Pages

Saturday, 30 November 2019

ڇا وراثتي خصوصيتون جينن Genes ۾ پاتيون وينديون آهن يا ڊي اين اي ۾ يا وري مورُوث Chromosome ۾؟

ڇا وراثتي خصوصيتون جينن
 Genes ۾ پاتيون وينديون آهن يا ڊي اين اي ۾ يا وري مورُوث Chromosome ۾؟
”دريا خان“

وراثتي خصوصيتون اسان جي ڊي اين اي ۾ جين جي شڪل ۾ پاتيون وڃن ٿيون. مورُوثو Chromosome بہ ڊي اين اي ئي تي جڙيل هوندو آهي يعني اهو چوڻ صحيح هوندو تہ هڪ مورُوثي ۾ ڪيترا ئي جين موجود هوندا آهن. وراثتي خصوصيتون اهي ئي هونديون آهن جيڪي هڪ کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽئين نسل ڏي منتقل ٿين ٿيون. انھي ڪري ٻارن جي شڪل صورت ۽ ڪجھ عادتون پنھنجي والدين جھڙيون هونديون آهن، ڇوجو اهي سڀ وراثتون انھن کي پنھنجي والدين کان ورثي ۾ مليل هونديون آهن، ان ڪري انھن کي وراثتي خصوصيتون چيو ويندو آهي. اسان جي هر جسماني گهرڙي ۾ رت جي ڳاڙهن گهرڙن کان سواءِ هڪ عدد مرڪز Nucleus هوندو آهي ۽ مرڪز جي اندر مورُوثا Chromosomes هوندا آهن. انسانن جي جسماني گهرڙن ۾ ڪل 46 موروثا هوندا آهن جيڪي 23 جوڙن جي شڪل ۾ موجود هوندا آهن، يعني هر جوڙي ۾ ٻہ مورُوثا ٿين ٿا، هر جوڙي جو هڪ مورُوثو اسان جي والد جي طرف کان جڏهن تہ ٻيو ماءُ جي طرف کان هوندو آهي. جيتوڻيڪ هر موروثو ڊي اين اي ئي جو مجموعو هوندو آهي، پر ڊي اين اي جي ڪجھ خاص حصن ۾ ئي پروٽين ٺاهڻ جو هدايتون محفوظ هونديون آهن. هي اهي ئي ئي حصا آهن جن کي جين Gene چيو ويندو آهي. اوهان کي اهو ڄاڻي حيرت ٿيندي تہ اسان جي پوري ڊي اين اي جو صرف ٽي سيڪڙو حصو جينن Genes تي مشتمل آهي باقي ستانوي سيڪڙي حصي بابت اڃان تحقيق هلندڙ آهي تہ اهو ڇو موجود آهي. هڪ ٻي حيرت ڪندڙ ڳالھ اها آهي تہ هاڻي تائين انسان ۾ تقريبن 22,000 هزار جين Genes دريافت ٿي چڪا آهن پر انساني جسم ۾ ٺهڻ وارن پروٽين جو انگ هڪ لک کان وڌيڪ آهي. هي بہ جديد سائنس جو مسئلو آهي جنھن تي ڪم جاري آهي. اوهان کي اها بہ خبر هجڻ گھرجي تہ چمڙي کان وٺي وارن تائين، اسان جي جسم جو هر حصو پروٽينن جي ڪيترن ئي قسمن مان ملي ڪري ٺھندو آهي. ائين سمجھو تہ اسان جو جسم لکين قسم جي کربين پروٽينن جو ڍانچو آهي.

Friday, 29 November 2019

اسٽيفن هاڪنگ

جيڪڏهن اوهان اڳتي پڙهڻ چاهيو ٿا تہ پنھنجي پيرن جي نشانن ۽ انھن مان اڏامندڙ مٽي تي ڌيان ڏيڻ جي بجائي پنھنجي مٿي تي ٽمڪندڙ اڻ کٽندڙ تارن کي ڏسو، هي هميشہ اوهانکي ڳولھا، جستجو ۽ کوجنائون ڏا  ڇڪيندا، هي ڪائنات ڪڏهن ۽ ڇالا وجود ۾ آئي ۽ ڇا انسان ئي ان وسي ڪائنات ۾ اڪيلو ذهين جانور آهي، انھن سوالن جا جواب ڳولھا ڪرڻ لاءِ هميشہ مصروف رهو. 

(اسٽيفن هاڪنگ ڪتاب وڏن سوالن جا ننڍا جواب)

ڦهلجندڙ ڪائنات

ڦهلجندڙ ڪائنات

جيڪڏهن رات بلڪل صاف هجي ۽ وري چنڊ بہ نہ هجي، مٿي نهاريندو تہ جيڪي روشن ترين شيون اوهانکي نظر اينديون سي گھڻو ڪري، مريخ جوپيٽر ۽ وينس گرھ ئي هوندا. ان کان سواءِ تارن جو تمام وڏو تعداد ميڙ ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪي آهن تہ اسان واري سج جيان پر سج جي ڀيٽ ۾ اسان کان گھڻو ڏور پري آهن، جيئن جيئن ڌرتي سج جي چوڌاري چڪر لڳائي ٿي تہ انھن منجھان ڪجھ هڪ هنڌ کتل تارا اصل ۾ هڪٻئي جي ڀيٽ ۾ پنهنجون بيهڪون تمام ٿورڙي حد تائين بدلائيندي نظر اچن ٿا. حقيقتن اهوئي هڪڙي هنڌ کتل آهن ئي ڪو نہ، اهوئي کتل فقط ان ڪري لڳندا آهن جو اهي گھڻن ڏورانهن تارن جي ڀيٽ ۾ اسان جي وڌيڪ ويجھو آهن. جيئن جيئن ڌرتي سج جي چوڌاري چڪر لڳائي ٿي، اسان انھن کي ڏورانهن تارن جي پس منظر آڏو مختلف بيهڪن کان ڏسون ٿا. اها ڳالھ فائديمندي آهي، ڇو تہ ان سان اسان پاڻ کي پاڻ کان انھن تارن جي وٿي جي ماپ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، آهي جيترو اسانجي ويجھو آهن اوترو ئي حرڪت ڪندي نظر اچن ٿا، ويجھي ۾ ويجھو تارو، جنھن کي Proxima Centauri چيو ويندو آهي، اسان کان تقريبن چار نوري سال جي پنڌ تي آهي اتان کان اسان تائين روشني پهچڻ ۾ تقريبن چار سال لڳائي ٿي، يعني 1012×23 ميل پري. جن کي عام انساني اک ڏسي سگھي ٿي، تن منجھان گھڻي ڀاڱي تارا اسان کان ڪجھ سئو نوري سالن جي پنڌ تي آهن. انھن جي ڀيٽ ۾ اسان جو سج اسان کان فقط اٺ نوري منٽ پري آهي ۽ چنڊ اڍ سيڪنڊ، نظر ايندڙ تارا رات جو زميني سڄي مٿاڇري تي پکڙيل پئي نظر ايندا آهن، پر گھڻو ڪري هي جٿي ۾ ڳتيل ملن ٿا، جنھن کي اسين آڪاس ڊنڊھ يعني ملڪي وي چئون ٿا. اڄ کان گھڻو اڳ 1750ع ۾ فلڪيات جي ڪجھ ماهرن جو چوڻ هو تہ ملڪي وي جي اندازي وضاحت ڪري سگھجي ٿي، پر شرط اهو آهي تہ گھڻي ڀاڱي نظر ايندڙ تارا هڪ اڪيلي ٿالھي جھڙي شڪل هجن، اهو انجو هڪ مثال آهي جنھن کي اسين اڄڪلھ چڪردار ڪهڪشان ٿا ڪوٺيون يعني تارن پٿرن زمينن جو ميڙ، فقط ڪجھ ڏهاڪا پوءِ هڪ ماهر فلڪيات سر وليم ھرشل تارن جي هڪ گھڻي وڏي ميڙ جي بيهڪن ۾ وٿي جي درجا بندي تي گھڻي محنت ڪري ان خيال جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي، پر ان جي ڪارڻ بہ ان خيال کي مڪمل مڃتا هن صديءَ جي شروعات ۾ ئي ملي هئي،
ڪائنات بابت اسان جي جديد تصوير جا پيچرا 1924ع کان ملن ٿا، جڏهن آمريڪي ماهر فلڪيات ايڊون هبل اهو ڏيکاريو تہ ڪائنات صرف اسان جي ڪهڪشان جو نالو نہ آهي، درحقيقت ڪائنات ۾ تمام گھڻيون ڪهڪشائون هيون جن جي وچ ۾ مڪان جا سڀ خالي ڀاڱا هيا. اهو ثابت ڪرڻ لاءِ کيس انھن ٻين ڪهڪشائن جي وٿين جو اندازو ڪرڻ جي ضرروت هئي جيڪي ايڏيون تہ ڏور آهن جو ويجھن تارن جي ابتڙ اهي واقعي ئي هڪ هنڌ کتل لڳنديون آهن. ان ڪري هبل کي مجبورا انھن وٿين جو اندازو ڪرڻ لاءِ اڻ سڌا طريقا استعمال ڪرڻا پيا. ڪنھن بہ تاري جي ظاهري آب تاب ٻن جزن تي دارومدار رکندي آهي، هڪ اهو تہ اهو ڪيترا نوري ڪرڻا نيڪال ٿو ڪري، ان جي چمڪ ۽ ٻيو اهو تہ اهو اسان کان ڪيترو ڏور پري آهي. ويجھن تارن جي ظاهري آب تاب ۽ انھن جي وٿين جي تہ اسان ماپ ڪري سگھون ٿا، ۽ ان ريت اسان انھن جي چمڪ بہ ڄاڻي سگھون ٿا، ان جي ابتڙ جيڪڏهن اسان کي ٻين ڪهڪشائن جي چمڪ خبر هجي تہ اسان انھن جي ظاهري آب تاب جي ماپ ڪري انھن جا فاصلا لھي سگھون ٿا. هبل ڏٺو تہ ڪجھ مخصوص قسمن جا تارا جڏهن ماپ پيمائش ڪرڻ جي حد تائين اسان جي ويجھو هجن ٿا تہ انھن جي چمڪ هميشہ ساڳي ٿي رهي، ان بنياد تي هن دليل ڏنو تہ جيڪڏهن اسان کي اهڙا تارا ڪنھن ٻي ڪهڪشان ۾ بہ لڀي پون تہ اسان اهو فرض ڪري سگھون ٿا تہ انھن جي بہ چمڪ ساڳي آهي، ۽ ايئن اسان ان ڪهڪشان جو بہ فاصلو لھي سگھون ٿا جيڪڏهن اسان ڪنھن ھڪ ئي ڪهڪشان جي تارن جي چڱي خاصي انگن جي باري ۾ اهو ڪري سگھون تہ، ۽ جيڪڏهن اسان جي ڳڻپ سدائين ساڳيا نتيجا ڏئي تہ، اسان پنھنجي ڪٿ تي گھڻي حد تائين ڀروسو ڪري سگھون ٿا. ان طريقي سان ايڊون هبل نو مختلف ڪهڪشائن جا فاصلا معلوم ڪيا،هيئنر اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي ڪهڪشان انھن کربين ڪهڪشائن منجھان هڪ آهي جن کي جديد دوربينن جي مدد سان اسان مستقبل ۾ ڏسي سگھون ٿا، انھن منجھان هر ڪهڪشان ۾ کربين جسم آهن.

ڪتاب: ڪائنات جي ڳولھا 
ليکڪ: سنڌيڪار نديم گل عباسي 
ترجمو ڪيل: A Brief History Of Time

تارن جي چمڪ ۽ وٿي

ملڪي وي کان اڳتي

Thursday, 28 November 2019

پاسڪل Pascal

پاسڪل Pascal
”دريا خان“


پاسڪل جي ٽڪنڊو Triangle اصل ۾ اکرن جي هڪ ترتيب جو نالو آهي جنھن جي شڪل ٽڪنڊي جھڙي هوندي آهي. هي ٽڪنڊو فرانسيسي ۽ رياضي دان بليز پاسڪل Blaise Pascal سترهين صدي ۾ ايجاد ڪيو. ھن ٽڪنڊي ۾ مختلف عددن جون قطارون هونديون آهن. مٿين قطار ۾ 2 عدد يعني 1 ۽ 1 آمهون سامھون هوندا آهن. هر قطار جو پھريون ۽ آخري عدد 1 ئي هوندو آهي. قطار ۾ 1 کان پوءِ ٻن عددن کي پاڻ ۾ جمع ڪيو ويندو آهي ۽ جمع انھن ٻنھي عددن جي ويجھو هيٺين قطار جو عدد بڻجي ويندو آهي مثال: پاسڪل ٽڪنڊي ۾ ٽي قطارون 1,3,3,1 آهي.  چوٿين قطار جو پھريون عدد 1 آهي، ٻئي عدد 3+1 جو جمع يعني 4 ٿيندو. ٽئين عدد 3+3 جو جمع يعني 6 ٿيندو، انھي طرح چوٿون عدد 1+3 يعني 4 ۽ آخري عدد 1 ٿيندو. ائين چوٿين قطار جا عدد 1,4,6,4,1 ٿيندا. پاسڪل جي ٽڪنڊي ۾ قطارن جو تعداد پنھنجي حساب ٿي سگهي ٿو. پاسڪل جو ٽڪنڊو مختلف موقعن تي استعمال ڪري سگھجي ٿو. مثال جڏهن اسان ڪجھ سڪا مٿي اڇلائي رهيا هجون ان مان اسان اندازو ڪري سگھون ٿا تہ ڪرڻ کان پوءِ ڪيترا سڪا مٿين پاسي مک Head تي ڪرندا ۽ ڪيترا هيٺين پاسي پڇڙ Tail تي. فرض ڪريو تہ اسان وٽ ٽي سڪا آهن، جيڪر انھن کي گڏ اڇلايو وڃي تہ ممڪن طور تي چار طرح سان ڪري سگھن ٿا. ٽي جا ٽي مٿئين پاسي ڪرندا، ۽ ٻہ سڪا مٿين پاسي ۽ هڪ هيٺين پاسي ڪرندو. هڪ سڪو مٿين پاسي کان ۽ ٻہ هيٺين پاسي تي ڪرندا، يا وري ٽئي جا ٽئي سڪا هيٺين پاسي ڪرندا. هاڻي ڇوجو اهيئي امڪان چار آهن. ان ڪري اسان کي پاسڪل جي ٽڪنڊي ۾ ٻہ قطارون گھربل هونديون جنھن ۾ چار عدد هجن يعني 1,3,3,1. انھن عددن مان اهو امڪان ظاهر آهي جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آهن. 1,3,3,1 جو جمع 8 آهي. ائين هڪ جھڙن ٽن پاسن اچڻ جو امڪان 8 مان 1 آهي. ٽن مان ٻن سڪن جي مٿان واري پاسي ڪرڻ جو امڪان 8 مان 3 جو هوندو. انھي ريت ٽن مان ٻن سڪن جي هيٺان واري پاسي تي ڪرڻ جو امڪان بہ 8 مان 3 جيترو هوندو جڏهن تہ هي امڪان تہ ڪو سڪو بہ مٿئين پاسي تي نہ ڪرندو، يعني سڀ جا سڀ هيٺين پاسي ئي ڪرندا، 8 مان 1 هوندو. اهو بحث امڪان Probability جو حصو آهي پر پاسڪل جو گھڻو استعمال، مٿاڇري قوت جھڙوڪ رکڻ واري ٻن رقمي رياضياتي اظھارن Binomial higher degree expressions کي تيزي سان ڦھلائڻ ۾ ڪيو ويندو آهي. مثال: اسان جي سامھون 4(X+Y) هجي تہ پاسڪل ٽڪنڊو استعمال ڪندي اسان انھي مھل ئي ٻڌائي سگھون ٿا تہ ھن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان کي پاسڪل ٽڪنڊي جي چوٿين قطار ڏسڻي پوندي جنھن ۾ پنج عدد آهن 1,4,6,4,1. حل ڪيل اظھار بہ پنج حدن Terms تي جڙيل هوندا. انھن مان پھرئين جي حد جو عدد هڪ 1، ٻئي جو 4، ٽئين جو 6، چوٿين جو 4 ۽ پنجين جو 1 هوندو. پاسڪل ٽڪنڊو انٽر پنجين ۽ پري انجينئرنگ وارن لاءِ گھڻي ڪم واري شي هجي ٿي ڇوجو ان سان ڪم گھڻو تيز ٿي ويندو آهي. 

ڪڪر هيٺ ڇو ناهين ڪرندا

ڪڪر هيٺ ڇو ناهين ڪرندا

گھڻي گرمي جي موسم ۾ زميني مٿاڇري تي ڪڪر اچي ويندا آهن اسان انھن سندرتا ڪڪرن کي ڏسي خوش ٿيندا آهيون پر گھڻو ڪري اسانجي ذهن يا ڪو دوست پڇي وٺندو آهي تہ اهوئي مٿي ڪيئن بيٺل رهندا آهن ۽ هيڏا کان هوڏي ڪيئن هوا ۾ سفر ڪندا رهندا آهن، جيئن تہ ڪڪر لکين ننڍن ننڍن پاڻي جي ذرڙن جو گڏيل مجمو هوندا آهن، پر زميني ڪشش جي وجھ سان پاڻي جا اهوئي لکين قطرا ذرڙا ڪنھن بہ ٻئي شي جيان زمين ڏا ڇڪبا آهن پر انھن کي زمين تي ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ بہ مزاحمت موجود هوندي آهي جيڪا انھن کي هيٺ ناهي اچڻ ڏيندي، حقيقتن ڪنھن بہ ننڍي شي جيان انجي سطحي انجي وزن جي مقابلي گھڻو وڌيڪ هوندو آهي، اها ئي وجھ آهي انھن کي هوا جي مزاحمت جو گھڻو منھن ڏيڻو پوندو آهي ڇوجو ڪڪر گھڻي مٿاڇري تي هوندا آهن جتي عام طور تي هوا گھڻي تيز هلي رهي هوندي آهي ان ڪري هوا جي هي مزاحمت ايتري گھڻي هوندي آهي جو انھن ڪڪرن کي زمين تي اچڻ ناهي ڏيندي ائين اهوئي هوا ۾ ئي گھمندا رهندا آهن

Tuesday, 26 November 2019

ڪيميائي جوڙ

ڪيميائي جوڙ،بند Chemical Bond
”دريا خان“

اسان وٽ بند جا ڪيترا ئي قسم ٿين ٿا. هڪ بند اهو بہ هوندو آهي جنھن سان دريا تي بند ٻڌي ڪري بجلي ٺاهي ويندي آهي جنھن کي ڊيم چئبو آهي پر جنھن بند جي اسان ڳالھ ڪري رهيا آهيون انکي انگريزي ۾ بند Bond چئبو آهي ۽ انجو واسطو ڪيميا سان آهي. ڪيميائي جوڙ بند يعني ڪيميائي بند کي هڪ اهڙو رشتو سمجھي سگھون ٿا جيڪو ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ايٽمن کي پاڻ ۾ ٻڌي ڪري رکندو آهي، پر جڏهن اسان ڪيميائي بند جي ڳالھ ڪندا آهيون تہ انجو مطلب اهو هوندو آهي تہ ٻہ يا ٻہ کان وڌيڪ ايٽم هڪٻئي جي ويجھو هجن ۽ گڏوگڏ پنھنجن پنھنجن اليڪٽرانن جو تبادلو بہ ڪن، پر جنھن ريت دنيا جا سڀ انسان هڪجھڙا ناهين هوندا، اهڙي ريت سڀ جا سڀ ڪيميائي بند بہ هڪ طرح جا ناهن ٿيندا. ڪيميائي بند ٽن قسمن جا هوندا آهن.
(1) اوڻي بند ۔ اوڻي ٻنڌ            Ionic Bond

(2)   ميلاپي بند ۔ ميلاپي ٻنڌ    Covalent bond

(3)  ڌاتي بند ۔ ڌاتي ٻنڌ            Metallic Bond

هتي اسان خالي اوڻي بند Ionic bond ۽ ميلاپي بند Covalent bond تي ئي ڳالهائينداسين ڇوجو ڪيميا ۾ اصل بند اهيئي آهن. بند جا قسم ٻڌائڻ کان پھرين ايٽمن جي ڪشش تي ڪجھ ڳالھ ٻولھ ڪجي. ڪجھ ايٽمن جي پنھنجن اليڪٽرانن تي ڪشش گھڻي هوندي آهي ۽ ڪجھ جي گھٽ. ائين چئجي تہ هي ڪشش اصل اها قوت آهي جنھن سان ڪو ايٽم پنھنجي اليڪٽرانن کي پڪڙي رکندو آهي. ڪجھ ايٽم اليڪٽرانن کي گهٽ قوت سان ڪشش ڪندا آهن جڏهن تہ ڪجھ ايٽمن ۾ هي قوت وڌيڪ هوندي آهي. انسانن جيان ڪجھ ايٽم بہ ايترا لالچي ٿين ٿا جو اھي پنھنجن اليڪٽرانن کي مضبوطي سان پڪڙي رکن ٿا، پر گڏوگڏ اهي موقعي جي انتظار ۾ رهندا آهن تہ جتان ڪٿان کان ڪو ڪمزور ايٽم ملي وڃي تہ انهن جي اليڪٽرانن کي بہ پڪڙي وٺن. ڪيميائي بند بہ اصل ۾ اليڪٽرانن جي ان ”ڏي وٺ“ جي نتيجي ۾ ٺھن ٿا.

(1) اوڻي بند ۔ اوڻي ٻنڌ            Ionic Bond

جيڪڏهن هڪ ايٽم ڪمزور هجي يعني پنھنجن اليڪٽرانن تي ان جي ڪشش گھڻي مضبوط نہ هجي ۽ ان جو واسطو ڪنھن طاقتور اليڪٽرانن تي مضبوط ڪشش رکڻ واري ۽ لالچي ايٽم سان ٿي وڃي تہ ان ويچاري سان گھڻي جٺ ٿيندي آهي. طاقتور ايٽم ان ايٽم جي ڪجھ هلڪن ڦلڪن اليڪٽرانن کي پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيندو آهي پر ڪمزور ايٽم ڊوڙڻ بجاء ان طاقتور ايٽم سان گڏ چنبڙي ويندا آهن. انھي ريت اوڻي بند جڙي ويندو آهي. يعني ڪيميا ۾ اوڻي بند مان مراد ڪو اهڙو ڳنڍو ٿئي ٿو جنھن ۾ هڪ ايٽم ٻئي ايٽم جي اليڪٽران پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا هجن ۽ ٻيو ايٽم ان سان گڏ ملي ويو هجي. ائين اسان ڪلورين کي هڪ لالچي گيس چئي سگھون ٿا. جڏهن تہ سوڊيم هڪ ڌات هجڻ باوجود ان جي مقابلي ۾ گھڻو ڪمزور هوندو آهي. جڏهن هي ٻئي پاڻ ۾ ملندا آهن تہ ڪلورين سوڊيم جي هڪ اليڪٽران کي پاڻ ڏي ڇڪي وٺندو آهي، نتيجي طور سوڊيم بہ ڪلورين سان گڏ جڙي ويندو آهي. انھي ريت سوڊيم ڪلورائيڊ وجود ۾ ايندو آهي جنھن کي اسان (لوڻ) جي طور تي پنھنجي کاڌي ۾ روزانو استعمال ڪندا آهيون.

(2)   ميلاپي بند ۔ ميلاپي ٻنڌ    Covalent bond

گھڻو ڀيرا ائين ٿيندو آهي تہ هڪ ايٽم جي پنھنجي اليڪٽرانن تي ڪشش ٻئي ايٽم جي مقابلي ۾ ٿوري گھٽ هوندي آهي. جڏهن اهڙن ٻن ايٽمن جو منھن هڪ ٻئي ڏي ٿيندو آهي تہ گھڻي قوت وارو ايٽم ٿوري گھٽ قوت رکڻ واري ايٽم جي اليڪٽرانن کي پاڻ ڏي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ٻيو ايٽم ڪمزور تہ هوندو آهي پر ايترو بہ نہ جو پنھنجن اليڪٽران کي هٿن کان وڃڻ ڏئي، نتيجي طور اليڪٽرانن لاءِ ٻنھي ايٽمن جي ويجھو زور ڇڪ شروع ٿي ويندي آهي. اليڪٽران ڪڏهن هڪ ايٽم سان ويجھو ٿيندو آهي تہ ڪڏھن ٻئي جي، يا ائين کڻي چئجي ان اليڪٽران تي بہ هڪ ايٽم جي ڇڪ گھڻي مظبوط ٿي ويندي آهي تہ ڪڏهن ٻئي ايٽم جي. انھي ريت اهي ٻئي ايٽم بہ هڪٻئي سان جڙي ملي ويندا آهن ۽ پاڻ ۾ اليڪٽراني ڇڪ جو عمل جاري رکندا آهن. هي ئي اها شي آهي جنھن کي ڪيميا جي زبان ۾ ميلاپي بند چيو ويندو آهي.
#ChemicalBond #ScienceJeDunya

Monday, 25 November 2019

بليڪ هول

بليڪ هول بابت تفصيلي وڊيو سائين نواز سومرو پاران ڊبنگ ڪيل

پنھنجي فيسبوڪ آئيڊي وال کي محفوظ بڻايو

پنھنجي فيسبوڪ آئيڊي وال کي محفوظ بڻايو

اڄ فيسبڪ جي آئي ڊي هيڪ ٿيڻ جو رجحان بلڪل وڌي ويو آهي
مختلف ماڻھن جون آئيڊيون هيڪ ٿينديون رهنديون آهن.فيسبڪ هڪ معمولي شيء ناهي پر هن ۾ صارف جي سڄي ڊيٽا اسٽور ٿيل هوندي آهي. هو جڏهن کان اڪائونٽ کولي ٿو پوءِ هو پنهنجي هر خبر ۽ ڊيٽا فيسبڪ تي ونڊ شيئر ڪندو رهي ٿو.ڪيئي پراڻيون يادون ۽ ڏينهن جيڪي ماضي ۾ گذاريا اهي سڀ فيسبڪ جي ميمري ۾ سلهاڙيل هوندا آهن.فيسبڪ  اڄڪلھ دنيا جي مشهور ايپ بڻجي چڪي آهي ۽ فيسبڪ کي زندگي جو ڪتاب چئون تہ ان ۾ ڪو حرج ڪونهي.
فيسبڪ انتظاميا بہ گهڻي ڪوشش ڪئي آهي تہ اڪائونٽس هيڪ ٿيڻ واري رجحان کي ڪنهن بہ طريقي سان قابو ۾ آڻجي. پر اڃان اهڙو ڪو طريقو ناهي جوڙيو جنهن سان هن مسئلي تي بلڪل ظابطو اچي. انتظاميا جا ڪجھ طريقا آهن جيڪي اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ کان بچائي سگهن ٿا.اهي طريقا توهان کي پنهنجي اڪائونٽ سيٽنگ ۾ ملندا.ان کانپوءِ توهان کي سيڪيورٽي واري آپشن کي ڪلڪ ڪرڻو پوندو.
1_Two factor Authentication...
هن آپشن کي سيٽ ڪرڻ کانپوءِ توهان جو اڪائونٽ جيڪڏهن ڪير ڪٿان کان بہ ٻئي موبائيل ڪمپويٽر کان لاگ ان ڪري ٿو تہ ڊاريڪ سڌو سنئون هڪڙو ڪوڊ وارو ميسيج توهان وٽ ايندو ۽ اوهان کان اجازت گهرندو تہ ڇا هي اوهان ئي آهيو. يقدم توهان کي خبر پئجي ويندي تہ توهان جو اڪائونٽ ڪير هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي يا کولڻ جي چڪر ۾ پر ياد رهي اهو ڪوڊ ٻڌائڻو ناهي انھي مھل.
2_Authorized Logins
هن آپشن ۾ توهان کي باخبر ڪيو ويندو تہ توهان جو اڪائونٽ ڪٿي يا ڪهڙي موبائيل فون ۾ لاگ ان ٿيل آهي. ها اهو بہ مسئلو آهي گهڻا ماڻهو ٻئي دوست يا پاسي واري کان موبائيل وٺي ڪجھ گهڙي لاءِ فيسبڪ هلائي پوءِ موبائيل واپس ڪندا آهن پر هڪڙي شيء وساري ويهي رهندا آهن اها آهي لاگ آئوٽ، تہ ضروري آهي ڪوشش ڪري لاگ آئوٽ ڪري. گهڻو وقت ٿي چڪو آهي تہ پاسورڊ کي بلڪل تبديل ڪرڻ گهرجي جتي بہ لاگ ان ۽ اڪائونٽ کليل هوندو آٽوميٽڪ لاگ آئوٽ ٿي ويندو. نہ تہ ٻيو طريقو اتي ئي ڄاڻايل هوندو آهي تہ اوهان سڀني ڊوائسن تان پاڻ کي لاگ آئوٽ ڪريو انھي آپشن تي ڪلڪ ڪرڻ کانپوءِ اوهان سڀني تان لاگ آئوٽ ٿي سگھندا. 
3_Get alerts about unrecognized login..
هي بہ هڪ سٺو طريقو آهي هن کي سيٽ ڪرڻ گهرجي. ڪنهن کي توهان جو پاسورڊ ياد آهي ۽ همراھ فيسبڪ کي هلائي پيو تہ پوءِ توهان وٽ هڪ الرٽ ايندو جنهن ۾ ٻڌايل هوندو فلاڻي موبائيل ڪمپويٽر ۾ توهان جو اڪائونٽ لاگ ان ٿيو آهي.
4_Choose 3 to five friends..
هي بہ سٺو طريقو آهي جڏهن توهان جو اڪائونٽ هلندي هلندي لاڪ وڃي ٿو يا ڪا ريسپانس نہ پئي ملي تہ پوءِ توهان جن دوستن تي اعتبار ڪري ايڊ ڪيو آهي اهي توهان ڪوڊ موڪليندا توهان اهو ڪوڊ استعمال ڪري اڪائونٽ بحال ڪري سگهو ٿا. پر ڪوشش ڪجي اهوئي طريقو بہ گھٽ استعمال ڪجي.
انھي ريت ساڳيا ئي آپشن Email اڪائونٽ تي بہ هجن ٿا گڏوگڏ انھي کي بہ لازمي محفوظ بڻايو.

:- ليکڪ نامعلوم ترميم دريا خان

هڪ نظر ريڊار تي

هڪ نظر ريڊار تي
”دريا خان“

ريڊار بابت تہ اوهان ٻڌو هوندو هتي اسان اهو ايجاد ڪنھن ڪيو ۽ ڪم ڪھڙي ريت ڪندو آهي ان بابت ڪجھ ڳالھيون رکنداسين، 26 فروري 1935ع اسڪاٽ ماهر طبيعيات سر رابرٽ واٽسن جي زندگي جو اهم ڏينھن ھو، اهوئي لنڊن جي ويجھو” نيشنل فزڪس ليبارٽري“ ۾ تجربن ۾ رڌل هيا، ان دوران اهوئي هڪ اهڙو طريقو دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنھن وسيلي فضا ۾ گهمندڙ ڪنھن بہ شيء کي ڪمري ۾ ويٺي سولائي سان ڏسي پئي سگھجي پيو، اصل ۾ اهو ريڊيائي لھرن جو ڪمال هئو، سر رابرٽ واٽسن واٽ جن ريڊيائي لھرن وسيلي پنھنجي ايجاد ڪيل اي ايف ولڪنس ساڻ ڇھ هزار فٽ مٿاڇري تي اڏام ڪندڙ هڪ بمباري ڪندڙ جنگي جھاز جو مشاهدو ڪيو. جيڪا ايجاد پوءِ (ريڊار) نالي سان مشھور ٿي جيڪا اصل ۾ ”ريڊيو ڊٽيڪشن اينڊ رينجنگ“ جو مفهوم آهي، ان ايجاد سبب ئي ڏور اڏام ڪندڙ ڪنھن بہ ٻئي جھاز کان باخبر ٿيڻ ممڪن ٿيو.
ريڊار جون شعاعون هر پاسي سفر ڪري سگھن ٿيون جڏهن اهوئي ڪنھن پڪي شيء سان ٽڪرائبون آهن تہ هڪ سيڪنڊ يا انکان بہ اڳ واپس اچي شي جي تصوير، مشين سان لڳل هڪ خاص پڙدي تي ظاهر ڪري ڇڏيندي آهي، پر اصل مسئلو اهو هوندو آهي تہ اها شي ڪيتري پنڌ تي آهي. اهو پتو لڳائڻ لاءِ شعاعون جو مشين کان نڪرڻ ۽ واپس اچڻ جو وقت، مشين هلائڻ واري کي خبر هوندي آهي اهوئي شعائون جي رفتار کان بہ واقفیت هوندو آهي، جيتوڻيڪ اهو هڪ لمحي ۾ شي جي پنڌ جو اندازو ڪري وٺندو آهي، ريڊار هاڻي ڪيترن ئي مقصدن لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن، سمنڊي جھاز، هوائي جھاز ان جي مدد سان اونڌھ ۽ پاڻي هيٺ رهندڙ جھاز بہ رستو ڳولها ڪندا آهن، اوهان خبرن ۾ ”ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول“ لفظ جو نالو تہ ٻڌو هوندو، يعني هوائي جھازن جا رستا انھن جو ڪم بہ اصل ۾ ريڊار تي ئي هوندو آهي، هاڻي تہ ريڊار عام ٿي ويا آهن مختلف ملڪن ۾ ٽريفڪ پوليس وارا ڊوپلر ريڊار جي مدد سان ايندڙ ويندڙ گاڏين جي رفتار، هڪ سيڪنڊ کان بہ گھٽ وقت ۾ پتو ڪري وٺندا آهن ۽ جيڪڏهن رفتار ڄاڻايل حد کان وڌيڪ هوندي آهي تہ کين کي چالان ڪري ڇڏيندا آهن.
#Radar #History #ScienceJeDuniya

جيتن ڪيڙن جو رت ڳاڙهو ڇو نٿو هجي

جيتن ڪيڙن جو رت ڳاڙهو ڇو نٿو هجي
”دريا خان“

هونئن تہ جيتن جي رت جو رنگ بہ رنگو هجي ٿو پر اسانکي انھن جي رت جو رنگ نيرو، پيلو، سائو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، حقيقتن انھن جي رت ۾ ڪجھ اهڙا مادا شامل هجن ٿا جنھن سان اسانکي اهوئي رنگ ڏيکاربا آهن، پر اهو سوال بہ اهم آهي تہ آخر ڇو جيتن جو رت اسان جيان ڳاڙهو نٿو هجي هتي اسان ان بابت ڪجھ بنيادي ڳالھيون رکنداسين، اها تہ حقيقت آهي جيتن يا انسانن کي زندھ رهڻ لاءِ آڪسيجن گھربل هوندي آهي، انسان ۽ ٻين وڏن جانورن جي رت ۾ ڦڦڙن وسيلي جيڪا شامل ٿيندي آهي، جنھن کانپوءِ جسم جي سڀني حصن ڏا پهچندي آهي، اسان جي رت ۾ آڪسيجن جذب ڪرڻ جي ذميواري”هيموگلوبين“ نالي هڪ پروٽين جي هوندي آهي جڏهن آڪسيجن اسانجي رت جي خلين ۾ داخل ٿيندي آهي تہ هيموگلوبين جا جزا انھن کي پڪڙي وٺندا آهن، جنھن سان انھن جي رنگيني ڳاڙهي ٿي ويندي آهي. انڪري اسانجي رت جو رنگ بہ ڳاڙهو ڏيکاربو آهي، جيڪي رت جا خليا اسانجي پوري جسم ۾ وهڪرو ڪندا رهندا آهن، انھي دوران اتي آڪسيجن پهچائڻ جو ڪم بہ ڪندا رهندا آهن. ٻئي پاسي جيتوڻيڪ جيتن کي بہ زندھ رهڻ لاءِ آڪسيجن جي ئي ضرورت هوندي آهي، پر اهوئي اسانجي مقابلي ۾ گھڻي ڀاڱي الڳ انداز سان هي ضرورت پوري ڪندا آهن دلچسپ اها بہ ڳالھ آھي تہ آڪسيجن جذب ڪرڻ لاءِ جيتن جي جسم ۾ ڦڦڙ ناهين هوندا بلڪ”ٽريگيا tracheae“ چورائڻ وارو گھڻو ننڍو ٽيوبون جو هڪ ڄار هي ڪم انجام ڏيندو آهي. هي ڄار جيتن جي دهڙ abdomen جي کل ۾ پکڙيل هوندو آهي انجي وسيلي هي هوا جي آڪسيجن سڌو سنئون پنھنجي کل ۾ جذب ڪري وٺندا آهن، ائين جيتن جي جسامت اسانجي حساب سان گھڻي الڳ آهي، انڪري انھن کي هيموگلوبين تي جوڙيل ان خصوصی نظام جي ضرورت نٿي هجي، جيئن اسانکي هجي ٿي. اُهو اي ڪارڻ آهي جو انھن ۾ رت تہ هوندو آهي پر اهو ڳاڙهو ناهي هوندو.
#Insects #ScienceJeDuniya

Saturday, 23 November 2019

ڪارو ٽماٽو

ڪارو ٽماٽو
”دريا خان“


اوهان ڳاڙهي رنگ جا ٽماٽا تہ ڏٺا هوندا، پر ڇا اوهان ڪڏهن ڪاري رنگ جا ٽماٽا  ڏٺا آهن؟ نہ...
جي بلڪل ٽماٽو هونئن ميون ۾ شمار ٿيندو آهي پر اسان ان کي سبزي طور ڪتب آڻيندا آهيون. اسان وٽ جيڪو ٽماٽو پاتو ويندو آهي اهو سائو، ڳاڙهو، نارنگي رنگ جھڙو ٿئي ٿو پر ڪاري رنگ جو ٽماٽو ڄمون رنگ ۽ ڪارو ٿئي ٿو. ڄمون ٽماٽو چيري جو گڏيل نالو آهي جنھن بابت چيو وڃي ٿو تہ ان جي پوکائي قديم روم جا ماڻھو ڪندا هيا. ڪارا ٽماٽس ڪجھ سال اڳ برطانيا ۾ ٻيھر ڪاميابي سان پوکيا ويا. ري بروائن نالي ماڻھون کي ڪاري رنگ جي ٽماٽن جا ٻج ڪنھن پوکڻ لاءِ ڏنا هئا جنھن کان پوء جيئن پوکيا ويا تہ سچ پچ ڪارا ٽماٽا ئي ڦٽا هئا جنھن کان پوءِ انھن جو ذڪر جڏهن ماڻھن سان ڪرڻ لڳو تہ ھن تي اهي کلي رهيا هئا ۽ ھن کي چريو ڪوٺي رهيا هئا. سبب ان کان اڳ برطانيا ۾ ڪارا ٽماٽا ڪنھن بہ نہ پوکيا ۽ ڏٺا هئا. ان کان پوءِ هڪ آمريڪي نوجوان شاگرد بہ اهڙي دعوي ڪئي تہ سڀ کان پھريان ان پوکيا آهن. ائين مختلف وقتن تي مختلف ماڻھن پاران دعوائون ڪيون ويون. ٽماٽن جي سڀ کان وڏي واپاري ۽ انھن جي پيداوار ڪرڻ وارو ڊبليو ايگزينڊرليونگسٽن 1821ع کان 1898ع  کان پنھنجي زندگي ۾ ٽماٽن جا پنجھٽيھ نوان قسم پڌرا ڪرايا جن مان هڪ قسم ڪارو ٽماٽو بہ هيو. انھن ڪارن ٽماٽن جا ٻج ھن کي ننڍپڻ ۾ مليا هيا. ڪارن ٽماٽن جا هن مھل تائين پنجاھ کان وڌيڪ قسم دريافت ٿي چڪا آهن. ڪارن ٽماٽن جو ذائقو ڳاڙهن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ۽ سٺو هجي ٿو. ڪچو هجڻ وقت ان جو رنگ ڄمون رنگ ۽ هلڪو نيري جھڙو ٿئي ٿو جنھن کان پوءِ اهو آهستي آهستي ڪارو ٿيندو ويندو آهي. ان جي ڪاري حصي ۾ گھڻي فائدي وارو مادو اينٿو سيانين بہ پاتو ويندو آهي جيڪو اسان کي گلن ۽ سبزين ۾ ملندو آهي. ماهرن موجب اهو ڪينسر، دل جي بيمارين شڳر ۽ ٿلهائپ کي منھن ڏيڻ ۾ مدد ڪندو آهي. ھي اڍائي کان ٽن مھينن ۾ تيار ٿئي ٿو. ھن جو قد گھڻو ڪري ٽي فٽ تائين ٿيندو آهي ۽ ھن ۾ وٽامن اي، وٽامن سي، ۽ تاندورا بہ گھڻي ڀاڱي پاتا وڃن ٿا. ھن جي پوکائي نرم مٽيءَ ۾ ڳاڙهي ٽماٽي جيان ئي ٿيندي آهي. ڪاري ٽماٽي کي گھڻي گرمي جي بہ ضرورت نٿي پوي پر اهو ٿڌ واري موسم ۾ بہ ٿئي ٿو. ڪارو ٽماٽو اسان جي پاڙيسري انڊيا ۾ بہ پوکيو وڃي ٿو. ڪارا ٽماٽا گھڻي ڀاڱي يورپ انگلينڊ ۽ برطانيا ۾ پاتا وڃن ٿا.
#BlackTomatoes

Tuesday, 19 November 2019

هڪ نظر پٿر تي

هڪ نظر پٿر تي
”دريا خان“

پٿر اسانجو انساني تاريخ ۾ سٺو دوست پڻ رهيو آهي جنھن انسان جون نشانيون آرٽ پنھنجي جسم تي محفوظ رکيا ۽ اڳين نسلن تائين سندن جو ٽپال پيغام پڻ پهچايو، پٿرن اسانکي ڌرتي جي ماحول کي سمجھڻ ۾ پڻ وڏي مدد ڪئي آهي خاص ڪري موسمي تبديلن کي، هوئين تہ اوهان ڏٺو هوندو تہ گرمي هجي يا ٿڌ اسانکي انھن ۾ ڪا تبديلي ڏسڻ لاءِ ناهي ملندي، پٿر مختلف معدنيات سان ملي ڪري ٺهندو آهي، هوئين تہ عام طور تي پٿر جو ڪو پنهنجو خاص ڍانچو ناهي هوندو، پر پوءِ بہ سائنسدانن انھن ۾ موجود معدنيات جي بنياد تي سندن کي ورهايو آهي، اهوئي ٽن قسمن ۾ ورهايل آهن.
تري واريون ڇپون تھ بہ تھ ڄميل ڇپون، ٻرندڙ ڇپون ۽ ميٽا مورفڪ ڇپون، واضع رهي تہ ڇپون بہ حقيقتن وڏا وڏا پٿر ئي هونديون آهن جن پٿرن کي اسان ننڍيون ڇپون چئي سگھون ٿا.
ميٽامورفڪ ڇپن کي Morph بہ چئبو آهي، هي هڪ قسم جي ڇپن مان ٻئي قسم ۾ تبديلي ٿيندي آهي، ورهين تي ٻڌيل ان عمل ۾ زور دٻاءُ ۽ پد جو بنيادي ڪردار هوندو آهي، ٻرندڙ ڇپون ۽ تري واريون ڇپون، تھ تہ تھ ڄميل ڇپن تي مسلسل زور دٻاءُ ۽ پد انھن کي قلم جي شڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، جنھن مان سليٽي پٿر، ماربل، ڪوارٽر ۽ ٻين شڪلن جو ڇپون پيدا ٿينديون آهن، عام طور تي پٿر زمين جي سنهڙي چادر جنھن تي اسان هلندا ڦرندا آهيون ڪرسٽ جي هيٺ گھڻي پد ۽ دٻاءُ زور ۾ هوندا آهن، اهوئي ٻين قسمن جي پٿرن مان بہ ٺهي ويندا آهن، جيئن Shale ۽ Sedimentary پٿر بہ Matamorphosed ۾ تبديل ٿي سگھن ٿا، اهڙن پٿرن ۾ سليٽ gneiss ۾ شامل آهن، ان کان سواءِ پٿرن ۾ ماربل، اينٿر اسائٽ، صابڻي پٿر Soap stone ۽ شٽ Schist بہ شامل آهي،

ٻرندڙ پٿر
هي پٿر عام طور تي ٻرندڙ عمل جي دوران پيدا ٿيندا آهن، جڏهن ٻرندڙ جبل ڦاٽي پوندو آهي تہ لاروا يعني ميگما پڳريل پٿرن جي صورت ۾ ٻاهر نڪري پوندو آهي، پر اهو ميگما ٻاهر اچڻ کانپوءِ ٿڌو ۽ پڪو ٿيڻ لڳندو آهي، ان پڪي ۽ ٿڌي ميگما کي اسان ٻرندڙ پٿر چوندا آهيون، انجي سٺي مثال بسالٽ ۽ گرينائيٽ چورائڻ وارا پٿر آهن.

تري واريون ڇپون
حقيقتن اهڙيون ڇپون سالن جا سال تھ بہ تھ پٿرن جي پاڻ ۾ ملي وڃڻ سان پيدا ٿينديون آهن، گھڻو ڪري دريا ننڍن ننڍن پٿرن ۽ معدنيات کي پاڻ سان گڏ کڻي ايندو آهي، اهڙا پٿر دريا جي هيٺ هڪٻئي جي مٿان گڏ ٿيڻ لڳندا آهن، ۽ لکين سال گذرڻ جي دوران هي هڪٻئي سان ملي ڪري هڪ وڏي پٿر يا ڇپ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، اهڙن پٿرن ۾ شيل، چوني ۽ واريلا ڀريل پٿر Sandstone شامل آهن.

پٿرن جو چڪر
عام طور تي جڏهن اسان پٿرن کي ڏسندا آهيون تہ اسانکي لڳندو آهي جهڙوڪ ڪري اهو هميشہ کان ائين ئي رهيا هوندا، پر موسمي تبديليون هر شي تي پنھنجو اثر وجھن ٿيون. اسان جيڪي بہ اڄ پٿر ڏسي رهيا هوندا آهيون، انھن جي ان حالت ۾ هجڻ لاءِ انھن ۾ ڪروڙين سال جي تبديلين جو حصو آهي، جنھن کي پٿرن جو چڪر Rock Cycle چئبو آهي،
هاڻي اسان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين تہ ڪيئن ڪو ٻرندڙ آتشي پٿر، تري واري پٿر ۽ ميٽامورفڪ ۾ تبديل ٿيندو آهي.

پگھريل پٿر جيڪو ٻرندڙ جبل يعني ميگما ٻرندڙ عمل کانپوءِ مٿاڇري زمين تي اچي ويندا آهن ۽ پوءِ ٿڌا ٿيڻ کانپوءِ هي ٻرندڙ پٿرن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.
انهيءَ طرح مٿاڇري زمين تي موجود پٿرن کي موسمن جا چڪر بہ برداشت ڪرڻا پوندا آهن انکان سواءِ بہ قدرتي عمل انھن پٿرن کي ننڍن ننڍن پٿرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن، پر هي عمل ايتري جلدي گذرندو ناهي بلڪ هي گهڻو سست هوندو آهي، ان ۾ جيڪي پٿر پيدا ٿيندا آهن انھن کي تري وارو پٿر Sediment چئبو آهي.
جنھن وقت تري وارا پٿر پيدا ٿيڻ لڳندا آهن ان سان گڏوگڏ هي پڪا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن،
آهستي آهستي انھن تري وارن پٿرن تي ٻيا پٿر گڏ ٿيڻ لڳندا آهن، وزن وڌڻ ڪارڻ هي گھڻو آهستي آهستي ڪري زمين اندر دٻجڻ لڳندا آهن، جيئن ئي انھن پٿرن تي گرمي ۽ زور دٻاءُ گھڻي ڀاڱي ٿي ويندو آهي، اهوئي ميٽامورفڪ پٿرن ۾ بدلجي ويندا آهن ۽ پوءِ اهو چڪر ٻيھر کان شروع ٿي ويندو آهي، هتي اسانکي اها ڳالھ ذهن ۾ رکڻ گھرجي تہ پٿرن کي ڪنھن خاص چڪر جي ضرورت ناهي هوندي، اهوئي ائين ئي پٿر هڪ قسم  کان ٻئي قسم ۾ تبديل ٿيندا رهندا آهن. 

خلائي پٿر، شھابين
زمين تي ڪيترا ئي اهڙا پٿر مليا آهن جن جو واسطو هاڻوڪي زميني پٿرن سان نہ بلڪ خلا سان آهي، هوئين تہ اسانجي زمين انھن ئي پٿرن جي هڪٻئي جي ملڻ سان ئي جوڙي آهي پر جيئن تہ اسان مٿي پڙهي آيا آهيون اهوئي هڪٻئي ۾ شامل تي تبديل ٿي ويندا آهن، جيڪي خلائي پٿرن کان مختلف ڏسڻ لاءِ ملندا آهن، خلائي پٿر مختلف عنصرن ۽ معدنيات سان ملي ڪري ٺھندا آهن، جن ۾ گھڻو ڪري لوھ، سون، چاندي برف پاڻي ۽ مختلف گيسون جيڪي زمين تي پاتيون وينديون آهن هونديون آهن.

Sunday, 17 November 2019

پاڻي تي ترندڙ پوک

پاڻي تي ترندڙ پوک
:- دريا خان

پاڻي تي ترندڙ پوک جنھن کي Floating Farms چئبو آهي، هوئين تہ اها اسانکي بنگلاديش ۾ عام ڏسڻ لاءِ ملندي، پر ماهرن موجب ٻہ هزار پنجاھ ۾ دنيا جي آبادي ۾ وڌيڪ ٻہ ارب جو اضافو ٿي چڪو هوندو، جنھن سبب غذائي کپت جي بہ گھڻي گھرجي هوندي، پر گڏوگڏ آبادي جي واڌاري سبب سندن کي گھر اڏائڻ لاءِ کين زمين بہ کپندي، ۽ گڏوگڏ شھرن ۾ اسي سيڪڙو ماڻھون آباد ٿي چڪا هوندا. جيئن تہ اسانجي روز مرھ جي ضرورت جو گھڻو حصو غذائي شيون آهن جيڪي شهرن ۾ تہ ناهين پوکيو وينديون اهوئي سڀ زرعي ملڪن ۽ ڳوٺن کان اينديون آهن. جنھن کي نظر ۾ رکندي ماهرن سمنڊي سطح تي ترڻ وارن اهڙين فارمن جو تصور پيش ڪيو آهي، جيڪي شھرن جي ويجھو ئي هوندا جتان کان کڻي اچڻ بہ سولو هوندو. پر سوال اهوئي فارم ڪهڙي ريت ڪم ڪندا، فارورڊ ٿنڪنگ آرڪيٽيڪچر نالي اداري جي هڪ آرڪٽيڪٽ، جيويئر چونس ان ڪم لاءِ هڪ اهڙو ڊيزائن ماڊل پيش ڪيو هئو. جيڪو چوويھ مٽر مٿي ۽ انجي مٿان توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ شمسي پينل بہ لڳل هوندا، جنھن جي ڍانچي جي ڊيگھ پنج هزار ميٽر چوڌاري هوندي جتي مختلف قسمن جو سبزيون پوک ڪيون وينديون، جيڪي مٽي تہ نہ هونديون بلڪ پاڻياٺ Nutrients جي مدد سان پوکيون وينديون، انھن سبزن جا بچي ويل حصا هيٺين حصي ۾ موجود مڇين لاءِ ڪرائيا ويندا. تہ جيئن انھن کي بہ غذا ملي سگھي، جيڪي بہ انھي بند فارم ۾ واڌ ويجھ ڪنديون، ماهرن موجب هڪ وڏي فارم جي مدد سان جيڪو ٽي سئو ميٽر وڏو ۽ ٻہ سئو ميٽر ويڪرو ٿي سگھي ٿو تنھن مان ساليانو اٺ ٽن سبزيون ۽ ٻہ ٽن مڇين جو گوشت حاصل ڪري سگھجي ٿو. اهڙا ڪيترائي ئي يونٽ جوڙي سگھجن ٿا جيڪي ويجھي وارن علائقن جي غذائي ضرورت پوري ڪري سگھن ٿا. مثال دبئي جي وٺجي جيڪو ساليانو يارهن هزار فروٽ ۽ سبزيون ٻين ملڪن کان وٺندو آهي، ڇوجو اتان جي زمين پوک ڪرڻ جھڙي ناهي، جيڪي سمنڊ ۾ اهڙا فارم جوڙي مستقبل ۾ پنھنجي غذائي ضرورتون پوريون ڪري سگھن ٿا. 
Floating Farms Bangladesh


#ScienceJeDunya #FloatingFarms

Saturday, 16 November 2019

نظام شمسي کان اڳتي

نظام شمسي کان اڳتي
”دريا خان“

جڏهن اسان رات جو زميني مٿاڇري ڏا ڏسندا آهيون تہ اڻ کٽندڙ تارا چمڪندي ڏيکاربا آهن، پر ڇا اهوئي سڀ تارا ئي هوندا آهن؟ جي نہ انھن منجھان ڪيترا ئي زمين جيان پٿر يعني سيارا هوندا آهن جن کي پنھنجي ساٿي ڀر وارا تارا پنھنجي روشني سان روشن ڪندا آهن جيڪي اسانکي رات جي پھر ۾ تارن جيان روشن نظر ايندا آهن، ان مثال کي سمجھڻ لاءِ اسانکي گھڻو پري وڃڻ جي بہ ضرورت ناهي، بلڪ پنھنجي نظام شمسي جي سيارن کي ئي رات جي پھر ۾ اسان زميني مٿاڇري تي ڏسون تہ اسانجو سج انھن منجھان چنڊ، مريخ، يورينس، جوپيٽر، وينس، سيٽرن ۽ انجي ويجھو ٻين سيارن کي روشن ڪندو، وڌيڪ فلڪيات سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي خبر هوندي. جيئن تہ اسانجي ملڪي وي ۾ موجود تارن جي ويجھو ڪيترا ئي خلائي پٿر سيارا چڪر لڳايندا رهندا آهن، جن کي اسان خلائي پٿر سيارا چئون ٿا، ڪجھ سيارن جي ويجھو ننڍا پڇڙا پٿر بہ سندن جي ڪشش واري دائري ۾ چڪر لڳايندا آهن، جيڪي اسانجي چنڊ جيان بہ هوندا آهن جن کي اسان سندن جا ننڍا چنڊ بہ چوندا آهيون. جيئن تہ اسانجي سج ويجھو اٺ سيارا چڪر لڳائي رهيا آهن جيئن تصوير هيٺ ڄاڻايل آهي. انھن اٺن سيارن ۾ صرف زمين تي ئي حياتيات زندگي پاتي وڃي ٿي. ٻيا سيارا زندگي مان خالي آهن ڇوجو اتي زميني ماحول ۽ ڪجھ تي آڪسيجن ۽ پاڻي ناهي پاتو ويندو. جيڪڏهن اسان سج جي حساب سان ڏسون تہ انھن منجھان زمين ٽين نمبر تي ايندي آهي، جيڪا گھڻو پري هجڻ سبب نہ گھڻو گرم آهي نہ گھڻي ٿڌي جنھن سبب ئي زندگي کي واڌ ويجھ ڪرڻ جو سٺو موقعو پڻ مليو. زمين کان پوءِ چوٿين نمبر تي مريخ ٿو اچي، مريخ سج کان گھڻي پنڌ تي هجڻ سبب گھڻو ٿڌو سيارو بہ آهي، جنھن جا ٻہ ننڍا چنڊ پڻ آهن، مريخ کان پوءِ پنجين نمبر تي سيارو جوپيٽر اچي ٿو، جيڪو خطرناڪ گيسن سان لاڳاپيل آهي، جيڪو اسانجي نظام شمي جو وڏو سيارو پڻ آهي جنھن جا هاڻي تائين اڻياسي ننڍا وڏا چنڊ پڻ دريافت ٿي چڪا آهن، ائين ناهي تہ سج جي ويجھو صرف اهوئي اٺ ئي سيارا آهن، بلڪ اربن جي حساب سان ننڍا وڏا خلائي پڇڙا پٿر سج جي ويجھو چڪر لڳائي رهيا آهن، جن کي اسان شھابين چوندا آهيون، جن ۾ برف، پاڻي، سون، لوھ، ۽ مختلف گيسون پاتون وينديون آهن، جيڪي سج جي ڪشش مان آزاد ٿي چنڊ، زمين، جوپيٽر، مريخ، ۽ ٻين نظام شمسي جي سيارن جي ڪشش هيٺ هليا ويندا آهن جيڪي سالن کانپوءِ انھن جي مٿاڇري تھ ۾ هوا جي گرم رڳڙ سان سڙي ڪري ننڍن پٿرن ۽ خاڪ ۾ ڀورا ڀورا ٿي ڪري ڪرندا آهن ڪجھ گھڻا وڏا هجڻ سبب گھڻو سڙي ڀورا ڀورا ناهين ٿي سگھندا، ائين اسانجي ملڪي وي ۾ جيڪي بہ تارا پاتا ويندا آهن انھن سڀني کي اهڙا سيارا ۽ پٿر هوندا آهن جيڪي انھن تارن جي ويجھو چڪر لڳايندا آهن، ۽ اهوئي اٺن کان وڌيڪ بہ هجن ٿا.

Friday, 15 November 2019

زندگي جي تابعداري

زندگي جي تابعداري
”دريا خان“

زندگي جي تابعداري ڪهڙين شين تي آهي، ڪنھن ننڍي ٻار کان پڇا ڪجي تہ انجو جواب هوندو کير، پر ڪنھن سائنس جي شاگرد کان پڇا ڪجي تہ انجو جواب هوندو ”غذائي ڪيميا“ جي بلڪل
ڇا زندگي جي تابعداري ڪيميا تي آهي،
ڇا هر جاندار خالي ڪيميائي ڏيتي ليتي سبب ئي زندھ آهي، جي ها، انساني جسم ۾ جڳھ جڳھ اربين کربين ڪيميائي Interactions ڏيت ليت مسلسل ٿيندا رهندا آهن، جن مان آئون ۽ اوهان واقفيت ناهيون پر حياتياتدان ضروري واقفيت آهن، سندن موجب اسانجي زندگي ڪاربن Molecule ذرن جي وچ ۾ اربين ڪيميائي ڏي وٺ جي هيٺ جوڙيل آهي، جاندارن ۾ ٿيڻ واري ان ڪيميائي ڏيتي ليتي کي هڪ خاص گڏيل نالو ڏنو ويو آهي، جنھن کي اسان انگريزي ۾ ”ميٽابولزم“ چوندا آهيون ميٽابولزم جي دوران ڪٿي اسانجو جسم غذا مان حاصل ٿيڻ واري ماليڪيولز کي ٽوڙي ڪري توانائي حاصل ڪندو آهي، تہ ڪٿي انھن ننڍن ماليڪيولن کي جوڙي ڪري هڪ وڏي ماليڪيول ۾ تبديل ڪندو آهي، اهوئي وڏا ماليڪيولز ڪڏهن پروٽين جا هوندا آهن تہ ڪڏهن چرٻي جا، اهوئي ڪيميائي ڏيتي ليتي جنھن ۾ وڏا ماليڪيول ٽٽي ڪري ننڍن ماليڪيولن ۾ تبديل ٿيندا آهن، انھن کي”ڪيٽابولزم“ چيو ويندو آهي، بلڪل انھي طرح جن ڪيميائي ڏي وٺ ۾ ننڍن ماليڪيول کي پاڻ ۾ جوڙي ڪري وڏا ماليڪيول بڻايا ويندا آهن، انھن کي”اينابولزم“ جو نالو ڏنو ويو آهي، هاڻي هلون ٿا هڪ هڪ ڪري انھن ٻنھي طرح جي ڏيتي ليتي تي تفصيلي روشني وجهون ٿا، ۽ اهو سمجھڻ جي ڪوشش بہ ڪيون ٿا تہ ڇا زندگي واقعي ڪيميائي ڏيتي ليتي جي هيٺ آهي،

ڪيٽابولزم Catabolism 
اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون تہ ڪيٽابولزم چورائڻ واري ڪيميائي ڏيتي ليتي جو مقصد وڏي ماليڪيول کي ننڍن ماليڪيول ۾ ٽوڙي ڪري انھن مان توانائي حاصل ڪرڻ هوندو آهي، پر اوهانجي ذهن ۾ اهو سوال بہ اُڀري رهيو هوندو تہ آخر هي ڪيٽابلوزم، انساني جسم جي ڪھڙي حصي ۾ سڀ کان وڌيڪ هوندو آهي. انجو سولو جواب اهو آهي تہ هاضمي واري نظام ۾ شامل ڪجھ عضوا جيئن منھن، معدو، ننڍا ۽ وڏا آنڊا ڪيٽابولزم جون قدرتي فيڪٽريون آهن، اسان جي غذا يا ٻيو ڪجھ جيڪو اسان کائيندا آهيون، انھن ۾” ڪاربوهائيڊريٽس“ چورائڻ وارا وڏا ماليڪيول يعني پروٽين ۽ چرٻي جو وڏو انگ موجود هوندو آهي، هاضمي واري نظام ۾ شامل عضوا ڪاربو هائيڊريٽس جي انھن وڏن ماليڪيول جي ننڍن ماليڪيولز يعني گلوڪوز ۾ ٽوڙيندا آهن، جنھن جي نتيجي ۾ توانائي جي وڏي کيت حاصل ٿيندي آهي، اها ئي توانائي آهي. جنھن کي اسان گھمندي ڦرندي استعمال ڪندا آهيون بلڪل انھي طرح اسانجي غذا ۾ شامل پروٽين جي وڏي ماليڪيولز کي هاضمي واري نظام جا عضوا ننڍن ماليڪيولز يعني امائنو ايسڊ ۾ تبديل ڪري وجھندا آهن. اهوئي سڀ ننڍا ماليڪيولز جيئن امائنو ايسڊز ۽ گلوڪوز ننڍي آنڊن مان گذر ڪندا آهن. انھن آنڊن سان لاڳاپيل رت جون رڳون انھن ماليڪيولن کي جگر تائين پھچائي ڇڏينديون آهن.

اينابولزم Anabolism 
جنھن ريت اسڪولن جي ليبارٽري ۾ ڪيترا ئي ڪيميائي مادا موجود هوندا آهن بلڪل انهي طرح هاضمي واري نظام مان ٺهندڙ مختلف قسمن جا ننڍا ماليڪيول جگر ۾ گڏ ٿيندا رهندا آهن، جگر انساني جسم جو سڀ کان اهم ڪيميائي فيڪٽري بہ آهي. جتان کان جسم جي سڀني خليات کي ضرورت موجب انھن گڏ ٿيل ماليڪيولز جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آهي. اوهان سوچي رهيا هوندو تہ اينابولزم جو ٽيگ تہ لڳايو آهي پر اڃان تائين ان بابت ناهي ٻڌايو، اينابولزم جھڙي ڪيميائي ڏيتي ليتي جسم ۾ هوندا ڪٿي آهن، انجو جواب آهي خلي Cell ۾. جي بلڪل خلي جي اندر اينابولزم ۽ ان جھڙا ڪيميائي ڏيتي ليتي هوندا آهن، جگر کان ايندڙ ننڍڙن امائنو ايسڊز کي ملائي ڪري، خليو پنھنجي ضرورت موجب وڏا ماليڪيول پروٽين ٺاهيندو آهي. خليو انھن پروٽين کي ٽپال پيغام جي ڏي وٺ ۾ بہ استعمال ڪندو آهي. ۽ انھن وسيلي پنھنجي مخصوص اندروني حصن يعني عضون Organelles تائين هدايتون پهچائيندو آهي تہ انھن کي ڇا ڪرڻ گھرجي، ۽ ڪٿي وڃڻ گھرجي، انکان سواءِ بہ پروٽين ڪيترن ئي ڪمن لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن.

خلا ۾ آواز

خلا ۾ آواز 

خلا ۾ آواز ڇو ناهي ٻڌڻ ۾ ايندي اوهانکي اهو ڄاڻي حيرت ٿيندي تہ آواز حقيقتن مادي جي ماليڪيول ذرن ۾ جنبش يعني لرزش Vibration جي ئي هڪ قسم آهي، ائين هي لرزش گھڻي تيز هوندي آهي. هاڻ ڇوجو خلا ۾ زمين جي نسبتن گھڻو ئي گھٽ مادو هوندو آهي، انڪري خلا ۾ اسان کي آواز ٻڌڻ ۾ ناهي ايندي. هتي اسان پھريان اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين تہ آواز ڪيئن پيدا ٿيندي آهي ۽ ڪيئن پنڌ ڪندي آهي، ان لاءِ سڀ کان سٺي مثال اسانجي ڳالھڻ واري آهي، جڏهن اسان ڪجھ ڳالهيندا آھيون تہ، اسانجي آواز توتارين تارن Vocal Cord ۾ لرزش ٿيندي آهي، لرزش جي وجھ سان آوازي تارن جي ويجھو موجود هوا جي ماليڪيول ۾ بہ لرزش پيدا ٿيندي آهي. جڏهن اهو ماليڪول پنھنجي ويجھو موجود هوا جي ٻين ماليڪيولز سان ٽڪرائبا آهن تہ هي پنھنجي لرزش حرڪت انھن ڏا اماڻي ڇڏيندا آهن، انھي طرح آواز جي الطاني تارن مان پيدا ٿيڻ واري لرزش هڪ کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽين لرزش مان ٿيندي، وڏي تيزي سان ٻاهر هلي ويندي آهي جنھن کي اسان آواز جي طور تي ٻڌي سگھون ٿا. ائين هاڻي پتو پيو تہ آواز کي اڳتي سفر ڪرڻ لاءِ ڪنھن واسطي جي ضرورت پوندي آهي، ۽ اهو واسطو پڪو، پاڻياٺ يا گيس جي حالت ۾ ٿي سگھي ٿو. هاڻ زمين تي تہ ہوا موجود هوندي آهي، جيڪا حقيقيتن گيس ئي هوندي آهي. پر خلا ۾ ڪجھ بہ ناهي هوندو. ائين خلا ۾ موجود گيسن وسيلي آواز سفر ڪري سگھي ٿي. پر انھن گيسن جو ريشو ايترو ناهي هوندو جو انجي ذريعي لرزش  اڳتي حرڪت ڪري سگھي. خلا ۾ گيس جا ماليڪول هڪ ٻئي کان ڪيترائي ڪلوميٽر پري هوندا آهن، ۽ ڪجھ جڳھن تي انکان بہ وڌيڪ،

Thursday, 14 November 2019

ڇا اسان ڊائنوسارز کي واپس آڻي سگھون ٿا

ڇا اسان ڊائنوسارز کي واپس آڻي سگھون ٿا
دريا خان 

اوھان 1993ع واري مشھور فلم جراسڪ پارڪ Jurassic Park تہ ضرور ڏٺي هوندي ۽ اهيو بہ سوچيو هوندو تہ ڇا ڊائنوسارز کي واپس آڻي سگھجي ٿو ان فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي تہ هڪ سائنسدان پاران امبر amber ۾ قيد ٿيل مڇر جي پيٽ ۾ موجود ڊائنوسارز جي رت مان ڊائنوسارز جو ڊي اين اي ڪڊيو ويو ۽ پوءِ ان ڊي اين اي مان ڊائنوسارز ٻيھر پيدا ڪيا ويا امبر اڄڪلھ تہ هڪ قيمتي پٿر طور استعمال ٿيندو آهي پر هي دراصل خاص قسمن جي وڻن منجھان نڪرندڙ هڪ رس آهي جيڪو ڄمي ڪري پٿر ٿي ويندو آهي ان رس ۾ ننڊڙا جيت ڪرڙيون ڦاسي پون تہ نڪري ناهين سگھندا ۽ انجي اندر ئي قيد ٿي ويندا آهن لکن ڪروڙن سالن ۾ هي رس ڄمي ڪري پٿر ٿي ويندو آهي ۽ ان ۾ موجود جيتن ڪرڙين کي هاڻي بہ انھي حالت ۾ ڏسي سگھجي ٿو جيئن اهوئي ڪروڙين سال اڳ هيا جڏهن اهوئي ان رس ۾ ڦاٿا هيا هي درست آهي تہ ڊائنوسارز جي زماني ۾ بہ مڇر ۽ ٻيا جيت موجود هيا جيڪي ڊائنوسارز جو رت پيئندا هيا انھن منجھان ڪافي جيت امبر ۾ ڦاسي ڪري پاڻ ہمیشہ جي لاءِ محفوظ ٿي ويا پر ايترو عرصو گذري وڃڻ سبب انھن جيتن جو ڊي اين اي ۽ انھن جي جسم جا سڀ حصا ٽوٽي ڦوٽي ويا آهن خاص طور انھن جي معدي ۾ موجود ڊائنوسارز جي رت ۾ ڊي اين اي جا سڀ ماليڪيولز ٽوٽي ڪري ڌار ٿي چڪا آهن پراڻي کان پراڻو کاڌو جنھن مان ان جانور جو ڊي اين اي حاصل ڪيو ويو آهي صرف ڏھ لک سال پراڻو آهي جڏهن تہ ڊائنوسارس کي ختم ٿيندي ساڊها ڇھ ڪروڙ سال ٿي چڪا آهن ائين جيڪڏهن اسان امبر ۾ قيد ٿيل مڇرن کي ان حالت ۾ ڏسي سگهون ٿا جنھن حالت ۾ اهوئي امبر ۾ ڦاٿا هيا ۽ انھن جي معدي ۾ ڳاڙهي رت کي بہ ڏسي سگھون ٿا پر ان رت مان ڊي اين اي حاصل نٿو ڪري سگھجي. 
اسان صفا ائين بہ نٿا چئجي سگھون تہ امبر ۾ قيد ٿيل جيتن ڪرڙين مان ڊائنوسارز جو ڊي اين اي حاصل نٿا ڪري سگھون گھڻا سائنسدان ان باري ۾ سوچيدا ضرور آهن تہ ڇا سائنس ڊائنوسارز کي ٻيھر تخليق ڪري سگھي ٿي
لنڊن ۾ نيچريل هسٽري ميوزيم جي paleontologist سوزي ميڊمنٽ جو بيان آهي تہ حقيقت ۾ جراسڪ پارڪ جھڙي ٽيڪنالوجي ممڪن ئي ناهي انجي برعڪس برطانيا جي هڪ يونيورسٽي جي ماھر جينيات جمال ناصر جو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن امبر ۾ قيد ٿيل جيوت مان ڊائنوسارز جو ڊي اين اي حاصل نٿو ڪري سگهجي پر ارتقا ڪو پھريان کان طي ٿيل عمل نہ آهي ائين دراصل ڊائناسورز جي ٻيھر ارتقا کي خارج امڪان قرار نٿو ڏئي سگهجي ارتقا ۾ اهڙو ڪو تصور نہ آهي تہ ارتقا هڪ ئي سمعت ۾ ٿي سگھجي ٿي ائين جيڪڏهن مناسب حالات پيدا ڪيا وڃن ۽ موجوده جيوت جي ڊي اين اي ۾ مناسب ترغيب لاڙو ميوٽيشنز پيدا ڪيون وڃن تہ دراصل ان ڳالھ جو امڪان موجود آهي تہ ڊائنوسارز ٻيھر پيدا ڪري سگھجن هي حقيقت آهي تہ ڊائنوسارز جو فطري طور تي ٻيھر ارتقا ٿي وڃڻ ناممڪن آهي ڇوجو ارتقا جو بنيادي اصلاح ڊي اين اي ۾ ترغيب ميوٽيشنز آهي جيڪو ہمیشہ رينڊم هوندي آهي پر جيڪڏهن انسان ڪنٽرولڊ ماحول ۾ موجود پکين جي ڊي اين اي ۾ هڪ هڪ ڪري ترغيب ميوٽيشن ختم ڪندا وڃن تہ ڊائنوسار مان پکين جي ارتقاء جي عمل دوران ٿي تہ دراصل پکين جي ارتقاء کي ريورس ۾ هلائجي سگھجي ٿو 
ڪجھ سائنسدان تہ هاڻي کان ئي ڪڪڙن تي جينياتي تجربا ڪري رهيا آهن تہ جيئن هي ڏٺو وڃي تہ ڇا ڪڪڙن ۾ موجود ڊائنوسارز جا اهڙا جينز ٻيھر فعال ڪري سگھجن ٿا جواب ترغيب ميوٽيشنز ڪارڻ ناڪارا ٿي چڪا آهن انھن تجربن ۾ ڪجھ ڪاميابيون بہ مليون آهن جيئن هڪ تجربي ۾ سائنسدانن پاران ڪڪڙ جي ڊي اين اي مان اهو ترغيب ميوٽيشنز ڪڊهيا جن ڪارڻ پکين ۾ ڏنڊ ٺهڻ وارا جينز ناڪارا ٿي چڪا آهن انجي نتيجي ۾ ڪڪڙ جي جنين ۾ ڏنڊ پيدا ٿيڻ لڳا پر اهڙن جنين کي ضايع ڪيو ويندو آهي ۽ انھن کي مڪمل چوزو بڻجڻ ناهي ڏيندو 
ڪجھ ماهرن جو اهيو بہ چوڻ آهي تہ ڊائنوسارز هاڻي بہ اسان وٽ موجود آهن صرف فرق اهيو آهي تہ اسان انھن کي پکين جو نالو ڏنو آهي سڀ ماهر ان ڳالھ تہ متفق پڻ آهن تہ موجودہ پکين جو ارتقاء گوشت خور ڊائنوسارز مان ئي ٿيو آهي پکين ۾ ارتقاء هاڻي بہ مسلسل ٿي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ پکين جون نيون خاصيتون وجود ۾ اينديون رهنديون جن کي اسان ڊائنوسارز جون نيون خاصيتون چئي سگھون ٿا 
انکان علاوه ماهرن جو اهيو بہ خيال آهي تہ جيڪڏهن ساڊها ڇھ ڪروڙ سال پراڻين جانورن کي ڪنھن طريقي سان ٻيھر پيدا ڪري بہ وٺجي تہ انھن کي زندھ رکڻ ۽ انھن جي نسل کي اڳتي وڌائڻ ممڪن نہ هوندو ڇوجو اهڙا جانور ساڊها ڇھ سئو سال پراڻي ماحول سان واسطو رکندڙ آهن ان لاءِ اهوئي اڄ جي ماحول ۾ زندھ نہ رهي سگھندا جيڪڏهن مستقبل جي ٽيڪنالوجي سان ڊائنوسارز
کي ٻيھر پيدا ڪرڻ بہ ممڪن ٿي وڃي پر مستقبل کانپوءِ بہ ڊائنوسارز کي ڪاميابي سان واپس نٿو آڻي سگھجي ڇوجو ڊائنوسارز مستقبل جي ماحول ۾ زندھ نہ رهي سگھندا.

ذائنوسارز جي دور جي شروعات

ويھ لک سال جو مينھن، ذائنوسارز جي دور جي شروعات
دريا خان 

ڪجھ وڏا آتش فشان لاروا اٻري رهيا آهن ۽ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ گھڻي آهي، زمين جو خشڪ حصو هڪ ٽڪڙي جي شڪل ۾ آهي، زمين جي سطح گھڻي گرم ۽ خشڪ آهي، رهڙيندڙ جانور ۽ کير پياڪ جي نسل هر طرف ڦھليل آهي انکان پھريان پرمين دور جي وڏي خطري جي شروعات ٿي آهي جنھن سان ڪيترا جيوت هاڻ اڻ لڀ ٿي چڪا 
هي زمين آهي ٽرائنسڪ دور جي شروعات جي، پوءِ اڄ کان ٽيھ ڪروڙ چاليھ لک سال اڳ موسم بدليو آهي، هي زمين جي تاريخ جو سڀ کان گھڻو مينھن وسڻ جو دور آهي جيڪو ان گرم ۽ خشڪ زمين کي ۽ ان ۾ رهندڙ زندگي جو نقشو بدلي ڇڏيندو، مينهن جو هي دور ويھ لک سال تائين رهندو، هي زمين تي ذائنوسارز جي حڪومت جي شروعات آهي 
هي سڀ معلومات ان دور جي پد/حرارت، ان آلي موسم جي ڪهاڻي، ان سان ٿيندڙ زندگي جي تبديلي اسانجي پيرن هيٺان زمين ۾ محفوظ آهي، گرم دور جا پٿر ڳاڙها بجري جا پٿر آهن ۽ ان وقت جي مٽي ۾ ڪو ڪوئلو ناهي جيڪو انجي پويان واري دور پرمين جو حصو ھيو 
زمين ڇو خشڪ هئي! انجي هڪ وجھ انجي شڪل هئي جتي تقريبن خشڪ حصو هڪ براعظم جي شڪل ۾ هيو
تصوير سان جوڙيل ٻئي تصوير ۾، مينهن وسائڻ وارا ڪڪر نہ اوترو اندر ويندا هئا ۽ نہ ئي پهاڙي سلسلو هئا
جيڪو خشڪي تي مينهن وسائڻ ۾ مدد ڪري سگهن، رهڙيندڙ جانورن جو زمين تي قبضو هو، شروعاتي ڊائنوسارز اچي چڪا هيا ان وقت جي جانورن ۾ ڪجھ جا خاڪا گڏ لڳل تصوير ۾، سڀ کان وڌيڪ لسٽروسارس پاتا ويندا هئا، جن جي ڪجھ نسل جا پنڊ پهڻ/فاسلز گهڻي تعداد ۾ مليا آهن ۽ پليٽ ٽيڪٽانڪس جو هڪ ثبوت هي بہ رهيو
پر ان نسل جي مطابقت خشڪ موسم سان هئي، مينهن هي سڀ اڳتي پوئتي ڪري ڇڏيو، ان مينهن جو پتو نوي جي ڏهائي ۾ ٻن برطانوي ماهرن ارضياتن لڳايو، ڳاڙهي پتن جو بدلجڻ ٿلھي چادر دار ڌريائي پٿرن ۽ وڏين شاخن واري سيڊيمنٽري پٿرن سان ۽ هي هڪ جڳھ جون ناهين، پوري دنيا جي ڪهاڻي آهي، برطانيا، امريڪا، اٽلي، آسٽريليا اوڀر طرف، چين هر جڳھ تي اڳئين ويھ ورهين جي مطالعي مان پٿرن جو بدلجڻ هڪ ئي طرح جو ۽ هڪ ئي تاريخ جو نڪتو، ٽيھ ڪروڙ چاليھ لک سال اڳ هي مينهن شروع ٿيو ۽ ٽيھ ڪروڙ ويھ لک سال پهريان تائين جاري رهي. 

انکي ڪارنين پلووئيل ايونٽ ڪارنين دور جو مينهن جو واقعو چئبو آهي ويھ لک سال جو عرصو انساني تاريخ کان تہ ڪيترا ڀيرا وڌيڪ آهي پر زمين جي تاريخ لاءِ گھڻو وسي وقت آهي ان وقت جو مينھن اڄ جي مقابلي ۾ چار ڀيرا وڌيڪ هئا 
ان مينھن مان گھڻو فائدو ڊائنوسارن ورتو ڪنھن قدر فائدو! ان جي شروعات تي ملندڙ پنڊ پهڻ ۾ صرف پنج سيڪڙو ڊائنوسارز جا آهن جڏهن تہ انجي پڄاڻي جي وقت ۾ ملڻ وارا نوي سيڪڙو پنڊ پهڻ ڊائنوسارز جا آهن
ڊائنوسارز ڇو ڪامياب ٿيا! انجي وجھ هي تہ مينھن جي وجھ سان وڏن وڻن جي تعداد تيزي سان وڌڻ لڳي وڏا ڪونيفرز جي گهڻائي نظر ايندي آهي رهڙيندڙ جانور خشڪ دور جي پستا قامت ٻوٽن لاءِ ٺيڪ هئا پر نوا بڻجندڙ جهنگلن جن جانورن جون ٽنگون وڏيون هيون ۽ اهوئي پنھنجي پوئين ٽنگن تي بيهي ڪري مٿاڇري ڏا پنھنجي خوارڪ حاصل ڪري سگھندڙ هئا اهوئي ڪامياب رهيا
ڊيڪانيڊونٽ جا ڏنڊ نہ هئا ۽ نہ ئي اهو ڪاٺي هضم ڪري سگھندا هئا، هي اسانکي انھن جي اڄ محفوظ پنڊ پهڻ مان پتو پيو، ننڍيون جڙي ٻوٽين واري زمين جڏهن وڏي قد واري جهنگلن واري زمين ۾ بدلي تہ گڏ ئي جانور بہ، ۽ پوسٽ سان گڏ لڳل تصويرون واري ختم ٿي ويا 
هي مينھن شروع ٿيو ڇو! ان وجھ جو پتو اسانکي الاسڪا ۽ اتر ڪينيڊا کان پوندو آهي هتي شروع ٿيندڙ زبردست آتش فشاني عمل سان جنھن کي رينگلئين ارپشن چئبو آهي
هي لکين سال جاري رهڻ وارو عمل هئو جنھن مان نڪرڻ وارو لاروا جي تھ ڇھ ڪلو ميٽر ٿلهي آهي، ان مان وڏي تعداد ۾ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ نڪتي جنھن پوري دنيا ۾ زمين جو درجو پد ۾ ٽي کان ڏھ ڊگري وڌارو ڪري ڇڏيو ان سان پاڻي جو چڪر تيز ٿي ويو سمنڊ جو درجو پد وڌڻ سان تبخيري عمل گھڻو وڌيو، ڏھ لک سال جاري رهڻ واري آتش فشاني عمل زمين کي ايترو گرم ڪيو جو سمنڊ مان اڏامندڙ ڪڪر  ان چڪر جي اندر واري حصن تائين پهچڻ شروع ٿي ويا 
هي مينھن ختم ڪيئن ٿيو! زمين جي ميٽابولز مان ٻوٽا ڪاربن کي پنھنجي جسم جو حصو بڻائيندا آهن، رڳڙ وارا پٿر بہ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪندا آهن ۽ سمنڊ انھن کي جذب ڪري لائم اسٽون جهڙي ڪاربونيٽ پٿرن جو حصو بڻائي ڇڏيندا آهن، جڏهن آتش فشان عمل رڪيو ۽ گڏ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ گهٽ ٿيڻ شروع ٿئي تہ زمين جي ان واقعي جي بہ پڄاڻي ٿي 
انکان پوءِ واپس خشڪ ۽ گرم موسم سان گڏ ان براعظم ٽٽڻ شروع ڪري ڇڏيو پر ان موسمي تبدلي جا زندگي تي اثر مستقل هيا ڪونيفرز زمين تي ڦهلجي ويا ۽ انجون الڳ الڳ نسلون بڻيون، اڄ جي صنوبر، چير، ديودار ۽ ٻيا پائن وڻن جي شروعات بہ ان وقت جي آهي 

هي زمين تي اڳئين ساڊها سورهن ڪروڙ ورهين لاءِ ڊائنوسارز جي حڪومت جي شروعات هئي
پھرين تصوير انھن جانورن جي جيڪي ان دور کان اڳ هئا، ٻئي تصوير ڪارين دور جي آخر ۾ زمين جو نقشو ۽ ٽئي تصوير هڪ آرٽسٽ جو زمين جي باري ۾ ان دور جو خيال

ڊائنوسارز جي دور جو خاتمو

ڇا اسان ڊائنوسارز کي واپس آڻي سگھون ٿا 

ذائنوسارز جي دور جو خاتمو

ذائنوسارز جي دور جو خاتمو 
ترجمو: دريا خان

ڇھ ڪروڙ سٺ لک سال اڳ، ميسوزوئيڪ دور جو هي آخري ڏينھن آهي- اتر ميڪسيڪو ۾ يوڪاٽان پيننسولا ۾ ڪانيفر جي وڏن وڻن واري جھنگ ۾ سج جي روشني ان گپ واري زمين تي پهچي رهي آهي هي ميڪسيڪو جو خليج سمنڊ آهي وڏن ڪيڙن ۽ ڊائنوسارز جي آوازن سان گونجندڙ ان جھنگ ۾ رهندڙ زندگي کي خبر ناهي تہ اڄ ڇا ٿيڻ وارو آهي! 
زمين ڏا هڪ ڇھ ميل وڏو پٿر چاليھ هزار ميل في ڪلاڪ سان وڌي رهيو آهي فضا ۾ پهچي ڪري انجي رڳڙ سان هي گرم ٿيو ۽ پوءِ هڪ وڏو ڌماڪو- اوترو وڏو حادثو جيڪو هڪ لک کرب ٽن بارود جي ڦاٽڻ جهڙو هئو 
هي جبل جي سائز جو پٿر ڪيترا ميل اندر هليو ويو ۽ ان حادثي زمين جي سطح ۾ ميلن ھيٺ ۽ هڪ سو پندرهن ميل وڏو کڏو بڻائي ڇڏيو- ڪيترا مربعہ ميل پليٽون دونهون ٿي ويون، ان سان زمين تي پوندڙ زخم خليج ميڪسيڪو جو چڪشلب ڪريٽر آهي انکان پوءِ ڇا ٿيو- پرڊيو يونيورسٽي ۽ امپيريل ڪالج لنڊن جي تحقيقاتي ٽيمن انجو وڏو تفصيلي ڊانچو تيار ڪيو  
ان سان بڻجندڙ بلاسٽ ويو هڪ هزار ڪلوميٽر جي دائري ۾ رهڻ واري زندگي کي ڪجھ ئي سيڪنڊن ۾ ختم ڪري ڇڏيو، ان مان نڪرندڙ ٿرمل ريڊي ايش گاھ وڻن ۽ پٿرن کي باھ لڳائي ڇڏي ۽ نو سيڪنڊ ۾ ان علائقي جا وڏا جانور مري ويا، ان باھ کان پوءِ ٻوڏ سيلاب جي ڇولي هڪ هزار فٽ مٿي اٿئي ۽ رڪٽر اسڪيل تي ڏھ کان وڌيڪ اسڪيل جو زلزلو، ان زلزلي جي شدت ان ڀاڳي گهڻي هئي جو ڏيڊ سو ورهين تائين ايندڙ زلزلن جي شدت جي برابر هئي 
اٺ منٽن کان پوءِ خاڪ هيٺ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٻرندڙ زمين ان خاڪ سان ڌڪجي وئي، جتي اهو حادثو ٿيو هو 
انجي پنجيتاليهہ منٽن کانپوءِ هڪ وڏو طوفان جيڪو ڇھ سو ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان آهي، جيڪو هي ڊير بہ کڻي ويو ۽  جتي پھتو اتان جي هر بيٺل شي کي ڪرائي ڇڏيو، جيڪو سڌو سنئون انجي سڌ ۾ نہ آيا ۽ انکان پري هئا، انھن کي هاڻ اونڌهہ ٿيندڙ آسمان نظر اچي رهيو هو، ۽ اهڙن ٽٽل ستارن جو مينھن هي اهو ڊير آهي جيڪو ان حادثي ڪارڻ اڏامي ڪري واپس زمين ڏا اچي رهيو آهي 
پر هي ٽٽل ستارن کان ڪجھ فرق آهي جيئن ڳاڙهي رنگ جون لڪيرون، خاڪ، اڏامندڙ زميني پليٽون، دنهون ۽ ان ڊير ڪارڻ آسمان اونڌهہ ٿيندو وڃي رهيو آ 
ڪجھ ڪلاڪن تائين مڪتل تاري رهي ۽ پوءِ هلڪي هلڪي وڌندڙ روشني اڳئين ڪجھ هفتن ۽ مهينن تائين ان جهڙو ڪو وڏو آلودگي وارو ڏينھن هجي ان حادثي جي شروعات ڪلاڪ جي ويجھو جاندارن جي زندگي ختم ڪري ڇڏي پر ماحولياتي اثر دير تائين هئو، خاڪ جي ڪڪرن زمين تي روشني گهٽ ڪري ڇڏي جنھن ڪارڻ فوٽوسنٿيز ٿيڻ بند ٿيو ۽ ٻوٽن جي موت ٿيڻ شروع ٿئي ۽ گڏ انھن کي کائيندڙ جي، مينهن جڏهن وسيو تہ هي تيزابي گپ بڻجي ويو، لڳڻ واري وڏي باھ سان زهريلو مواد پکڙجي ويو ۽ ڪجھ عرصي لاءِ اوزون جي چادر کي وڏو نقصان رسيو، هڪ سو کرب ٽن جي اضافي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ، هڪ کرب ٽن ڪاربن مونو آڪسائيڊ، ۽ هڪ کرب ٽن ميٿين انجو ماحولياتي اثر هو. 
پهريان نيوڪلئيائي ٿڌ ۽ پوءِ گلوبل وارمنگ ڪيترن ورهين کانپوءِ جڏهن تائين انجا اثر ختم ٿيا، زمين تي اسي سيڪڙو زندگي جو خاتمو ٿي چڪو هو پر سيهڙ کان وڏي سائز جو ڪوبہ جاندار زندھ نہ بچيو هو

 ڊائنوسارز جي دور جي شروعات

ڇا اسان ڊائنوسارز کي واپس آڻي سگھون ٿا 

Wednesday, 13 November 2019

عڪسي ڪهڪشائون

عڪسي ڪهڪشائون 

ڪجھ عرصو اڳ هبل خلائي دوربين يارهن ارب نوري سال جي پنڌ تي موجود ڪهڪشائن جي هڪ دائري جو مشاهدو ٿيو جنھن ۾ هڪ جهڙيون ڏيک ڏيندڙ ٻارهن ڪهڪشائون موجود هيون پر هاڻ پتو پيو آهي تہ اهوئي ٻارهن هڪجهڙيون ڪهڪشائون نہ بلڪ هڪ ئي ڪهڪشان جا ٻارهن عڪس آهن جيڪي فطرتي ثقلي شيشي gravitational lensing جي وجھ سان ٺهي ويون آهن 
هفتواري ميگزين سائنس جي تازي شماري ۾ ماهرن فلڪيات جي هڪ انٽرنيشنل ٽيم ان بابت رپورٽ پڌري ڪرائي آهي، جنھن ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ”سن برسٽ آرڪ“ نالي ان ڪهڪشاني دائري ۾ گهٽ ۾ گھٽ ٻاهرن ڪهڪشائون اهڙيون آهن جيڪي حقيقتن هڪ ئي ڪهڪشان جا مختلف عڪس آهن 

ثقلي شيشي gravitational lensing ۾ غير معمولي ڪميت رکڻ واري ڪنھن فلڪي جسم جي ڪشش ثقل، روشني جي الڳ جهڪ کي موڙي ڇڏيندي آهي جنھن جي نتيجي ۾ ڪڏهن ڏيک عام کان وڏو ۽ وڌيڪ روشن نظر ايندو آهي تہ ڪڏهن هڪ ئي شي جا هڪ کان وڌيڪ عڪس ڏيکاربا آهن، ثقلي شيشي جي پيشنگوئي، آئنسٽائين پنھنجي مشهور ٿيوري”نظريہ اضافيت ٿيوري آف ريليٽويٽي“ تي تحقيق اڳتي وڌائيندي ڪئي هئي، جيڪا اڄ تائين ڪيترا ڀيرا صحيح ثابت ٿي چڪي آهي. پر اهو پھريون موقعو آهي جڏهن اسانکي هڪ ئي ڪهڪشان جا ٻارهن عڪس ڏسڻ لاءِ مليا آهن.

اندازو آهي تہ سن برسٽ آرڪ جي اصل ڪهڪشان، ڪائناتي منظر ۾ ڪٿي لڪيل آهي، جڏهن انکان اچڻ واري روشني جي رستي ۾ گهڻي ڪشش ثقل رکڻ وارا فلڪي جسم موجود آهن جيڪي ان روشني کي مختلف پاسن ۾ موڙي ڪري اسان ڏا اماڻي رهيا آهن. ۽ اسانکي ائين لڳي رهيو آهي تہ جيئن هي مخلتف ڪهڪشائن مان ايندڙ روشني هجي. جيڪا اسان کان تقريبن چار ارب سٺ ڪروڙ نوري سال ڏور آهي، ڪهڪشائن جو هڪ وڏو جهڳٽو”گيلڪٽڪ ڪلسٽر موجود آهي جيڪو ان مان ايندڙ روشني کي موڙي رهيا آهن. انھي ريت اڳتي وڃڻ ڏئي رهيا آهن، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن حصن ۾ ورڇ ٿي وئي آهي

Tuesday, 12 November 2019

سڀ کان وڏو ڪير

سڀ کان وڏو ڪير
”دريا خان“

اها ڳالھ اوھان لاءِ حيرت جوڳي هوندي تہ هاڻ تائين جي حياتياتي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو جانور ڪو ڊائنوسارز نہ هئو بلڪ سمنڊ ۾ پاتو ويندو هڪ مماليا آهي، ۽ اهو بہ ماضي جو نہ بلڪ حال جو مماليا جنھن کي اسان نيري مڇي”بلو وهيل Blue whale“ سمنڊ جي راڻي سان سڃاڻون ٿا. نيري وهيل جي لمبائي سئو فٽ ۽ انجو وزن هڪ سئو اسي ٽن تائين هوندو آهي، هڪ ٽن ۾ هزار ڪلوگرام هوندا آهن ائين چئجي سگھجي ٿو ان نيري وهل جو وزن ٻہ لک ڪلو گرام کان ڪجھ گھٽ هوندو آهي، اهو ايترو وزن آهي جو هاڻي تائين معلوم ڪنھن بہ وڏي ڊائنوسارس جي وزن کان بہ گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻو آهي. ياد رهي تہ جاندارن جو تخمو انھن جي جسامت بجائي انجي وزن جي حساب سان ننڍو يا وڏو شمار ڪيو ويندو آهي. ائين جيڪڏهن اسان جسامت جي حساب سان ڏسون تہ بہ نيري وهيل کان وڌيڪ جانور گهٽ ئي پاتا ويندا هئا. پر انجو اهو ڪارڻ ناهي تہ ڪو جانور پاتو ئي نہ ويندو هئو. اڄ کان تقريبن پندرهن ڪروڙ سال اڳ”جراسي عهد ۾“ زمين تي خشڪي جا عظيم جانور موجود هئا، اسان انھن جانورن کي ڊائنوسارس جي نالي سان سڃاڻون ٿا، جراسي عهد وڏي گچي وارا ڊائنوسارس گھڻي ڀاڳي وڏا هئا، زمين جي تاريخ ۾ خشڪي جي وڏا جانور نہ پھريان ڪڏهن پيدا ٿيا ۽ نہ انھن کان پوءِ هاڻ تائين پيدا ٿيا آهن. اڄ کان ڪجھ عرصو اڳ وڏو ۽ لمبائي جي حساب سان جانور هجڻ جو اعزاز ”ڊپلوذوڪس diplodocus“ نالي ڊائنوسارس کي حاصل آهي. جنھن جي لمبائي 82 ٻياسي فٽ هئي. ظاهر آهي تہ زندگي جي دوران ان جي ھڏن تي گوشت ۽ کل بہ موجود هوندي جنھن کي شامل ڪرڻ کانپوءِ ان جانور جي لمبائي گهٽ ۾ گهٽ 90 نوي فٽ تائين رهي هوندي. پر 2014ع ۾ ارجنٽينا ڏکڻ آمريڪا کان دريافت ٿيل هڪ وڏي ڳچيءَ وارو ڊائنوسار جي باري ۾ ماهرن جو چوڻ آهي تہ انجي لمبائي هڪ سئو ٽيھ فٽ تائين رهي هوندي. هي تہ ٿي ويو انھن جانورن جو ذڪر جن جي ڍانچن جا وڌيڪ حصا دريافت ٿي چڪا آهن. پر ڪجھ اھڙا بہ ڊائنوسارز بہ مليا آهن جن مان پتو پيو آهي تہ اهوئي اڻ يقين حد تائين وڏا هئا. پر انھن کي انھن عظيم ڊائنوسارن ۾ شمار ناهي ڪيو ويندو، ڇوجو انھن جي ڍانچن جا گهڻا ئي گهٽ حصا دريافت ٿي سگھيا آهن. جنھن سبب ماهرن کي انھن جي جسامت جو صحيح اندازو لڳائڻ ۾ مشڪل رهي آهي، جيڪڏهن انھن جي ڍانچن جي حصن کي ٻين ڊائنوسارس جي ڍانچن جي حصن سان لاڳاپو ڪرڻ کانپوءِ انھن جي جسم جي ڪل لمبائي جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي تہ غير معمولي جواب ملندا آهن. انھن ڊائنوسارز مان هڪ ڊائنوسار”بروٿ ڪيوسارس Bruhathkayosaurus“ هئو جنھن جي لمبائي هڪ سئو 45 تاليھ فٽ جڏهن تہ وزن 2 سئو ٽن، نيري وهيل کان بہ گھڻو وزني هئو، هڪ ٻيو ڊائنوسارس”ايمفي ڪومڪياس Amphicoelias“ بابت خيال ڪيو ويندو آھي تہ انجي لمبائي هڪ سئو 93 فٽ تائين رهي هوندي، جنھن جو وزن گهٽ ۾ گھٽ هڪ سئو 22 ٽن تائين هئو. اها ڳالھ بہ دلچسپي کان خالي ناهي تہ ڊائنوسارس کانپوءِ خشڪي جو عظيم جانور ڪو هاٿي ناهي بلڪ هڪ قسم جو گينڊو هئو، جنھن کي اسان”بلوچي ٿيريم Baluchitherium“ جي نالي سان سڃاڻون ٿا. ان عظيم ڊائنوسارس جا ڍانچا هاڻوڪي بلوچستان مان دريافت ٿا هيا،

ان بابت

اسپيس ايڪس جي خلائي ديوانگي

اسپيس ايڪس جي خلائي ديوانگي
”دريا خان“

آمريڪي خلائي ايجنسي اسپيس ايڪس ڪمپني خلا ۾ 30 هزار سيٽلائيٽون موڪلڻ لاءِ تيار, ڪجھ ماڻھن جو خيال آهي تہ مستقبل ۾ اسپيس ايڪس چنڊ تي يا خلا ۾ سولر پینلز سسٽم جو ڄار وڇائي سگھي ٿي، اهو خيال انڪري بہ مشھور آھي جو خلا ۾ سج چوويھ ڪلاڪ روشن رهندو آهي جنھن سبب سولر پینلز گھڻي ڀاڳي بجليءَ پيدا ڪري زمين تي اماڻي سگھن ٿا، هوئين تہ اسانکي اسپيس ايڪس ڪمپني جا علان پريشان ڪري وجھندا آهن پر حقيقتن اها انساني خلائي ديوانگي ئي آهي جيڪو خلا کي پنھنجو گھر ڪرڻ گھري ٿو. ڪيترين ئي ڪمپنين جي مالڪ”ايلون مسڪ“ جو چوڻ آهي تہ اهوئي خلا ۾ 30 ٽيھ هزار کان وڌيڪ سيٽلائيٽون موڪلڻ جو ارادو رکن ٿا، جيڪو انساني تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ايتري وڏي تعداد ۾ ننڍيون سيٽلائيٽون موڪلڻ جو ڪو منصوبو پيش ڪيو هجي، تازو ايلون مسڪ پاران”انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن يونين ITU“ ۾ هڪ درخواست پڻ ان بابت جمع ڪرائي هئي تہ اسانکي اجازت نامو ڏنو وڃي. آئي ٽي يو گڏيل قومن جي هڪ ايجنسي آهي جيڪا هٿرادو سيارچن کي خلا ۾ موڪلڻ جا سڀ معاملا ڏسندي رهندي آهي، اسپيس ايڪس ڪمپني پاران پندرهن سئو سيٽلائيٽ جي 20 گروپ زميني مدار ۾ موڪليندي پر آئي ٽي يو کان سواءِ بہ اسپيس ايڪس کي ٻين ايجنسين کان منظوري وٺڻي پوندي. تازو اسپيس ايڪس ڪمپني پھريان ئي 60 سيٽلائيٽون خلا ۾ موڪلڻ جي منظوري وٺي چڪي هئي جنھن کان پوءِ 11 نومبر 2019ع جو ان ڪاميابي سان اسٽار لنڪ نالي وائرليس انٽرنيٽ نظام جون سڀ سيٽلائيٽون هڪ هڪ ڪري خلا ۾ اماڻيون جنھن جا منظر پوري دنيا ۾ ميداني علائقن ۾ پڻ ڏٺا ويا، ڪيترن ئي ماڻھن ان منظر کي پنھنجي موبائل جي ڪيمرا ۾ پڻ محفوظ ڪيو، اهو منظر سنڌ ۽ بلوچستان جي ميداني علائقن ۾ رهندڙن ماڻھن پڻ ڏٺو. ڪمپني جو چوڻ آهي انھن هٿرادو سيارچن سان زميني مشاهدو بہ ممڪن آهي، هر سيٽلائيٽ جو وزن 330 کان 580 ڪلو گرام ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي سڀ زمين جون صاف ۽ چٽيون تصويرون وٺڻ جي قابل بہ آهن. ٻئي پاسي ماهرن جو خيال آهي تہ ايتري وڏي تعداد ۾ سيٽلائيٽون موڪلڻ سان خلا ۾ موجود سيٽلائيٽن جي هڪٻئي سان ٽڪرائجڻ جو خطرو بہ وڌي سگهي ٿو، پر اسپيس ايڪس ڪمپني جو چوڻ آھي تہ ائين نہ ٿيندو، ياد رهي تہ اسپيس ايڪس وٽ فالڪن نالي اهڙو راڪٽ بہ موجود آهي جيڪو چار ڀيرا خلا ۾ سيٽلائيٽون ڇڏي واپس زمين تي ڪاميابي سان لٿو آهي،

اسپيس ايڪس آمريڪي خلائي ايجنسي پاران هڪ ئي وقت 60 کان وڌيڪ اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلڻ جو ڪامياب تجربو

اسپيس ايڪس آمريڪي خلائي ايجنسي پاران هڪ ئي وقت 60 کان وڌيڪ اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلڻ جو ڪامياب تجربو

”دريا خان“

اهوئي فالڪن راڪٽ وسيلي 60 اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ زميني مدار ۾ اماڻيون ويون سڄي دنيا ۾ تيز انٽرنيٽ جي سهولت لاءِ اسٽار لنڪ واري سلسلي جون 60 سيٽلائيٽن جو پھريون گروپ ڪاميابي سان خلا ۾ پھچي ويو 
اھوئي سيٽلائيٽون فالڪن 9 راڪٽ ذريعي فلوريڊا ۾ لڳل ڪيمپ ڪيناورل خلائي اڏي مان روانو ڪيا ويا ۽ غير معمولي تجربي ۾ وري وري استعمال ٿيڻ واري راڪٽ جو تجربو بہ ڪيو ويو
لائچ ٿيڻ کانپوءِ ڪجھ منٽن ۾ راڪٽ جو پھريون مرحلو پاڻ مرادو الڳ ٿي سمنڊي جھاز تي ڪاميابي سان لٿو. جنھن کانپوءِ ٻيو مرحلو سيٽلائيٽ تي لوڊ کڻي زميني مداري ۾ هليو ويو. ان مرحلي تي راڪٽ جي رفتار ٽي سيڪڙو وڌي وئي ڇوجو جيئن ئي پھريون مرحلو الڳ ٿيندو آهي راڪٽ جي رفتار بہ وڌندي آهي
اڄ ان راڪٽ جي ڪامياب اڏام مان پھريون دفعو هڪ ئي راڪٽ بوسٽر کي وري وري استعمال ڪيو ويو. جيڪو انکان اڳ چار ڀيرا استعمال ڪيو ويو هيو، جيڪو وڏو اهم ڪارنامو پڻ آهي. انکان پھريان اهو راڪٽ بوسٽر سمنڊ ۾ ڪريو هئو جنھن کي ڪڍي ڪري ٻيهر استعمال جهڙو بڻايو ويو. راڪٽ جي اڏام کان هڪ ڪلاڪ کانپوءِ وري وري سڀني سيٽلائيٽن کي زميني مدار ۾ اماڻيو ويو، جنھن جا منظر سنڌ جي ميداني علائقن ۾ پڻ ڏٺا ويا جيڪي سڀ سيٽلائيٽون هڪ خاص جڳھ تي گلاب جي پنن جيان رکيون ويو هيون، اڳين مرحلي ۾ سيٽلائيٽون هڪ ٻئي کان ڏور ٿي وينديون جتي انھن ۾ لڳل ڪرپٽون آين ٿراسٽر انھن کي پنھنجي پنھنجي مداري جڳھ تي اماڻيندو. ياد رهي تہ اسپيس ايڪس ڪمپني اسٽار لنڪ سلسلي جون ٻارھن هزار کان مٿي سيٽلائيٽون زميني هيٺين مدار ۾ اماڻين جي خواهش رکي ٿي تہ جيئن دنيا ۾ هر جڳھ انٽرنيٽ جو ڄار وڇايو وڃي جنھن جي اڃان انکي اجازت ناهي ڏني وئي،
ان کان پهرين 24 مئي 2019  تي پڻ ساڳي قسم جو تجربو ڪيو ويو هو.

وڊيو 

#SpaceX #StarlinkMissionSatellites #ScienceJeDunya

سڀ جا سڀ تارا ڪٿي آهيو

سڀ جا سڀ تارا ڪٿي آهيو
”دريا خان“

تارن سان روشن رات زميني مٿاڇري کي غور سان ڏسڻ سان هر ڪو ڪجھ نہ ڪجھ محسوس لازمي ڪندو آهي. ڪڏهن چنڊ اڌ نظر ايندو آهي ڪڏهن وري پورو روشن ٿي اسان کي ڏسڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي تہ ڪڏهن شام جو سج اسان کان ڏور ٻين ماڻھن لاءِ روشن ٿيندو آهي ۽ اسان لاءِ ڳاڙهو منظر پيش ڪندو آهي، روشني سان ڀريل زميني مٿاڇرو گھڻو وسيع آهي پر حقيقتن اسان انکي ٿورو ئي پري ڏسي سگهو ٿا. گھڻي چٽي صاف راتين ۾ بہ اسان وڌ مان وڌ پنجويھ هزار تارن کي ئي ڏسي سگهو ٿا، جيڪو اسانجي ڪهڪشان ملڪي وي جي تارن جو هڪ سيڪڙو ٿئي ٿو. هي سڀ اهوئي تارا آهن جيڪي هڪ هزار نوري سال جي پنڌ تي يا انکان بہ گھٽ پنڌ تي موجود آھن. ھڪ ھزار نوري سال اسانجي ڪهڪشان ملڪي وي جو هڪ سيڪڙو آهي، جيڪي اسان رات جو تارا ڏسندا آهيون اهوئي خالي هڪ ننڍي دائري جي اندر ئي موجود هوندا آهن. جيتوڻيڪ اسانجي ملڪي وي ۾ ڪروڙين تارا موجود آهن. جڏهن تارن ۽ ڪهڪشائن جي ڳالھ هلندي آهي تہ ڪجھ ماڻھن جي ذهن ۾ اهو سوال جنم وٺندو آهي تہ ڇا اسان هن ڪائنات ۾ اڪيلا آهيون؟ يا اسان کان سواءِ بہ ذهنن سان لاڳاپيل زندگي ڪٿي موجود آهي؟ جيڪڏهن”ها“ تہ پوءِ اها ذهني حيات ڪٿي آهي، انريڪو فرمي جي ذهن ۾ بہ اهو سوال اڀرندو هئو، ڪهڪشائون ڪائنات جي ايتري حصي ۾ آهن جيڪي اسانجي دوربينن جي پڪڙ ۾ آهن. سائنسدانن جو ان ڳالھ تي هڪ راءِ آهي تہ ڪائنات جا سڀ تارا اسانجي سج جيان ناهين. سج جيترن تارن جو انگ پنج کان ويھ سيڪڙو ئي ٿي سگھي ٿو، پنج سيڪڙو مان مراد پنج سئو ارب سج جھڙا تارا، جيڪا ڳالھ بہ پڪي ناهي تہ انھن منجھان سج جيان تارا ڪيترو سيڪڙو آهن.

هي سڀ  ملڪي وي جون تصويرون بلوچستان جي مختلف علائقن مان فوٽوگرافن ورتيون آهن



وڌيڪ ڏسو

Monday, 11 November 2019

پھريون ريڊيو اسٽيشن

پھريون ريڊيو اسٽيشن
”دريا خان“

دنيا جو پھريون ريڊيو اسٽيشن مارڪوني آمريڪا جي شھر پٽس برگ ۾ بنياد پئي، ان ريڊيو اسٽيشن 2 نومبر 1920ع جو پنھنجي Broadcast ڦهلاءُ جي شروعات ڪئي. ان ريڊيو اسٽيشن کي جو“ ڪي ڊي ڪي اي اسٽيشن پٽس برگ“ جي نالي سان مشھوري ملي، 27 آڪٽوبر 1920ع جو آمريڪي محڪمي تجارت ان کي لائسنس ڏنو. ان ريڊيو اسٽيشن جي ڦهلاءُ لاءِ ريڊيو اسٽيشن جي واڌاري جي شروعات 29 سٽمپر 1920ع کان ٿئي. هڪ ريڊيو سيٽ جي گھٽ ۾ گھٽ قيمت ڏھ آمريڪي ڊالر رکي وئي. هي ريڊيو اسٽيشن ۽ ريڊيو سيٽ جنھن اداري هيٺ تيار ڪيا ويا هيا، انجو نالو”ويسٽنگ هائوس ڪمپني" هئو. ان نظام سبب جيڪا پھرين خاص خبر پڌري ٿي، اها آمريڪي صدارتي چونڊ جي هئي جنھن ۾ ري پبلڪن پارٽي جي دوران هارڊنگ ڪاميابي ماڻي ورتي هئي. اڄ دنيا جو ٿي سگهي ٿو ئي اهڙو ملڪ هوندو جتي ريڊيو اسٽيشن موجود نہ هجي. ريڊيو جي ايجاد عام ٿيڻ سان سڄي دنيا ۾ پکيڙجي وئي. ۽ دنيا جا هر اهم واقعا ڪجھ ئي منٽن ۾ دنيا جي هڪ کان ٻئي جڳھ تائين سولائي سان پهچڻ لڳا. گذريل صدي ۾ اٽلي جي مشھور سائنسدان مارڪوني وائرليس ٽيلي گرافي جي هڪ سٺي ايجاد هئي، ان اصول سبب ريڊيو Broadcast ڦهلاءُ کي سولائي سان هڪ جڳھ کان ٻئي جڳھ تائين اماڻي سگهجي ٿو. هاڻوڪي پاڪستان ۾ پھرين ريڊيو 16 ڊسمبر 1937ع جو لاهور ۾ بنياد پئي، شروعات ۾ ان ريڊيو اسٽيشن جي  ڦهلاءُ خالي 35 ميل تائين ئي هئي پر هاڻي ان ريڊيو اسٽيشن جي ڦهلاءُ جو دائرو 110 ميل تائين پکڙجي چڪو آھي.

Sunday, 10 November 2019

Sindhi Master

سنڌي ماسٽر مشھور ايپ جنھن سان اوهان پنھنجي موبائل فون وسيلي سنڌي فونٽن جي مدد سان بھترين وڊيوز ٺاهي سگھو ٿا 

Free Download 
سنڌي ماسٽر کي ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٺڙڪ ڪريو

Saturday, 9 November 2019

ايجادن جو بادشاھ

ايجادن جو بادشاھ
”دريا خان“

دنيا جي عظيم ترين ماڻھو جنھن بابت چيو ويندو آهي تہ ان مستقبل ايجادون ڪيون، ٿامس ايلو ايڊيسن 11 جنوري 1847ع جو پيدا ٿيو ايڊيسن وڏي جدوجھد جي زندگي گذاري، انھن جي پھرين نوڪري ريل ۾ اخبار ويڪرو ڪرڻ واري نوڪري هئي، پر ان انهيءَ نوڪري ۾ بہ ايجاد جو ڪم ڪڍي ورتو هئو ۽ هڪ ننڍي پرنٽنگ مشن وٺي ڪري پاڻ ئي هڪ هفتواري اخبار پڌري ڪرڻ لڳو، 1862ع ۾ ان ٽيلي گرافي جو ڪم سکيو ۽ پوءِ اهو اي ڪم ڪرڻ لڳو، 1869ع ۾ ان پنھنجي پھرين ايجاد کي پٽينٽ ڪرايو، هي اليڪٽرڪ ووٽ ريڪارڊ هئو، جيڪو ميڪاني طور تہ ووٽون کي درج ڪري وٺندو هئو، انھي سال اهو نيورياڪ ويو. جتي ان اسٽاڪ بروڪرز جي استعمال لاءِ هڪ اوزار Stock ticker ايجاد ڪيو، هي ايجاد واري اسٽريٽ جي وڏي تجارتي اداري چاليھ هزار ڊالرن ۾ ورتي، ان پئسن ايڊيسن جي زندگي بدلي ڇڏي، پھرين ان نيو جرسي ۾ هڪ تجربہ گاھ ٺاهي، پوءِ اهو مينلو پارڪ شفٽ ٿي ويو، 1877ع ۾ ان گراهم بيل جي ايجاد ڪيل ٽيلي فون کي مرمت ڪري سٺو بڻايو ۽ هي نظام انگلستان جي هڪ اداري کي ٽيھ هزار پوند ۾ ويڪرو ڪيو، انھي سال ايڊيسن پنھنجي مشهور ايجاد فونو گراف پيش ڪئي، سپٽمبر 1878ع ۾ بجلي جي بلب جي ايجاد ڏا ڌيان ڏنو ۽ هڪ سال کانپوءِ 21 آڪٽوبر 1979ع ۾ اهو هڪ بلب ساڍا تيرهن ڪلاڪ روشن رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو، 1889ع ۾ ان تصوير جي حرڪت تي ڪم ڪيو.

تصوير جي حرڪت بابت
https://sciencejeduniya.blogspot.com/2019/11/blog-post_3.html?m=1

ملڪي وي کان اڳتي

ملڪي وي کان اڳتي
حصو آخري
ٻاهرين ڪهڪشاني نيبيولا

هبل اينڊروميڊا کي پھريون ٻاهرين ڪهڪشاني نيبيولا ڪوٺيو، ڇوجو هي ملڪي وي جي حدن کان بہ ٻاهر هئو، هاڻي تائين جن ڏُور وارن نيبيولان سان اسان واقف ٿي چڪا آهيون، اهوئي اسان کان اربن نوري سال جي پنڌ تي آهن. يعني اسانجي مشاهدي هيٺ ڪائنات جي گھڻي ڪنڊ تي. ماهرن فلڪيات اڄ بہ ڪائنات ۾ ڪهڪشائن جي صحيح انگ جو پڪو اندازو ناهين لڳائي سگھيا. ڪجھ ماهرن جي خيال ۾ اسانجا سٺا اوزار بہ انھن مان تقريبن هڪ هزار بلين کي ئي دريافت ڪري سگھيا آهن. هر ٻيٽ ڪائنات نيبيولا پنھنجي پاڻ ۾ اربين کربين تارن جو هڪ جهڳٽ آهي. اڄ ڪائنات جنھن عظيم ۽ وڏي حقيقت جي شڪل ۾ اسانجي سامھون آهي، انجي مقابلي ۾ هي شروعاتي تصور تہ سڄي جي سڄي ڪائنات صرف اسانجي ملڪي وي ڪهڪشان تائين محدود آهي، جيڪو ساڌو خيال محسوس ٿئي ٿو، هن ڪائنات جي ماپ انکان گھڻي وڏي آهي، جيترو شروعاتي دور جا ماهر فلڪيات سوچيندا هئا، ۽ ايترو وسيع جو حقيقتن انساني سوچ جي قابو کان بہ ٻاهر آهي.

:- ڪهڪشاني نيبيولا
ايترو تہ اوهانکي سمجھ ۾ اچي ويو هوندو تہ گهڻا نيبيولا حقيقتن ڏورانهن ڪهڪشائون ئي آهن، پر ڪجھ نيبيولا اهڙا بہ دريافت ٿيا آهن، جن جو مادو ائين ئي هو جيئن پراڻين فلڪيات دانن سوچيو هئو، يعني روشن ۽ گيس جا عظيم ڪڪر، جيڪي گھڻي پنڌ تي موجود هئا، پر ملڪي وي جي حدن جي اندر ئي هئا، انھن کي”ڪهڪشان نيبيولا“ چيو ويو.
جھڙو پلاس پنھنجي نيبيولا نظري ۾ بلڪل غلط نہ هئو. ڇوجو انھن مان ڪجھ نيبيولا اهڙا آهن جيڪي تاري کي جنم ڏيندا آهن، پر صرف هڪ نہ بلڪ ڪروڙين، ڪهڪشاني نيبيولا گھڻو ڪري تارن جي جهڳٽ ۾ وڙهندڙ نظاري ۽ رنگن ۾ موجود آهن. مثال نيبيولا” لگون“ جيڪو برج ۾ روشن ڪڪرن جو هڪ سندر چڪر ٺاهيل آهي. جڏهن تہ نيبيولا ”ويل“ برج Cygnus ۾ چمڪندڙ تارن جي ڇانوَ سان گڏ، پکي جي هڪ کنڀ جيان پکڙيل آهي. ڪهڪشاني نيبيولا جي هڪ الڳ گروپ اهڙا بہ آهن جيڪي چمڪندا ناهين پر ان جي موجودگي جو احساس ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اهو پنھنجي پويان موجود تارن جي روشني ۾ خلل وجھندو آهي، انھن ڪارن نيبيولا مان هڪ”هارس بيڊ“ نيبيولا آهي، جيڪو برج جوزا ۾ آهي، جڏھن تہ ٻيو” ڪول سڪ Coalsuck“  آهي جيڪو ڏکڻ ڪراس جو گھڻو ڪارو علائقو آهي.

:- جهڳٽن جا جهڳٽ Cluster
ڪهڪشاني جهڳٽ 
نيبيولا جي باري ۾ هاڻي تائين اسان گھڻو ڪجھ ڄاڻي ورتو، هاڻي هتي ڪهڪشائن بابت ڪجھ حيرت ۾ وجھندڙ حقيقتون بيان ڪنداسين، هاڻي تائين تہ اوهان اهو ڄاڻي چڪا آهيو تہ ڪهڪشائن، جن ۾ ملڪي وي بہ شامل آهي. حقيقتن تارن ۽ سيارن جا عظيم ذخيرا هونديون آهن. پر هي ڪهڪشائون بہ پنھنجي باهمي ڪشش ثقل ڪارڻ الڳ الڳ گروپن ۾ هونديون آهن، انکي ائين بہ سمجھي سگھجي ٿو تہ جنهن ريت سيارا، هڪ تاري جي ويجھو گھمي رهيا آهن ۽ تارا ڪهڪشاني مرڪز جي وچ، بلڪل انھي ريت هي ڪهڪشائون بہ ثقل جي ڪائناتي طاقت ڪارڻ ئي الڳ الڳ گروپ ٺاهي ڪري حرڪت ڪري رهيون آهن، اسانجي ملڪي وي بہ اهڙي ئي هڪ گروپ جو حصو آهي جنھن کي”لوڪل گروپ“ چيو ويندو آهي، هي گروپ 19 ننڍين وڏين ڪهڪشائن تي مشتمل آهي، هن گروپ جي سڀ کان وڏي ڪهڪشان andromeda، يعني M31 آهي جنھن جو ذڪر اسان ڪري چڪا آهيون. ٻئي نمبر تي اسانجي پنهنجي ملڪي وي جو آهي، جڏهن تہ ان گروپ جون باقي ڪهڪشائون گھڻو ننڍيون آهن. ملڪي وي کان ڪجھ ننڍيون ٻہ ننڍيون ڪهڪشائون آهن جن کي”ننڍو جهڳٽ ڪڪر“ ۽ ”وڏو جهڳٽ ڪڪر“ چيو ويندو آهي. لوڪل گروپ تہ خالي ڪجھ ڪهڪشائن تي شامل آهي، پر ڪائنات ۾ ڪهڪشائن جا ڪجھ اهڙا گروپ بہ دريافت ٿيا آهن جيڪي هزارن ڪهڪشائن تي شامل آهن، انهن مان هڪ جهڳٽ Virgo ۽ ٻيو Coma Beremices آهي. هي جهڳٽ ترتيب سان هڪ هزار ۽ ڏھ ھزار ڪهڪشائن تي شامل آهي ۽ اسان کان چاليھ ڪروڙ نوري سال جي پنڌ تي آهن. پر هاڻي ڪهڪشائن جا جهڳٽ بہ ڪائنات ۾ مادي جا عظيم ترين ذخيرا ناهين رهيا، اڄ اهو ثابت ٿي ويو آهي تہ لوڪل گروپ بہ پنھنجن سڀني ڪهڪشائن ساڻ، حقيقيتن گھڻا وڏا آني جيان ”ڪهڪشاني جهڳٽ“ گيلڪٽڪ سپر ڪلسٽر جو هڪ حصو آهن. هي گھٽ ۾ گھٽ پنجاھ ڪهڪشاني جهڳٽن تي شامل آهن، هي ڪهڪشاني جهڳٽ، ڏھ ڪروڙ نوري سال جيترو وڏو آهي، ۽ انجو مرڪز ٽي ڪروڙ نوري سال جيترو ٿلو آهي. اهو سوال اڃان بہ باقي آهي تہ ڇا ڪهڪشاني جهڳٽ هن ڪائنات ۾ ڪهڪشائن جو آخري عظيم ترين قدرتي ترتيب آهي يا نہ؟ يا پوءِ ڪهڪشاني جهڳٽ بہ پاڻ مرادو ڪنھن گھڻي وڏي وسي گروپ جو حصو آهن؟ هي ڪائنات واقعي ان کان بہ گهڻي پراسرار آهي جيترو اسان سوچي سگھون ٿا.

Friday, 8 November 2019

ملڪي وي کان اڳتي

ملڪي وي کان اڳتي
حصو ٻيو
”دريا خان“


نيبيولا 

گيليليو پھريون ڀيرو دوربيني مان زميني مٿاڇري جو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ، فلڪيات دان ان حقيقيت کان واقف ٿي چڪا هئا. تہ ڪائنات ۾ صرف تارا ئي اهوئي جسم ناهين جيڪي چمڪندا آهن بلڪ اتي ڪمزور، ڌنڌلا ۽ گھڻا آلودا روشني جا ڪڪر بہ موجود آهن، انھن مان سڀ کان مشھور، (اينڊروميڊا Andromeda( ۾ موجود نيبيولا” اينڊروميڊا“ آهي، صديون اڳ عربن انکي پنھنجي تارن جي نقشن ۾ شامل ڪيو هئو. دور جديد ۾ انجو مشاهدو ڪرڻ وارو ماڻھون”سائمن موريئس“ هئو، جنھن دوربين جي تازي ايجاد مان فائدو وٺندي، 12 سپٽمبر 1612ع ۾ ”اينڊروميڊا“  جي وضاحت مھيا ڪئي، ۽ انکي ميڻ بتي جي ميڻ سان سروڪار ڏني، آسمان جي مشاهدو لاءِ جيئن جيئن دوربينن جو استعمال وڌندو ويو. انھن عجيب جسمن جو بہ وڏو انگ دريافت ٿيندو ويو، انھن مان ڪجھ تہ ايترا ڪارا هئا جو انھن کي گهٽ طاقت واري دوربينن جي مدد سان نہ پئي ڏسجي سگھيو، جڏهن تہ ڪجھ وڏا ۽ گھڻا چمڪندڙ پڻ هيا. ماهرن انھن کي نيبيولا جو نالو ڏنو.

:- ميسئي Messier
1781ع ۾ فرانسيسي ماهر فلڪيات، چارلس ميسئي انھن جسمن جي لسٽ ٺاهڻ شروع ڪئي، انھن جي ائين ڪرڻ جو ڪارڻ، انھن جي نيبيولان ۾ دلچسپي نہ هئي بلڪ انھن جو ڌيان پڇ، پڇاڙي وارن تارن ڏا هئو، هاڻ ڇوجو نيبيولا ۽ پڇ وارا شھابين پاڻ ۾ هڪجهڙائي رکندا آهن. انڪري ميسئي پنھنجي سولائي لاءِ فيصلو ڪيو تہ ڇونہ شھابين جي بہ هڪ الڳ لسٽ ٺاهجي، ۽ انھن جا مقام بہ بيان ڪيا ويا تہ جيئن اهوئي ۽ پڇ وارن تارن جا ٻيا شڪاري ڌوڪو نہ کائي سگھن، انھن جي شروعاتي لسٽ چاليھ شھابين تي جوڙيل هئي، پر ڪجھ سالن ۾ هي تعداد سئو کان بہ مٿي هلي وئي، اهو عظيم نيبيولا جيڪو  اينڊروميڊا ۾ آهي، انکي M31 جو نالو ڏنو ويو، ڇوجو هي ميسئي جي بڻايل لسٽ ۾ ايڪٽيهن نمبر تہ هئو. ميسئي جي لسٽ اڄ بہ استعمال ڪئي وڃي ٿي، پر جن نيبيولا جي انھن سڃاڻپ ڪئي، اهوئي پڇ واري تارن جي نسبت ماهرن فلڪيات لاءِ گھڻو اهم ثابت ٿيا.

:- نيبيولا جو مادو 
جيئن تہ اسان مٿي نيبيولا جي دريافت جو ذڪر ڪيو، پر انھن جو مادو ، انھن جي سندرتا کان بہ وڌيڪ موهيندڙ ثابت ٿيو، اهو ڪيئن؟ ڪجھ فلڪيات دانن جو خيال آهي تہ نيبيولا، گيسن ۽  ڌوڙ، لٽ جا ڪڪر آهن جيڪي گڏ ٿي ڪري تارن سميت نظام هائي شمسي جوڙي ڇڏيندا آهن. فرانسيسي رياضي دان ۽ ماهر فلڪيات، پيري ڊي لاپلاس جن اهو تصور اڳتي وڌايو ۽ هڪ مفروضو پيش ڪيو تہ اينڊروميڊا نيبيولا، مستقبل ۾ هڪ شمسي نظام کي جنم ڏيندو، هاڻي جيڪڏهن اهو خيال نظر هيٺ رکجي تہ اينڊروميڊا نيبيولا ۾ موجود گيسون، گڏ ٿي ڪري سڪڙجي وينديون ۽ ڪجھ عرصي کانپوءِ انجي حيثيت، اسانجي سج جي ويجھو واقع هڪ ننڍي جسم جيان رهجي ويندي. پر ان وقت هي عظيم جرمن فلسفي، امانوئيل ڪانٽ، جن لاپلاس جا خيال رد ڪندي اهو مفروضو پيش ڪيو تہ نيبيولا، حقيقتن تارن جا اهوئي عظيم ساٿي آهن جيڪي اسانکي ڌنڌلن ڪڪرن جيان نظر ايندا آهن، ڇوجو اسانجي سج کان بہ گهڻي فاصلي تي موجود آهن. پنھنجي ڳالھ کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندي، ڪانٽ اهو خيال بہ ظاهر ڪيو تہ اهوئي نيبيولاجن کي اسان ڄاڻون ٿا. انھن مان گھڻا جن ۾ اينڊروميڊا بہ شامل آهي حقيقتن اهوئي آزاد ڪهڪشائون آهن جيڪي خلا جي سمنڊ ۾ هڪٻئي کان وڏي پنڌ تي وهندڙ آهن، انھن آزاد ڪهڪشائن لاءِ ڪانٽ”ٻيٽ ڪائنات" جو لفظ استعمال ڪيو. ڇوجو لاپلاس جي غلط خيالي مشاهدن تي جوڙيل هئا، جڏهن ڪانٽ وٽ پنھنجي خيالن بابت ڪئي ثبوت يا مشاهدا دليل موجود نہ هئا، ان لاءِ ڪانٽ جو مفروضو، بيڪار چئي رد ڪيو ويو. انجي ابتڙ لاپلاس جو پيش ڪيل تصور قبول ڪيو ويو. ۽ انکي”نيبيولا مفروضو“ چيو ويو، ڪانٽ جي ٻيٽ ڪائناتن Island Universes جي تصور جي تائيد لاءِ 20 صدي جي شروعات جو انتظار ڪرڻو پيو، ان ضمري ۾ حقيقي پيش رفت مائونٽ ولسن جي مقام تي ٿي، جيڪو اتر اوڀري پيساڊيناڪ، ڪيليفورنيا ۾ آهي، اتي ڪجھ سال اڳ ئي مائونٽ ولسن جي رهائش گاھ تي عڪاسي دوربين تيار ڪرڻ لاءِ وڏي رقم امداد ڏني وئي هئي، ان دوربين جي غير معمولي صلاحيتن کي سڀ کان پھريان آمريڪي فلڪيات دان”ايڊون هبل“ استعمال ڪيو، دوربين جي اڻ حد طاقت انھن کي” اينڊروميڊا نيبيولا“ جي گهڻي تفصيلي جانچڻ ڪرڻ ۾ مدد ڏني، تاريخي مشاهدن کانپوءِ، آخرڪار هبل لاپلاس جو”نيبيولا مفروضو“ هڪ طرف رکي ڇڏيو ۽ انسان کي ڪائنات جي هڪ نئي، انقلابي ۽ حقيقتي منظر سان روشن ڪرايو، مائونٽ ولسن دوربين مان اينڊروميڊا نيبيولا جو ڏور موجود روشن ڪڪر، اڻ کٽندڙن تارن ۾ تبديل ٿي ويو. ظاهري هڪ معمولي ڪڪر، حقيقتن اربن کربن تارن جي آرام گاھ آهي. جنھن ريت ڪانٽ سوچيندو هئو، ان نيبيولا ۾ خاص قسم جي تارن جي مدد سان هبل دوربين پهريون ڀيرو سج مان ان فاصلي جو پتو لڳايو ، ان جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيو تہ ڪانٽ جو ٻيٽ ڪائناتن وارو تصور صحيح هو
.
#AndromedaNebulaM31
#ScienceJeDunya