Monday, 31 December 2018

دماغ کي تحريڪ ڏيندڙ مرڪزي رُوڻ Nucleus reuniens stimulating brain

دماغ کي تحريڪ ڏيندڙ مرڪزي رُوڻ
Nucleus reuniens stimulating brain

"دريا خان سنڌي"

ٽيڪساس اي اينڊ ايم يونيورسٽي جي سائنسدانن دماغ جو اهو حصو دريافت ڪري ورتو آهي جنھن جي فعال ٿيڻ سان خوف بلڪل ختم ٿي ويندو آهي. ڪوئن تي تجربن جي دوران انهن وچ دماغ ۾ پاتي ويندڙ هڪ جوڙجڪ ٿيلمو Thalamus جنھن جي هڪ حصي کي مرڪزي رُوڻ Nucleus reuniens چئبو آهي ان کي مختلف دوائون سان تحريڪ ڏني وئي تہ اوچتو ڪوئن ۾ خوف جون علامتون بلڪل ختم ٿي ويون.
وري جڏهن ڪجھ ٻين دوائن سان ان حصي جي تحريڪ بند ڪئي وئي تہ ڪوئا خوف وگهي پنهنجي جڳھ تي ئي ويھي رهيا. جيتوڻيڪ ٻنهي صورتن ۾ ٻاهريون تحرڪ هڪ ئي ھو. ان کان پھريان سائنسدانن اهو ڄاڻيندا ها تہ دماغ جو هي حصو دماغ جي ان حصي اڳئين ڪورٺ Frontal Cortex کي ضابطي ۾ رکندو آھي جنھن سان انسان سوچيندو آهي. ان دريافت سان اميد آهي تہ اهڙين دوائون ايجاد ڪري سگهجن ٿيون جيڪي دماغ جي ان حصي کي تحريڪ ڏيئي فعال ڪري ڇڏين. توقع ڪئي وئي آهي تہ ھن تحقيق سان فوبيا جي شڪار ماڻهن کي پنهنجي فوبيا کان نجات ملي ويندي

Sunday, 30 December 2018

ڪيفين Caffeine

ڪيفين        Caffeine
"اصغر ساگر"

ڪيفين چوبي زينٿاڻ ڪلاس Methylxanthine class
 جو مرڪزي تنتي سرشتو آھي. اھا دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ واپرائيندڙ نفساني سرگرم نشو آھي. ٻين نفساني سرگرم موادن وانگر اھا قانوني آھي ۽ بنا پابندي جي دنيا ۾ ھلي ٿي. ڪيفين جي وضاحت ڪرڻ لاء ڪيترا ڄاتل ميڪانياتي عمل موجود آھن. ڪيفين ھڪ نشاڻ آھي جيڪا سڄي دنيا ۾ واپرائي وڃي ٿي. ڪيفين مختلف جڙي ٻوٽين ۽ شين ۾ ملي ٿي ڪيفين کي ڇڏڻ سان بي چيني پيدا ٿيندي آھي. ڪو ڪو ماڻھو ڪيفين کي ڇڏي سگهي ٿو پر سڀ ترڪ ڪري نٿا سگهن. ڪيفين 60 کان وڌيڪ ٻوٽن ۾ ملي ٿي. ڪيفين جلدي اثر نٿي ڪري پر وقت گذرڻ کانپوء ھن جا مضر اثر ظاھر ٿين ٿا ۽ ڪجھ اھڙا عارضا اڀرن ٿا جيڪي سوا علاج جي ختم نٿا ٿين. ڪيفين جي ڪري مزاج ۾ بھتري اچي ٿي ۽ ڪيفين جي استعمال نہ ڪرڻ ڪري مزاج خراب ٿي ذھني دٻاء ۽ پريشاني جو سبب بنجي وڃي ٿو. حاملا عورتن کي کپي تہ ڪيفين واريون شيون چانھن يا ڪافي گهٽ استعمال ڪن ڇوجو انهن شين ۾ موجود ڪيفين ٻارن جي نشونما کي متاثر ڪري ٿي ۽ ڪافي ڪيسن ۾ ٻار ڪري پوي ٿو.

ڪيفين جا وسيلا :-
ماھرن مطابق ڪيفين ڪافي ۔ چانھن ۔ ڪيڪ ۔ مشروب ۔ چاڪليٽ ۔ ڪوڪو ڪولا ۔ آئس ڪريم ۔ توانائي مشروب ۔ ڪوڪو ڦرين ۔ ڪولا گرين ۔ چانھن جي پنن ۔ ڪافي ڦرين ۔ چانھن ۔ سوڊا ۔ درد گهٽائيندڙ ٽڪين ۔ غذائن ۽ مشروبن ۾ پاتي وڃي ٿي. 

ڪيفين جو اثرانداز ٿيڻ :-
دريا خان سنڌي ڪيفين جي جسم تي ٿيندڙ اثر جي جامع نموني اپٽار ڪري ٿو
”اسان جي دماغ ۽ پوري جسم ۾ ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين پيغام اعصابي يا تنتي گهرڙا پهچائيندا آهن. ٻيو هي تنتي گهرڙا پاڻ ۾ ڳنڍيل ناهن هوندا پر انهن جي وچ ۾ ڪجھ وٿي هوندي آهي. انهي وٿي مان پيغام مختلف ڪيمياڻ جي شڪل ۾ اڳئين گهرڙي تائين پهچن ٿا، انهن ڪيمياڻ کي نيورو اعصابي نفوذو Neurotransmitter  ۽ وٿي کي سائڻي وٿي Synapse gap  چئبو آهي. جڏهن تہ گهرڙن جي اندر پيغام تحرڪن Charges جي شڪل ۾ سفر ڪندو آهي. چانھن ڪيفين جي گهڻي مقدار پنهنجي اندر رکندي آهي، هي ڪيفين اسانجي تنتي سرشتي Nerve system ۾ وڃي ڪري هڪ اعصابي نفوذو ايڏون Adenosine neurotransmitter جي جڳھ وٺي ٿو ۔ ايڏون Adenosine اسانکي آرام ڏيڻ يا سست ڪرڻ وارو نفوذو آهي، ڪيفين ايڏون جھڙي ئي جوڙجڪ رکندي آهي انهيءَ لاءِ هي ڪيفين تنتي سرشتي ۾ وڃي ايڏون Adenosine جي جڳھ وٺي ڇڏي ٿي ۽ پوءِ اسان جي دماغ کي هوشيار يا سرگرم ڪري ڇڏي ٿي ۔ بلڪل انهيءَ وقت جڏهن هي ڪيفين ايڏون Adenosine جي جڳھ وٺي ٿي اسان جي جسم ۾ هڪ ٻيو هارمون اڏور Adrenal بہ خارج ٿيندو آهي، هي هارمون اسانجي رت جي داٻ کي تيز ڪري ٿو مطلب هوشيار ڪري ٿو ۽ رت جي وھڪ کي گهٽ استعمال وارن جڳهن کان گهڻو استعمال ٿيندڙ جڳهن جھڙوڪ ٻانھن، ڄنگهن ۽ معدي ڏانھن اماڻي ڇڏي ٿو. ائين هڪ ماڻهو جڏهن چانھ پيئندو آهي تہ هو پاڻ کي تڙو کڙو محسوس ڪندو آهي. ھاڻي اتي اچي اڻ ڏٺل ڄار سامھون اچي ويندو آهي. اهو ڄار ڪيفين واگر عادي بنائڻ جي صلاحيت رکندو آهي، مطلب اسان جيتري ڪيفين وٺنداسين اوتريون ئي ان جون وصولي جڳھون Receptor sights بڻبيون ۽ ايڏون Adenosine ختم ٿيندا ۽ پوءِ ان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اڃان وڌيڪ ڪيفين جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. ائين ڪيفين ڪنهن بہ ماڻهو کي پنهنجو عادي بڻائي ڇڏي ٿي ۽ وڌيڪ واپرائڻ جي ڪري وڌيڪ عارضا ڏئي ٿي.“

ڪيفين جو وڌيڪ استعمال :-
باشعور دوست ارشد کوسي مطابق ڪيفين يا سگريٽ جنھن ۾ نڪوٽين ھوندي آھي، روز انداز ۾ واپرائڻ سبب جسم يعني خون ۾ انھن جا لاڳاپيل جيو گھرڙا ٺھي ويندا آھن جن کي نڪوٽين وصول ڪندڙ Nicotine Receptors چوندا آھن. حقيقت اھا آھي تہ انھن جيو گھرڙن جي ڪل عمر ايڪيھ ڏينھن ٿيندي آھي، يعني سگريٽ جي عادي انسان کي جيڪا سگريٽ نہ ڇڪڻ سبب پٽ ٿيندي آھي اھا دراصل انھن Nicotine Receptors کي بکيو ھجڻ سبب ٿيندي آھي، پر جيڪڏھن کو انسان مضبوط قوت ارادي جو مالڪ ھجي تہ اھا تڪليف ڪل ايڪيھ ڏينھن ھلندي آھي. ان کان پوء اھي جيو گھرڙا Nicotine Receptors پنھنجو موت پاڻ مري ويندا آھن.

ڪيفين جا نقصان :-

گهڻي چانھن پيئڻ :-
چانھن ۾ ڪيفين ٿئي ٿي جنھن جي ڪري ننڊ جي خرابي جو مسئلو رھي ٿو ۽ ننڊ جي خرابي جي ڪري اڪثر پريشانين کي منھن ڏسڻو پوي ٿو. چانھن ۾ ھڪ ڪيميڪل ٿيوفلائين بہ آھي جيڪو قبضي جو سبب بنجي ٿو. اڪثر ماڻهو چانھن کي ھاضمي لاء بھتر سمجهن ٿا پر ھن جو زيادھ استعمال بدھاضمي جي صورت ۾ ظاھر ٿئي ٿو. گهڻا ماڻهو چانھن ۾ موجود ڪيفين جي ڪري پنھنجي مزاج ۾ سرور محسوس ڪندا آھن پر چانھن جي وڌيڪ استعمال جي ڪري ڪيفين جو وڌيڪ مقدار مزاج کي خراب ڪري ذھني دٻاء ۽ پريشاني کي وڌائي ٿو. مردن ۾ چانھن جو وڌيڪ استعمال غدودن جي بيماري جو سبب بنجي ٿي. جيڪڏھن ھي بيماري وڌي وڃي تہ غدودن جي ڪينسر جو روپ اختيار ڪري ٿي. ان ڪري بھتر آھي تہ چانھن کي اعتدال ۾ رھي روز ھڪ يا ٻہ ڪوپ پيتا وڃن ۽ ڪڙڪ چانھن کان پاسو ڪيو وڃي. گهڻي چانھن پيئڻ سان ڪافي مسئلا لاحق ٿين ٿا.

اينرجي ڊرنڪس پيئڻ :-
انرجي ڊرنڪس ۾ ڪيفين جو وڏو انگ شامل هوندو آهي
ڪيفين وارين شيون صحت تي مختلف انداز سان اثر انداز ٿينديون آهن. يونيورسٽي آف واٽرلو جي ماهرن پنهنجي جاچ ۾ 2055 نوجوانن کي شامل ڪيو جيڪي انرجي ڊرنڪس پيئندا هئا. خبر پئي تہ انهن مان 24 سيڪڙو نوجوانن دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿيڻ ۽ 24 سيڪڙو سمهڻ جي ڏکيائين جي شڪايت ڪئي. 18.3 سيڪڙو نوجوانن مٿي جي سور ۽ 5 سيڪڙو الٽي ۽ ڊائريا ٿيڻ جو اعتراف ڪيو جڏهن تہ 3.6 سيڪڙو چيو تہ انرجي ڊرنڪس سندن سيني ۾ تڪليف جو سبب بڻجندي آهي. خوراڪ جي ماهرن موجب هڪ 11 ورهين جي ٻار لاءِ روزانو ڪيفين جي حد 105 ملي گرام تجويز ڪئي وئي آهي جڏهن تہ انرجي ڊرنڪس جي هڪ بوتل ۾ 160 ملي گرام ڪيفين هوندي آهي. مشي گن چلڊرن هاسپٽل ۾ ٻارن جي دل جي مرض جي ماهر پروفيسر اسٽيون لپ شلز مطابق هڪ 10 ورهين جي ٻار رڳو 80 ملي گرام ڪيفين استعمال ڪئي تہ زهر واپرائڻ جو شڪار ٿي ويو جڏهن تہ هڪ ٻئي 12 ورهين جي ٻار 100 ملي گرام ڪيفين واري ڊرنڪ استعمال ڪئي تہ کيس نفسياتي وهم جي شڪايت ٿيڻ لڳي ۽ جھٽڪا پوڻ لڳا. هڪ نئين تحقيق موجب ڪافي پيئڻ زندگي کي ڊگهو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. حقيقت ۾ چانھن يا ڪافي ۾ موجود ڪيفين جي ڪجھ مثبت ۽ منفي اثر هوندا آهن جيڪي لڳاتار استعمال ڪرڻ سان جسم ۽ دماغ سيني  تي اثر وجهندا آهن جنهن سان هاضمو پڻ متاثر ٿيندو آهي ۽ حد کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ سان سيني جي اڱاري ۽ تيزابيت پيدا ٿيندي آهي. انرجي ڊرنڪس ٺاهيندڙن جي دعوي آهي تہ کنڊ ڪيفين ۽ ڪجھ نباتاتي شيون انرجي ڊرنڪس ٺاهينديون آهن جنهن سان دل جي برقي سرگرمي تي اثر پوندو آهي جنهن سان دل جي ڌڙڪن معمول کان هٽي ويندي آهي جيڪا امڪاني طور خطرناڪ بہ ٿي سگهي ٿي. ماهرن موجب اهڙن شربتن مان بلڊ پريشر ۾ اضافو ٿي ويندو آهي ۽ ڪافي دير تائين برقرار رهي سگهي ٿو.

چانھن يا ڪافي پيئڻ ٻار جي واڌ ويجھ لاءِ نقصانڪار :-
حمل دوران چانھن يا ڪافي پيئڻ جي عادت رکندڙ عورتن کي جسماني طور تي ڪمزور ٻارن جي پيدائش جو خطرو وڌندو آهي. اها ڳالھ آئرلينڊ ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي. ڊبلن ڪاليج يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو تہ صرف 3 ڪپ چانھن يا 2 ڪپ ڪافي روزانو پيئڻ بہ گهٽ وزن يا وقت کان اڳ ٻارن جي پيدائش جو خطرو وڌي سگهي ٿو.
تحقيق ڪندڙن جو مڃڻ آهي تہ چانھن يا ڪافي ۾ موجود ڪيفين ماءُ جي پيٽ ۾ رت جي سپلائي ۾ رڪاوٽ بڻجي ٻار جي واڌ ويجھ کي متاثر ڪري سگهي ٿي. ان تحقيق جي دوران هڪ هڪ هزار اهڙين عورتن جو جائزو ورتو ويو جن وٽ ٻارن جي پيدائش ٿي هئي. نتيجن مان خبر پئي تہ هر واڌو 100 ملي گرام ڪيفين حمل جي پھرئين 3 مهينن جي دوران ٻار جو وزن 72 گرام گهٽ ڪندو آهي. ڪيفين جي ايتري مقدار ٻار جي قدر ۽ مٿي جي گولائي بہ گهٽ ڪندي آهي. تحقيق مطابق وڌيڪ ڪيفين استعمال ڪندڙ عورتن جي ٻارن جو وزن گهٽ ۾ گهٽ 170 گرام تائين گهٽ ٿي سگهي ٿو.

ذھني دٻاء :-
جيڪڏھن ڪيفين جي واڌ سان ڳڻتي وڌي وڃي تہ اھو قصور ڪيفين جو آھي. ڪيفين توانائي کي اڀار ڏيئي ٿي جنھن سان ھارمون گهڻي تحريڪ ۾ اچي وڃن ٿا. اھي ماڻھو جيڪي ذھني دٻاء جو شڪار رھن ٿا ۽ جن جي دل جو ڌڙڪو تيز رھي ٿو انهي ۾ ڪيفين جو ھٿ ھوندو آھي.
ننڍي عمر ۾ ڪيفين وارين شين جي استعمال سان مونجھ (ياسيت) جنم وٺي ٿي.

 ننڊ ڦٽڻ :-
تحقيق مطابق روزانو ڪيفين جي استعمال سان ننڊ جو نظام تبديل ٿي وڃي ٿو. ننڊ دوران بي چيني رھي ٿي ۽ ڏينھن جو غنودگي ڇانيل رھي ٿي. ڪيفين پنھنجو اثر 6 ڪلاڪن کان پوء ڏيکاري ٿي ۽ ننڊ کي ڦٽائي ٿي. جيڪي چانھن يا ڪافي يا اھڙيون ڪيفين واريون شيون گهٽ استعمال ڪن ٿا انهن کي بھتر ننڊ اچي ٿي.

ھاضمو بگڙڻ :-
ڪيفين جا مشروب جيئن پيپسي يا ڪوڪوڪولا پيئڻ سان ھاضمو بگڙي وڃي ٿو. ڪيفين ڪيلشم ۔ فولاد ۽ بي وٽامنن کي جذب ٿيڻ ۾ رڪاوٽ وجهي ٿي. اھي ماڻھو جيڪي روز چانھن يا ڪافي گهڻي پيئن ٿا انهن جي رت ۾ آھستي آھستي کوٽ ٿئي ٿي ۽ جيري جي بيمارين جو شڪار ٿين ٿا.

ڏندن تي پيلاڻ اچڻ :-
ڪيفين جي واھپي سان ڏندن تي پيلاڻ اچي وڃي ٿي. ھن جو سبب مشروبن ۾ ٽينن Tenin جو وڌيڪ ھجڻ ھوندو آھي. ھي عنصر جمع ٿي ڏندن جي مٿئين تھ جو رنگ تبديل ڪن ٿا. ڪيفين وارن مشروبن ۾ تيزابيت ڏندن جي رنگت کي متاثر ڪري ٿي.

 عورتاڻيون بيماريون :-
2012 ۾ ٿيڻ واري تحقيق مطابق رزانو 200 گرام (تقريبن 2 ڪوپ) يا وڌيڪ ڪيفين پيئڻ سان عورتن ۾ ايسوڄن Astro jin جي مقدار وڌي وڃي ٿي جنھن ڪري عورتن کي حيض گهٽ ۔ حيض وڌ ۔ حيض نہ اچڻ ۔ اولاد نہ ٿيڻ ۔ رحم ۾ سوڄ ۽ رحم جي ڪينسر جا امڪان وڌي وڃن ٿا. ان ڪري عورتن کي ڪافي ۽ چانھن گهٽ استعمال ڪرڻ کپي.

بي پي وڌڻ :-
ڪيفين جي ڪري اعصابي نظام ۾ تيزي اچي وڃي ٿي جنھن سان بي پي وڌي ٿو. ڪيفين جي وڌيڪ مقدار سان دل جا مرض وڌن ٿا. ڪيفين استعمال نہ ڪرڻ سان رت جو داٻ پورو پنو رھي ٿو.

مزاج بگڙڻ :-
ڪيفين مزاج کي متاثر ڪري ٿي ماھرن مطابق ڪيفين سان دماغ جي ڪيميائي مادن جي توازن ۾ فرق اچي ٿو ۽ ان جي عادت پئجي وڃي ٿو. ڪيفين جي ترڪ ڪرڻ سان 24 ڪلاڪن تائين بيچيني رھي ٿي جيڪا 2 کان 9 ڏينھن تائين ھلي ٿي.

مٿي ۾ سور :-
ڪيفين جي عادي ٿيڻ کان پوء ڪيفين جي ضرورت پوي ٿي. ڪيفين نہ ملڻ جي صورت ۾ مٿي ۾ سور پوي ٿو ۔ دماغ الجهيل رھي ٿو ۽ توجھ بگڙي وڃي ٿو.

ھاضمو بگڙڻ :-
ڪيفين جي استعمال سان ھاضمي جا مسئلا پيدا ٿين ٿا ۔ دست ٿين ٿا ۔ معدو بگڙي وڃي ٿو ۽ بدھضمي ڪر کڻي ٿي.


ڪيفين ڪولاڄن جي تشڪيل کي متاثر ڪري ٿو نتيجي طور چمڙي ۔ جسم ۔ ننھن تي سڌا سنوان اثر پون ٿا ۔ چمڙي تي گهنج پئجي وڃن  ٿا ۽ ماڻھو جلدي پوڙھو ٿي وڃي ٿو.

انساني نڪ ۾ بيڪٽيريا سان وڙهڻ وارو مڪمل نظام پڌرو

انساني نڪ ۾ بيڪٽيريا سان وڙهڻ وارو مڪمل نظام پڌرو

"دريا خان سنڌي"

ماهرن انساني نڪ ۾ جراثيم ۽ بيڪٽيريا سان وڙهندڙ هڪ اهڙو نظام پڌرو ڪيو آهي جيڪو اسان کي گھڻين ئي بيمارين کان بچائيندو آهي. جيئن تہ انساني جسم ۾ اهڙا کوڙ سارا اندروني دفاعي نظام پاتا وڃن ٿا جيڪي اڃان تائين پڌرا ناهن ٿا ۽ اونهائي ۾ پاتا وڃن ٿا جن کي انساني جسم جو سپاهي بہ چيو ويندو آهي جيڪي خاموشي سان مختلف بيمارين کي منھن ڏيندا آهن. 
ميساچيوسيٽس آئي اينڊ ايئر ٽيچنگ هاسٽل جي ماهرن مشاهدو ڪيو آهي جنھن جي رپورٽ جرنل آف الرجي اينڊ ڪلينڪل اميونولوجي ۾ پڌرو ٿي آهي. انهن پڌرو ڪيو آهي تہ جيئن ئي ڪو جراثيم ۽ بيڪيٽيريا نڪ وسيلي جسم جي اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ گذر دوران رد عمل ۾ گهرڙا ننڍيون ننڍيون آليون ڳوٿريون ٺاھي انهن تي اڇلين ٿا انهن آلين ڳوٿرين نما ماليڪيولن کي ايڳوما Axosomes چئبو آهي جن ۾ بيڪٽيريا روڪ ٿين ٿا جيڪي جراثيمن تي حملو ڪري انهن کي بي اثر ڪن ٿا. 
هي تحقيق ڊاڪٽر بنجامن هليئر ۽ انجي ساٿين ڪئي آهي جيڪا هارورڊ ميڊيڪل اسڪول سان واسطو رکندڙ آهي
ان کان اڳ ٻين ماهرن انساني نڪ جي آلاڻ ۾ اهڙا گهرڙا پڌرا ڪيا هئا جن ۾ خاص پروٽين پاتا ويا جيڪي پڻ جراثيمن خلاف ڪم ڪندا هئا. هاڻي پتو پيو آهي تہ انساني نڪ جي آلاڻ ۾ پروٽين بہ ايڳومن کان ئي ايندا آهن پر گهڻو ڪري اهو راز ئي هو. 
ان لاءِ مختلف ماڻهن جي نڪ مان آلاڻ جا نمونا ورتا ويا ۽ تجربيگاھ ۾ انهن گهرڙن کي پاليو ويو جيئن انهن جراثيمن کي اڳيان رکي انهيءَ پوري عمل جو صحيح نموني مشاھدو وڃي. ان دوران انساني نڪ جي آلاڻ ۾ پاتو ويندڙ گهرڙن کي رکيو ويو ۽ جراثيمن جو حملو ڪرائي ان مان ايڳومن Axosomes کي نوٽ ڪيو ويو. تحقيق مان پتو پيو جيئن ئي گهرڙن جو بيڪيٽيريائن سان مقابلو ٿيو ايڳومن جي تعداد ٻيڻي ٿي وئي. اڳين مرحلي ۾ ماهر اهو ڄاڻي حيران ٿي ويا تہ 
ايڳومن Axosomes گهڻي تيزي سان جراثيمن ۽ بيڪٽيريا کي ائين ختم ڪيو جنهن طريقي سان اينٽي بايوٽڪس دوائون جراثيمن کي ماري ڇڏن ٿيون. ائين ئي انساني نڪ ۾ اينٽي بائيوٽڪس جو پورو نظام موجود ٿئي ٿو.

Friday, 28 December 2018

وٽامن اِي Vitamin E

وٽامن اِي           Vitamin E

"اصغر ساگر"

وٽامن اِي سڻڀ وارين غذائن ذريعي جسم ۾ داخل ٿئي ٿي پر جيڪڏھن ھاضمي جو سرشتو درست ناھي ۽ جيرو فعال ناھي تہ سڻڀيون شيون ھضم نہ ٿين ٿيون جنھن جي ڪري وٽامن اي جي ڪمي ٿي وڃي ٿي. وٽامن اِي جي کوٽ جي ڪري رت جي کوٽ Anemia ٿي وڃي ٿي. رت جي کوٽ جي ڪري رنگت پيلي ٿي وڃي ٿي ۔ چڪر اچن ٿا ۔ آت اچن ٿا ۔ اکين جي سامهون انڌيرو اچي وڃي ٿو ۽ ھر وقت غنودگي ڇانيل رھي ٿي. اھي سڀ علامتون وٽامن اي جي کوٽ کي ظاھر ڪن ٿيون. وٽامن اِي جي کوٽ جي ڪري وزن تيزي سان ڪري ٿو ۔ جسماني عضوا ۽ ڏورا ڪمزور ٿي وڃن ٿا ۔ بک نٿي لڳي ۔ چمڙي تي سوڄ ٻرھل Edema جي ڪري داغ پئجي وڃن ٿا ۔ نظر جي ڪمزوري سان گڏ دل ۽ جيري جو مختلف بيماريون اچي وڃن ٿيون.
وٽامن اِي ۾ ھي شيون اچن ٿيون.
◀دالون 
◀تيلي ٻج
◀سبزيون
◀کير
◀مکڻ
◀موسمي ميوا
⏪دالون :- 
◀مٽر ۔ چڻا ۔ منڱ ۔ اڙد ۔ مسور وغيرھ
⏪تيلي ٻج :-
◀سرنھن ۔ ڄانڀو ۔ سورج مکي ۔ سويابين ۔ مڪئي جو تيل ۔ زيتون جو تيل ۔ کوپري جو تيل وغيرھ
⏪ساڳ :-
◀سرنھن جو ساڳ ۔ جهل جو ساڳ ۔ مٽرن جو ساڳ ۔ چڻي جو ساڳ وغيرھ
⏪کير مان ٺھندڙ شيون :- 
◀مکڻ ۔ ڏھي ۔ رٻڙي ۔ کڙ ۔ لسي وغيرھ
⏪ماس واريون شيون :-
◀گوشت ۔ مڇي ۔ بيدو ۔ جيرو وغيرھ
⏪ڀاڄيون :-
◀پٽاٽو ۔ گل گوبي ۔ بند گوبي ۔ واڱڻ ۽ کيرو وغيرھ
⏪ميوا :-
◀گجر ۔ ڪيوي ۔ ايڪڏو ۔ چلغوزو ۔ زردالو ۔ املوڪ ۔ اسٽرابيري - نارنگي - چقو ۔ صوف ۔ ڪيلو ۽ انگور وغيرھ
⏪گريون :-
◀بوھي منڱ ۔ باداميون ۔ نيزا ۔ پستا ۔ اخڙوٽ ۔ تر ۔ کاڄا وغيرھ
ياد رکڻ کپي تہ فرج ۾ رکيل شين ۾ وٽامن اِي جي کوٽ ٿي وڃي ٿي. گهرن ۾ تريل شين جيئن ڪڪڙ ۔ مڇي ۔ پٽاٽي جا چپس کي ترڻ سان وٽامن اِي ضايع ٿي وڃي ٿي. وٽامن اي کي بحال رکڻ لاء گجرن کي استعمال ڪرڻ کپي ۽ گجرن مان ٺھندڙ شين گجريلو ۔ گجر جو حلوو ۽ رس استعمال ڪرڻ کپي.
وٽامن اِي جي کوٽ موروثي ٿئي ٿي. جيڪڏھن والدين ۾ وٽامن اِي جي کوٽ آھي تہ تہ اولاد ۾ بہ وٽامن اِي جي کوٽ ٿي وڃي ٿي. وٽامن اِي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء ٻارن کي ڪڏھن بہ ڊٻي وارو کير نہ پيارجي پر ماء جو کير بھتر آھي. ٻارن لاء بھترين کير ڳئون جو کير آھي جيڪو پٽڙو ھجڻ ڪري جلد ھضم ٿي وڃي ٿو ۽ ٻارن جي ذھني ۽ جسماني نشونما تيزي سان ٿئي ٿي.

⏪وٽامن اِي جا فائدا :-

◀جنسي رغبت ڏيندڙ :-
وٽامن اِي جنسي رغبت ڏئي ٿي ان ڪري مردن ۽ عورتن کي وٽامن اي ضرور کائڻ کپي. اسان جي جسم ۾ غدود ھارمون خارج ڪن ٿا جيڪي جنسي خواھش کي اڀارين ٿا.

◀اپتي جزا وڌائيندڙ :-
ھي وٽامن مردن ۽ عورتن جي توليدي صحت لاء ضروري آھي. جن ماڻهن ۾ وٽامن اي جي کوٽ ٿئي ٿي اھي جلدي پوڙھا ٿي وڃن ٿا. وٽامن اِي جي ڪري چمڙي نرم ملائم رھي ٿي ۽ اعصاب ۽ تناسلي غدود توانا رھن ٿا ۽ سنڍپڻي جي شڪايت نٿي رھي.

◀سياري ۾ توانائي ڏيندڙ :-
وٽامن اِي جسم ۾ گرمي پيدا ڪري ٿي ۽ عضون کي تحرڪ ڏئي ٿي. ان ڪري سياري ۾ گريون ضرور کائڻ کپن ۽ مکڻ توڙي بصري استعمال ڪرڻ کپي ڇوجو ڳڙ سان جڏھن مکڻ ملي ٿو تہ ھڏ کي طاقت ڏئي ٿو ۽ اھا پيدا ٿيندڙ توانائي عمر ڀر محفوظ رھي ٿي.

◀گهرڙاتي تبديلي آڻيندڙ :-
وٽامن اي ۾ سڻڀائون تيزاب (Fatty acid) بہ موجود ٿئي ٿو جيڪو گهرڙاتي تبديلي (Metabolism) تي مثبت اثر مرتب ڪري ٿو، ھي سڻڀائون تيزاب دماغی فعل ۽ اعصابی نظام تي بہ مثبت اثر مرتب ڪري ٿو.

◀تڪسيد روڪ :-
سچو گھ ۔ مکڻ ۽ گريون وٽامن اي ۾ اچي وڃن ٿيون جيڪي تڪسيد روڪ آھن. عام تيل کي پچائڻ سان  ان ۾ Free radicals تڪسيدي جز پيدا ٿي وڃن ٿا جيڪي مختلف بيمارين جو سبب بنجن ٿا. ان جي ابتڙ سچي گھ ۾ Saturated bonds رچيل بندن تي مشتمل چڪنائي ٿئي ٿي جنھن جي ڪري Free radicals تڪسيدي جز  تمام گهٽ ٺھن ٿا. ان ڪري وٽامن اي استعمال ڪرڻ سان اعصابي ۽ دلي بيمارين جو خدشو نٿو رھي.

◀نقصانڪار تڪسيدي مرڪب ڪڍندڙ :-
وٽامن اي طاقتور تڪسيد روڪ آھي جيڪا جسم مان نقصانڪار آڪسي مرڪب Harmful oxygen compounds ڪڍي ٿي جن کي آزاد تڪسيدي جز Free radicals چئبو آھي. محققن جي اميد مطابق وٽامن سي ڪينسر ۽ دلي بيمارين کي کي روڪيندي.

◀پوڙھائپ روڪيندڙ :-
وٽامن اي سڻڀ ۾ حل ٿيندڙ وٽامن Fat soluble vitamin آھن جنھن کي ڪل 8 مرڪب آھن جن مان ھڪ مرڪب انسان لاء ڪمائتو آھي. ھن کي Alpha-tocopherol سڏيو وڃي ٿو جيڪو تڪسيد روڪ Antioxidant  ھئڻ ڪري پوڙھائپ کي روڪي ٿو ۽ چمڙي تي گهنج ٿيڻ نٿو ڏئي.

◀نمونيا کي ختم ڪندڙ :-
جيڪي ماڻھو سگريٽ نوشي ڪن ٿا ۽ سگريٽ نوشي جي ڪري نمونيا ٿئي ٿي انهن لاء نمونيا اڪسير آھي. وٽامن اي استعمال ڪرڻ سان 35 سيڪڙو نمونيا جو اثر گهٽجي وڃي ٿو.

◀معدي جو السر ختم ڪندڙ :-
جڏھن جسم ۾ خشڪي اچي وڃي ٿي تہ معدي جو السر ۽ ٻيا عارضا جنم وٺن ٿا. ھڪ معدي جو السر جسم جي خشڪي جي ڪري پيدا ٿئي ٿو ان حالت ۾ مکڻ ۽ گريون معدي کي تر ڪري رڳن کي سڻڀيدار ڪن ٿيون نتيجي طور معدي جو السر ختم ٿي وڃي ٿو ڇوجو وٽامن اي ڇوت ۽ زخمن کي ڀري ٿي.

◀نمونيا کي ختم ڪندڙ :-
جيڪي ماڻھو سگريٽ نوشي ڪن ٿا ۽ سگريٽ نوشي جي ڪري نمونيا ٿئي ٿي انهن لاء نمونيا اڪسير آھي. وٽامن اي استعمال ڪرڻ سان 35 سيڪڙو نمونيا جو اثر گهٽجي وڃي ٿو.

◀معدي جي اصلاح ڪندڙ :-
جڏھن جسم ۾ خشڪي اچي وڃي ٿي تہ معدي جو السر ۽ ٻيا عارضا جنم وٺن ٿا. ھڪ معدي جو السر جسم جي خشڪي جي ڪري پيدا ٿئي ٿو ان حالت ۾ مکڻ ۽ گريون معدي کي تر ڪري رڳن کي سڻڀيدار ڪن ٿيون نتيجي طور معدي جو السر ختم ٿي وڃي ٿو ڇوجو وٽامن اي ڇوت ۽ زخمن کي ڀري ٿي.

◀اولاد ڏيندڙ :-
جيڪڏھن مرد ۽ عورت وٽامن جي غذا کان محروم ھجن تہ اھي توليدي جزن کان محروم ٿي وڃن ٿا يعني اولاد کان محروم ٿي وڃن ٿا. وٽامن اي نہ ھئڻ ڪري پھرين عورت کي پيٽ نہ ٿو ٿئي ۽ جيڪڏھن پيٽ ٿي وڃي ٿو تہ ٻار پيٽان ڪري پوي ٿو. اھي عورتون جن جو بار بار ٻار ڪري ٿو انهن کي وٽامن اي جو استعمال ڪرڻ کپي اسقاط اتي رڪجي وڃي ٿو ۽ ٻار نٿو ڪري.

نوٽ :- جن کي بي پي ھجي - جن کي سائي ھجي ۔ جن جي ڪريٽين وڌيل ھجي يا جيڪي جسم ۾ ٿلها ھجن انهن کي وٽامن اي استعمال نہ ڪرڻ کپي.

چين ۾ سون بنائڻ جون تياريون

چين ۾ سون بنائڻ جون تياريون

ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو  

اسان ڪھاڻين ۾ ته پڙهيو آهي ته لوه کي سون ۾ تبديل ڪرڻ ۾ پارس پٿر ڪم ايندو آهي پر اھو  پارس پٿر ڪنهن ڏٺو به نه آهي پر ھاڻي  چيني سائنسدانن اھو  ڪم ڪري ڏيکاريو آهي ـ جي ھا چيني سائنسدانن  جي ھڪ ٽيم سستي  ٽامي کي ھڪ اھڙي مثيريل ۾ بدلائي ڇڏيو آهي جيڪو لڳ ڀڳ سون جھڙو  آهي ـ
ھڪ تازي ريسرچ  پيپر تحقيق ڪندڙن ٻڌايو ته ھن دريافت کان پوء مھانگي ۽ ناياب ڌاتوء جي ڪارخانن  ۾ استعمال ۾ حد درجي کان به گهٽجي ويندي ـ ھن تجربي ۾ تحقيق  ڪندڙن ٽامي کي گرم ۽ برقي طور تي چارج ٿيل آراگون گيس ۾ ڇڏيو جنهن ٽامي  جي سطح تي واريء جو ھڪ سنھو تهه بنائي ڇڏيو ـ ھن واريء جي ھر تھ ۾ ڪجهه نينو  ميٽر  ھيا ۽ پوء ان مٽيريل  کي ھڪ چيمبر ۾ وجهي ڪري ڪوئلي کي الڪوحل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جيڪو ھڪ پيچيده ۽ ڌکيو ڪيميائي عمل آهي جيڪو قيمتي ڌاتوئن ۾ خاص طريقن ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي ـ
تحقيق  ڪندڙن  جي مطابق ٽامي  جي نينو ميٽر ۾ ڪارڪردگي  سون يا چانديء سان ملندڙ آهي ـ ٽامو وزن ۽ ڏسڻ ۾ سون جھڙو ئي ھوندو آهي ۽ صدين کان وٺي ڪيميائي ماھر ان کي سون ۾ تبديل  ڪري جلدي  امير بنجڻ  جا خواب ڏسندا رھيا  آهن پر چيني سائنسدانن  ٽامي  کي سون جھڙو بنايو آهي پر ان جي خاصيت عام ٽامي  جھڙي  ئي آهي پر تحقيق  ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ھيء تحقيق  چيني صنعت جي لاء اھم قدم آهي ـ
ھن وقت بجليء وارن ڌاتن ۾ سون, چانديء ۽ پلاٽينيم جو استعمال ٿي رھيو آهي جنهن گهٽائڻ جي لاء تجربا ٿي رهيا آهن ـ
ڊان اخبار  جي ٿورن سان ـ

چانھن پي اسان چست ڇو ٿي ويندا آهيون

"دريا خان سنڌي"

جيڪڏهن اوهان پيٽرول انجڻ ۾ ڊيزل وجهندا تہ گاڏي جي انجن هلڻ بجاء بيھي رھندي ۽ جڏهن انهي انجڻ ۾ پيٽرول وجھبو تہ اھا هلڻ نہ پر ڀڄڻ شروع ڪندي آھي. اهو ئي حساب ڪجھ انهن ماڻهن جو آهي جيڪي چانھن پي ڀڄڻ لڳندا آهن ۽ حد کان تڙا کڙا ٿي ويندا آهن.
سوال اڀري ٿو آخر ائين ڇو؟
آخر چانھن پي ڪري اسان ايترا چست يا سرگرم ڇو ٿي ويندا آهيون؟ 
ان ڳالھ کي ڄاڻڻ لاءِ اسان کي پهرين ڪجھ بنيادي شين جي باري ۾ پنهنجو خيال چٽو ڪرڻو پوندو. اول اسان جي دماغ ۽ پوري جسم ۾ ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين پيغام اعصابي يا تنتي گهرڙا پهچائيندا آهن. ٻيو هي تنتي گهرڙا پاڻ ۾ ڳنڍيل ناهن هوندا پر انهن جي وچ ۾ ڪجھ وٿي هوندي آهي. انهي وٿي مان پيغام مختلف ڪيمياڻ جي شڪل ۾ اڳئين گهرڙي تائين پهچن ٿا، انهن ڪيمياڻ کي نيورو اعصابي نفوذو Neurotransmitter  ۽ وٿي کي سائڻي وٿي Synapse gap  چئبو آهي. جڏهن تہ گهرڙن جي اندر پيغام تحرڪن Charges جي شڪل ۾ سفر ڪندو آهي. 
هاڻي اچون ٿا چانھن جي طرف اوھان سڀني کي علم هوندو تہ چانھن ڪيفين جي گهڻي مقدار پنهنجي اندر رکندي آهي، هي ڪيفين اسانجي تنتي سرشتي Nerve system ۾ وڃي ڪري هڪ اعصابي نفوذو ايڏون Adenosine neurotransmitter جي جڳھ وٺي ٿو ۔ ايڏون Adenosine اسانکي آرام ڏيڻ يا سست ڪرڻ وارو نفوذو آهي، ڪيفين ايڏون جھڙي ئي جوڙجڪ رکندي آهي انهيءَ لاءِ هي ڪيفين تنتي سرشتي ۾ وڃي ايڏون Adenosine جي جڳھ وٺي ڇڏي ٿي ۽ پوءِ اسان جي دماغ کي هوشيار يا سرگرم ڪري ڇڏي ٿي. 
بلڪل انهيءَ وقت جڏهن هي ڪيفين ايڏون Adenosine
 جي جڳھ وٺي ٿي اسان جي جسم ۾ هڪ ٻيو هارمون اڏور Adrenal بہ خارج ٿيندو آهي، هي هارمون اسانجي رت جي داٻ کي تيز ڪري ٿو مطلب هوشيار ڪري ٿو ۽ رت جي وھڪ کي گهٽ استعمال وارن جڳهن کان گهڻو استعمال ٿيندڙ جڳهن جھڙوڪ ٻانھن، ڄنگهن ۽ معدي ڏانھن اماڻي ڇڏي ٿو. ائين هڪ ماڻهو جڏهن چانھ پيئندو آهي تہ هو پاڻ کي تڙو کڙو محسوس ڪندو آهي. ھاڻي اتي اچي اڻ ڏٺل ڄار سامھون اچي ويندو آهي. اهو ڄار ڪيفين واگر عادي بنائڻ جي صلاحيت رکندو آهي، مطلب اسان جيتري ڪيفين وٺنداسين اوتريون ئي ان جون وصولي جڳھون Receptor sights بڻبيون ۽ ايڏون Adenosine ختم ٿيندا ۽ پوءِ ان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اڃان ڪيفين جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. ائين ڪيفين ڪنهن بہ ماڻهو کي پنهنجو عادي بڻائي ڇڏي ٿي.
ان لاءِ اسان ماڻهن کي چوندا آهيون
”يار تون تہ چانھن جو وڏو عادي آهين“
حقيقت ۾ اهو ماڻهو چانھن جو نہ پر ڪيفين جو عادي بڻجي ويندو آهي.


Tuesday, 25 December 2018

ٻارن کي ٿڦڪي ڏيئي ڇو ننڊ ڪرائي ويندي آھي؟ | دريا خان سنڌي | سائنس جي دنيا بلاگر


اسان جي گهرن ۾ نون ڄاول ٻارن کي ٿڦڪي ڪري ننڊ ڪرائڻ جو رواج پراڻو آهي پر هاڻ نئين تحقيق ۾ پڌرو ٿيو آهي تہ آخر ٻارن کي ننڊ ڪرائڻ لاءِ ٿڦڪي جي ڇو ضرورت پوندي آهي. برطانيا جي آڪسفورڊ ۽ لورپول جان مورين يونيورسٽي جي هڪ تحقيق اها ڳالھ ثابت ڪئي آهي آهي تہ ٿڦڪي ڏيڻ سان ٻارن جي تڪليف گهٽ ٿي ويندي آهي جنھن کانپوءِ هو گھري ننڊ ۾ هليا ويندا آهن.  حياتيات جي جريدي ڪرنٽ بائيولاجي ۾ پڌري ٿيندڙ تحقيق موجب ننڍن ٻارن کي ٿڦڪي ڏيڻ وارو عمل ڪنهن سائيڊ افيڪٽ  بغير سور کان آجو ڪرڻ جو ذريعو بڻبو آهي. برطانوي ماهرن ٿڦڪي ڏيڻ وقت جڏهن ٻارن جي دماغ کي جاچيو تہ پتو پيو انهن جي دماغ انهن جي سور کي 40 سيڪڙو گهٽ ڪري ڇڏيو.  ماهرن موجب ان تجربي جي دوران ٻارن کي ٿڦڪي جي رفتار ٽي سينٽي ميٽر في سيڪنڊ رهي جڏهن تہ والدين قدرتي طور تي ٻارن کي ھن رفتار سان ٿڦڪي ڏيندا آهن.  تحقيق ۾ شامل پروفيسر سليٽر جي چوڻ مطابق جيڪڏهن اسان ان اعصابي نظام جي بنيادي حصي کي صحيح نموني سمجھي وڃون تہ ان سان ٻارن کي سٺو آرام ايندو ۽ ان حوالي سان والدين جي رهنمائي ڪري سگهون ٿا. ھاڻ اهو ثابت ٿي ويو آهي تہ هلڪي ٿڦڪي ٻارن جي دماغ جي فعل واري سرشتي ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿي

جاپان جي آبادي ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي آهي | دریا خان سنڌي | سائنس جي دنيا بلاگر


جاپان جي حڪومت پاران 2018ع جي پڇاڙيءَ ۾ تازا عدد ۽ شمار پڌرا ڪيا ويا آهن جن موجب جاپان جي آبادي ۾ گهٽتائي جا انگ اکر وڌي رهيا آهن يعني جاپان جي آبادي ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي آهي هن وقت جاپان جي آبادي 12.7 ڪروڙ آهي جيڪا 2049ع تائين گهٽ ٿي ڪري 10 ڪروڙ جي ويجهي ۽ 2065ع ۾ 8 ڪروڙ 80 لک جي ويجهي اچي ويندي، 2018ع ۾ جاپان ۾ 9 لک 21 هزار ٻار پيدا ٿيا. يعني پوئينء سال جي مقابلي ۾ هن سال 25 هزار گهٽ ٻار پيدا ٿيا. هڪ سال ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن جي هي تعداد گهٽ کان گهٽ ۽ ٻارن جي پيدا ٿيڻ جو ريڪارڊ پڻ آهي
انکان سواءِ 2018ع ۾ فوتين جو انگ 13 لک 69 هزار آهي
ائين جاپان جي آبادي ۾ 2018ع ۾ لڳ ڀڳ 4.5 لک جي گهٽتائي ٿئي جيڪو هڪ نيو ريڪارڊ آهي. 
جاپان کي هاڻ بزرگن جو ملڪ بہ چئيو وڃي ٿو
ڇوجو انجي 20 فيصد کان گهڻي آبادي 65 سال عمر کان گهڻي رکندڙن جي آهي
جنهن کانپوءِ جاپان جي حڪومت کين گهڻا ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ نئين پروگرامن تي غور ويچار ڪري رهي آهي
جنهن ۾ ننڍي ڄمار وارن ٻارن کي مفت ۾ اسڪولن جي تعليم پڻ هيٺ آهي
جاپان ۾ نوجوان ٻار پيدا ڪرڻ کان لوائين ٿا
انهن موجب ٻارن کي پالڻ ۽ وڏو ڪرڻ وڏو ميهنگو هجي ٿو
جنهن ڪارڻ گهڻا جوڙا ايترو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن.

لنڪ
https://www.npr.org/2018/12/21/679103541/japans-population-is-in-rapid-decline

Monday, 24 December 2018

سائنسدانن بگ بينگ جي باقيات دريافت ڪري ورتي |دريا خان سنڌي | سائنس جي دنيا بلاگر



سائنسدانن ڪائنات جي پويان ۽ ڀر واري علائقن ۾ هائيڊروجن جي وڏن ڪڪرن جو پتو لڳائي ڇڏيو آھي جيڪي بگ بينگ کانپوءِ ۽ اڄ تائين بغير ڪنهن آلودگي جي لڌا ويا آهن. عام طور تي هي خيال ظاهر ڪيو ويندو هو تہ بگ بينگ کانپوءِ هائيڊروجن جا ڪڪر پنھنجي ئي ڪشش ثقل ڪري سڪڙڻ لڳا ۽ ائين ڪائنات جي پھرين ستارن جنم ورتو  پر بگ بينگ جي ڪروڙن سال کانپوءِ بہ هائيڊروجن جا گهڻا ڪڪر اهڙا پاتا ويا آھن جيڪي سڪڙيل ناھن.
ھاڻ پھريان پھريان ٺھندڙ تارا جڏهن پنھنجو ٻارڻ ختم ڪري چڪا ۽ سپر نووا بنجي ڦاٽا تہ هائيڊروجن جي انهن ڪڪرن ۾ سڪڙ پيدا ٿيڻ لڳي جيڪي ان ڦاٽڻ واري تاري جي ويجهي يعني ڪجھ ئي نوري سال جي پنڌ تي هئا. انهن ڪڪرن ۾ سپر نووا جي ڪري انهن جي عنصرن جا ايٽم بہ شامل ٿي ويا جيڪي ان ستاري ۾ ٻارڻ جي ڪري پيدا ٿيا. پوء جڏهن هي ڪڪر سڪڙجي ستارا بڻيا تہ نئين نسل جي تارن ۾ بہ انهن عنصرن جا مرڪزا موجود هئا جيڪي سپر نووا جي ڦاٽڻ سان انهن ڪڪر ۾ شامل ٿيا. ھن وقت ڪائنات ۾ جيڏي بہ نظر ڦيرايو، هائيڊروجن جي ڪڪرن ۾ ٻين عنصرن جا ايٽم بہ نظر ايندا آهن جيڪي ان ڳالھ جو ثبوت آهن تہ انهن ڪڪرن جي ويجهي تارا سپر نووا ٿي ڦاٽا آهن. پوء بہ سائنسدانن اسان کان گهڻو پري هائيڊروجن جا اهڙا وڏا ڪڪر دريافت ڪري ورتا آهن جن ۾ هائيڊروجن ۽ هيليم کان علاوه ڪنهن ٻئي عنصر جا ايٽم موجود ناهن ڄڻ تہ ڪڪر بگ بينگ کانپوءِ ساڳي حالت ۾ موجود آهن ۽ انهن ۾ هاڻي تائين ڪنھن تاري جي تشڪيل ناھي ٿي يا گهٽ ۾ گهٽ ڪو تارو سپر نووا ناهي ٿيو. ڪائنات جي جنم کان 13.8 ارب سالن کانپوء بہ اهڙن ڪڪرن جي موجودگي گهڻي اھميت جوڳي آهي جن ۾ هاڻي تائين ڪو بہ نئون عنصر ناهي ٺھيو.

لنڪ
http://keckobservatory.org/fossil/

Saturday, 22 December 2018

مريخ سياري جي هيٺ ڇا آهي؟ |دريا خان سنڌي |سائنس جي دنيا بلاگر

مريخ سياري جي هيٺ ڇا آهي؟ 

مريخ کان ايندڙ معلوماتي سلسلو جاري آهي، هڪ طرف يورپ جي خلائي اداري اِي ايس اي ESA يورپين اسپيس ايجنسي پاران برف سان ڀريل هڪ کڏي جون تصويرون پڌريون ڪري ڇڏيون آهن.
تہ ٻي طرف ناسا جو مشن انسائيٽ بہ پنهنجي مختلف آوزارن کي ڪم هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. 
ڌرتيءَ سيارو پنهنجي برفاني منظرن لاءِ تہ مشهور آهي
پر جيئن تہ اوھان انھن تصويرون کي ڏسي رهيا آهيو تہ

 سياري جي موسم ۾ خالي اسانجو سيارو ئي برف سان  ڊڪيل نہ آهي
هي مريخ جي قطب شمالي رخ جي ويجهي ڪوروليو ڪريٽر آهي
جنهن جون تصويرون يورپي خلائي اداري پڌريون ڪيون آهن هي ڪريٽر 82 ڪلوميٽر ويڪرو آهي ۽ 1.8 ڪلوميٽر هيٺائين تائين برف سان ڀريل آهي 
هي تصويرون مارز ايڪسپريس هائي ريزوليوشن ڪيمئرا سان ورتيون ويون آهن مارز ايڪسپريس مشن اِي ايس اي ESA جو هي ڪنهن ٻئي سياري تي اماڻيل پھريون مشن آهي
جنهن کي 2 جون 2003 ۾ لانچ ڪيو ويو جيڪو هن سال 25 ڊسمبر تي مريخ جي مداري ۾ داخل ٿيو هو.

سيارو ۽ مونجھ Winter and depression| دریا خان سنڌي| سائنس جي دنيا بلاگر

سيارو ۽ مونجھ      Winter and depression

"دريا خان سنڌي"

جيئن تہ سڀن سان ائين ناهي ٿيندو پوء بہ گهڻي ڀاڱي ماڻهو سياري ۾ گهڻو تنھا ۽ اداس رهندا آهن جنھن کي سياري جي بي ترتيب مونجھ Winter disorder depression چيو ويندو آھي. ھي بي ترتيبي دنيا جي تقريبن ويھ سيڪڙو ماڻهن کي ٿئي ٿي. ھاڻي سائنسدانن اها ميڪانيات Mechanism دريافت ڪري ورتي آهي جيڪا سياري ۾ مونجھ جو ڪارڻ ٿئي ٿي. سائنسدان اکين مان نڪرندڙ اهڙي تنت Nerve دريافت ڪئي آهي جنھن جا سگنل سڌو دماغ جي انهيءَ حصي تائين وڃن ٿا جيڪو خوشي ۽ غمگين جا جذبا پيدا ڪري ٿو.
هي تنت Nerve جيتري گهڻي فعال اوترو انسان خوش رهندو آهي ۽ جيتري گهٽ فعال اوترو غمگین ھوندو آھي ان ڪري جو سياري ۾ ڏينھن ننڍا ٿين ٿا ۽ سج جي روشني گهٽ دورو ڪري ٿي ان ڪري هي تنت Nerve سياري ۾ گهٽ فعال هوندي آهي ۽ دماغ غمگیني جو احساس پيدا ڪندو آهي.
ان کان اڳ اهو سمجهيو ويندو هو تہ اکين ۾ مخروطي نموني روشنيءَ جو پتو لڳائي هي معلومات دماغ جي ان حصي تائين پهچي ٿي جتي نظر جو مرحلو ٿئي ٿو پر هاڻ سائنسدانن اکين جي نظر جي پردي ۾ هڪ نئين قسم جو سينسر دريافت ڪيو آهي جنھن جو نظر سان ڪو واسطو ناهي. هي سينسرز دماغ جي Circadian rhythm کي ڪنٽرول ڪن ٿا جنھن سان دماغ ڏينهن ۽ رات جي مناسبت سان جسم ۾ تبديليون پيدا ڪندو آهي. مثال رات جو انسان ننڊ ڪندو آهي ۽ ڏينھن جو سڄاڳ هجي ٿو.
سائنسدان جون ٻہ مختلف ٽيمن هي سرڪٽ آزادانو دريافت ڪيو آھي. برائون يونيورسٽي جي نيورو سائنٽسٽس جي هڪ ٽيم انساني دماغ ۾ هي سرڪٽ دريافت ڪيا آھن.
انکان ڪجھ ھفتا اڳ هڪ الڳ ٽيم ڪوئن جي دماغ ۾ اهڙو ئي سرڪٽ دريافت ڪيو ويو. ان دريافت سان اها اميد ڪئي پئي وڃي لائٽ ٿيراپي سان بہ ڪجھ ماڻهن جو ڊپريشن جو علاج ڪري سگهجي ٿو
ان ٿيراپي ۾ ماڻهن کي رات جو بہ ڪجھ ڪلاڪن لاءِ اهڙي ورزش ۾ رکيو ويندو جنھن جو سپيڪٽرم ڏينهن جي روشنيءَ جھڙو هجي

لنڪ
https://www.npr.org/sections/health-shots/2018/12/21/678342879/scientists-find-a-brain-circuit-that-could-explain-seasonal-depression

Thursday, 20 December 2018

زمين گول يا چپٽيل

زمين گول يا چپٽيل
"دريا خان سنڌي" 

”ڌرتيءَ گول ناهي“ اڄ کان ساڍا ٽي سو سال اڳ عوامي خيال اهو هوندو هيو تہ زمين ساڄن، بيٺل ۽ ڪائنات جو مرڪز آهي. فرانسيسي سائنسدان ڪوپرنيڪس رياضي جي مدد سان ثابت ڪيو تہ ائين ناهي. ڪوپر نيڪس پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ اهڙو علان ڪيو پر گليليو گليلي کي ان جي تحقيق جا نتيجا ڀوڳڻا پيا. اڄ بہ گليليو کي غلط نظرين جي خلاف بغاوت ڪرڻ وارين جي لسٽ ۾ پھرئين نمبر تي ڪوٺيو ويندو آهي.
گذريل ساڍن ٽن سو سالن ۾ انساني معاشرو گهڻو تبديل ٿي ويو آهي ۽ سائنسي مشاهدا گهڻو ڪري پنهنجي جڳھ ۽ پاڙون مظبوط ڪري ويٺا آهن. اڄ ڪو بہ زمين کي هڪ جڳھ ساڪن هجڻ، ڪائنات جو مرڪز هجڻ يا چپٽيل هجڻ جي باري ۾ ڪا ڳالھ ڪندو آهي تہ انکي "چريو" چيو ويندو آهي پر سڄي دنيا ۾ ائين ناهي.
جيڪڏهن اوهان گوگل سرچ انجن يا ٻي سرچ سائيٽ تي فليٽ ارٿ Flat Earth لکي ڪري ڳولا ڪندا تہ اوهان کي هزارن جي لڳ ڀڳ لنڪون ملي ويندا ۽ مزي جي ڳالھ چپٽيل زمين واري نظريي جون پاڙون مغرب ۾ بہ آهن. اسان وٽ پڻ ان نظريي کي ڪجھ مذهب پڻ قائم رکيون ويٺا آهن.
هيٺ ڏنل تصوير ۾ پڻ اوهان کي هڪ مغربي ماڻهو پنھنجي گهر ۾ تيار ڪيل راڪيٽ سان گڏ نظر ايندو. هن جي تيار ڪيل راڪيٽ تي لکيل ڳالھ مان ان جو نظريو ظاهر ٿئي ٿو. ھن جو نالو مائيڪ هيوز آهي جيڪو آمريڪي رياست ڪيليفورنيا سان واسطو رکندڙ آهي ۽ راڪيٽ پڻ انهن پاران ٺاهيو ويو آهي جنھن جو مقصد مٿي وڃي ڪري ڏسڻ آھي تہ ڇا سچ ۾ زمين گول آهي يا چپٽيل.

مائيڪ هيوز موجب هي راڪيٽ پنج سئو ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏام ڪندو ۽ هڪ ميل جي مٿاڇري تائين ويندو جتان کان آسانيءَ سان نظارو ڪري سگهجي ٿو تہ زمين ڪيئن آهي. 61 سالن جي عمر رکندڙ مائيڪ هيوز جيڪو پيشي سان ليموزين ڊرائيور آهي ۽ هي انهي جو پهريون "خلائي سفر" ناهي. ان کان پھريان بہ 2014 ۾ هڪ اهڙي ئي راڪيٽ جي مدد سان چار سئو ميٽرن جي مٿاڇري تائين پهچي چڪو آهي پر حاصل مقصد پورو نہ ٿيو جنھن کان پوءِ کين اسپتال ۾ پڻ ڪجھ عرصو داخل ٿيڻو پيو.
مائيڪ هيوز جو منصوبو آهي تہ "چپٽيل زمين" واري نظري تي تحقيق ڪئي وڃي جنھن ۾ ٽيھ لک ڊالر لاڳت ايندي جنھن مان 310 ڊالر هو گڏ ڪري چڪو آھي. سندس پاران راڪيٽ ۾ ڪجھ ذاتي سرماياڪاري آهي ۽ ٻين کيس مقامي ڪاٻاڙي مان هن کي راڪيٽ جي مدد لاءِ ڪجھ پرزا ڏنا آهن

Monday, 17 December 2018

وٽامن اِي Vitamin E

وٽامن اِي           Vitamin E
"اصغر ساگر"

وٽامن اِي سڻڀ وارين غذائن ذريعي جسم ۾ داخل ٿئي ٿي پر جيڪڏھن ھاضمي جو سرشتو درست ناھي ۽ جيرو فعال ناھي تہ سڻڀيون شيون ھضم نہ ٿين ٿيون جنھن جي ڪري وٽامن اي جي ڪمي ٿي وڃي ٿي. وٽامن اِي جي کوٽ جي ڪري رت جي کوٽ Anemia ٿي وڃي ٿي. رت جي کوٽ جي ڪري رنگت پيلي ٿي وڃي ٿي ۔ چڪر اچن ٿا ۔ آت اچن ٿا ۔ اکين جي سامهون انڌيرو اچي وڃي ٿو ۽ ھر وقت غنودگي ڇانيل رھي ٿي. اھي سڀ علامتون وٽامن اي جي کوٽ کي ظاھر ڪن ٿيون. وٽامن اِي جي کوٽ جي ڪري وزن تيزي سان ڪري ٿو ۔ جسماني عضوا ۽ ڏورا ڪمزور ٿي وڃن ٿا ۔ بک نٿي لڳي ۔ چمڙي تي سوڄ ٻرھل Edema جي ڪري داغ پئجي وڃن ٿا ۔ نظر جي ڪمزوري سان گڏ دل ۽ جيري جو مختلف بيماريون اچي وڃن ٿيون.
وٽامن اِي ۾ ھي شيون اچن ٿيون.
◀دالون 
◀تيلي ٻج
◀سبزيون
◀کير
◀مکڻ
◀موسمي ميوا
⏪دالون :- 
◀مٽر ۔ چڻا ۔ منڱ ۔ اڙد ۔ مسور وغيرھ
⏪تيلي ٻج :-
◀سرنھن ۔ ڄانڀو ۔ سورج مکي ۔ سويابين ۔ مڪئي جو تيل ۔ زيتون جو تيل ۔ کوپري جو تيل وغيرھ
⏪ساڳ :-
◀سرنھن جو ساڳ ۔ جهل جو ساڳ ۔ مٽرن جو ساڳ ۔ چڻي جو ساڳ وغيرھ
⏪کير مان ٺھندڙ شيون :- 
◀مکڻ ۔ ڏھي ۔ رٻڙي ۔ کڙ ۔ لسي وغيرھ
⏪ماس واريون شيون :-
◀گوشت ۔ مڇي ۔ بيدو ۔ جيرو وغيرھ
⏪ڀاڄيون :-
◀پٽاٽو ۔ گل گوبي ۔ بند گوبي ۔ واڱڻ ۽ کيرو وغيرھ
⏪ميوا :-
◀گجر ۔ ڪيوي ۔ ايڪڏو ۔ چلغوزو ۔ زردالو ۔ املوڪ ۔ اسٽرابيري - نارنگي - چقو ۔ صوف ۔ ڪيلو ۽ انگور وغيرھ
⏪گريون :-
◀بوھي منڱ ۔ باداميون ۔ نيزا ۔ پستا ۔ اخڙوٽ ۔ تر ۔ کاڄا وغيرھ
ياد رکڻ کپي تہ فرج ۾ رکيل شين ۾ وٽامن اِي جي کوٽ ٿي وڃي ٿي. گهرن ۾ تريل شين جيئن ڪڪڙ ۔ مڇي ۔ پٽاٽي جا چپس کي ترڻ سان وٽامن اِي ضايع ٿي وڃي ٿي. وٽامن اي کي بحال رکڻ لاء گجرن کي استعمال ڪرڻ کپي ۽ گجرن مان ٺھندڙ شين گجريلو ۔ گجر جو حلوو ۽ رس استعمال ڪرڻ کپي.
وٽامن اِي جي کوٽ موروثي ٿئي ٿي. جيڪڏھن والدين ۾ وٽامن اِي جي کوٽ آھي تہ تہ اولاد ۾ بہ وٽامن اِي جي کوٽ ٿي وڃي ٿي. وٽامن اِي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء ٻارن کي ڪڏھن بہ ڊٻي وارو کير نہ پيارجي پر ماء جو کير بھتر آھي. ٻارن لاء بھترين کير ڳئون جو کير آھي جيڪو پٽڙو ھجڻ ڪري جلد ھضم ٿي وڃي ٿو ۽ ٻارن جي ذھني ۽ جسماني نشونما تيزي سان ٿئي ٿي.

⏪وٽامن اِي جا فائدا :-

◀جنسي رغبت ڏيندڙ :-
وٽامن اِي جنسي رغبت ڏئي ٿي ان ڪري مردن ۽ عورتن کي وٽامن اي ضرور کائڻ کپي. وٽامن اي جي ڪري اسان جي جسم ۾ غدود ھارمون خارج ڪن ٿا جيڪي جنسي خواھش کي اڀارين ٿا.

◀اپتي جزا وڌائيندڙ :-
ھي وٽامن مردن ۽ عورتن جي توليدي صحت لاء ضروري آھي. جن ماڻهن ۾ وٽامن اي جي کوٽ ٿئي ٿي اھي جلدي پوڙھا ٿي وڃن ٿا. وٽامن اِي جي ڪري چمڙي نرم ملائم رھي ٿي ۽ اعصاب ۽ تناسلي غدود توانا رھن ٿا ۽ سنڍپڻي جي شڪايت نٿي رھي.

◀سياري ۾ توانائي ڏيندڙ :-
وٽامن اِي جسم ۾ گرمي پيدا ڪري ٿي ۽ عضون کي تحرڪ ڏئي ٿي. ان ڪري سياري ۾ گريون ضرور کائڻ کپن ۽ مکڻ توڙي بصري استعمال ڪرڻ کپي ڇوجو ڳڙ سان جڏھن مکڻ ملي ٿو تہ ھڏ کي طاقت ڏئي ٿو ۽ اھا پيدا ٿيندڙ توانائي عمر ڀر محفوظ رھي ٿي

... ھلندڙ

آرگنڪ فارمنگ

آرگنڪ فارمنگ

تحقيق ڪندڙ : اسٽيفان  ورسينيس ۽ ساٿي 
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو 


آرگنڪ فارمنگ جو اھم مقصد ھي آهي ته گهڻي کان گهڻي  فطري ۽ گهٽ کان گهٽ ڪيميائي مداخلت ڪري جڏهن اھا اسان جي لاء کاڌو پيدا ڪري, پر ڇا آرگنڪ فارمنگ ماحول جي لاء بھتر آهي ـ
ھڪ نئين اڀياس ۾ ھي ظاهر ٿيو آهي ته مٽر ۽ ڪڻڪ جا فصل مختلف راء ڏين ٿا, تحقيق  ڪندڙن جي دعوىٰ آهي ته آرگنڪ فارمنگ ماحول جي لاء انتھائي خراب آهي ڇاڪاڻ ته اھا گهڻي زمين ٿي گهري جنهن جو مقصد ھي ٿيو ته ٻيلن جو گهٽجڻ ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جو ھوا مان گهٽ خارج ٿيڻ ۽ ماحول ۾ جمع ٿيڻ پر اڀياس اھو واضع  ٿو ڪري ته هيء تحقيق سئيڊن جي ھڪ خطي ۾ صرف ٻن فصلن تي ٿي آهي جنهن جي ڪري اھا اميد ڪري سگهجي ٿي ته انهيء ڏس ۾ ڪا وسيع تحقيق ضرور سامهون ايندي ـ
تحقيق ڪندڙن ھن تحقيق جي دوران فصلن کي ڪنهن به قسم جو ڀاڻ نه ڏنو , ھن پوک جي دوران  ڏٺو ويو ته آرگنڪ فارمنگ مٽر وڌيڪ زمين سيڙائي نان آرگنڪ فارمنگ  مٽرن کان ۽ اھو ئي اھم مسئلو آهي ـ
تحقيق ڪندڙن مان ھڪ اسٽيفان ورسينيس جو چوڻ آهي ته سئيڊن ۾ آرگنڪ مٽرن جي پوک پنجاهه سيڪڙو وڌيڪ ماحول تي اثر وجهي ٿو روايتي مٽرن  جي پوک جي ڀيٽ ۾. تحقيق  ڪندڙن جي ٽيم ھڪ ڪاربان اپرچونٽي ڪاسٽ تيار ڪئي ته جيئن زمين تي ڪاربان جي ڪجهه قسمن جي استعمال جا نشان ڳولي سگهجن ته جيئن خبر پئجي سگهي ته کاڌو ڪيترو ٺھيو ۽ ڪاربان  ڪيتري خارج ٿي ـ ھن تحقيق  ۾ آرگنڪ فارمنگ نان آرگنڪ فارمنگ  کان پوئتي رھجي وئي ـ 
ھن کان اڳ ۾ به ڪجهه اڀياسن ۾ آرگنڪ فارمنگ جو ماحول تي اثر جي پس منظر ۾ اھو  جاچيو ويو ته ڪاربان ٻوٽن ۽ زمين کي ڪيئن اثر ٿي وجهندو . جيتوڻيڪ آرگنڪ تحقيق  ڪندڙن اڃان گوشت ۽ ڊيري وارين شين جي اڀياس کي ڏٺو ئي نه آهي ۽ نه ئي ان جي تفصيل ۾ ويا آهن ـ 
تحقيق  ڪندڙن  ھڪ ڳالهه بهتر ڪئي آهي ته انهن آرگنڪ فارمنگ جا فائدا پڻ ٻڌايا آهن ـ

کونگهرا Snoring

کونگهرا          Snoring

"اصغر ساگر"

کونگهرا ھڻڻ اھڙي بيماري آھي جنھن ڏي عام طور تي ڪنھن جو ڌيان نٿو وڃي پر سمهڻ واري سان گڏ ماڻھو وڏي ڪوفت کڻي ٿو. ھي بيماري گهر وارن جي ننڊ کي متاثر ڪري ٿي ۽ کونگهرن ھڻڻ واري شخص جي ڀرسان سمھڻ ڏکيو ھوندو آھي. کونگهرا ھڻڻ کي بيماري تسليم ڪيو ويو آھي پر ھن بيماري ڏي ڪڏھن بہ سنجيدگي سان ڌيان نہ ڏنو ويو آھي.
کونگهرا ھڻڻ ھڪ خطرناڪ عادت آھي جنھن سان ساھ ۾ خلل پوي ٿو ۽ ھن سان دل جي بيمارين جا عارضا وڌن ٿا. کونگهرن جي شدت دماغ تي اثر مرتب ڪري ٿي جنھن سان اڳتي ھلي فالڄ ۔ دل جي دوري ۔ ذھني ڇڪتاڻ ۽ ٻين مرضن جا خطرا وڌي سگهن ٿا.
کونگهرن جا سبب :-
نڪ بند ٿيڻ.
نڪ جي ھڏي وڌڻ.
نڪ ۾ ڇوت.
نڪ ۾ سوڄ.
ٿولھ.
پت جو وڌڻ.
ايلرڄي.
نڪ ۾ گوشت وڌڻ.
زڪام.
تماڪ نوشي.
ساھ جا مسئلا.

کونگهرن کان بچڻ لاء اپاء :-

رات جو گهٽ کائجي :-
سمھڻ کان پھرين گهڻي کائڻ کان پرھيز ڪجي ڇوجو جيڪڏھن معدو کاڌي سان ڏٽيل ھوندو تہ ساھ جي رڌم تي منفي اثر پوندا ۽ کونگهرن وڌڻ جو خطرو وڌي ويندو ڇوجو جسم کي گهڻي کاڌي ھضم ڪرڻ لاء وڌيڪ ھوا جي ضرورت پوي ٿي نتيجن کونگهرا شروع ٿي ويندا آھن ان ڪري کونگهرن واري کي رات جو گهٽ کاڌو کائڻ کپي جيئن ساھ جو عمل صحيح رھي.

وٽامن سي جو استعمال :-
کونگهرن جي ڪري ناسن جي ھوا تي اثر پوي ٿو. وٽامن سي ساھ جي نظام جي لاء بھترين جز آھي. وٽامن سي نڪ کي صاف رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي. وٽامن سي ۾ ليمو ۔ مالٽو ۔ پپيتو ۔ اسٽرابيري ۽ ٻيون شيون اچي وڃن ٿيون.

رات جو کاڌي کان پوء چھل پھل ڪرڻ :-
رات جو کاڌي کائڻ کان پوء ضرور چھل پھل ڪجي ائين سمهڻ وقت کونگهرن ۾ گهٽتائي ٿيندي.

سمهندي دوران پاسو مٽائجي :-
جيڪڏھن سمهڻ دوران کونگهرا اچن تہ پاسو ورائجي ائين ڪرڻ سان کونگهرن جي شدت ۾ گهٽتائي ايندي.

سمهڻ وقت وھاڻو ٿلهو رکڻ :-
سمهڻ وقت وھاڻو ٿلهو رکجي جيئن سمهڻ وقت مٿو پورو مٿي رھي، ائين ڪرڻ سان زبان ڳلي کي بلاڪ ڪري نہ سگهندي ساھ واري نلي کليل رھندي ۽ کوگهرن کي موقعو نہ ملندو.

سمهڻ وقت نڪ صاف ڪرڻ :-
سمهڻ کان پھرين نڪ کي صاف ڪجي. نڪ جا ڦوڳر ساھ جي گذرگاھ ۾ رنڊڪ اچي وڃي ٿي جنھن جي ڪري وات مان ساھ کڻڻو پوي ٿو جيڪو کونگهرن جو سبب بنجي ٿو.

ٻاڦ وٺڻ :-
جيڪڏھن ڳلي ۾ خشڪي محسوس ٿئي تہ پاڻي کي ڪاڙھي ان جي ٻاڦ وٺجي ۽ ساھ جي رڳن ۾ تراھٽ اچي ويندي ۽ ساھ کڻڻ آسان ٿي پوندو ھي طريقو ان وقت بہ ڪارگر آھي جڏھن نزلو ۔ زڪام يا ايلرڄي ھجي.

بستر جون سڀ شيون مٽائيندو رھڻ :-
جيڪڏھن ڏينھن جو ساھ ٺيڪ رھي ۽ رات جو کونگهرا اچن تہ پڪ ڄاڻجي ايلرڄي جو مسئلو آھي. ان ڪري بستري جي چادر ۔ وھاڻي يا ڇھ ۽ رلين کي جلدي مٽڻ جي عادت وجهجي ائين ڪرڻ سان کونگهرن جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.

ٿولھ گهٽائڻ :-
ھڪ تحقيق مطابق ٿلها ماڻھو کونگهرن جو شڪار رھن ٿا جيڪڏھن اھي پنھنجي 10 سيڪڙو گهٽ ڪن تہ وات ۽ نڪ جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

تماڪ نوشي کان پرھيز :-
سگريٽ نوشي جي ڪري ڳلي جون جهليون سڄي وڃن ٿيون. ھڪ تحقيق مطابق تماڪ نوشي ڪندڙ 24 سيڪڙو ماڻھو کونگهرا ھڻڻ جا عادي ٿين ٿا. تماڪ نوشي ڇڏڻ سان کونگهرن کان نجات ملي سگهي ٿي.

علاج :-

دن ۾ تيل ھڻڻ :-
قديم دور کان سچو گھ بيمارين ۾ استعمال ٿيندو رھيو آھي. دن ۾ روز تيل ھڻڻ کونگهرن کان نجات ڏياري سگهي ٿو ۽ ان کان سوا ھڪ يا ٻہ ڦڙو نڪ ۾ وجهجي.

زيتون جو تيل :-
زيتون جي تيل کي کونگهرن کي ختم ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. روز زيتون جي تيل کي تارون مٿان ھڻجي ائين کونگهرن وارو مرض دور ٿيندو ويندو.

ڦودني جي چانھن :-
ڦودني جي چانھن ڦڦڙن جي چپچپاھٽ ختم ڪري ٿي ۽ ان جو مينٿول ساھ جي سوزش کي ختم ڪري ٿو.

ليمو :-
ليمو واحد ميوو آھي جيڪو حرارن کي ڳاري ٿو ۽ وٽامن سي ھئڻ ڪري بي پي ھٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ليمو ٿولھ کي گهٽائي ٿو ۔ کونگهرن کان بچائي ٿو ۽ جسم مان نمڪيات کي خارج ڪري بي پي کان محفوظ رکي ٿو.
ليمو روز پاڻي گلاس ۾ نپوڙي پيئجي. بھتر فائدو پوندو.

تلسي يا نازبو جا پن :-
ماهرن مطابق تلسي يا نازبو جا پن رت کي ڇٽو ڪرڻ ۽ بلغم کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا، اهي رت جي داٻ کي وڌڻ کان بہ روڪيندا آهن ۽ جيڪڏهن ان کي کاڌي ۾ استعمال ڪيو وڃي تہ اهي تمام گهڻا فائديمند آهن.
تلسي يا نازبو جا 8 پن روز کاڌا وڃن تہ رات جو کونگهرن جو دٻاء گهٽبو ويندو ۽ طبيعت تي خوشگوار اثر پوندو

Monday, 10 December 2018

ڪيلشم Calcium

آخري حصو

 ڪيلشم             Calcium

"اصغر ساگر"

ڪيلشم ڀريا کاڌا :-

سھانجڙو :-
سھانجڙي جا پن ڪيلشم ۾ هڪ مڪمل کاڌو (فوڊ سپليمنٽ) آهن. هن ۾ پالڪ کان 9 ڀيرا وڌيڪ فولاد، ڪيلي کان 4 ڀيرا وڌيڪ پوٽيشم، ڪڻڪ کان 4 ڀيرا وڌيڪ اوڄا، کير کان 8 ڀيرا وڌيڪ ڪيلشم ۽ نارنگي کان ٻيڻ تي وٽامن C شامل هوندي آهي.ﻫﻦ ﺟﻲ 100 ﮔﺮﺍﻡ ﺧﺸڪ ﭘﻨﻦ ﻣﺎﻥ ڏﻫﻲ ﮐﺎﻥ 9 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﭘﺮﻭٽين، ﮔﺠﺮﻥ ﮐﺎﻥ 10 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﻭٽاﻣﻦ ﺍﻱ، ڪﻴﻠﻲ ﮐﺎﻥ 15 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﭘﻮٽيشم، ﮐﻴﺮ ﮐﺎﻥ 17 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ڪﻴﻠﺸﻢ، ﻣﺎلٽي ﮐﺎﻥ 12 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﻭٽاﻣﻦ ﺳﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ.سھاﻧﺠڙﻭ ﺻﺤﺖ ﺑﺨﺶ ﻏﺬﺍﺋﻲ ﺧﺼﻮصيتن ﺳﺎﻥ ﻣﺎﻻ ﻣﺎﻝ ﺁﻫﻲ. ﺟﻴڪڏﻫﻦ ھن جا پن ﮐﺎﮄﻱ ۾ ڏينھن ۾ ھڪ دفعو ڀاڄي طور کاڌا ﻭڃن تہ ﺳﭵﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ٻہ وقت ﺟﻲ ﮐﺎﮄﻱ ﻣﺎﻥ ﺣﺎﺻﻞ ﭤﻴﻨﺪڙ ﻏﺬﺍﺋﻴﺖ ﺟﻲ ﺑﺮﺍﺑﺮ ﻫﻮﻧﺪﻱ.

ڪيلو :-
ڪچ ھڏ جو ھڪ سبب لوڻ جو گهڻو استعمال ڪرڻ آھي. ڪيلو اسان جي جسم 10 سيڪڙو کان وڌيڪ سوڊيم(نمڪيات) جي اثرن جو گهٽ ڪري سگهي ٿو.
ڪيلي ۾ وٽامن - ميگنيشم ۽ ڪيلشم جي وافر مقدار موجود ٿئي ٿي جيڪا ھڏين جي مضبوطي - سنڌن جي سور ۽ ھڏين کي تڪليف کان نجات ڏياري ٿي - ھڏين جي نشونما ڪري ٿو ۽ گردن جي حفاظت ۾ بہ ڪردار ادا ڪندي آهي. ڊاڪٽرن جي تحقيق مطابق پڪل ڪيلي کي پاڻي ۾ ڪاڙھي ڇاڻي اھو پاڻي پيئڻ ڪيلن کائڻ کان وڌيڪ توانائي ڏئي ٿو. ھن ۾ بجلي جھڙي توانائي ھوندي آھي جيڪا اتي جو اتي اثر ڪندي آھي ۽ طاقت سان لبريز ڪري ٿي.

ڏھي :-
ڏھي ۾ قدرتي ڪيلشم ٿئي ٿو. ڏھي جي ھڪ پيالي ۾ ڪيلشم 30 فيصد ۽ وٽامن ڊي 20 فيصد ٿئي ٿي جيڪا انهن غذائن جي هڪ ڏينهن جي جسماني ضرورت پوري ڪندي آهي.

کير :-
ڪيلشيم ۽ وٽامن ڊي سان ڀريل کير کي هڪ مڪمل غذا چيو ويندو آهي. 8 اونس کير ۾ 30 سيڪڙو ڪيلشم ۽ وٽامن ڊي وڏي مقدار ۾ موجود هوندي آهي، جيڪا هڏين جي مضبوطيءَ لاءِ ڏاڍي فائديمند آهي. چڪنائي کان پاڪ کير ۾ 90 حرارا (ڪيلريون) ٿين ٿا. ڇوجو ھن ۾ وٽامن جي کوٽ رھي ٿي. ھاڻي تہ مغربي ملڪن ۾ کير ۾ مصنوعي وٽامن ڊي شامل ڪيو پيو وڃي تہ جيئن زيادھ غذا بخش ٿي سگهي.

گوگڙو:
گوگڙو وٽامنن جو خزانو آھي. گوگڙو عضلاتي شرياني سرشتي Cardiac vessels system جو محافظ آھي. ھن ۾ ڪیلشیم اور پوٽاشم جي مقدار ڪافي ٿئي ٿي جنھن سان ھڏين جي مضبوطی ۽ افزائش ۾ اضافو ٿئي ٿو. ھن کي ھڏين جي غذا بہ چوندا آھن. گوگڙو کائڻ وارن کي ھڏن جي کوکلاڻ Osteoporosis نہ ٿي ٿئي. جي ٿئي ٿي تہ ان جا اثر گهٽ ٿي وڃن ٿا. گوگڙو وٽامنن جو خزانو آھي.

ٽماٽر :-
وڌ ۾ وڌ ڪيلشم ٽماٽي ۾ پاتي وڃي ٿي. ٽماٽي کائڻ سان ھڏا مضبوط ٿين ٿا. ٽماٽو رت جي بہ افزائش ڪري ٿو. ٽماٽر ۾ لائسوپين ۽ اينٿو سائنس جو ڀرپور مقدار موجود هوندو آهي جيڪو نظر جي ڪمزوري، ڪينسر ۽ دماغي مرض جي خطري لاء گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي ۽ ھڏين کي مضبوط ڪري ٿو.

بادام :-
بادام ۾ موجود ڪيلشم سان هڏيون مضبوط ٿين ٿيون ۽ ان ۾ موجود زنڪ سان هيموگلوبن جي ترڪيب ۾ مدد ملي ٿي. بادام وٽامن اي جو ذريعو آهي، تيزابيت ختم ڪندو آهي، دل جي مرض ۽ ڪينسر جي مرضن ۾ گهٽتائي ڪندو آهي ۽ ايل ڊي ايل ڪوليسٽرول جي سطح کي متوازن رکندو آهي.

ڌاڻا :-
ڌاڻا ڪيلشم بہ رکن ٿا پر گڏوگڏ جسم مان زھراڻ خارج ڪن ٿا. ڌاڻن ۾ وٽامن اَي ۽ ڪي سميت وٽامن سِي بہ جَجهي ٿئي ٿي تہ منجهس مئنگنيشم جهڙي ڌاتوءَ جون ذريون بہ ٿين ٿيون. وٽامن بي، ڪيلشم، فولاد، جست، فاسفورس، پوٽيشم ۽ ميگنيشم جو به ٺاهوڪو مقدار منجهس ٿئي ٿو. جڏهن ڌاڻن جو اينٽي آڪسيڊنٽن جي حوالي سان ذڪر ڪجي ٿو تہ اهي منجهس ايترا تہ طاقتور طريقي سان موجود هجن ٿا، جو قدرتي محافظ طور ڪم ڪن ٿا. ان جو تيل نہ رڳو آڪسيجن جي عمل کي روڪي ٿو تہ کاڌي کي وائي ٿيڻ کان بہ بچائي ٿو. منجهس بئڪٽيريا خلاف خاصيتون هجڻ سبب ڌاڻو سالمونيلا جهڙي خطرناڪ بيماريءَ کان بہ بچائي ٿو، جنهن سبب پيٽ جو سُور، شديد ڊائريا ۽ ٽائفائيڊ ٿي پون ٿا.

بيدو :-
آني جي ٽڪيءَ يا زرديءَ ۾ آني جي 90 سيڪڙو ڪيلشم ۽ فولاد تہ سفيديءَ ۾ آني جي پروٽين جو اڌ موجود ٿئي ٿو.
هن ڌرتيءَ تي موجود سڀني غذائن ۾ آني کي هڪ بھترين غذا سمجهيو وڃي ٿو: آني ۾ هر ان قسم جو غذائي وکر موجود ٿئي ٿو، جنھن جو ڪنھن مثالي کاڌي يا غذا لاءِ هجڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. ٿلهي ليکي هڪ اوٻاريل آني ۾ هيٺيان وکر موجود ٿين ٿا: وٽامن اي (A)، فولئٽ (folate)، وٽامن بي 5، وٽامن بي 12، وٽامن بي 2، فاسفورس (phosphorus)، سيلينيم(selenium)  ان کان سواءِ آني ۾ وٽامن ڊي، وٽامن اِي، وٽامن ڪي، وٽامن بي 6، ڪئلشم ۽ جست(zinc)  جو به خاشو مقدار موجود ٿئي ٿو. ٿلهي ليکي هڪ آنو 77 ڪيلرين، 6 گرام پروٽين ۽ 5 گرام سڻڀ جي برابر ٿئي ٿو.

پالڪ :-
طبي لحاظ کان هيءَ جلد هضم ٿيندڙ ۽ تاثر ۾ ٿڌي آهي. گرم ۽ خشڪ طبيعت وارن لاءِ وڏي فائديمند آهي. تجربن کان پوءِ معلوم ٿيو آهي تہ پالڪ ۾ فولاد ۽ ڪئلشيم جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي، جنهن سان جسم جا هڏا مضبوط ٿين ٿا. پالڪ رت وڌائڻ لاءِ بهترين غذا آهي.پالڪ ھڪ ڪپ ۾ وٽامن ڪي جو تعين ٿيل مقدار 1000 سيڪڙو اچي وڃي ٿو جيڪو ھڏين جي نشونما ڪري ٿو ۽ ھڏين کي مضبوط ڪري ٿو


When we reduce fat, where does it go? جڏھن اسان چرٻي گهٽايون ٿا، اھا ڪاڏي وڃي ٿي؟

When we reduce fat, where does it go?
 جڏھن اسان چرٻي گهٽايون ٿا، اھا ڪاڏي وڃي ٿي؟ 

"اسد تنيو"

ھي اھو سوال آھي جنھن تي ڪافي غور ڪيو ويو آھي ۽ ڪافي جواب سامهون آيا آھن. ڪيترن ماڻهن مطابق چرٻي جسم ۾ سڙي وڃي ٿي جڏهن تہ ڪجھ فردن جو اهو خيال آهي تہ اها رت ۾ شامل ٿي وڃي ٿي يا چرٻي عضون جو حصو بڻجي وڃي ٿي. جسم جي چرٻي عضون جو حصو هرگز نہ ٿي بڻجي ، نہ ئي اها توانائي جي شڪل اختيار ڪري ٿي ۽ نڪي وري سڙي ختم ٿئي ٿي. اهڙو ڪجھ بہ ناهي هوندو پر وزن گهٽائڻ لاء چرٻي جي گهرڙن ۾ موجود ڪاربان کي تحليل ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي جنھن کان پوء ٿولھ گهٽجڻ شروع ٿيندي آهي. حقيقت ۾ جسم ۾ موجود اها چرٻي ٽڪڙن جي شڪل اختيار ڪرڻ کانپوء پاڻي ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. جڏھن اسان ورزش ڪريون ٿا تہ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ساھ وسيلي ٻاهر خارج ٿئي ٿي ۽ پاڻي ڳوڙهن يا پگهر جي صورت ۾ جسم مان خارج ٿئي ٿو.
جيڪڏھن توھان 10 ڪلو چرٻي گهٽايو ٿا، 8.4 ڪلوگرام ڦڦڙن مان نڪرندي ۽ ۽ باقي 1.6 ڪلو پاڻي ۾ تبديل ٿي ويندي. ٻين لفظن ۾ لڳ ڀڳ سمورو وزن جيڪو اسان وڃايون ٿا اھو خارج ٿي وڃي ٿو.
ھي ڳالھ ھر ڪنھن کي حيرت ۾ وجهي ٿي پر درحقيقت گهڻو ڪري ھر ڪا شي اسان کائون ٿا اھا ڦڦڙن رستي واپس وري ٿي. ھر نشاستو جيڪو توھان جذب ڪريو ٿا ۽ ۽ لڳ ڀڳ سموري چرٻي ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ۽ پاڻي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. ساڳو الڪوحل جي ڪري ٿئي ٿو.
پروٽين چرٻي ڏين ٿيون سواء ننڍي حصي جي جيڪو پيشاب ۽ ٻين نھرن ۾ تبديل ٿئي ٿو ان کي توھان پيشاب ذريعي خارج ڪيو ٿا.
If you reduce 10kg of fat, precisely 8.4kg comes out through your lungs and the remaining 1.6kg turns into water. In other words, nearly all the weight we lose is exhaled.
This surprises just about everyone, but actually, almost everything we eat comes back out via the lungs. Every carbohydrate you digest and nearly all the fats are converted to carbon dioxide and water. The same goes for alcohol.
Protein shares the same fate, except for the small part that turns into urea and other solids, which you excrete as urine.

ڪوپي ڪافي Kopi luwak coffee


ڪوپي ڪافي   Kopi luwak coffee
"اسد تنيو"

انڊونيشيا ۾ هڪ مخصوص قسم جي ڪافي جنھن کي ڪوپي لواڪ سڏيو وڃي ٿو جيڪا درحقيقت مشڪي Civet نالي جانور جي پائخاني مان نڪرندڙ ڪافي جي ٻجن مان ٺاهي وڃي ٿي. مشڪو هڪ وڏو ٻلي نما لوطي جانور آهي جيڪو آفريڪا ۽ ايشيا جي گهاٽي جهنگلن ۾ پاتو وڃي ٿو. عام طور تي مشڪي جانور کي ٻلي چيو وڃي ٿو پر اھو ٻلي ناھي پر اھو مينگوز سان ڳانڍاپيل آھن. مشڪي جانور کي ملائي زبان ۾ مسانگ سڏيو وڃي ٿو. ھي جانور آفريڪا ۽ ايشيا ۾ پاتو وڃي ٿو. مشڪي کي 40 تکا ڏند ٿين ٿا جيڪي شڪار پڪڙڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ھي جانور سبزيون ۔ ڪيڙا ۔ بيدا ۔ پکي ۔رڙھندڙ جانور ۔ ڪافي جا ٻج ۽ ننڍا مئمل کائي ٿو. ڪوپي لواڪ جي ذائقي ۽ مزي جو مدار ڪافي جي ڦرين تي ھوندو آھي جيڪي ھي جانور کائي ٿو.
 انڊونيشيا جي مقبول ڪافي جنھن جو هڪ ڪوپ تقريبن پنج هزار رپين ۾ ملي ٿو. هندستاني واپارين کي جڏهن ھن ڳالھ جي سڌ پئي تہ انهن بہ مشڪي جي پائخاني جي تلاش شروع ڪري ڇڏي ۽ هاڻي ان منجهان ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن. رياست ڪرناٽڪ ۾ ايس ٽي گڻيش نالي همراھ جي باغن ۾ مشڪي جي خصوصي نموني پالنا جاري آهي.
اهي جانور ڪافي جا پڪل ٻج ڳھي وٺندا آهن پر هنن جي هاضمي جي نظام ۾ هضم نہ ٿيندا آهن پر انهن ۾ مخصوص خامرا Enzymes شامل ٿي ويندا آھن ۽ جسم مان نيڪال ٿي ويندا آهن. بعد ۾ ملازم ان تمام پائخاني کي گڏ ڪري انهن مان ڪافي جا ٻج ڌوئي ٻاهر ڪندا آهن. انهن ٻجن مان تيار ٿيندڙ ڪافي کي انتھائي مزيدار قرار ڏنو پيو وڃي ۽ مختلف ڪمپنيون ۽ واپاري ان طريقي سان ٻج گڏ ڪري گنج ڏوڪڙ ڪمائي رھيا آھن. انهن ٻجن جو وڪرو 30 هزار کان 50 هزار رپيا في ڪلو ڪيو وڃي ٿو.
ڪافي جا وڏا شوقين جيڪي مزيدار کان مزيدار ترين ڪافين جي تلاش ۾ رهن ٿا، اھي ھن ڪافي ۾ وڏي تسڪين ۽ سرور پائن ٿا، اھا ڳالھ ٻي آھي تہ ھي ڪافي مزيدار ۽ انتھائي مھانگي هجڻ سان گڏ انتهائي غليظ بہ چئي سگهجي ٿي پر شوق جو ڪو ملھ ڪونهي جنھن کي جيڪا شي وڻي

Sunday, 9 December 2018

Does mother share blood with her fetus? ڇا ماء پنھنجي ٻچي کي رت ڏئي ٿي؟


Does mother share blood with her fetus?
ڇا ماء پنھنجي ٻچي کي رت ڏئي ٿي؟

"اصغر ساگر"



رت جي گروپ جو تعين ھڪ جينياتي عمل آھي ان ۾ ٻار کي ڪوبہ رت جو گروپ ٿي سگهي ٿو. ٻار حمل دوران ماء جي ٻچيداني جي ذريعي اور Placenta جي ذريعي جڙيل رھي ٿو. ان اور ۾ ھڪ حصو ٻار جو ۽ ھڪ حصو ماء جي اوڄي Tissue جو ٿئي ٿو. ماء ۽ ٻار جا رت ڌار ڌار پنھنجن حصن ۾ گردش ڪن ٿا ۽ ملن نٿا پر منھن مل جاء Interface تي مختلف شين جو تبادلو ڪندا رھن ٿا. ماء جي طرف کان غذا ۔ آڪسيجن ۔ ڪجھ اجسا ۔ ھارمون ۔ ڪجھ مخصوص نشاڻ ۽ وائرس وغيرھ ٻار جي رت مان گذرن ٿا جڏھن تہ ٻار جا ردي مواد Wastes ماء جي رت ۾ داخل ٿين ٿا.
ٻار جو رت پنھنجي عزيزن جي رت تي دارومدار رکي ٿو پر ٻار جو رت والدين کان بہ مختلف ٿي سگهي ٿو. ٻار کي پنھنجو رت ٿئي ٿو ۽ ماء کي پنھنجو. ان دوران صرف خوارڪ ۽ ردي مواد Waste جو تبادلو ٿئي ٿو. ماء جو رت ٻار ۾ گردش نٿو ڪري. ماء جي رت مان غذا ۔ آڪسيجن ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جي پھچ اور مان آرپار ٿئي ٿي.
ٻار جو اندروني نظام خود رت ٺاھي ٿو. رت ماء کان سڌو سنئون ٻار ۾ منتقل نہ ٿو ٿئي. اور مان ٻار کي خوراڪ ملي ٿي نڪي رت ملي ٿو ۽ ردي مواد Wastes ماء جي خون ۾ داخل ٿين ٿا. ٻار جو رت والدين کان مختلف ٿي سگهي ٿو
عورت جي بيدي ۾ خون نٿو ٿئي پر رت گهرڙن ۽ پرٿ تي مشتمل پاڻيٺ آھي جڏھن تہ بيدو صرف گهرڙو ٿئي ٿو.
رت جو گروپ ٻار کي والدين جي رت جي گروپ مان نٿو ملي. ٻچو ۽ ماء سڌو سنئون ھڪ ٻئي کي رت نٿا ڏين.
ماء ۽ ٻار ھڪ ٻئي کي رت نٿا ڏين ماء جي رت آڪسيجن ۽ غذائون اور ڏي کڻي وڃي ٿي. ٻار جو رت ناڙي کان اور ڏي وڃي ٿو ۽ غذائون ۽ آڪسيجن واپس ٻار ڏي کڻي وڃي ٿو.
ٻچو ناڙي ذريعي اور سان مليل ھوندو آھي اور جيڪو حمل دوران ماء جي ٻچيداني ۾ اوسر پائي ٿو ۽ ڳڀ جي شڪل وٺي ٿو. ناڙي جي رت جي رڳ ذريعي ٻچو ماء کان غذا ۔ آڪسيجن ۽ جيون جي ٽيڪ وٺي ٿو.
جڏھن ٻار اڃان ٻچيداني ۾ ھوندو آھي ھنجا ڦڦڙ استعمال ٿيندا نٿا رھن. ٻار جو جيرو مڪمل اوسر ۾ نہ ھوندو آھي. رت جو وھڪرو ھي رستو اختيار ڪري ٿو. ماء جي رت جون غذائون ۽ آڪسيجن ناڙي ذريعي ٻچي کي اور مان منتقل ٿين ٿيون.
No, mother and child do not share the same blood. The mothers blood carries the oxygen and nutrients to the placenta. ... The babies blood travels up the umbilical cord to the placenta and carries
the nutrients and oxygen back to the baby.
The fetus is connected by the umbilical cord to the placenta, the organ that develops and implants in the mother's uterus during pregnancy. Through the blood vessels in the umbilical cord, the fetus receives all the necessary nutrition, oxygen, and life support from the mother through the placenta.
While the baby is still in the uterus, his or her lungs are not being used. The baby's liver is not fully developed. ... Blood flow in the unborn baby follows this pathway: Oxygen and nutrients from the mother's blood are transferred across the placenta to the fetus through the umbilical cord.


ریڊيو ڪاربن ڊيٽنگ Radiocarbon Dating

ریڊيو ڪاربن ڊيٽنگ  Radiocarbon Dating

"ترجمون ۽ تحرير: زاھد آرائين"

ریڊيو ڪاربن ڊيٽنگ جي طريقي کي قديم جاندارن جي باقيات يا فوسلز مان عمر جو اندازو لڳائيڻ لاء استعمال ڪيو ويندو آھي.

.....وضاحت.....

ھوا ۾ موجود ڏھ کرب ڪاربن جي ايٽمن ۾ صرف ھڪ ايٽم ڪاربن 14 جو ھوندو آھي ھي ناپائيداد ھوندو آھي ۽ ھن جي اڌ عمر تقريبن 5730 سال ھوندي آھي. دنيا ۾ موجود ریڊيو ايڪٽيو مادي ۽ ڪوسمڪ ريز ياڪائيناتي شعاعن جي ڪري ڪاربن 14 مسلسل ٺھندوہ ۽ ٽٽندو رھندو آھي ان لاء ھن جي مقدار ۾ گھٽتائي نٿي اچي ۽ ھن کي ريڊيو ڪاربن ڊيٽنگ لاء استمعمال ڪيو ويندو آھي اندازو آھي تہ پوين ھڪ لک سالن کان ڪاربن 14 جي مقدار ۾ گھٽتائي نہ آئي آھي ان طرح سان ڪنھن قديم جاندار ۾ موجود ڪاربان 14 جي مقدار جو تجزيو ڪري ھن جي قدامت جو ٺيڪ اندازو لڳايو ويندو آھي.

اھڙي طرح  بريليئم 10 
 پڻ ڪوسمڪ ريز يا ڪائيناتي شعاعن جي ڪري ٺھندو آھي ۽ ان جي تجزيئي سان سائينس دان ٻڌائي سگھندا آھن تہ ھي زمين، ٽڪري يا ڪو مخصوص علائقو ڪيترا ھزار سال پراڻو آھي

باھ Fire

 باھ   Fire
"زاھد آرائی" 

"باھ جي تاريخ ۽ سائينس" 
هي قديم عنصر آهي، جيڪو زمين تي ٻين ’آدي‘ (هميشه قائم رهندڙ) عنصرن سان گڏ وجود ۾ آيو. يونانين ۽ ان کان پوءِ مصرين جن چئن عنصرن کي بنيادي قرار ڏنو، تن ۾ باھ به شامل آهي. هوا، باھ، پاڻي ۽ مٽي بنيادي عنصر آهن. يوناني فلسفين کان پوءِ ايرانين باھ کي مقدس عنصر ڄاڻي، اُن جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي. بابل ۽ نينوا جي تهذيب ۾ باھ جي پوڄا لاءِ وڏا آتش ڪدا ٺاهيا ويا. زردشتي دستور مطابق اُها جاءِ جتي مقدس باھ رکي وڃي ٿي، عموماً اٺ ڪنڊي ٺاهي ويندي هئي، جنهن جي وچ ۾ آتشدان هوندو هو. آهستي آهستي اهو دستور ٿي ويو تہ مقدس باهه تي سج جي روشني نه پوي، تنهن ڪري عبادتگاهه اونداها رهڻ لڳا هئا. 31 هه/651ع ۾ جڏهن بلخ فتح ٿيو ته اَهڙن آتش ڪدن جي باھ هميشه لاءِ ٿڌي ٿي ويئي. هندو ڌرم ۾ ’اندر ديوتا‘، باھ جو ديوتا سڏيو وڃي ٿو.
باھ ماڻهوءَ کي آب و هوا جي محتاجيءَ کان آجو ڪيو ۽ کيس دنيا تي ڇانئجڻ جي اهليت ڏني. باهه سان ئي ماڻهوءَ جا اوزار مضبوط ٿيا ۽ اهڙيون شيون جيڪي اڳ هو کائي نٿي سگهيو سندس خوراڪ جو حصو ٿيون. سڀ کان اهم ڳالهه اها ٿي ته باهه ماڻهوءَ کي رات جو مالڪ بڻايو ۽ هن جي شامن ۽ صبحن کي روشن ڪيو. ٿوري دير لاءِ ان زماني جو تصور ڪيو جڏهن ماڻهو اوندهه تي غالب نه ٿيو هو. اڃا تائين اسان جي روايتن ۽ شايد ته اسان جي رت ۾ ان دور جو روپ موجود آهي. ڪو وقت هو جو اوندهه ماڻهوءَ لاءِ عذاب هئي ۽ اونده کان ڊڄي هو پنهنجي غار ۾ هليو ويندو هو. هاڻي اسين صبح کان اڳ غارن ۾ نٿا وڃون. صبح جو سج اڀرڻ جي نظاري کان محروم ٿيڻ وڏي بيوقوفي آهي پر اوندهه جي ڊپ کان آزاد ٿيڻ به وڏي نعمت آهي. ماڻهوءَ جڏهن پنهنجن هٿن سان روشن ڪيل ستارن سان رات کي روشن ڪيو ته هن جو روح روشن ٿي ويو ۽ زندگيءَ جي چرپر ۽ خوشي ماڻڻ جا امڪان وڌي ويا. اسان شايد ڪڏهن به هٿرادو روشنيءَ جي ايجاد جا ٿورا لاهي نه سگهنداسين۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائینس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
باھ آڪسيجن جي مدد سان شين جي اخراجي گرمي يا ان جي اثر مان پيدا ٿيندڙ ٻرڻ جو ھڪ ڪيميائي عمل جو نالو آھي جنھن ذريعي گرم روشني ٻاھر نڪرندي آهي . شين جي ان اخراجي گرمي کي علم ڪيميا ۾ ايڪسوٿرمڪ پروسيس (Exothermic process) ۽ ٻرڻ جي ان عمل کي ڪمبسشن (Combustion) چئبو آهي. باھ جي گرم ھجڻ جو ڪيميائي سبب ان ٻرڻ جي عمل ۾ ماليڪيول واري آڪسيجن جي ڪمزور ٻٽي بانڊ (double bond) O2 جو , ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وارين شين جي طاقتور بانڊن ۾ تبديلي ۽ پاڻي جو توانائي جاري ڪرڻ آھي. ٻرڻ جي ان عمل ۾ گرمي جو درجو ھڪ اھڙي سطح تي ٿي ويندو آهي جو باھ جا شعلا ڀڙڪي پوندا آهن جنھن کي دکڻ جي پوائنٽ (ignition point) 
چوندا آهن. شعلو باھ جو نظر ايندڙ حصو ھوندو آھي جنھن ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ, پاڻي جا بخار، آڪسيجن ۽ نائيٽروجن شامل ھوندا آھن. جڏھن اھي تمام گرم ھوندا آھن تہ انھن جون گئسون آئئنن (ions) ۾ تبديل ٿي پلازماپيدا ڪنديون آهن. ٻرندڙ شين جي مادي ۽ ان جي ٻاھران لڳل ملاوٽ جي آڌارَ تي باھ جي رنگ ۽ ان جي شدت ۾ فرق ٿيندو آهي. جڏھن ساون وڻن ٻوٽن وغيره کي باھ لڳندي آهي تہ باھ نائيٽروجن ٻاھر ڪڍندي آهي ۽ ٻيا عنصر جن ۾ پوٽيشيم ۽ فاسفورس شامل آهن خاڪ ۾ رھجي ويندا آهن ۽ جلد مٽي جو حصو ٿي ويندا آهن

”برف نشو يا ميٿا نشو Crystal methamphetamine“

برف نشو يا ميٿا نشو Crystal methamphetamine 

"دريا خان سنڌي"

برف نشو جنھن جو اصل نالو ” ڪرسٽل ميٿا ايمفيٽامين“ آهي جنھن کي ميٿا يا ڪرسٽل ميٿا چئبو آهي. ھي مخصوص ٻوٽن ۽ وڻن مان حاصل ٿيندڙ هڪ خاص ڪيميڪل کي چئبو آهي. ھي ليباريٽرين ۾ ايفيڊرين سان بہ تيار ڪيو ويندو آهي. ھن خوني نشي جا قلم کنڊ يا لوڻ جي وڏن ڌاڻن جي ماپ جا هجن ٿا. طبي ماهرن موجب هي خطرناڪ نشن مان هڪ آهي. ھن جي واپرائڻ سان انسان جي توانائي ٻيڻي ٿي وڃي ٿي، حافظو گهڻو تيز ٿي وڃي ٿو ۽ انسان 24 کان 72 ڪلاڪ تائين جاڳي سگهي ٿو. جيئن نشو لھي ٿو، انسان گهڻو ٿڪ ۽ سستي محسوس ڪندو آهي ۽ پنھنجي آسپاس موجود سڀني ماڻهن کي شڪ طور ڏسي ٿو.
برف نشو جي مسلسل واپرائڻ سان انسان چريائپ جو شڪار ٿي پنھنجي زندگي موت جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. پاڪستان ۾ ڳوٺاڻو علائقو گهڻو ڪري خيبر ايجنسي کي آئس جو مرڪز ڪوٺيو وڃي ٿو جتي هي زهر ۽ نشو افغانستان کان اسمگلنگ ٿي اچي ٿو. مھانگو هجڻ ڪري پھرين هي اميرن ۽ انهن جي پارٽين ۾ پاتو ويندو هو ڇوجو هڪ نج پج برف نشي جي هڪ پڙي 5 کان 10 هزارن جي ملندي هئي جنھن کان پوءِ جھازن جي گهڻائي ۽ کپت ۾ غير معمولي اضافي جي ڪري افغانستان کان گهڻو اسمگلنگ ٿي مقامي ليبارٽرين ۾ تيار ٿيندڙ ٻہ نمبر آئس جي قيمت ۾ گهٽتائي اچي وئي ۽ 500 سئو کان 1500 جي هيٺ اچي وئي آهي. خيبرپختونخواھ ۾ ان خوني نشي جو استعمال ۽ ڪاروبار گهڻو مضبوطي سان پنھنجا خوني پير ڄمائي چڪو آهي جنھن کان پوءِ وڏن شھرن پشاور، لاهور،ڪراچي ۽ ٻين جڳهن تائين عام ٿي ويو آهي جيڪو تيزي سان جاري آهي. عام ماڻهو سان گڏوگڏ تجارت ڪندڙ فرد، سياستدان ۽ سرڪاري آفيسر هن نشي کي واپرائيندي پاتا ويا آهن. افسوس سان هي نشو تعليمي ادارن ۾ بہ پکڙجي رهيو آهي شاگردن سان گڏ شاگرداڻين جو پڻ  وڏو تعداد هن خوني نشي جو عادي آهي. لاهور جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڻ هي تيزيءَ سان هي وڌي رهيو آهي. حڪومت پاران هن نشي جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ڪي سٺا قدم ناهن کنيا ويا ۽ نہ ئي ڪو قانون جوڙيو ويو آهي.

نوٽ: ھن مضمون لکڻ جو ڪارڻ عوام کي آگاهي ڏيڻ آهي تہ جيئن خاص ڪري والدين پنھنجي ٻارن تي نظر رکن ۽ قيمتي زندگيون بچائين

پت Cholesterole

پت       Cholesterole

"اصغر ساگر"

انساني جسم ھڪ مشين وانگي آھي جيڪا لکن ڪروڙن ننڍن پرزن تي ٻڌل آھي جنھن کي خوردبين کان سواء ڏسي نٿو سگهجي. جسم جو ھر پرزو پنھنجي منفرد حيثيت ۾ گهرڙو سڏرائي ٿو جيڪو اصل ۾ نباتاتي زندگي جي بنيادي اڪائي آھي ۽ ان جي تشڪيل جنھن بنيادي مادي سان ٿئي ٿي ان کي پرٿ Protoplasm چئبو آھي ھي گهرڙو ھر حالت ۾ پٽڙو ٿئي ٿو ۽ ھن جي مرڪز Neucleus جي تقسيم سان گهرڙن جي تقسيم ٿيندي رھي ٿي. گهرڙا پنھنجي مدت پوري ڪري مري وڃن ٿا ۽ وري ان جي جڳھ تي نوان گهرڙا جنم وٺندا رھن ٿا. صرف سبب ھي آھي تہ قدرت توھان کي جينن Genes جي تحرير ۾ زندھ رکڻ چاھي ٿي جڏھن تہ صحتمند يا بيمارى رھڻ توھان جي چونڊ تي آھي. اھا توھان جي چونڊ پت Cholesterol آھي جنھن کي مقرر حد ۾ رکو ٿا تہ صحتمند رھو ٿا ۽ جي ان کي وڌايو ٿا تہ اوھان مرضن جي ور چڙھي ويندا.

پت                            Cholesterol
پت هڪ قسم جو سڻڀو مادو آهي جيڪو رت ۾ گردش ڪندو رهي ٿو جسم ۾ ڪيترائي ڪارائتا ڪم ڪندو آهي. اسانجي جسم ۾ 75 سيڪڙو پت جيرو ٺاهيندو آهي جڏهن تہ 25 سيڪڙو اسانجي کاڌي مان ايندو آهي. پت موم وانگر چڪنو مادو ٿئي ٿو جيڪو اسان جي جيري ۾ تيار ٿيندو آھي ۽ اسان جي غذا مان حاصل ٿي ذرن جي شڪل ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. چرٻ پت جي معمولي مقدار اسان جي جسم جي ساخت ۾ شامل گهرڙن جي نشونما ۽ صحت لاء تمام ضروري آھي. ھي مختلف ھارمونن جي تياري ۽ ھاضمي جي نظام جي ڪارڪردگي جو اھم جز آھي.  ان کان سوا ھي جسم ۾ حرارت پيدا ڪرڻ لاء استعمال ٿئي ٿو. چرٻاڻ جي مقرر حد رھي تہ ھر شي معمول مطابق ڪم ڪري ٿي پر جي چرٻ پت مقرر حد کان وڌي وڃي تہ مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا ۔ رت جون ناليون بند ٿي وڃن ٿيون ۽ مختلف عضون کي نقصان پھچي ٿو.

پت جا ڪم :-
پت ھارمون بنائڻ ۽ گهرڙن جي بنائڻ ۾ ڪم اچي ٿو ۔ اعصاب جي حفاظت لاء اعصابي جهلي تشڪيل ڏئي ٿو ۽ وٽامن ڊي کي جوڙي ٿو. اسان جو جسم پت کي خود رسد بنائي ٿو. اسان جو جيرو پت ٺاھي ٿو جنھن جي جسم کي ضرورت پوي ٿي. جسم ۾ تمام بنيادي ھارمون خصيرو ۔ ايسٽروجن ۽ سيل ميمبرين جو بنجڻ جو سبب بنجي ٿو. اھي خوراڪون جيڪي اسان کائون ٿا اھي پت وڌائڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. حيواني خوراڪن ۾ جيئن گوشت ۽ بيدي ۾ وڌ ۾ وڌ پت پيدا ٿئي ٿو جڏھن تہ نباتاتي خوراڪن جيئن ڀاڄين ان ۽ سبزين ۾ پت نٿو پاتو وڃي. ڪجھ خوراڪون جيئن مکڻ ۔ گھ ۔ ناريل ۽ ڪريم ۾ پت وڌيڪ پاتي وڃي ٿو. پت انساني جسم ۾ بنيادي چرٻي آھي جيڪا گهرڙن کي توانائي ڏيڻ سان گڏ مضبوطي فراھم ڪري ٿي. پت جسم ۾ عمر جي حد سان وڌي ٿو پر ڪڏھن ڪڏھن ان جي سطح عمر کان پھرين وڌي وڃي ٿو جيڪا وزن ۽ بيمارين جو  سبب بنجي ٿو. جسم ۾ تمام بنيادي ھارمون خصيرو Testosterone ۔ بيدوڻ Estrogen ۽ گهرڙجهلي Cell membrane جو بنجڻ جو سبب بنجي ٿو.

پت جي سڃاڻپ :-
جيڪڏهن اوهان جا ڳل ڀريل ۽ چيلھ ويڪري آهي تہ خير آهي پر جڏهن اوهان جي رت ۾ سڻڀ جو مقدار وڌي وڃڻ ڪري اهو گهاٽو ٿي وڃي ۽ ان ۾ پيلي رنگ جو گهاٽو مادو شامل ٿي وڃي تہ اهو خطرناڪ آهي ڇو تہ حد کان وڌيل پت اوهان جي رت جي نالين ۾ ڄمندو ويندو ۽ رت جي وهڪري کي متاثر ڪندو. اڳتي هلي دل جي دوري جو سبب بڻبو.

پت چڪاس ڪرائيندو رھڻ :-
پت چرٻي جو ھڪ قسم آھي جيڪا محدود مقدار ۾ ضروري آھي پر ان جي گهڻائي رت کي گهاٽو ڪري ٿو ۽ دل کي مرضن جي ور چاڙھي ٿو ۔ دل جي دوري ۽ فالج جھڙا مسئلا پيدا ڪري سگھي ٿو ۽ دل جي دوري جي امڪانن کي وڌائي ٿو. پت سوڙهي رت نليءَ ۾ رت جي دِڳِ پيدا ڪري دل جي دوري يا اڌرنگيءَ جو سبب بڻجي ٿو. دل جي دوري سبب اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ 54 سيڪڙو فردن ۾ پت جي حد وڌيل هوندي آهي. ڪيترا فرد پنهنجي جسم ۾ وڌيل پت کان بي خبر هوندا آهن. پت کي دنيا ۾ چيڪ ڪرڻ جا مختلف طريقا آھن پر ان جو صحيح مقدار ٻڌائڻ ممڪن ناھي ان ڪري ضروري آھي گهٽ ۾ گهٽ ھر چوٿين مھيني بعد پت ۽ شڳر جو فائيل وٺڻ ضروري آھي تہ جيئن 
توھان جو رت گهاٽو ٿي دل جي شريانين ۾ ويھي نہ وڃي.

👇. محترم سائين اصغر ساگر جو بلاگ ڏسو 
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/

ھلندڙ


حصو ٻيو
پت                Cholesterol
"اصغر ساگر"

پت ڪھڙين شين مان ملي ٿي :-
پت جانورن مان حاصل ٿيل غذا مان پاتي وڃي ٿي
وڏو ۽ ننڍو گوشت - بيدي جي زردي - ڊيري جون شيون مثال کير ۔ ڏھي ۔ مکڻ ۔ پنير ۔
بڪي ۔ جيرو ۔ مغز وغيرھ ۾ پت وڌيڪ ٿئي ٿي. ڪڪڙ ۽ مڇي جي گوشت ۾ پت جي مقدار نسبتن گهٽ ٿئي ٿي.
نباتات مان حاصل ڪيل غذا مثال ميون ۔ سبزين ۔ دالن ۔ مغزن ۔ گرين ۽ ڦرين ۾ پت ڪافي گهٽ ٿئي ٿي.

پت جا قسم :-
* ايڇ ڊي ﺍﯾﻞ HDL: (High Density Lipoprotein ‏) پت
* ايل ڊي ﺍﯾﻞ ‏( LDL : Low Density Lipoprotein ‏) پت
* ٽرائي ﮔﻠﯿﺴﺮﺍئيڊ ‏( Triglycerides ‏)
پت ھڪ خاص پروٽين لپروٽينLipoproteinجي سھاري ھلن ٿا. لپروٽين جو مثال گاڏي وانگر آھي جيڪا روڊ تي ھلي ٿي ۽ جنھن تي سامان سٿيل ھوندو آھي ۽ ھي سامان پت جي مختلف قسمن جو ٿئي ٿو جو رت جي ذريعي مختلف عضون تي پھچي ٿو.

ٺوس پت يا سٺي پت يا ايڇ ڊي ايل ‏( HDL ‏) پت :-
ٺوس پت کي سٺو سمجهيو وڃي ٿو ڇوجو ھي پت رت جي نالين ۽ پٺن کان جيري طرف وڃي ٿي ۽ جيرو ھڪ صنعت وانگر آھي ھي پت اتي پھچي ڀسم ٿي وڃي ٿي. اھڙي طرح جيرو رت جي مقرر پت کي حد ۾ رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ خاص عضوي دل جي خاص طور تي حفاظت ڪري ٿو.

چرٻ پت يا خراب پت يا ايل ڊي ﺍﯾﻞ ‏( LDL ‏) پت :-
ھي چرٻ پت بري سمجهي وڃي ٿي ڇوجو ھي ئي رت جي اندرين نالين ۾ ڄمي رڳن کي ٿلهو ڪري رت جي گردش ۾ کوٽ آڻي ٿي ۽ دل جي شريانين جي مرض جو سبب بنجي ٿي.

چرٻاڻ ‏Triglycerides :-
ھي اھا چڪنائي آھي جيڪا ذرن جي شڪل ۾ ڪٺي ٿئي ٿي. جڏھن جسم ۾ ضرورت کان وڌيڪ حرارا ڪٺا ٿي وڃن ٿا تہ اتي واڌو توانائي جي صورت ۾ مثال ورزش ۔ ڳرو جسماني ڪم وغيرھ جي  ضرورت پوي ٿي. ھي رت ۾ لڳاتار رھڻ ڪري دل جي مرضن جو سبب بنجي ٿي ۽ شڳر جھڙا مرض ھن جي مقدار وڌڻ جي ڪري جنم وٺي ٿو.

رت ۾ پت جي مقرر حد ۽ وڏي حد جي مقدار :-
ٽوٽل چرٻاڻ جي وچٿري مقدار درجابندي مطابق 180 ملي گرام يا گهٽ ٿئي ٿي.
سرحد لائين وڏي پت جي مقدار 181 کان 199 ملي گرام آھي.
وڏي پت جي مقدار 200 ملي گرام يا ان کان وڌيڪ ٿئي ٿي

"ڪيلشم Calcium"

"ڪيلشم           Calcium"
حصو ٻيو

"اصغر ساگر"

قد وڌائڻ ۾ ڪيلشم جو ڪردار :-
ھڪ نئين ڪتاب جي مصنف ”بين ڪوٽس“ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪري ٿو تہ ڪھڙي طرح دنيا جي ھن قوم کير - ڏھي ۽ پنير جو استعمال ڪري پنھنجو قد وڌايو ۽ رشڪ جوڳي قوم بنجي وئي. بي بي سي جي رپورٽ مطابق ڊچ قوم جي کير - پنير ۽ ڏھي صرف روز جي خوراڪ ناھي پر قومي علامتي حيثيت رکي ٿي. سون سالن تائين جڏھن نيڌرلينڊ جي ماڻهن پنھنجي آزادي جي جنگ وڙھي پنھنجي ڌرتي کي آزاد ڪرايو تہ انهن کي گاھ سان زرخيز ڌرتي ملي جاڏي ڪاڏي ساوڪ ملي ۽ گنج چراگاھ مليا. انهن ھزارين چوپايا جانور پاليا. کير ايترو عام ٿي ويو جو جھڙوڪر پاڻي کان جهجهو لڳو پئي. کير پيئندڙن کان کير وڌي ويو جو کير مان ڏھي - پنير ۽ مکڻ ٺاھڻ لڳا. ائين ڊچ قوم ۾ پنير اھم حيثيت ٺاھي ورتي ۔ وڏي مقبوليت ماڻي ۽ عام استعمال ۾ اچي ويو. تقريبن ڏيڍ صدي پھرين ڊچ قوم يورپ ۾ سڀ ننڍي قد واري قوم ھئي پر پوين ڏيڍ سو سالن کان انهن پنير ۽ کير جو خوب استعمال ڪيو پر اڄ ڊچ قوم نہ صرف يورپ کان پر دنيا جي سڀني قومن کان  قداور قوم آھي. نيدر لينڊ ۾ عورتن جو سراسري قد 5 فٽ 7 انچ ۽ مردن جو سراسري قد 6 فٽن کان مٿي آھي. ماھرن مطابق ان سموري ڪارفرما ۾ ڊيري مصنوعات جو وڏو عمل دخل آھي. نيدرلينڊ ۾ کير مان ٺھندڙ شيون آمريڪا - برطانيہ ۽ جرمني جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو وڌيڪ واپرايون وڃن ٿيون. ھن ملڪ جو مقبول ترين ناشتو پنير - بريڊ ۽ کير آھي. صبح جي وقت ماڻھو ريل گاڏين ۾ سفر ڪندي ماڻھو پنير ۽ کير مان ٺھيل شيون کائيندي نظر اچن ٿا. جڏھن اسان مٿئين عنوان تي نظر رکون ٿا تہ اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪيلشم قد وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي ڇوجو ڪيلشم ھڏن جي نشونما کي فروغ ڏئي ٿي جنھن جي ڪري قد وڌڻ جي اوسر ۾ ڪابہ رڪاوٽ نٿي رھي. ماضي ۾ سنڌي گهرن ۾ مائرون ڄمندي ٻار کي مکڻ جو دڪو وجهنديون ھيون جنھن جا مثبت اثر زندگي جي آخر تائين رھندا ھيا ۽ ڄمندي ٻار جي ماء کي سچي گھ ۾ مختلف شين جي چورن ٺاھي ڏني ويندي ھئي يا روز بصري کارائي ويندي ھئي جنھن سان عورت جي جسم ۾ حيض جو زھريلو مادو خارج ٿي ويندو ھو ۽ صحتمند ٿي ويندي ھئي پر ھاڻي اسان جي سنڌي سماج ۾ کير مکڻ کائڻ واري روايت ختم ٿي وئي سڄو ڏينھن مالوند گهرن ۾ چانھ جا ٻاٽا ڪڙھن ٿا پيا. قد وڌائڻ لاء جتي ڪيلشم ضروري آھي اتي ٻار جي ڄمندي ان کي خشڪ گرم ۽ گرم خشڪ شين کان پاسو ڪرائڻ کپي ڇوجو ٻار جو ھڏ ڪمزور ٿيندو آھي ان جي گرم شين جي استعمال ڪرڻ سان ھڏين جي نشو نما رڪجي وڃي ٿي نتيجي طور ٻار جي قد ۾ رڪاوٽ جا امڪان اچي وڃن ٿا ۽ ٻار سدائين ڪمزور رھي ٿو.

ڪئلشم جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿيندڙ عارضا :-

خشڪ چمڙي :-
بائپوسلڪيميا ۽ ڪيلشم جي کوٽ جي ڪري چمڙي خشڪ ٿي وڃي ٿي ۽ وارن ۾ ٻڦو اچو وڃي ٿو. ڪئلشم جي کوٽ جي ڪري ايگزيميا ۔ تر ۔ موھيڙا ۽ ٻيا عارضا جنم وٺن ٿا.

ٿڪ :-
جڏھن جسم ۾ جلدي ٿڪ ٿئي تہ سمجهجي تہ ڪيلشم جي کوٽ آھي. ڪيلشم سان ڀرپور غذائن کي استعمال ڪري سستي ۽ ٿڪ کي ختم ڪري سگهجي ٿو.

ذھني دٻاء :-
مزاج کي ٺيڪ رکڻ لاء ڪيلشم جو استعمال ضروري آھي. ڪئلشم ۾ اھڙا عنصر آھن جيڪي ذھني دٻاء کان بچائن ٿا ۽ سڪون ڀريو احساس ڏين ٿا.

ننڊ نہ اچڻ :-
رات جو سڪون جي ننڊ نہ اچي ۽ بي چيني ھجي اھا ڪيلشم جي کوٽ طرف اشارو ڪري ٿي. اھڙي حالت ۾ ڪئلشم استعمال ڪرڻ کپي ڇوجو ڪئلشم ۾ اھڙا ھارمون ٿين ٿا جيڪي ننڊ ڏيڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

اڪثر بيمار ٿيڻ :-
اڪثر بيمار رھڻ ڪئلشم جي کوٽ طرف اشارو آھي ڇوجو جسم قوت مدافعت جي کوٽ ٿي وڃي ٿي ان ڪري ڪئلشم جي غذائن جي استعمال سان جسم کي ڪئلشم ملي ٿي ۽ قوت مدافعت وڌي وڃي ٿي.

ننھن جو ٽٽڻ :-
ننھن جو ڀرڀرو ٿيڻ ۔ ٽٽڻ ۽ اڇو نظر اچڻ ڪيلشم جي کوٽ آھن ڇوجو ننھن کي بہ ڪئلشم جي ضرورت پوي ٿي.

ڳيھڻ ۾ تڪليف :-
جيڪڏھن ڳيھي نہ سگهڻ جي شڪايت ھجي تہ اھا ڪيلشم جي کوٽ آھي. ڪيلشم جي کوٽ جي ڪري ڳلي ۽ پٺن جو تعلق ٽٽي وڃي ٿو ۽ ڪنھن شي کي کائڻ ۽ ڳيھڻ ۾ تڪليف کي منھن ڏيڻو پئجي وڃي ٿو.

ڏندن جو درد :-
اسان جي جسم وڌيڪ ڪيلشم ھڏين ۽ ڏندن ۾ ڪٺي ٿئي ٿي. ڪئلشم جي کوٽ جي ڪري ڏندن جو درد ۔ ڏندن ۾ ڪيڙو ۽ ٻيون بيماريون لڳي سگهن ٿيون.

پٺن جو درد
ڪئلشم جي ڪري پٺا مضبوط رھن ٿا ۽ جڏھن ڪيلشم ۾ کوٽ ٿئي ٿي پٺن جو درد مستقل ٿي وڃي ٿو

ھلندڙ