Pages

Tuesday, 19 November 2019

هڪ نظر پٿر تي

هڪ نظر پٿر تي
”دريا خان“

پٿر اسانجو انساني تاريخ ۾ سٺو دوست پڻ رهيو آهي جنھن انسان جون نشانيون آرٽ پنھنجي جسم تي محفوظ رکيا ۽ اڳين نسلن تائين سندن جو ٽپال پيغام پڻ پهچايو، پٿرن اسانکي ڌرتي جي ماحول کي سمجھڻ ۾ پڻ وڏي مدد ڪئي آهي خاص ڪري موسمي تبديلن کي، هوئين تہ اوهان ڏٺو هوندو تہ گرمي هجي يا ٿڌ اسانکي انھن ۾ ڪا تبديلي ڏسڻ لاءِ ناهي ملندي، پٿر مختلف معدنيات سان ملي ڪري ٺهندو آهي، هوئين تہ عام طور تي پٿر جو ڪو پنهنجو خاص ڍانچو ناهي هوندو، پر پوءِ بہ سائنسدانن انھن ۾ موجود معدنيات جي بنياد تي سندن کي ورهايو آهي، اهوئي ٽن قسمن ۾ ورهايل آهن.
تري واريون ڇپون تھ بہ تھ ڄميل ڇپون، ٻرندڙ ڇپون ۽ ميٽا مورفڪ ڇپون، واضع رهي تہ ڇپون بہ حقيقتن وڏا وڏا پٿر ئي هونديون آهن جن پٿرن کي اسان ننڍيون ڇپون چئي سگھون ٿا.
ميٽامورفڪ ڇپن کي Morph بہ چئبو آهي، هي هڪ قسم جي ڇپن مان ٻئي قسم ۾ تبديلي ٿيندي آهي، ورهين تي ٻڌيل ان عمل ۾ زور دٻاءُ ۽ پد جو بنيادي ڪردار هوندو آهي، ٻرندڙ ڇپون ۽ تري واريون ڇپون، تھ تہ تھ ڄميل ڇپن تي مسلسل زور دٻاءُ ۽ پد انھن کي قلم جي شڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، جنھن مان سليٽي پٿر، ماربل، ڪوارٽر ۽ ٻين شڪلن جو ڇپون پيدا ٿينديون آهن، عام طور تي پٿر زمين جي سنهڙي چادر جنھن تي اسان هلندا ڦرندا آهيون ڪرسٽ جي هيٺ گھڻي پد ۽ دٻاءُ زور ۾ هوندا آهن، اهوئي ٻين قسمن جي پٿرن مان بہ ٺهي ويندا آهن، جيئن Shale ۽ Sedimentary پٿر بہ Matamorphosed ۾ تبديل ٿي سگھن ٿا، اهڙن پٿرن ۾ سليٽ gneiss ۾ شامل آهن، ان کان سواءِ پٿرن ۾ ماربل، اينٿر اسائٽ، صابڻي پٿر Soap stone ۽ شٽ Schist بہ شامل آهي،

ٻرندڙ پٿر
هي پٿر عام طور تي ٻرندڙ عمل جي دوران پيدا ٿيندا آهن، جڏهن ٻرندڙ جبل ڦاٽي پوندو آهي تہ لاروا يعني ميگما پڳريل پٿرن جي صورت ۾ ٻاهر نڪري پوندو آهي، پر اهو ميگما ٻاهر اچڻ کانپوءِ ٿڌو ۽ پڪو ٿيڻ لڳندو آهي، ان پڪي ۽ ٿڌي ميگما کي اسان ٻرندڙ پٿر چوندا آهيون، انجي سٺي مثال بسالٽ ۽ گرينائيٽ چورائڻ وارا پٿر آهن.

تري واريون ڇپون
حقيقتن اهڙيون ڇپون سالن جا سال تھ بہ تھ پٿرن جي پاڻ ۾ ملي وڃڻ سان پيدا ٿينديون آهن، گھڻو ڪري دريا ننڍن ننڍن پٿرن ۽ معدنيات کي پاڻ سان گڏ کڻي ايندو آهي، اهڙا پٿر دريا جي هيٺ هڪٻئي جي مٿان گڏ ٿيڻ لڳندا آهن، ۽ لکين سال گذرڻ جي دوران هي هڪٻئي سان ملي ڪري هڪ وڏي پٿر يا ڇپ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، اهڙن پٿرن ۾ شيل، چوني ۽ واريلا ڀريل پٿر Sandstone شامل آهن.

پٿرن جو چڪر
عام طور تي جڏهن اسان پٿرن کي ڏسندا آهيون تہ اسانکي لڳندو آهي جهڙوڪ ڪري اهو هميشہ کان ائين ئي رهيا هوندا، پر موسمي تبديليون هر شي تي پنھنجو اثر وجھن ٿيون. اسان جيڪي بہ اڄ پٿر ڏسي رهيا هوندا آهيون، انھن جي ان حالت ۾ هجڻ لاءِ انھن ۾ ڪروڙين سال جي تبديلين جو حصو آهي، جنھن کي پٿرن جو چڪر Rock Cycle چئبو آهي،
هاڻي اسان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين تہ ڪيئن ڪو ٻرندڙ آتشي پٿر، تري واري پٿر ۽ ميٽامورفڪ ۾ تبديل ٿيندو آهي.

پگھريل پٿر جيڪو ٻرندڙ جبل يعني ميگما ٻرندڙ عمل کانپوءِ مٿاڇري زمين تي اچي ويندا آهن ۽ پوءِ ٿڌا ٿيڻ کانپوءِ هي ٻرندڙ پٿرن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.
انهيءَ طرح مٿاڇري زمين تي موجود پٿرن کي موسمن جا چڪر بہ برداشت ڪرڻا پوندا آهن انکان سواءِ بہ قدرتي عمل انھن پٿرن کي ننڍن ننڍن پٿرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن، پر هي عمل ايتري جلدي گذرندو ناهي بلڪ هي گهڻو سست هوندو آهي، ان ۾ جيڪي پٿر پيدا ٿيندا آهن انھن کي تري وارو پٿر Sediment چئبو آهي.
جنھن وقت تري وارا پٿر پيدا ٿيڻ لڳندا آهن ان سان گڏوگڏ هي پڪا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن،
آهستي آهستي انھن تري وارن پٿرن تي ٻيا پٿر گڏ ٿيڻ لڳندا آهن، وزن وڌڻ ڪارڻ هي گھڻو آهستي آهستي ڪري زمين اندر دٻجڻ لڳندا آهن، جيئن ئي انھن پٿرن تي گرمي ۽ زور دٻاءُ گھڻي ڀاڱي ٿي ويندو آهي، اهوئي ميٽامورفڪ پٿرن ۾ بدلجي ويندا آهن ۽ پوءِ اهو چڪر ٻيھر کان شروع ٿي ويندو آهي، هتي اسانکي اها ڳالھ ذهن ۾ رکڻ گھرجي تہ پٿرن کي ڪنھن خاص چڪر جي ضرورت ناهي هوندي، اهوئي ائين ئي پٿر هڪ قسم  کان ٻئي قسم ۾ تبديل ٿيندا رهندا آهن. 

خلائي پٿر، شھابين
زمين تي ڪيترا ئي اهڙا پٿر مليا آهن جن جو واسطو هاڻوڪي زميني پٿرن سان نہ بلڪ خلا سان آهي، هوئين تہ اسانجي زمين انھن ئي پٿرن جي هڪٻئي جي ملڻ سان ئي جوڙي آهي پر جيئن تہ اسان مٿي پڙهي آيا آهيون اهوئي هڪٻئي ۾ شامل تي تبديل ٿي ويندا آهن، جيڪي خلائي پٿرن کان مختلف ڏسڻ لاءِ ملندا آهن، خلائي پٿر مختلف عنصرن ۽ معدنيات سان ملي ڪري ٺھندا آهن، جن ۾ گھڻو ڪري لوھ، سون، چاندي برف پاڻي ۽ مختلف گيسون جيڪي زمين تي پاتيون وينديون آهن هونديون آهن.

No comments:

Post a Comment