ھن جي کائڻ سان ڏندن جو سور ختم ٿي وڃي ٿو.

ڇڪتاڻ گهٽ ڪندڙ :-
زيتون ۾ موجود ميڳنيشم مشڪن ۽ اعصابن کي پرسڪون ڪري ٿو. ڏينھن ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري ٿڪ ٿئي ٿو ۔ مشڪون ڳريون ٿي وڃن ٿيون ۽ ذھني دٻاء وڌي ٿو. صرف زيتون کائڻ سان انهن مسئلن کان نجات ملي وڃي ٿي.

ﺩﻣﺎغي ميوو :-
ھن وٽامن ۾ وٽامن بي ٿري ۽ وٽامن بي سڪس موجود ٿئي ٿي جيڪي دماغ جي طرف رت جي فراھمي کي بھتر بنائين ٿيون ۽ ذھني فعلن کي تحريڪ ڏيڻ سان گڏ اعصابن کي بہ سڪون پھچائين ٿا. 

ٿولھ کان تحفظ ڏيندڙ :-
جيڪڏھن توھان جسماني وزن ۾ کوٽ آڻڻ چاھيو ٿا تہ زيتون کائڻ شروع ڪيو ڇوجو ھي تاندور سان ڀرپور ٿئي ٿو ۽ گهرڙاتي تبديلي کي بھتر بنائي ٿو ۽ ھن جي کائجڻ سان پيٽ ڀريل رھڻ جو احساس رھي ٿو.

زڪام :-
زڪام ۾ زيتون ھاڪاري اثر رکي ٿو. جڏھن مريض جو بلغم پچي نٿو نڪري ۔ ڳلي ۾ کچ کچ رھي ٿي ۽ ڳلي ۾ ريڳاڙ ڳڙندو رھي ٿو، انهي صورت ۾ زيتون جو کائڻ فائدي بخش آھي.

ٻيرڙا :-
جڏھن ڳلي ۾ سوڄ اچي ۽ ڳيھڻ ۾ تڪليف اچي تہ اھڙي صورت ۾ زيتون کي ڪر ۾ پچائي صاف ڪري نيم گرم کائجي ائين ڳلي جي سوڄ گهٽجي ويندي ۽ بلغم پچي نڪرندو. اھڙي ترڪيب سان ٻارن کي استعمال ڪرايو وڃي ٻارن جي ڳلي جي مسئلي حل ٿيڻ سان گڏ خشڪ کنگھ بہ ختم ٿي ويندي.

گهنجن کان بچائيندڙ :-
زيتون ۾ وٽامن اي ۔ وٽامن سي ۽ تڪسيد روڪ جيئن گجرا Carotene ۽ لائڪوپين اچي وڃن ٿا جيڪي گهنجن گهنجن کان بچائين ٿا. زيتون جي کائڻ سان ھروڀرو جسم تي گهنج نٿا اچن.

پیشاب جي تڪليف دور ڪندڙ :-
جڏھن گرمي ۽ خشڪي جي ڪري پيشاب جون ناليون تنگ ۔ سوڄدار يا خشڪ ٿي وڃن اھڙي حالت ۾ زيتون کائڻ لاڀائتو آھي پيشاب جهالارو ايندو ۽ پيشاب رڪجي اچڻ بند ٿي ويندو.

بواسير ۾ مفيد :-
بواسير خوني ھجي يا بادي زيتون فائدو ڏئي ٿو ڇوجو زيتون کائڻ سان قبضي ختم ٿي وڃي ٿي نتيجي طور بواسير کي فائدو پوي ٿو.

ڳلي جي ڪينسر کي روڪيندڙ :-
جڏھن جسم ۾ سودا وڌي ٿي تہ رت بگڙجڻ لڳي ٿو ۽ ڪھڙو بہ ڪينسر پيدا ٿي سگهي ٿو. زيتون کائيندو رھڻ سودا جو اثر گهٽ ٿي وڃي ٿو ۽ ڳلي جي ڪينسر جا امڪان نٿا رھن.

دست بند ڪندڙ :-
زيتون ۾ Quercetin موجود ھئڻ ڪري ھن جي پنن مان دستن جي دوا تيار ڪئي وئي آھي. ھنن جي پنن کي ڇانو ۾ خشڪ ڪري ڪٽي پائوڊر ڪري رکيو وڃي. ھي پائوڊر دستن لاء مفيد آھي

کاڌا جيڪي خالي پيٽ نہ کائڻ کپن

کاڌا جيڪي خالي پيٽ نہ کائڻ کپن

"دريا خان سنڌي"

ڇا اوهان ڄاڻو ٿا خالي پيٽ اهڙيون غذائون کائڻ صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون. هتي اسان اوهان کي اهڙيون غذائون ٻڌائينداسين جن کي اوهان کي خالي پيٽ کائڻ کان پرھيز ڪرڻ کپي.  

پيسٽري يا ڪيڪ وغيرھ :
خالي پيٽ ڪيڪ يا پيسٽرين جھڙين غذائن کان پاسو ڪرڻ کپي جيڪي خالي پيٽ معدي ۽ آنڊن لاءِ سٺيون نہ ٿيون هجن ۽ مختلف گئسون پيدا ڪري معدي ۽ آنڊن لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿيون.

مٺائي :
صبح  جو اٿڻ سان خالي پيٽ مٺاڻ پتي لاءِ نقصانڪار آهي ان سان شڳر جو خطرو وڌي وڃي ٿو. 

ڏهي :
خالي پيٽ ڏهي کائڻ سان پيٽ ۾ هائيڊرو ڪلورڪ ايسڊ پيدا ٿي ويندي آهي جيڪا اوهان جي پيٽ ۾ موجود ليڪٽڪ ايسڊ بيڪٽيريا کي ختم ڪندي آهي جيڪو اوهان جي جسم لاءِ فائديمند آهي. ان ڪري خالي پيٽ ڏهي فائديمند ناهي. 

زيتون :
زيتون ۾ خام ريشا پاتا وڃن ٿا جنھن کي خالي پيٽ کائڻ سان بلغم واري جهلي متاثر ٿئي ٿي انڪري ان کي خالي پيٽ کائڻ مفيد ناهي. 

ٽماٽو :
ٽماٽر ۾ ٽينڪ ايسڊ جي مقدار گهڻي هجي ٿي جنھن کي خالي پيٽ کائڻ سان معدي ۾ تيزابيت جو خطرو وڌي وڃي ٿو. ان تیزابیت سان گيسٽرڪ السر بہ ٿي سگهي ٿو. 

کيرو ۽ سبز رنگ جون سبزيون :
ڪچيون سبزين ۾ امينو ايسڊ گهڻو ٿئي ٿو جيڪو خالي پيٽ معدي لاءِ وڌيڪ نقصانڪار آهي. انهن سبزين کي خالي پيٽ کائڻ سان سيني جي جلن ۽ پيٽ ۾ سور جهڙن مسئلن کي منھن ڏيڻ پئجي سگهجي ٿو. 

ڪيلا :
خالي معدي سان ڪيلا کائڻ سان جسم ۾ میگنیشیم جي مقدار وڌي سگهجي ٿي جيڪا رت ۾ شامل ٿي ڪري دل لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. 

مصالا :
صبحو جو خالي پيٽ سان مصالي جات وارا کاڌا کائڻ سان پيٽ جي جلن جھڙن مسئلن کان سوا ھاضمي واري سرشتي ۾ مختلف مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. 


ڪولڊرنڪس :
خالي معدي سان ڪولڊرنڪ جو استعمال پيٽ تائين رت پھچڻ جي رفتار کي گهٽ ڪري ٿو جنھن کان پوءِ کاڌو هضم ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي ۽ ٻيا مسئلا ۽ خطرا پڻ وڌي وڃن ٿا.

کٽو ڳاڙھو ميوو :
کٽن ڳاڙھن ميون ۾ هڪ اهڙو ايسڊ ٿئي ٿو جيڪو خالي پيٽ کائڻ سان سيني جي جلن جو ڪارڻ ٿئي ٿو. ان سان گيسٽرڪ السر کي بہ منھن ڏيڻ پئجي سگهجي ٿو

چنڊ Moon

”چنڊ     Moon“
انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا
چونڊ ۽ ترتيب :- اصغر ساگر

نھري جسامت رکندڙ هي گرھ ،جنھن کي اسين چنڊ سڏيون ٿا ،اُهو زمين کي ويجهي کان ويجهو گرھ آهي .قديم دؤر جي ماڻهن ۾ چنڊ بابت جدا جدا عقيدا رائج هئا ،ڪي هن کي پراسرار شيءِ سمجھندا هئا تہ ڪن جي خيال ۾ هي طاقت جو ديوتا هو. ڪي ماڻهو ان کي موسمن جو مالڪ ليکيندا هئا تہ ڪي چنڊ کي پنهنجي قسمت سان وابستہ سمجهندا هئا .چنڊ بابت اهڙين من گهڙت ڳالهين ۽ خيالن جو سلسلو ويھين صديءَ جي آغاز تائين هلندو رهيو .ان وقت تائين
چنڊ جي بناوت جو خاڪو واضح نہ هو .ويھين صديءَ جي آخري ڏهاڪن کي ’خلا جي تسخير جو دؤر سڏيو ويو آهي ڇو تہ هن دور ۾ ايجادن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان
انسان جو صدين کان چنڊ تي پھچڻ وارو خواب پورو ٿيو.

چنڊ بابت نظريا :-
چنڊ جي وجود بابت ڪيترا سائنسي نظريا موجود آهن جن
مان ٽي بنيادي نظريا قابل ذڪر آهن:
(1) نظريو :هن نظريي مطابق چنڊ زمين جو ئي ٽڪرو آهي ،جڏهن زمين جو وجود ابتدائي مرحلا طئي ڪري رهيو هو ۽ اڃا پگھريل صورت ۾ هو تہ ان حالت ۾ سج جي چوڌاري گردش ڪندي ،ان جي شڪل ڊگھي ڪَروُ جھڙي ٿي وئي هئي .تڏهن ان جي جسم مان ٿورو ٽُڪر ٽُٽي ،جدا ٿي ويو ۽ پوءِ ان جي ئي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳو. پاڻيٺ واري حالت ۾ جدا ٿيل ٽُڪرو ،جنھن هنڌان جدا ٿيو هو، اڄ اتي پئسفڪ وڏو سمنڊ موجود آهي. سائنسدان پنھنجي نظريي جي تائيد ۾ چون ٿا تہ جيترو وزن پئسفڪ سمنڊ جي پاڻيءَ جو آهي ،اوترو ئي وزن چنڊ جو هوندو .يا ائين چئي سگهجي ٿو تہ پئسفڪ سمنڊ مان پاڻي ڪڍجي تہ ان خال ۾ چنڊسمائجي ويندو.
(2) نظريو :هن نظريي وارن سائنسدانن جو خيال آهي تہ چنڊ زمين جي عمر کان وڏو آهي. سندن چواڻي چنڊ ،نظام شمسيءَ جي شروعاتي دؤر ۾ وجود ۾ اچي چڪو هو جڏهن تہ زمين ان کانپوءِ وجود ۾ آئي هئي. 
(3) نظريو :سائنسدانن جي اڪثريت جو خيال آهي تہ چنڊ ۽ زمين هڪ ئي وقت وجود ۾ آيا. ٻنهي جي بناوٽ ۾ هڪجھڙا بنيادي عنصر ملن ٿا .چنڊ ،ڌرتيءَ جو ويجھي کان ويجھو گرھ آهي .اهو ئي سبب آهي جو هڪ مھيني جي عرصي ۾ مختلف وقتن تي جدا جدا شڪليون اختيار ڪندو رهندو آهي. چنڊ جي هن جادوئي طرز واري خصوصيت جي ڪري ماڻهن ۾ مختلف خيال ظاهر ٿيا جھڙوڪ :چنڊ موسمن تي اثر انداز ٿئي ٿو . اڪثر سائنسدان هن ڳالهه تي متفق آهن تہ حقيقت ۾ چنڊ هڪ نھرو جسم آهي ،جيڪو زمين کان لڳ ڀڳ اڍائي لک ميلن جي پنڌ تي آهي ،جيڪو ڪنھن بہ قسم جي توانائي خارج نٿو ڪري پر سج جي ٿوري روشنيءَ کي موٽ کارائي ٿو .هي خود روشن جسم ناهي .ان کانسواءِ ڌرتيءَ تان چنڊ جو صرف اڌ حصو نظر ايندو آهي. 
چنڊ جو قطر 2160 ميل ،يعني ڌرتيءَ جي قطر جي چوٿين حصي جيترو آهي .وزن جي لحاظ سان زمين جي تور جو ايڪاسيون حصو آهي .ڪشش ثقل جو دارو مدار جسم جي گھٽ وڌائيءَ تي هوندو آهي .ان حساب سان زمين تي جيڪو وزن 150پائونڊ آهي تہ چنڊ تي ان جسم جو وزن فقط 20 پائونڊ ٿيندو، ساڳيءَ طرح زمين تي ٽِن فوٽن جو ٽِپ ڏئي سگھبو تہ چنڊ تي 18 فوٽن جو ٽِپ ڏيڻو پوندو.
انهيءَ اصول هيٺ خلابازيءَ جي مرحلن ۾ وڏي سھوليت پيدا ٿي ٿئي.
چنڊ ڌرتيءَ جي چؤڌاري ڪجھ بيضوي مدار تي گردش ڪندو آهي .ان جي اوچائيءَ تان زمين تائين 252710 ميل مفاصلو آهي ،جڏهن تہ هيٺاهين تان زمين 238857 ميل پري آهي. اپالو-11( خلائي گاڏي ،جنھن ۾ سائنسدان جولاءِ 1969ع ۾ چنڊ تي پهتا هئا)، ڌرتيءَ کان چنڊ تائين پھچڻ ۾ 4 ڏينهن لڳايا هئا. روشنيءَ کي چنڊ کان ڌرتيءَ تي پهچڻ ۾ هڪ منٽ 10 سيڪنڊ لڳندا آهن .ڌرتي 24 ڪلاڪن ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي محور تي گهمي ٿي .اهو ئي سبب آهي جو زمين تي ڏينھن ۽ رات 12-12 ڪلاڪن جا ٿين ٿا .ليڪن چنڊ پنهنجي محور تي گردش ڪندي، زمين جي چوڌاري 27 ڏينھن ۽ ڇھن ڪلاڪن ۾ هڪڙو چڪر پورو ڪري ٿو .سج وانگر چنڊ ڪنھن بہ قسم جي روشني پيدا ڪري نہ سگھندو آهي. چنڊ جي روشني ،جيڪا اسان کي رات جو نظر ايندي آهي سا سج جي آهي جا چنڊ جي سطح تان موڙ کائي ،اسان ڏانھن موٽ کائي ايندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو چنڊ جون شڪليون اسان کي مختلف وقتن تي مختلف نظر اينديون آهن .انهن کي ’چنڊ جون ڪلائون ‘چوندا آهن. چنڊ جو رنگ، جيڪو اسان کي زمين تان نظر اچي ٿو ،سو اصل ۾ سج جي روشنيءَ جو موٽ کائيندڙ ڪرڻو آهي .چنڊ مان موٽ کائيندڙ روشني خلا مان لنگھي اچي ٿي .سياري ۾ جڏهن چنڊ آسمان جي وچ ۾ نھايت اوچائيءَ تي وڃي پھچندو آهي تڏهن ان جا ڪرڻا سِڌا زمين تي پوندا آهن .ان وقت اسان کي چنڊ اڇو يا چانديءَ جھڙو نظر ايندو آهي. اونهاري ۾ چنڊ جڏهن هيٺئين درجي تي لھي ايندو آهي تڏهن ان جا ڪرڻا گھاٽي فضا جي تَھن مان لنگھي زمين تي پھچندا آهن. ان وقت چنڊ جو رنگ اسان کي پِيلو ۽ سونھري نظر ايندو آهي. خلانوردن جڏهن هيٺ لھي چنڊ جي رنگ جو مشاهدو ڪيو تڏهن کين چنڊ خاڪي ۽ هلڪي ڀُوري رنگ جو نظر آيو. 
پھريون دفعو گليلو گليليءَ چنڊ جو گھرو مطالعو ڪيو .1690ع ۾ کيس معلوم ٿيو تہ هالينڊ جي عينڪ ساز هڪ اوزار ايجاد ڪيو آهي، جنھن مان پري جي شين کي ويجھو ڏسي سگھجي ٿو. اهو اوزار دوربين ھئي، جنھن ۾
ڪئين شيشا فِٽ ٿيل هئا. گليلو انهيءَ دوربين ۾ لڳل شيشن کي جدا جدا طرفن ڏانهن تبديل ڪرڻ سان گڏ شيشن کي چڱيءَ طرح صاف ڪرڻ سان نئين دوربين ايجاد ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿيو. هن جڏهن پھريون ڀيرو پنهنجي دوربين جو رخ چنڊ ڏانھن ڪيو تہ کيس چنڊ ۾ موجود ٻرندڙ جبلن ۽ ڇپن جي اڻ کٽ سلسلي کان سواءِ ڪشادن ميدانن جي مشاهدي جو موقعو مليو ۽ چنڊ جي دنيا ۾ موجود اهي علائقا ڪٿي هموار ۽ ڪٿي کڙٻڙ وارا نظر آيا ۽ کيس اهي سڀ مشينون وهندڙ پاڻيءَ جي وسيع علائقي ۾ نظر آيون، تڏهن هن ان جو نالو سمنڊ رکيو. عمر جي آخري حصي ۾ گليلو نھايت مصروف رهيو .سندس سمورو وقت سيارن جي مشاهدي ۾ گذريو .هن چنڊ بابت پنھنجي تحقيق ۾ وسعت آندي .هن پنھنجي ايجاد ڪيل دوربين جي ذريعي چنڊ جي داغن جو بہ غور سان مطالعو ڪيو. هن ڪلائون ڪڍندڙ زهري ۽ مشتري جا چار چنڊ ڳولي لڌا ۽ هن اهو معلوم ڪيو تہ ڪھڪشان دراصل ڪروڙين تارن جو ميڙ آهي. چنڊ جي مٿاڇري تي اندازن ٽيھ هزار داغ آهن. ڪن ماهرن جو خيال آهي تہ شھاب ثاقب جي ڪرڻ سان چنڊ جي سطح تي اهي کڏون کوٻا بڻجن ٿا. جيئن تہ چنڊ جي سطح تي پاڻي ۽ هوا موجود نہ آهن، ان ڪري هڪ ڀيرو ڪا کڏ بڻجي ٿي تہ ان ۾ ڪابہ تبديلي نہ ٿي ٿئي .موجوده خلائي تحقيق مان چنڊ جي ساخت ۽ ماهيت متعلق خلائي چنڊ گاڏين وسيلي ٿيل تحقيق مطابق اربين سال (ساڍا تيرهن ارب سال) اڳ زمين سان هڪ گرھ جي ٽڪر سان چنڊ وجود ۾ آيو. اهو گرھ مريخ کان ٽيڻو وڏو هو. ٽڪر سان زمين جو ٻاهريون مادو ڌرتيءَ کان جدا ٿي پکڙجي ويو، پوءِ ان مان ننڍا ننڍا ڪيترائي چنڊ ٺھي ويا، جن پوءِ گڏ ٿي چنڊ جو وجود ورتو. 
چنڊ ڌرتيءَ جو واحد اپگرھ آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي چوگرد 27 ڏينھن ۽ 20 ڪلاڪن ۾ هڪ چڪر پورو ڪندو آهي، ساڳئي وقت پنھنجي محور تي هڪ چڪر پورو ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو گردش ۾ ڦيري دوران هن جو رخ هميشہ زمين جي طرف رهندو آهي جيڪو ان جي ڪل سطح جو 59 سيڪڙو آهي. زمين جي چوطرف بيضوي گردش ڪرڻ وقت هن جو زمين کان ويجهو ۾ ويجهو مفاصلو 221463 ميل ۽ پري کان پري مفاصلو 25271 ميل آهي. هن جو ماپو ڌرتيءَ جي ماپي کان گهٽ آهي. چنڊ پنھنجي محور تي چوگرد 2287 ميل في ڪلاڪ جي
رفتار سان چڪر ڪاٽي ٿو. زمين تي چنڊ جو رڳو هڪ پاسو
ڏسجي ٿو ،پر 1959ع ۾ جڏهن روس جو موڪليل خلائي جھاز ليونڪ-2 ،خلا ۾ ويو تہ ان چنڊ جي مخالف پاسي جا بہ فوٽو ڪڍيا ۽ ائين چنڊ جي مخالف پاسي کي ڏسڻ ممڪن ٿيو. 
چنڊ هڪ ويران ۽ خاموش ٽڪرن جو گولو آهي ،جتي جبلن جون وڏيون چوٽيون ۽ وڏا ريگستان آهن. چنڊ تي فضا موجود ناهي، جنھن ڪري چنڊ تي ڪشش گهٽ آهي. ڌرتيءَ ۾ ايڏي ڪشش آهي جو اها گئس جي هڪ فضا کي سوگهو ڪري سگهي ٿي. پر چنڊ ۾ ايتري ڪشش نہ آهي. چنڊ تي هوا نہ هئڻ ڪري ڏينهن جو گرمي پد 250 تائين ۽ رات جو گرمي پد 280 ڪاٽو فارنھائيٽ تائين پھچي ٿو .اهڙي طرح
چنڊ تي پاڻي بہ موجود نہ آهي ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو تہ چنڊ تي زندگيءَ جو تصور نہ آهي. ھڪ سال ۾ زمين
۽ چنڊ جي وچ ۾ پنج انچ مفاصلو وڌي ٿو .چيو وڃي ٿو تہ
چنڊ تي جبلن جي هڪ هزار ميل ڊگهي قطار آهي ،جنھن ۾ ڪيترائي ٻرندڙ جبل بہ هئا ،پر هاڻي انهن جا تراکڙا مٿاڇرا موجود آهن .ان بابت مختلف خيال ظاهر ڪيا ويا آهن.
(1) ڪنھن وقت چنڊ تي ٻرندڙ جبل موجود هئا ،جن پنهنجا آثار ڇڏيا آهن.
(2) چنڊ سان ڪرندڙ تارا ٽڪرايا،جن کوھ کڙا ڪيا آهن. چنڊ جي بلند ترين چوٽي 25 هزار سال پراڻي چئي وڃي ٿي. ان جي عمر ساڍا چار ارب سال ٻُڌائي وڃي ٿي. چنڊ مختلف حالتن مان گذريو آهي. ڪرندڙ تارن جو مادو کوهن مان لاروا جي صورت ۾ خارج ٿيو ۽ جڏهن لاوا ٿڌو ٿيو تہ چنڊ سراسري شڪل اختيار ڪئي ۽ چنڊ تي اهڙا نشان موجود آهن جيڪي لاروا جي وهڪري جو ثبوت ڏين ٿا.  مخالف حالتن ۾ جڏهن چنڊ سج جي بلڪل سامهون هوندو آهي تہ ان جي مٿاڇري تي گرمي پد 1000 ڊگريون ۽ جڏهن سج کان لڪل هوندو آهي تہ ڪاٽو 150 ڊگريون هوندو آهي. چنڊ جو هڪ ڏينھن ۽ رات زمين جي چوڏهين ڏينھن جي برابر هوندا آهن.
چنڊ زمين تان چمڪندڙ نظر اچي ٿو ،پر روشني سج جي روشني آهي ۽ خلابازن پھريون ڀيرو 1969ع ۾ جڏهن چنڊ
تان پٿر ۽ ٻيون شيون کڻي آيا تہ سائنسدانن تجربا ڪري اها ڳالھ ٻڌائي تہ چنڊ تي 50 سيڪڙو شيشي جا ذرا موجود آهن جنھن ڪري ٿي سگهي ٿو تہ چنڊ سج جي روشنيءَ سان وڌيڪ روشن ٿئي ٿو. چنڊ جي سطح تان زمين نيراڻ مائل نظر ايندي آهي. جڏهن چنڊ تي نيل آرمسٽرانگ نالي خلاباز ،21 جولاءِ 1949ع تي رات جو هڪ لڳي 49 منٽن تي پھريون قدم رکيو هو ،تہ قدمن جا نشان اهڙا تہ چِٽجي ويا جو اڃان بہ موجود آهن ڇو تہ چنڊ تي ڪا بہ فضا موجود نہ آهي.  چنڊ تي سليڪون، ٽيٽانيم، ايلومينيم، لوھ،
ميگنيشيم، سوڊيم، پوٽاشيم، مينگائيز، ڪرومين ۽ زاڪوليم
جھڙا عنصر موجود آهن. 
نئين چنڊ ۽ مڪمل چنڊ جي عرصي ۾ ڌرتي، چنڊ ۽ سج سڌائي ۾ اچي وڃن ٿا، چنڊ ۽ سج جي ڪشش سبب وڏي وير پيدا ٿئي ٿي. جڏهن چنڊ چوٿين حصي مان ٽئين حصي ۾ هوندو آهي تہ ان جو لاڙو ڌرتيءَ جي نسبت کان سج ڏانھن وڌيڪ هوندو آهي. ان وقت چنڊ ۽ سج هڪٻئي جي طاقت سان زمين کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندا آهن جنھن جي نتيجي ۾ معمولي قسم جي وير چڙهندي آهي. وير جي چڙهڻ ۾ ڪئين ارب ٽن سمنڊ جو پاڻي اڳتي ڌڪجي ٿو ۽ لھڻ وقت پٺتي ڇڪجي ٿو. انهيءَ عمل دوارن پيدا ڪندڙ گھڪو يا گاٺ ڌرتيءَ جي گردش کي ڄڻ تہ هڪ قسم جي ’بريڪ ‘جو ڪم ڏئي ٿي.
اهڙيءَ طرح جڏهن گردش جي رفتار گھٽجي ٿي تڏهن ڏينھن وڏا ٿين ٿا. ’وير ‘جي گھڪي جو اثر ان وقت بہ ڌرتي
۽ چنڊ تي هو جڏهن ٻئي گئسن جي پاڻيٺ جي صورت ۾ ارتقائي مرحلا طئي ڪري رهيا هئا. اڄ بہ ساڳيءَ طرح زمين تي سامونڊي پاڻيءَ تي اثر انداز ٿي رهيو آهي. ان مان اهو نتيجو نڪري ٿو تہ زمين جي گردش ۾ ڪمي ايندي رهي ٿي ۽ چنڊ جي مدار ۾ بہ مفاصلو وڌندو رهي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ قمري مھينو وڏو ٿيندو رهندو آهي. وير جي گھڪي سبب تبديلي ڪروڙن ميلن کان اڄ تائين جاري آهي.
شروعات ۾ زمين تي ڏينھن ٻن ڪلاڪن جو هو جيڪو وڌي 24 ڪلاڪن جو ٿي ويو. اهڙيءَ طرح قمري مھينو زمين جي هڪ ڏينهن جي برابر هو جيڪو هاڻي وڌي چئن هفتن جو ٿي ويو آهي. اربن سالن کانپوءِ چنڊ کسڪي زمين کي ويجھو ايندو. جڏهن زمين کان ٽي هزار ميلن جي مفاصلي تي هوندو تڏهن ڦاٽي ذرا ذرا ٿي ويندو. پوءِ اهي ذرا زحل
سياري وانگر پٽا ٺاهي زحل جي چؤڌاري ڦرڻ لڳندا. چنڊ جڏهن ڌرتيءَ جي پاڇي ۾ ڍڪجي ويندو آهي ،تڏهن اسين
ان کي ’چنڊ گرهڻ ‘چوندا آهيون. دراصل زمين سج جي چوڌاري مدار ۾ گھمندي رهندي آهي .ان جي برعڪس چنڊ
ڌرتيءَ جي چؤڌاري گهمندو آهي جيڪو جھڪيل هوندو آهي .انهيءَ ڪري مڪمل چنڊ گرهڻ ڪونہ لڳندو آهي. زمين جو پاڇو فضا ۾ 849000 ميلن تي پوندو آهي پر چنڊ گھڻو ڪري پاڇي جي هيٺان يا مٿان لنگھي ويندو آهي. مڪمل
چنڊ وارين تاريخن ۾ چنڊ ڌرتيءَ جي سنوت ۾ ايندو آهي تہ زمين جو پاڇو چنڊ تي پوندو آهي ۽ چنڊ گرهڻ ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح سج گرهڻ جو ٿيڻ ممڪن آهي .جڏهن نئون چنڊ نڪرڻ شروع ٿيندو آهي تہ ان سان گڏ سج گرهڻ بہ ٿيندي آهي. جيئن تہ ان وقت چنڊ ڌرتيءَ ۽ سج جي وچ ۾ هوندو آهي تہ ان جو پاڇو مخروطي شڪل ۾ زمين تي پوندو آهي. اهو پاڇو 28000 ميلن کان 32000 ميلن تائين گھٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي ،چنڊ ڪنھن بہ وقت اهڙيءَ حالت ۾ هوندو آهي جنھن ڪري سج گرهڻ ٿيندو آهي پر چنڊ جو پاڇو ايترو وڏو نہ هوندو آهي جو سڄي ڌرتي ان ۾ سمائجي وڃي. سج ۾ ڪڏهن ڪڏهن گرهڻ ٿيندي آهي جيڪا عارضي هوندي آهي ۽ ان جو عرصو چند منٽن کان وڌيڪ نہ هوندو آهي. سج گرهڻ زمين جي مختلف حصن تي ظاهر ٿيندي آهي.

چنڊ بابت قديم زماني کان وٺي هيٺيون ڳالهيون ماڻهن ۾ رائج آهن: 
هاري پنھنجا فصل چنڊ جي حساب سان پوکيندا ۽ لڻندا آهن؛ يونانين ۽ رومين کان سواءِ ايشيا ،آفريڪا ،آسٽريليا وغيره ملڪن جا اصلوڪا رهاڪو چنڊ کي مقدس ديوتا سمجھي پوڄا ڪندا آهن؛ موجودھ ترقي يافتہ دور ۾ بہ عيسائين ۽ يهودين جي مقدس ڏهاڙي ۾ چنڊ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. عيسائين جو ڏهاڙو ’ايسٽر‘ بہ بھار جي مُند کان شروع ٿئي ٿو (جڏهن ڏينهن رات هڪ جيترا ٿيندا آهن). سڄوچنڊ نڪرڻ واري پھرئين آچر تي ملهايو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح يهودي بہ غلاميءَ مان نجات جي ياد سبب مقدس عيد ملهائيندا آهن جيڪا بھار جي موسم ۾ ڪئلينڊر جي 14 کان 21 تاريخ تائين ملهائي وڃي ٿي