Sunday, 9 February 2020

ڪائناتي پتو

ڪائناتي پتو
”دريا خان“

اسانکي روزاني جي ڪمن ۾ خط يا مني آرڊر اماڻڻ جي ڪنھن نہ ڪنھن ڏينھن ضرورت رهندي آهي، پر انکي پنھنجي جڳھ تي پھچائڻ جي لاءِ انکي وٺندڙ جو پتو لازمي خبر هجڻ گهرجي، زمين تي جڳھ پنھنجو هڪ مخصوص پتو هوندو آهي، ڀلي اهو اوهانجو گھر هجي يا جتي اوهان ڪم ڪندڙ هجو، جڏهن بہ ڪنھن کي پتو ٻڌايو ويندو آهي تہ هڪ لسٽ ٻڌائي ويندي آهي جنھن ۾ اوهان جي گھر تائين اچڻ وارن رستن جي نالن جي درجا بندي سان گڏ رهواسي جي علامت کان الڳ ڪري لکيل هوندا آهن ان لسٽ کي پتو چيو ويندو آهي،هي تہ هو اوهانجي گھر يا جڳھ تائين پهچڻ جو پتو، پر ٿورو سوچيو تہ جيڪڏهن اوهانجو دوست اوهان کان اوهانجو ڪائناتي پتو پڇي تہ اوهان انکي ڪيئن ٻڌايندو.! ان طرح اهو ڀلي ڪائنات جي ڪنھن بہ ڪنڌ ۾ هجي پر پوءِ بہ انجي اوهان تائين رسائي ممڪن ٿي سگھي، ان جي لاءِ اوهان کي پنھنجو ڪائناتي پتو خبر هجڻ گھرجي تہ جيئن ڪو بہ اوهان تائين سولائي سان پھچي سگھي، اها ڳالھ بہ غور ڪرڻ جي آهي تہ اوهان ڪائنات ۾ ڪٿي بہ هجو، ڪائنات جي تصوير اوهانکي اهڙي ئي نظر ايندي جهڙي زمين جي ڏيکاربي آهي، انکي فلڪياتي اصطلاح ۾ ”هومو جينيس ڪائنات“ چيو ويندو آهي، يعني اهڙي ڪائنات جيڪا ڪنھن بہ طرف کان هڪ ئي صورت ۾ نظر اچي، پر ان باوجود جيڪڏهن اوهان کان ڪو پڇي تہ ڪائناتي پتو ڇا آهي.! تہ اوهان کي ٿورو پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڇوجو ڪائنات ۾  طرف جو ٺهراءُ ڪرڻ کان سواءِ اوهان پنھنجو ڪائناتي پتو ٻڌائي سگهو ٿا، يعني جيڪڏهن ڪو ماڻھون ڪائنات جي ڪناري تي بيٺل آهي ۽ انکي اوهان تائين پهچڻو آهي تہ اوهانجو هي پتو ڏسي ڪري اهو اوهان تائين سولائي سان پهچي ويندو، هاڻي هلجي ٿو تہ اوهان پنھنجو ڪائناتي پتو ڪيئن معلوم ڪري سگهو ٿا، جيئن تہ اسان سڀ اڃان تائين زمين تي ئي آبادي آهيون، انڪري اسان سڀني جو ڪائناتي پتو هڪجهڙو ئي هوندو، ها ڪجھ سالن کانپوءِ جيڪر انسان مريخ تي پھچي ويو تہ انھن ماڻھن جي ۽ اوهانجي ڪائناتي پتي ۾ ٿورو فرق هوندو، جيئن تہ عام پتي ۾ هوندو آهي تہ جيڪا جڳھ اوهانجي گھر جي ويجھو هوندي آهي انجو ذڪر سڀ کان پھريان ڪيو ويندو آهي انھي طرح ڪائناتي پتي ۾ بہ سڀ کان ويجھي جڳھ اها آهي جتي اوهان رهندا آهيون يعني”زمين“ ائين اهو لفظ اسانجي ڪائناتي پتي جو پھريون لفظ بڻجندو، انکان پوءِ وري اچي ٿي ان جڳھ جي جنھن ۾ زمين پاڻ موجود هجي يعني اسانجو”نظام شمسي“ اسانجو نظام شمسي جنھن ڪهڪشان ۾ موجود آهي، اسانجي ڪهڪشان سئو کان هزار ڪهڪشائن جي هڪ گروپ ۾ موجود آهي جنھن کي”مقامي گروپ“جو نالو ڏنو ويو آهي، پوءِ اچي ٿو”ورگو سپرگلسٽر-جهڳٽ“ ان سپر جهڳٽ جھڙا ٻيا بہ گلسٽرز يعني جهرمٽ موجود آهن جن ۾ اربين سج ۽ کربين سيارا موجود آهن، ان لاءِ هاڻي تائين جي ڪائناتي پتي جو آخري لفظ ”مشاهدي هيٺ آيل ڪائنات“ آهي پر ان لفظ کي بہ آخري نٿو چئي سگھجي ڇوجو اڃان ڪيتريون دريافتون ٿيڻيون باقي آهن، ۽ ڇا خبر ايندڙ وقت ۾ ان ڪائناتي پتي ۾ ٻيا بہ لفظ شامل ٿي وڃن، انھي طرح ڪائناتي پتو پوري طرح ڪجھ ائين ٿيو”زمين، نظام شمسي، ملڪي وي ڪهڪشان، مقامي گروپ، درگو سپرڪلسٽر ۽ مشاهدي هيٺ آيل ڪائنات“، اسان سولائي سان پوري ڪائنات کي ان هڪ ننڍي جملي ۾ بند ڪري ڇڏيو پر انجي وسعت اسانجي سوچ کان بہ وڌيڪ آهي.

ڪائناتي ڪيلينڊر

ڪائناتي ڪيلينڊر 
”دريا خان“

انسان قديم زماني کان ئي فلڪيات ۾ دلچسپي رکندڙ هو پر شروعات ۾ ان وٽ دوربينيون نہ هيون ان ڪري انجا مشاهدا خالي انھن شين تائين بند آهن جن کي سادي اک سان ڏسي سگھجي پيو، پوءِ ٽيڪنالوجي جي ترقي سان گڏ انجي تحقيقن جي پکيڙ بہ وڌي ۽ ائين ڪائنات کي ڳجھن لڪيل رازن کي ڄاڻڻ جي اها اڳڀرائي بہ تيز ٿيندي وئي ۽ اڄ اهو سڀ اوهان ڏسي سگھو ٿا، ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان ۽ اڄ تائين جا سڀ واقعا جيڪڏهن اسان ڪنھن اهم ڪورس يا ليڪچر جي صورت ۾ ٻڌائيندا هلون تہ انجي لاءِ اسانکي گھڻو عرصو گهربل هوندو، ڇو جو 13.8 ارب سالن تي جوڙيل واقعن جي درجا بندي بيان ڪرڻ ۽ سمجھاڻ ڪو سولو ڪم ناهي پر جيڪڏهن اسان 13.8 ارب سالن جو خلاصو ڪريون، ان سان لاڳاپيل هڪ ڪيلينڊر ٺاهيون جنھن ۾ هڪ ميهنو تقريبن هڪ ارب سال جي برابر هجي ۽ ان جو هر هڪ ڏينھن تقريبن چار ڪروڙ سالن تي برابر هجي تہ ان ڪيلينڊر کان ڪائنات بابت سمجھڻ گھڻو سولو هوندو، ڇوجو اسان پنھنجي روزاني جي زندگي ۾ ڪيلينڊر جي سڀني مهينن جو نالن سان سٺي طرح واقف آهيون، هوئين تہ اهوئي واقعا ”ڪائناتي وجود“ واري مضمون ۾ بيان ڪيل آهن پر انکي ڪيلينڊر جي شڪل ۾ ڏسڻ جو پنھنجو مزو هوندو، ڇوجو ان پوري ڪيلينڊر ۾ ڪائنات جي پيدائش کان وٺي ڪري اڄ تائين جي واقعن کي بيان ڪيو ويو آهي، ماهرن انکي”ڪائناتي ڪيلينڊر“ جو نالو ڏنو آهي.

پھرين جنوري: ڪائناتي ڪيلينڊر ۾ سال جي شروعات ۾ هڪ وڏو ڌماڪو جنھن کي ڦيلاو چئجي تہ مناسب رهندو ٿيو جنھن سان اڄ پوري ڪائنات ۾ موجود توانائي، مادو ۽ وقت جو وجود ٿيو، ان ڦيلاء کي” بگ بينگ“ جو نالو ڏنو ويو آهي، ان ڦيلاو کان اڳ اها سڀ توانائي، مادو ۽ وقت ڪنھن ايٽم ۾ موجود اليڪٽران جي ماپي جي سوين حصي جي برابر جڳھ ۾ قيد هيا ۽ ڪجھ ”ڪوانٽم فلڪچوپشنز“ جي وجھ سان بگ بينگ پيش آيو، انکان پوءِ انفليشن جو دور آيو ۽ ڪائنات تيزي سان ڦھلجي وئي.
10 جنوري: بگ بينگ کانپوءِ سڄي ڪائنات جو پد حرارت گھٽ ٿيڻ شروع ٿيو ۽ ان سان گڏ ئي ويھ لک سالن تائين مڪمل اونڌاهي جاري رهي، پر اونڌھ رهڻ جو اهو مطلب ناهي تہ ڪائنات ۾ ان وقت ڪا چرپر هلچل نہ ٿي رهي هئي بلڪي بگ بينگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ واري هائيڊروجن ۽ هيليئم جا ڪڪر موجود هيا، انھن ۾ موجود ڪشش ثقل هائيڊروجن ۽ هيليئم جي ايٽمن کي پاڻ ۾ جوڙي رهي هئي جنھن سان تارا بڻيا، انھن تارن جي بڻجڻ سان ڪائنات ۾ بگ بينگ کانپوءِ رهڻ واري اونڌاهي جو زوال آيو، ڪائنات ۾ اڇاڻ پيدا ٿي ۽ تارا ٽمڪيا. 
13 جنوري: انھن پيدا ٿيڻ واري تارن جي وچ ڪشش ظاهر ٿي ۽ انھن تارن جا ننڍا ننڍا جهڳٽ بڻيا جن کي ڪهڪشان چيو ويندو آهي، ائين ڪيلينڊر جي پھرين مهيني جي 13 تاريخ جو سڀ ڪهڪشائون وجود ۾ آيون.
15 مارچ: ننڍين ڪهڪشائن جي ملڻ سان وڏيون ڪهڪشائون بڻجنديون ويون ۽ 15 مارچ جو اسانجي ڪهڪشان يعني ملڪي وي وجود ۾ آئي، هر هڪ ڪهڪشان ۾ ڪروڙين اربين تارا، سيارا، موجود هوندا آهن، اسانجي ڪهڪشان بہ هئي ۽ هاڻ بہ آهي پر ملڪي وي جي بڻجڻ کانپوءِ اهو پتو نہ هو تہ انھن ڪهڪشائن جي اربين تارن مان اهو ڪھڙو تارو آهي جنھن جي ڦيري سان اسانجي صبحو ۽ رات ٿيندي آهي انکان پوءِ ڪائنات ۾ گھڻا ٻيا تارا بہ بڻيا ۽ گھڻا تہ وڏا تارا ڦاٽڻ شروع ٿي ويا جنھن جي نتيجي ۾ ملندڙ مادو ٻين ننڍن تارن ۾ تبديل ٿيندو ويو.
31 آگسٽ: ان ڏينھن اسانجو سج بڻيو ۽ هاڻي اوهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا تہ اهڙو جسم جيڪو اڄ زمين تي هر جاندار جي زندگي جو ضامن آهي، ان ڪائنات جي بڻجڻ کانپوءِ تقريبن 9 ارب سال يا ڪائناتي ڪيلينڊر جي حساب سان 9 مھينن کانپوءِ وجود ۾ آيو، پر ٿورو بيھو...! هاڻي اڃان نہ زمين وجود ۾ آئي آهي، نہ چنڊ ۽ نہ چنڊ جي چانڊوڪي، ۽ نہ چانڊوڪي کي ڏسڻ وارو ”انسان“ وجود ۾ آيو آهي.
21 سپٽمبر: هاڻ باھ جيان گرم ۽ ڪنھن ٻرندڙ جبل جيان ڳاڙهو جسم سج جي ويجھو گهمڻ شروع ٿيو، اوهان اهو سوچي رهيا ھوندا تہ خبر ناهي ڪھڙي شيءِ جي ڳالھ ٿي هلي، اها شيءِ ٻئي ڪا نہ بلڪي اها جڳھ جتي آئون ۽ اوهان پنھنجي زندگي گذاري رهيا آهيون آهي، 21 سپٽمبر جو اسانجي پنھنجي زمين وجود ۾ آئي پر هي ان وقت ان ڀاڱي گرم هئي جو زندگي جو ڪو نالو نشان موجود هجڻ جو ڪو امڪان نہ هو، زمين گھمندي گھمندي ٿڌي ٿيڻ لڳي تہ اوچتو نظام شمسي ۾ هڪ خلائي پٿر شھابو اچي ڪري زمين سان ٽڪرايو جنھن سان زمين جا ذرا خلاء ۾ پکڙجي ويا، انھن ذرن جي پنھنجي ڪشش بہ پنھنجو ڪم ڏيکاريو ۽ اسانجو چنڊ بڻيو، جيڪڏهن اوهان هن وقت زمين جي سطح تي بيهي ڪري اهو نظارو ڏسي رهيا هجو ها تہ چنڊ جيترو اڄ نظر ايندو آهي، ان وقت انکان بہ سو سيڪڙو وڏو نظر اچي ها ڇوجو چنڊ زمين جي گھڻو ويجھو هو،
9 نومبر: زندگي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ڪيميائي ۽ حياتياتي ارتقائي عمل جي شروعات ٿي ۽ ان عمل جي نتيجي ۾ 9 نومبر جو زندگي جي حالت اها هئي جو (خوردبيني Microscopeic) جاندارن خشڪي تي اچڻ شروع ڪيو ۽ ان سان جاندارن مان مختلف قسمون زمين تي ڦهلجنديون ويون، جهنگ، پکي، ۽ اسان، سڀ ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ ارتقائي عمل سان وجود ۾ آيا، ڪائناتي ڪيلينڊر ۾ هڪ هفتو 26 ڪروڙ سالن تي مشتمل آهي،
ڊسمبر جي آخري هفتي جي شروعات: هي اهو ڏينهن آهي جنھن ڏينھن دنيا جو پھريون گل ڦٽيو ان دور ۾ قدرتي طوفانن ڪارڻ جھنگ زمين جي هيٺيان دٻجي ويا تہ انھن جي مٿان نيا جھنگ بڻجي ويا، اهوئي هيٺ دٻجي ويندڙ جھنگ اڄ ڪوئلي، پيٽرول ۽ گيس ۾ تبديل ٿي ويا آهن جن کي اسان روزاني جي زندگي ۾ توانائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهيون، اڃان بہ دنيا ۾ ”ڊائنوسارز Dinosaurs“ جھڙن وڏن جاندارن جي ئي حڪومت هئي ۽ ننڍي جاندار انھن کان ڊڄي  ڪري لڪئي پئي ويا پر 30 ڊسمبر جي صبح 6 لڳي 24 منٽن تي هڪ ٻيو خلائي پٿر شھابو زمين سان ٽڪرايو ۽ ان وڏي جاندارن کي تباھ ڪري ڇڏيو جنھن سبب ننڍي جاندارن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو، اوهان سوچي رهيا هوندو تہ ڪائناتي ڪيلينڊر جو آخري ڏينھن اچي ويو پر اڃان اسان انسان جي وجود ۾ اچڻ جو ذڪر ئي اڃان ناهي آيو. جي بلڪل، اوهان بلڪل صحيح سوچي رهيا آھيو، اسان انسان ان ڪائناتي ڪيلينڊر جي آخري ڏينھن جي آخري ڪلاڪ ۾ وجود ۾ آياسين، ان ڪائناتي ڪيلينڊر جو هڪ ڪلاڪ تقريبن 16 لک سالن تي مشتمل آهي،
آخري ڏينهن جي آخري ڪلاڪ جي آخري منٽ جا آخري ڪجھ سيڪنڊ: اڄ جي ڪتابن ۾ جيتري بہ تاريخ لکي وئي آهي اها سڀ جي سڀ ڪائناتي ڪيلينڊر ۾ آخري 14 سيڪنڊ زمين تي ٿي گذريون، سڀ جنگيون، سڀ بادشاھ، سڀ مذهب، ۽ ان کان سواءِ جيترن بہ سائنسدانن کي اوهان ڄاڻون ٿا اهي سڀ انھي 14 سيڪنڊ ۾ گذريا آهن، سال ختم ٿيڻ جي انھن 14 سيڪنڊز يعني 6 هزار سال اڳ، اسان لکڻ سکيو، هن ڪيلينڊر جي ختم ٿيڻ جي آخري هڪ سيڪنڊ اڳ اسان سائنس جو استعمال شروع ڪيو، انھي آخري سيڪنڊ ۾ گليليو پنھنجي ٺاهيل دوربين مان چنڊ جو نظارو ڪيو ۽ انھي سيڪنڊ ۾ ئي انسان چنڊ تي پير رکيا. ياد رهي، ڪائناتي ڪيلينڊر جو هڪ سيڪنڊ 4 سو سالن تي برابر آهي. هن سڄي مضمون جو حاصل مقصد اهو هو تہ ڪائنات جي وسعت کي ڄاڻڻ ايترو سولو ڪم ناهي، ڪائنات جي سڀني واقعن کي 365 ڏينهن تي گڏ ڪرڻ هڪ ڪيلينڊر وسيلي بيان ڪرڻ سو سيڪڙو مطمئن تہ نٿو ڪري سگھي پر ان سان اسان انجي ٿورڙي عڪاسي ضروري ڏسي سگھون ٿا.

ڪائناتي وجود 

Saturday, 8 February 2020

ڪائنات جا ڪنارا ڏسڻ جي ڊوڙ

ڪائنات جا ڪنارا ڏسڻ جي ڊوڙ
ترجمو: دريا خان

ھن وقت اسان اربن ڊالرن جي هڪ ڊوڙ جي وچ ۾ آهيون، اها ٽيلي اسڪوپ بنائڻ جي ڊوڙ آهي، جائنٽ ميجيلان ٽيلي اسڪوپ، ٽيھ ميٽر ٽيلي اسڪوپ ۽ يورپ جي ايڪسٽريملي لارج ٽيلي اسڪوپ زمين تي لڳايون ويندڙ غور ڪرڻ جا اهوئي پراجيڪٽ- منصوبا آهن جيڪي ڪائنات ۾ پري تائين پرکي ڏسي ڪري ڪائنات جي ننڍپڻ کي ڏسي سگهنديون، هاڻوڪين ڪنھن بہ ٽيلي اسڪوپ کان ڏھ سيڪڙو وڌيڪ طاقتور اهوئي منصوبا جلد ئي پورا ٿي ڪري روشنيون ڏسڻ جي ڊوڙ ۾ مصروف آهن جيڪي اڳئين ڪجھ ورهين ۾ پورا ٿي ويندا، پر اها ڊوڙ هن وقت ڇو.! عام طور تي ٽيلي اسڪوپ جو سائز چاليھ سالن ۾ ٻيڻو ٿي چڪو هوندو آهي ٻہ هزار ۾ اٺ کان ڏھ ميٽر قطر جون ٽيلي اسڪوپ بڻبيون هيون، ان وقت اسانکي انجو علم ٿيو تہ ڪائنات بابت اسانجو علم گھڻو گھٽ آهي، هي اهو وقت هو جڏهن اسان اهو سوچيو تہ ان لاعملي جي ڪاري رات کي ڪيئن گھٽ ڪيو وڃي.! انجو جواب سولو هو وڏن اوزارن سان پراڻي روشني پڪڙي ڪري، ٽيڪنالوجي ۾ بہ وڏي وک کڻجي چڪي آهي جيڪو ٻہ هزار ۾ ممڪن نہ هو، اهو هاڻ ممڪن ٿي چڪو آهي انجي وجھ سان اٺ ميٽر بجائي ٽيھ ميٽر جو عڪسي عدسو بنائڻ ممڪن ٿي ويو، انجي پويان ڪجھ اهم جدوجھد آهي، پھريان آئيني جو ڊيزائن ۽ سائز آهي، جيڪو ڪنھن بہ ٽيلي اسڪوپ جو سڀ کان اهم حصو هوندو آهي، اهو جيترو وڏو هوندو، اوترو ننڍي ۽ پري ڏورانهن شيون ڏسي سگهجن ٿيون، هڪ شيشو ويھ فٽ کان وڌيڪ جو نٿو بڻجي سگھي، اهو شيشي جي ميٽيريل جي خاصيت جي وجھ سان آهي، ان جي لاءِ الڳ ٽڪڙن ۾ شيشو وٺي ڪري ان طريقي سان جوڙيو ويندو آهي تہ فوڪس هڪ ئي جڳھ تي هجي، ان قدر مضبوط جيئن هوا سان لڏي نہ ۽ پاڻ پنھنجي وزن سان جھڪي بہ نہ، انجو ڪنٽرول ان ڀاڱي صحيح هجڻ ضروري آهي جو تاري جو پتپ ڪرڻ وقت ڪنھن قسم جي لوڏ وائبريشن نہ هجي 
ان هڪ هزار ٽن جي ڍانچي کي ڪنھن طريقي سان ان طرح ڊيزائن ڪري سگھجي ٿو.! تيل جي سنهڙي تھ تي ترائي ڪري جنھن جي مٿان هي بغير ڪنھن اڻپور جي تري سگهي، جائنٽ ميجيلان ٽيلي اسڪوپ ائين ڊيزائن ٿي آهي، انجو ڊيزان 2012ع ۾ شروع ٿيو هو ۽ ڪم 2015ع ۾، اميد آهي تہ 2023 ۾ هي پنھنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندي، هبل ٽيلي اسڪوپ کان ڏھڻون سٺو ڏسي سگھي ٿي انجي جڳھ اتاڪام ٻيٽ ۾ ڪمپاناس جي چوٽي آهي 
ايڪسٽريملي لارج ٽيلي اسڪوپ جي شروعاتي ڊيزائن سو ميٽر جي سائز جو هو جنھن کي انجينئرنگ جي چيلينج جي وجھ سان گھٽ ڪيو ويو، انجي پريسزن نينوميٽر جي سطح تي ٿيڻي آهي انجو ڍانچو 789 انفرادي آئينن سان ملي ڪري بنائڻو آهي ۽، هر شيشي کي الڳ پالش ڪري ۽ بلڪل ايڪوريسي سان گڏ تہ فوڪس ۾ ڪو فرق نہ اچي ۽ پوءِ انجي بلڪل ايڪوريٽ ڪنٽرول- نينو ميٽرز جي غلطي انکي خراب ڪري سگھي ٿي ۽ هي سڀ دنيا جي پري ۽ خشڪ ترين جڳھ تي بنايو وڃي رهيو آهي جيڪو چلي ۾ ڏھ ھزار فٽ جي مٿاڇري تي انجي تياري 2024ع ۾ مڪمل ٿيڻ جو خيال آهي 

ٽيھ ميٽر ٽيلي اسڪوپ هوائي ۾ تياري هيٺ آهي، جنھن جبل تي انکي لڳايو وڃي رهيو آهي، اتي مقامي آبادي انکي اهم جڳھ سمجھندي آهي، انڪري انجي تياري ڇڪتاڻ جي وجھ سان بند رهي پر سپٽمبر 2018ع ۾ سپريم ڪورٽ جي اجازت ملڻ کانپوءِ ٻيھر ڪم شروع ڪيو ويو آهي ڏيڍ ارب ڊالر جي لاگت سان بڻجڻ واري اها ٽيلي اسڪوپ هاڻي 2025ع ۾ پنھنجي ڪم جي شروعات ڪندي 
هبل ٽيلي اسڪوپ خلاء ۾ آهي، زمين جي انھن جڳھن کي هڪ مسئلو هوا جو آهي، زمين تائين ڪيترا ملين يا وري بلين سال جي سفر ڪندڙ روشني جڏهن تہ زمين جي فضائي مٿاڇري چادر ۾ داخلا ٿيندي آهي تہ ڦھلجي ويندي آهي ( جنھن سان تارا ٽمڪندڙ ڏسڻ ۾ ايندا آهن) هي ٽمڪائڻ اسٽرونومر جي لاءِ مٿي جو سور آهي، جن کي پنهنجي تصوير بلڪل صاف سٿري گھرجي، ٽيڪنالاجي جي اڳئي وک ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي آهي 
پوئين ڏهاڪن ۾ هڪ نئي شوبي گھڻي ترقي ڪئي آهي جيڪو ايڊاپٽو آپٽڪس جو آهي، ٽيلي اسڪوپ کان ليزر خلاء ۾ اڇلائي ويندي آهي، ٻاهرين ڪرھ جي سوڊيم ايٽمز کي اها پرجوش ڪندي آهي ۽ هي چمڪڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي هي چمڪ هڪ مصنوعي تارو بڻائي ڇڏيندي آهي، فلڪياتي ماهر انجي مدد سان فضا مٿاڇري جي حالت کي ڄاڻي وٺندا آهن، انجو حوالو بڻائي ڪري ٽيلي اسڪوپ پنھنجي پاڻ کي  ڪري ٺيڪ ڪري سگھن ٿا، ۽ اوهان گھڻي صاف تصوير ڏسي سگهو ٿا 

اها ترتيب هڪ سيڪنڊ ۾ پنج سو کان هڪ هزار دفعو ڪئي ويندي آهي ۽ روشني جي ويو لينٿ جو ويهون حصو پريسزن جي ضرورت آهي، انجي بڻجڻ کانپوءِ روشني جمع ڪرڻ وارو اهو اوزار موجود هوندا جيڪو اڃان تائين اسان وٽ ناهي، هي ايڊانسڊ آپٽيڪل جيوميٽري جو اهم شعبو آهي، ان سان اسانکي سائنس جي ڪجھ اهم سوالن جا جواب ملڻ جي اميد آهي، شمسي نظام جي ٻاهر سيارا ۽ انجي ڪيمسٽري انجي فضا جو تجزيو، سيارو بڻجندي بہ ناممڪن نہ رهندو، ڪهڪشائون ڪئين بڻيون.! اسان انجو بہ بھتر مشاهدو ڪري سگهنداسين، ڪائنات گهڻي وڏي آهي ان پراڻي روشنين جو مشاهدو اسانکي بھتر موقعو ڏيندو،، انھن ڪهڪشائن ۽ بليڪ هولز جي ڄاڻن جو، جڏهن اهوئي اڃان ننڍڙا هيا، جڏهن انجو اونڌھ دور ختم ٿيو هو، جڏهن ان پھرين روشني ڳهي هئي، روشن صبحو جو پھر ٿيو هو، گڏ لڳل تصوير ان جو سائز ٻڌائي ٿي، جيڪڏهن ان ۾ ساڄي پاسي ڏا هيٺان کان ڪناري تي ڏسو تہ هڪ انسان بيٺل نظر ايندو، ان مان انھن جي سائز جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو

Friday, 7 February 2020

سر اسٽيفن هاڪنگ جي جڳ مشهور ڪتاب دي گرینڊ ڊیزائن تان کنيل

سر اسٽيفن هاڪنگ جي جڳ مشهور ڪتاب دي گرینڊ ڊیزائن تان کنيل 
ترجمو: نبي بخش سنڌي

"مقصد" يا "مقصديت" جيڪو لفظ آهي،،،
اهو انسان جي پنھنجي ايجاد ۽ ضرورت آهي،،،، نہ تہ ڪائنات ۾ ان جو ڪوبه وجود ڪونهي....
اهو انسان آهي جيڪو هر شئي ۾ پنهنجو مقصد ڏسڻ چاهي ٿو....
پنهنجي وجود ۽ پنهنجي موجودگي کي بہ ڪنهن مقصد جو نتيجو قرار ڏي ٿو... هو جيڪا بہ شئي ڏسي ٿو..... تہ چوي ٿو.... ان جو ڪهڙو مقصد آهي؟؟؟؟ آء ان کي ڪيئن استعمال ڪريان ۽ ڪيئن ان مان فائدو حاصل ڪريان.....؟
مقصد جو تصور انساني شعور جي ارتقا جي سفر م پيدا ٿيو..
هن پنهنجا شروعاتي لکين سال ان "مقصد" جي تصور بنان گذاريا.... بلڪل حيوانن جيان.... معني ته مقصد جو تصور انساني شعور جو پيدا ڪيل آهي.....
آءُ ڇا آهيان، ڇو آهيان،،،، مونکي جيئرو رهڻو آهي تہ ڇو.....
اصل ۾ ماڻهو پنهنجي هئڻ کي بامعني ۽ با مقصد ڪرڻ چاهي ٿو.. اهو ان جي انا لاءِ ضروري آهي..... تہ ان جي ذات ۽ وجود بيڪار ۽ فضول ڪونهي....
ڪنهن وڻ، حيوان، تاري ۽ سياري کي ان سان  ڪا بہ غرض ناهي... تہ ان جو مقصد ڪهڙو آهي.... ان جو مطلب اهو ٿيو.... ڪائنات بذات خود بي مقصد آهي..... مينهن جي وسڻ جو ڪو مقصد ناهي هوندو،،، هو پنهنجي فطرت تحت پيدا ٿئي ٿو ۽ وسي ٿو....
هاڻ ان مان ڪو زرخيزيءَ جو مقصد پورو ڪري رهيو آهي، ڪو واھ کوٽي، درياهه ۽ ڊيم ٺاهي پنهنجا مطلب پورا ڪري رهيو آهي.... ڪنهن جو ڪکائون جھوپو جھري رهيو آهي.... برسات کي ان سان ڪو بہ ڏيڻو وٺڻو ناهي.....
سج کي ڪا به خبر ناهي تہ ان جي روشني سان هتي زمين تي "حياتيءَ" نالي سان ڪهڙو ڊرامو رچيل آهي.... فطرت نابين آهي.... ان جو ڪو بہ مقصد ناهي....
اها انسان جي ڪم نظري ۽ پاڻ پسندي هئي.... هن سمجهيو.... "خالق" هي سڄي ڪائنات هن جي ضرورتن جي لاءِ ٺاهي آهي. 
کڻي مڃجي تہ خدا هي سڀ انسانن لاءِ پيدا ڪيو هو... 
تہ ان لاءِ وڌ ۾ وڌ هڪ ڪهڪشان ئي ڪافي هئي....!! اربين کربين ڪهڪشائون جي ڪابه ضرورت نه هئي..... معني تہ "مقصديت" جو سوال انسانن جو ٺاهيل آهي.... 
ٻي اهم ڳالهه تہ..... تہ مقصد انساني زندگي سان گڏ شروع ٿئي ٿو.... 
اسان فطرت جي انڌي قانون تحت پيدا ٿيندا آهيون.... مقصد جو تعين ۽ عنصر پيدائش ۽ موت جي درمياني وقت لاءِ هجي ٿو.... اهو آءُ آهيان جيڪو پنهنجي زندگي کي با مقصد ڏسڻ چاهيان ٿو.... 
سڀ سوال اسان انسان پاڻ ئي پيدا ڪندا آھيون ۽ انهن جا جواب به پاڻ ئي تلاش ڪندا آهيون..... تهذيبي، علمي ۽ شعوري ارتقا جو سفر اسان جي زندگيءَ کي "بامقصد" ٺاهيندو ويندو آهي.... 
جيڪڏهن مرڻ وقت مونکي اهو احساس هجي تہ مون پنهنجي حياتي کي بيڪار ناهي گذاريو، 
پنهنجي صلاحيتن ۽ توانائي سان انسانيت، فطرت ۽ قدرت جي ماحول جي سڌاري لاءِ پنهنجو ڪجھ نه ڪجھ حصو ادا ڪيو آهي تہ انسان يقينن بنان ڪنهن وھم پرستي ۾ پوڻ جي هن دنيا مان اطمينان سان هليو ويندو.......!

خلاباز عورت ڪرسٽينا ڪوچ هڪ سال خلا ۾ گذارڻ کانپوءِ ڌرتي تي واپس

خلاباز عورت ڪرسٽينا ڪوچ هڪ سال خلا ۾ گذارڻ کانپوءِ ڌرتي تي واپس
”دريا خان“

آمريڪي عورت خلاباز 41 سال ڪرسٽينا ڪوچ انجنيئر خلاء ۾ تقريبن هڪ سال جو عرصو گذاري ڪري آمريڪا جو نالو روشن ڪري ڇڏيو، ڪرسٽينا ڪوچ جو واسطو آمريڪي رياست مشي گن سان آهي پنھنجي ملڪ جي لاءِ انکان اڳ ٻيا بہ عزاز ماڻي چڪي آهي، سندن پاران مسلسل 328 ڏينھن خلا ۾ گذاريا ويا جيڪو ڪنھن بہ عورت لاءِ گھڻو عرصو آهي، انکان اڳ ڪرسٽينا ڪوچ 28 ڊسمبر 2019ع جو وڏو عرصو خلا ۾ گذارڻ جو ورلڊ ريڪارڊ رکندڙ واري هيگي وٽسن جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو هو جيڪو مسلسل 289 ڏينھن خلا ۾ گذارڻ ۾ ڪامياب رهيو هو، 
خلاباز ڪرسٽينا ڪوچ پاران مختلف خلابازن سان گڏ ملي ڪري خلا ۾ کاڌو پچائڻ جو تجربو بہ ڪيو ويو، سندن پاران گذريل سال جي آخري مھيني ۾ خلائي اسٽيشن تي خصوصي مائيڪروويو اوون استعمال ڪري اهو ڪارنامو بہ ڏنو، انھن ڊسمبر جي مهيني ۾ اوون ۾ پنج قسم جون غذائون تيار ڪري انھن کي زمين ڏا اماڻيو جيڪو هڪ الڳ ورلڊ ريڪارڊ، انھي طرح اها مختلف عزاز پنھنجي نالي ڪري چڪي آهي، ڪرسٽينا ڪوچ موجب خلا ۾ زندگي گھڻي ڀاڱي مزيدار هجي ٿي اوهان جڏهن گھرو ڇت کان فرش جي وچ ۾ ڪنھن بال جيان اڏامي ڪري مختلف جڳھن سان ٽڪرائجي سگھو ٿا 
خلائي ايجنسي ناسا موجب ڪرسٽينا ڪوچ سان گڏ يورپي خلائي ايجنسي جي خلاباز (لوڪا پرميتانو ۽ روس جي خلاباز اليڪزينڊر رڪتوسوا) بہ واپس آيا جيڪي قزاقستان جي ججڪاجگن شھر ۾ لٿا. ناسا موجب 14 مارچ 2019ع جو مشن تان روانو ٿيڻ واري ڪرسٽينا ڪوچ خلا ۾ رهڻ دوارن ڪيون ويندڙ تحقيقن ۽ تجربن کان وڏي عرصي جي خلائي سفر ۾ عورتن تي ٿيندڙ اثرن بابت بہ ٻڌايو، جيڪو ناسا لاءِ چنڊ مشن ۽ مريخ مشن جي تياري لاءِ اهم ثابت ٿيندو، ڪرسٽينا ڪوچ پنج ٻيون اسپيس واڪ بہ ڪيون هيون جنھن ۾ انھن جي اسپيس واڪ 42 ڪلاڪ 15 منٽ رهي
ڪرسٽينا ڪوچ جي ان ڪوشش انسان جي خلائي تحقيق لاءِ هڪ نئي ڪاميابي طور ھميشہ لاءِ ياد رکيو ويندو، ڇوجو سائنسدان انساني دماغ ۽ جسم تي وڏو عرصو اسپيس لائيٽ جا اثر ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن 
ڪرسٽينا ڪوچ خلا ۾ وڌندڙ مائيڪروگراٽي ڪرسٽل تي بہ ڪم ڪيو، جيڪو هڪ ٻيو اهم سائنسي مطالعو آهي، جيڪو ڪينسر جي  علاج کي ڳولهڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿو، انھن گڙدن جي خلين تي تجربي ۾ بہ حصو ورتو جنھن جو مقصد خلا ۾ انساني صحت جا مسئلا جيئن گڙدي ۾ پٿري ۽ آسٽيو پوروسس جي علاج جي سٺي طريقي کي سمجھي سگھجي ٿو 

وڊيو


#ChristinaKoch #NASA

Thursday, 6 February 2020

بگ بينگ کان اڳ ڇا هو، ڄاڻو اسٽيفن هاڪنگ جي زباني

بگ بينگ کان اڳ ڇا هو، ڄاڻو اسٽيفن هاڪنگ جي زباني
”دريا خان“

سائنسدانن جو خيال آهي تہ لڳ ڀڳ تيرهن ارب سال اڳ ڪائنات هڪ گھڻي ئي ننڍڙي نقطي ۾ مرڪوز هئي، پر پوءِ هڪ ڦهلاء سان گڏ ڦاٽي ۽ ان ۾ مرڪوز مادو ۽ توانائي ستارن ۽ ڪهڪشائن جي شڪل ۾ ڦهلجندا ويا، ڦهلاء جو اهو سلسلو هاڻ تائين جاري آهي، ڪائنات جي شروعات بابت ان نظريہ کي بگ بينگ ٿيوري سان سڃاتو ويندو آهي ۽ دنيا جا سائنسدان ان نظريہ تي متفق آهن پر اها ڳالھ اڃان تائين بحث هيٺ آهي تہ بگ بينگ کان اڳ ڇا هيو.
مشھور طبيعياتدان ڊاڪٽر اسٽيفن هاڪنگ ان بحث کي اڳتي وڌائيندي دعوي ڪئي هئي تہ سندن کي پتو آهي تہ بگ بينگ کان اڳ ڇا هيو، مشھور ٽي وي پروگرام اسٽار ٽاڪ ۾ شرڪت ڪندي وھين ۽ هاڻوڪي صدي ۾ طبيعياتدان اسٽيفن هاڪنگ ان سوال جو ظاهري صفا ساڌو پر اصل ۾ حيرت ۾ وجھندڙ جواب ڏنو تہ جيڪو هي آهي تہ بگ بينگ کان اڳ ڪجھ بہ نہ هو. 
شو جي ميزبان ۽ نالي واري فلڪيات دان نيل ٽائي سن جي سوال جو جواب ڏيندي اسٽيفن هاڪنگ جو چوڻ هو تہ، آئنسٽائين جي نظريہ اضافيت موجب خلاء ۽ وقت ملي ڪري زمان ۽ مڪان جي هڪ چادر ٺاهيندا آهن جنھن جي سطح ھموار نہ بلڪ ان ۾ موجود مادي ۽ توانائي جي ڪري خم ۽ مڙيل آهي اصل ۾ آئنسٽائين جي ڏنل مساوات بگ بينگ جي وضاحت تہ ڪندي آهي پر ان سان بگ بينگ کان اڳ ۽ پوءِ جو حسابي واسطو ظاهر نہ ٿيندو اسٽيفن هاڪنگ جن اقلديسي نظريو پيش مقداري ثقل ڪوانٽم گريوٽي کي وٺندي وڌيڪ ٻڌايو تہ جيڪڏهن اسان  وقت جي تصورات کي وقت سان تبديل ڪريون تہ ان ۾ وقت زمان ۽ مڪان جي چوٿي جھٽ طور تي ظاهر ٿيندو آهي ۽ ايئن ان مان زمان ۽ مڪان جي چادر جو هڪ اهڙي ھموار سطح بڻبي آهي جنھن جي ڪا حد ناهي، جيئن زمين جي سطح آهي اوهان زمين جي ڏکڻ قطب کي خيالي ۽ اصلي وقت جي شروعات جي طور تي وٺي سگھو ٿا، جنھن ريت ڏکڻ قطب جي ڏکڻ ۾ ڪجھ ناهي انھي طرح بگ بينگ کان اڳ بہ ڪجھ ناهي. 
هتي دوستن کي اهو بہ ٻڌائجي تہ ان مسئلي تي ڪيترن ئي طبعيتدان جا الڳ ويچار آهن، مثال ڪجھ جو خيال آهي تہ وقت جي شروعات بگ بينگ سان گڏ نہ ٿي، بلڪ اها ڪنھن ٻئي ڪائنات ۾ ڪنھن ٻئي شڪل ۾ بہ وجود رکندو هو، جتان کان اسانجي ڪائنات جنم ورتو، ٻين جو خيال آهي تہ هڪ ئي وقت هڪجهڙيون ڪائناتون بہ وجود ٿي سگھن ٿيون، پر اهڙن ويچارن جي ابتڙ اسٽيفن هاڪنگ پنھنجي نظريہ جي حوالي سان مڪمل طور تي يقين رکندڙ هو 

ڪائناتي وجود

ڪائناتي وجود
”دريا خان“

انسان دنيا جي سڀ کان مثالي مخلوق آهي جيڪا هر وقت نہ صرف پنھنجي ماحول بلڪي ان وڏي ڪائنات جي هر شيءِ کي کوجڻ ۽ انجي حقيقت ڄاڻڻ واسطي لاڳيتو جاکوڙ ۾ رهندو آهي، اهي کوجنائون اڄ انکي چنڊ، تارن ۽ ڪروڙين نوري سالن جي پنڌ تي موجود ڪهڪشائن تائين وٺي ويون آهن، جيڪي سوال هميشہ کان انجي دماغ ۾ ڊوڙيا پئي، انھن ۾ اڳڀرائي ڪائنات جي انھن لڪيل  رازن جي قابليت آهي جن مان ڪجھ تان پڙدو کڄي چڪو آهي ۽ گھڻن تي اڃان کوجنائون باقي آهن. هزارين سالن کان جاري سائنيسي تحيقيقون، سوال ۽ جواب انھن دريافتن جو سلسلو پنھنجي جڳھ پر اڄ کان تقريبن چار سو سال اڳ يورپ ۾ جيڪو سائنيسي انقلاب پيدا ٿيو، ان جي وجھ سان هزارين سال پراڻا نظريا ۽ مفروضا غلط ثابت ٿيا، وقت جي وهندڙ ليڪي سان گڏ( طبيعيات Physics) ۾ ڪيترائي اصول پڌرا ڪيا ويا ۽ اهڙا اوزار وجود ۾ آيا جنھن سان ڪائنات جي اصليت ۽ شروعات کي گھڻي ڀاڱي سمجھڻ ۾ مدد ملي. انسان اڄ بہ نين طريقن سان ان ڪوشش ۾ آهي تہ ڪائنات جي هڪ گڏيل ۽ واضح تصوير ظاهر ٿي وڃي، (بگ بينگ Big Bang) جو نالو تہ اوهان ٻڌو هوندو، ۽ ٿي سگھي ٿورو گھڻو پڙهيو بہ هجي، ان حوالي سان اڄ اوهانجي سامھون واضح تصوير ڪڍيون ٿا. بگ بينگ انگريزي زبان جو لفظ آهي جنھن جي لغوي معنہ”وڏو ڌماڪو“ آهي، بگ بينگ ان ڦيلاء جو نالو آهي جنھن سان اسانجي ڪائنات وجود ۾ آئي، ان نظري موجب ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ سڀ مادو سئي جي هزارين حصي جي برابر گھڻي ڳجھي جڳھ قيد هو، اها ڳالھ غور ڪرڻ جھڙي آهي تہ بگ بينگ کان پوءِ اهڙا واقعا ٿيندا رهيا جن کي سمجھڻ جي لاءِ اسانکي وقت جي سڀ کان ننڍي اڪائي پيماني ”سيڪنڊ“ کي بہ 50 لک کرب کرب کرب حصن ۾ الڳ ڪيو ويو آهي ۽ ان جي هڪ اڪائي کي هڪ (پلانڪ سيڪنڊ Plank Second) چئبو آهي، 1980ع ۾ بگ بينگ نظري کانپوءِ سائنسدانن”انفليشن ٿيوري Inflation“ پيش ڪئي جنھن موجب بگ بينگ جي تقريبن هڪ کرب پلانڪ سيڪنڊ جي ايتري ننڍي حصي ۾ ڪائنات جيڪا روشني جي رفتار کان بہ وڌيڪ تيزي کان ڦھلجي ڪري وڏي ٿي وڃڻ کي (انفليشن Inflation) جو نالو ڏنو ويو ۽ ان دور کي انفليشن جو دور Inflation Era چيو ويندو آهي، ان دور کانپوءِ بہ ڪائنات ڦهلجندي رهي پر ايتري تيز رفتار ساڻ نہ ڦهلي.
هتي گھڻا طبيعات جا شاگرد اهو سوال ڪري سگھن ٿا تہ اسانکي تہ اهو پڙهايو ويندو آهي تہ نظريہ اضافيت موجب ڪو بہ مادي شيءِ ڪائنات ۾ روشني جي رفتار کان وڌيڪ نٿي هلي سگھي، تہ پوءِ انفليشن جي دور ۾ ڪائنات ايتري تيزي سان ڪيئن ڦھلي.! تہ انجو جواب اهو آهي تہ ان دور ۾ ڪائنات جي ڦيلاو زمان ۽ مڪان جي چادر جي ڦهلجڻ جي وجھ سان ٿيو ۽ اها چادر ڪا مادي شيءِ ناهي، ان سان گڏ اها ڳالھ تہ ماڻھن ۾ اهو تاثر ملندو آهي تہ”نظريو“ هڪ خيال هوندو آهي ۽ ائين اهو خيال غلط بہ ٿي سگھي ٿو پر سائنس ۾”نظريو“ جي معني ٿورڙي الڳ آهي، سائنس ۾ نظري مان مراد اهو اندازو آهي جيڪو ڪيترن تجربن ۽ رياضي جي مدد سان ثابت هجي، سائنيسي نظريا قدرت جي حقيقي عمل جي باري ۾ ڳالھ ڪندو آهي، ائين سائنس موجب اهوئي بگ بينگ جو اهو نقطو شروعات هئي، جڏهن سڀ مادا هڪ پکيڙ جي صورتحال کانپوءِ گھڻي تيزي کان هڪٻئي کان پري ٿيڻ لڳا ۽ خلاء ۾ ڦھلجي ويا، ان وقت انجي رفتار ان ڀاڱي وڌيڪ ٿي وڃڻ ڪارڻ هي ڪائنات تيزي سان ڦھلجڻ لڳي.
اڄ انکي بگ بينگ يعني اسانجي ڪائنات جي نقطو شروعات کي تقريبن چوڏهن ارب سال ٿي چڪا آهن، اوهان مان گھڻا ماڻھون اهو سوچيندا تہ ڇا ڪائنات جي عمر ڪو ڪيئن ٻڌائي سگهي ٿو.! تہ انجو جواب آهي اسانکي اهو ”هبل خلائي دوريبن Hubble Space Telescope“ ڏنو. هاڻي تائين اسان ان دوربين کان جنھن قديم ترين ڪهڪشان جو مشاهدو ڪيو آهي، اها ڇوجو 13.4 ارب نوري سال جي پنڌ تي موجود آهي، ۽ سائنسدان”ايڊون هبل Edwin Hubble“ جي حساب ڪتاب سان ڪائنات جي عمر 13.8 ارب نوري سال پتو پئجي ٿي ۽ اسان چئي سگهون ٿا تہ هي ڪهڪشان ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ جي تقريبن 40 ڪروڙ سال کانپوءِ وجود ۾ آئي، نوري سال اصل ۾ وقت جو پيمانو نہ آهي بلڪي پنڌ جي وٿي جو ماپو آهي، ۽ هڪ نوري سال جي پنڌ تقريبن 10 کرب ڪلوميٽر جي برابر آهي، هي اهو پنڌ آهي جيڪو روشني هڪ سال جي عرصي ۾ ڪندي آهي، هاڻي اوهان پاڻ اندوز لڳائي سگهو ٿا تہ جتي هڪ نوري سال ئي 10 کرب ڪلوميٽر جي برابر آهي تہ 13.8 ارب نوري سال ڪيترا ڪلوميٽرن جي برابر ٿيندا، جيڪر اسان پيمائش ڪري سگھون تہ ڪنھن ڏورانهن تارو يا ڪهڪشان مان روشني اسان تائين اچڻ ۾ ڪيترا سال لڳائيندي تہ، اسان ان طرح قديم کان قديم تر ڪهڪشائن جو پتو لڳائي سگھون ٿا. 13.8 سال اڳ نہ هي سج هو، نہ هي تارا، نہ هي ڪهڪشان، نہ هي نظارا، بلڪي خالي گھڻي ڦيلاء جا ڪجھ ڪروڙ سالن کانپوءِ پيدا ٿيڻ وارا وڏا وڏا هائيڊروجن گيس جا ڪڪر هيا، ان وقت ڪائنات ۾ فوٽون (روشني جا بنيادي ذرا) تہ موجود هئا پر ڪڪرن جي وجھ سان ڪائنات صاف سٿري نہ هئي، خلاء ۾ موجود انھن ڪڪرن جي جن حصن تي هائيڊروجن ۽ هيليئم جي مقدار وڌيڪ هئي، انھن حصن ۾ انھن گيسن جا ماليڪيولن جي پنھنجي ڪشش انھن ڪڪرن کي سڪڙجڻ لڳي ۽ سڪڙجندا سڪڙجندا گھڻي گرم جسمن جي شڪل وٺي ويا جن کي اسان” تارا“ چوندا آهيون انکان پوءِ ڪائنات تارن کان روشن ٿيڻ سان گڏوگڏ صاف بہ ٿي وئي، وڌيڪ انھن تارن جي ويجھو جتي گيسن جي مقدار گهٽ هئي، اتي بہ گيسن جا ڪڪر سڪڙجي ويا ۽ گرم تارن کان گھٽ، جسم بڻيون جيڪي تارن کان ننڍيون هيون، ۽ ڪنھن پاڻ کان وڏي ويجھي تاري جي گھڻو وڌيڪ ڪشش ڪارڻ ان تاري جي ويجھو مدار ۾ چڪر لڳائڻ لڳا، انھن جسمن کي اسان سيارا چوندا آهيون. ڪيترائي تارا پنھنجي ڪشش ڪارڻ جهڳٽ جي شڪل وٺي ويا ۽ ان طرح ڪهڪشائون وجود ۾ آيون، انکان پوءِ اڄ کان تقريبن 4.5 ارب سال اڳ اسانجي سج ۽ نظام شمسي جا سڀ سيارا وجود ۾ آيا، اسانجي سج ۽ زمين جنھن ڪهڪشان ۾ آهن انجو نالو ” ملڪي وي Milk Way“ آهي، انجو نالو ملڪي وي ان ڪري رکيو ويو آهي ڇوجو انجا گھڻا تارا اڇا نظر ايندا آهن جنھن وجھ سان ايئن لڳندو آهي جهڙوڪ ”کير جي شاخ يا رستو هجي.
جڏهن زمين بڻي تہ پنھنجي محور ۽ سج ٻنهي جي ويجھو تيزي سان چڪر لڳائي رهي هئي ۽ آهستي آهستي ٿڌي ٿيندي وئي زمين جي شڪل پنھنجي پيدائش جي وقت بلڪل ائين هئي جيئن هر جڳھ آتش فشان ٻرندڙ جبل ڦاٽي رهيا هجن پر جيئن ئي پد گھٽ ٿيڻ لڳو تہ زندگي بہ جنم وٺندي وئي، تڏهن نہ ڪو انسان هو نہ جانور ايستائين جو سڀ ننڍا جاندار يعني بيڪٽريان جو بہ وجود نہ هو، پر تڏهن بہ زمين تي انھن سڀني کي جنم ڏيڻ جي لاءِ اهوئي عنصر يعني معدنيات موجود هئا.
تقريبن 3.7 ارب سال اڳ ڪيميائي ارتقا جي شروعات سان گڏ ان معدنيات جا ننڍا ذرا مليا ۽ ماليڪيولز بڻيا، پوءِ انھن لکن ماليڪيولز جي ملڻ سان اهڙا خليا وجود ۾ آيا جيڪي پاڻ سج جي روشني استعمال ڪري پنھنجي خوراڪ ٺاهڻ جي قابل هئا ۽ انجو هڪ بنيادي ڪارڻ اهو هو تہ اهوئي مرڻ کان اڳ هر خليو هڪ کان ٻہ ٿيندو ويو ۽ ان طرح انجو ريشو وڌنڌو ويو، هي بيڪٽريا اهڙا جاندار هيا جنھن کي زندھ رهڻ جي لاءِ آڪسيجن جي ضروت نہ هئي، پر هي پاڻ آڪسيجن پيدا ڪندڙ هيا، ڇوجو انھن جي تعداد گھڻي هئي ان لاءِ زمين تي فضا مٿاڇري ۾ آڪسيجن جي مقدار وڌڻ شروع ٿي، فضا ۾ آڪسيجن جي مقدار جيئن جيئن وڌيڪ ٿيندي وئي، ائين ائين ڪيميائي ارتقا (يعني مادي کان خليا بڻجڻ جو عمل) جھڪو ٿيندو ويو اها ئي وجھ آهي جو اڄ ڪوبہ جاندار بہ جان شين کان ناهي بڻبو، ارتقا ڪلاڪن، ڏينھن، يا سالن تي لاڳاپيل ڪنھن عمل جو نالو ناهي بلڪ هي اهڙو وڏو زنجير آهي جنھن جي هڪ هڪ ڪڙي کي جڙڻ ۾ صديون گذري وينديون آهن، اڄ کان تقريبن 2.1 ارب سال اڳ ڪيميائي ارتقا کانپوءِ حياتياتي ارتقا يعني ننڍن جاندارن کان ٻئي وڏن جاندارن جي بڻجڻ جو عمل شروع ٿيو، بيڪٽريا کان شروع ٿيڻ وارو ارتقائي عمل ڪيترن ئي خلين تي مشتمل جاندارن جي جوڙجڪ جو سبب بڻيو، جن ۾ سڀ کان اڳ مڇيون پيدا ٿيون، انکان پوءِ Amphibians يعني خشڪي ۽ تري ٻنهي ۾ رهڻ وارا جاندار ( جنھن ۾ ڏيڏر بہ شامل آهن) ٺھيا، پوءِ (مماليا Mammals) يعني کيرپياڪ جانور جنھن ۾ رڍھ، ٻڪري، ڳئون، انسان وغيرھ شامل آهن، ان سان گڏوگڏ پکي بہ وجود ۾ آيا، هي ارتقائي عمل هاڻي بہ جاري ساري آهي پر هي عمل گھڻو سست آهي، اڄ ڪالھ گھڻي معلومات ۽ تيز ٽيڪنالوجي جو ذريعو هجڻ سبب بہ انسان ڪائنات جي ڳجھن رازن جي ڇنڊڇاڻ مڪمل طور تي حل ناهي ڪري سگھيو، ڇالا تہ ان وڏي زنجير جون ڪيتريون ڪڙيون اڃان تائين گم آهن، پر کوجنائن، جستجو جو پنڌ جاري ساري آهي، اسان اميد ڪريون ٿا تہ مستقبل ويجھو اسان وڌيڪ نئين انڪشافن کانپوءِ ڪائنات جي حقيقت، اصليت، شروعات ۽ انساني ارتقا کي وڌيڪ گهرائي ۾ وڃي ڪري سمجھڻ ممڪن ٿيندو.

Wednesday, 5 February 2020

بليڪ هول جو کاڌو

بليڪ هول جو کاڌو

اڄ کان تقريبن نوي ڪروڙ سال اڳ هڪ ڏورانهن واري ڪهڪشان ۾ هڪ نيوٽران تارو ڪنھن بليڪ هول جي ويجھو گھمندي گھمندي انجي ايترو ويجهو هليو ويو جو بليڪ هول انکي پڪڙي ڪري ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري ڇڏيو ۽ انھن ٽڪڙن کي ڳهي ويو، ان عمل ۾ ان ڀاڳي توانائي نيڪال ٿي جو اسپيس ٽائيم فيبرڪ ۾ شديد لھرون پيدا ٿيڻ لڳيون. ان سال چوڏهين آگسٽ جو اسپيس ٽائيم جون هي لھرون زمين تائين پهتيون جتي ڪششي ويوو ڊيٽيڪٽر LIGO انھن لھرن جي موجودگي کي سڃاڻپ ورتو، ان ڊيٽيڪشن کي S190814BV جو نالو ڏنو ويو آهي، سائنسدانن موجب هي هڪ بائنري سسٽم هو يعني ٻہ تارا هيا جيڪي ويجھڙائي ڪشش ثقل سان هڪٻئي سان جوڙيل هئا انھن مان تارو سپر نووا بڻجي ڪري ڦاٽو تہ پنھنجي پويان هڪ نيوٽران تارو ڇڏي ويو، هي بليڪ هول ۽ نيوٽران تارو مسلسل هڪٻئي جي ڪشش ڪارڻ هڪٻئي جي ويجهو گھمندا رهيا ۽ انجي وٿي آهستي آهستي گھٽ ٿيندي وئي، ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اها وٿي ايتري گهٽ ٿي جو نيوٽران تارو ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي ڪري بليڪ هول جي ايونٽ هورائزن ۾ ڪرڻ لڳو، ان عمل جي دوران جيڪا توانائي نيڪال ٿي اها ان ڀاڱي وڌيڪ هئي جو ان توانائي اسپيس ٽائيم فيبرڪ ۾ اها هلچل پيدا ٿيڻ لڳي جيڪا ان ڊيٽيڪٽر ڊيٽيڪٽ ڪئي، انکان اڳ لائيگو LIGO ۾ ٻہ بليڪ هولز پاڻ ۾ ضم ٿيڻ سان پيدا ٿيڻ واريون لھرون بہ ڊيٽيڪٽ ڪيون ويون هيون انکان سواءِ ٻہ نيوٽران تارن جي ضم ٿيڻ سان پيدا ٿيڻ وارين لھرن کي بہ ڊيٽيڪٽ ڪيون ويو آهي چوڏهين آگسٽ جي ايونٽ کان اڳ ڪجھ اهڙا ايونٽ بہ ڊيٽيٽڪ ڪيا ويا آهن جن بابت سائنسدانن جو خيال آهي تہ اهي بليڪ هول ۽ نيوٽران تاري جي ضم ٿيڻ سان پيدا ٿيندا هيا پر چوڏهن آگسٽ جو ريڪارڊ ڪيل انھن سگنل اڳ ملڻ وارن سگنلز کان گھڻو وڌيڪ پڌرا آهن 
بليڪ هول جي ان کاڌي نہ خالي اسپيس ٽائيم فيبرڪ ۾ لهرون پيدا ٿينديون آهن جن کي ڊيٽيڪٽر ڊيٽيڪٽ- ڳوليو بلڪ ان عمل ۾ گھڻي ڀاڱي ۾ برقي مقناطيسي توانائي بہ نيڪال ٿيندي آهي هاڻي سڄي دنيا ۾ دوربينن کي آسمان ۾ ان پاسي تي رکيو ويو آهي جنھن پاسي کان هي سگنل مليا هيا ۽ هي دوربينون ان ايونٽ کان نيڪال ٿيڻ واري روشني کي ڊيٽيڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن


هبل جون ڪاميابيون

هبل جون ڪاميابيون

هبل ٽيلي اسڪوپ کان گھٽ ۾ گھٽ اسانکي ھيل تائين هيٺ ڏنل معلومات ضروري ملي آهي

ڪائنات جي عمر جو گھڻو صحيح اندازو لڳائڻ ۾ مدد ملي.
مختلف ڪهڪشائن جي ريڊ شفٽ جي پيمائش ڪئي وئي جنھن سان ڪائنات جي ڦھلجڻ جي درجہ بندي ٿي. 
اسانکي اهو پتو پيو تہ اينڊروميڊا ڪهڪشان ملڪي وي ڪهڪشان سان گڏ گريوٽيشنلي بائونڊ آهي ۽ ٻهي هڪ ٻئي ڏا وڌي رهيون آهن، چار ارب سال ۾ ٻهي هڪ ٻئي ۾ ضم ٿي وينديون. 
اسانکي اهو پتو پيو تہ ڪائنات ۾ کربين ڪهڪشائون آهن.
ڪائنات ۾ ڊراڪ ميٽر جي مقدار جو اندازو لڳايو.
شمسي سيارن جا ڪيترائي نيا چنڊ دريافت ڪيا ويا. 
شوماڪر ليوي نالي پُڇ واري تاري جو جوپيٽر Jupiter سياري ۾ ڪرڻ واري عمل جو تفصيلي مشاهدو ڪيو ويو. 
شمسي سيارن مان جيڪي سيارا گيس تي مشتمل آهن انھن جي ٻاهرين فضا جا تفصيل مشاھدي سان انھن تي موجود مستقل طوفانن مثال جوپيٽر Jupiter جي وڏي ڪاري داغ جو اصل ۾ طوفان آهي ان بابت تفصيلي ڊيٽا گڏ ڪيو ويو
جوپيٽر ۽ مريخ جي ويجھو موجود ايسٽرائيڊ بيلٽ ۾ موجود شين جو تفصيلي مشاهدو ڪيو ويو. 
اسانجي ڪهڪشان ۾ موجود ڪيترن گيس جي وڏن ڪڪرن جو مشاهدو ڪيو ۽ ان ۾ هزارن تارن جي پيدائش جي عمل بابت ڊيٽا گڏ ڪيو. 
گيس جي وڏن ڪڪرن جو مشاهدو ڪيو ويو جن کي پلرس آف ڪريشن چيو ويندو آهي ۽ جنھن جي لٽ ڌوڙ کان اٿندڙ ڪڪرن ۾ هزارين نيا تارا جنم وٺڻ جي عمل کي اڀياس ڪيو ويو. 
ڪهڪشائن جي پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ جي عمل جون تصويرون ورتيون جنھن سان ان عمل کي بھتر سمجھڻ ۾ مدد ملي.
هزارين ڪهڪشائن جو مشاهدو ڪيو ۽ اهو پتو لڳايو تہ ڪهڪشائن جي مرڪز ۾ هڪ سپر ميسوو بليڪ هول هوندو آهي.
هبل ڊيپ فيلڊ ۽ الٽرا ڊيپ فيلڊ سروي ۾ 13 ارب نوري سال پري هزارين ڪهڪشائن کي دريافت ڪيو ويو.


Saturday, 1 February 2020

حيض اچڻ جو ارتقا

حيض اچڻ جو ارتقا

انسانن ۾ حيض ڇو جڏهن تہ ٻين گھڻن جاندارن ۾ ناهي ٿيندي، حيض حمل کان لاڳاپيل آهي ۽ مماليا جاندارن جي خاصيت آهي پر صرف انسان ئي اڪيلو اهو جاندار ناهي جنھن کي حيض ايندي ھجي حيض جو ارتقا مماليا جاندارن جي ٽن گروپن ۾ الڳ الڳ ٿيو، پرايميٽس - انسان، چمپنزي، بونوبو،گوريلا، آورينگوٽون، چمڙي ۽ هاٿي شريو ڪوئي سان ملندڙ جلندڙ جاندار
انسانن ۾ هر حيض ۾ ٽيھ کان نوي ملي ليٽر رت ضائع ٿيندو آهي، مٿي بيان ڪيل جاندارن کان وڌيڪ جيڪو ارتقا ۾ هڪ وڏو نقصان آهي، پوءِ ارتقاء انکي ختم ڇو نہ ڪيو ۽ ڇا انجا ڪئي ارتقائي فائدا بہ آهن...! ان تي مختلف خيال پيش ٿيندا رهندا آهن، گذريل صدي ۾ هڪ تصور پيش ڪيو ويو تہ حيض جي وقت عورتون پنھنجي چمڙي مان زهريلا مادا ان جي لاءِ مينوٽاڪسنز جي اصطلاح لڳائي وئي خارج ڪندي آهي ۽ جيڪڏهن اها گل يا خوراڪ کي هٿ لاهي تہ انکي خراب ڪري ڇڏيندي آهي، هڪ ٻيو خيال هي آهي تہ مرد جي مادي  سپرمیٽو سائيٽ خليہ spermatocyte ۾ جراثيم هوندا آهن، يعني عورت جي بجائي مرد ناپاڪ آهي، جن کي رحم پيٽ- ڳڀ Uterus  کان ڪرائڻ جي لاءِ ماهواري جو ارتقا ٿيو
انھن ٻنھي خيالن جي حق ۾ ڪو سائنيسي ثبوت ناهي مليو
انکي بھتر سمجھڻ جو طريقو هي آهي تہ انسان جي حمل جو موازنو ان جاندارن سان ڪجي جن کي حيض ناهي ايندو
گھوڙا، ڳئون ۽ سور، انھن ۾ حمل پيٽ Pregnancy جي دوران پيٽ ۾ fetus ٻچي داني جي اندروني تھ- لائننگ تي چنبڙيل هوندو آهي، ڪتن ۽ ٻلين ۾ هي اندروني تھ- لائننگ کي ٿورو کوٽي ڪري چنبڙاندو آهي، پر انسانن ۽ ٻين جاندارن ۾ اهو ان تھ لائننگ ۾ ويجھو مڪمل دفن هوندو آهي تہ جيئن سڌو سنئون ماءُ کان رت وٺي سگھي، انجو مطلب هي تہ انسانن ۾ ٻچي داني جي اندروني لانگ گھڻي سپرميٽو سائيٽ خليو هجڻ گھرجي پر انکي هر وقت سپر ميٽو سائٽس خليو رکڻ توانائي گھربل ڪم آهي حمل- پيٽ هر وقت تہ ناهي ايندو ان لاءِ انکي صرف حيض جي مخصوص ڏينھن ۾ سپرميٽو سائيٽس ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن حمل - پيٽ نہ ٿي تہ هي ٻيھر سنهڙي ٿي ويندي آهي

انکي ٻيھر جذب ڪجي يا حيض جي رت جي شڪل ۾ نيڪال ڪري ڇڏيون، انجو دارومدار انجي مقدار تي آهي، گھڻن جاندارن ۾ انجي مقدار ايتري گھٽ هوندي آهي جو اهوئي انکي ٻيھر جذب ڪري سگھن ٿا، انسانن ۾ اهو گھڻو وڌيڪ آهي ۽ انکي جذب ڪرڻ توانائي جي حوالي سان گھڻو مهنگو عمل آهي انڪري ارتقاء انکي نيڪال ڪرڻ جي ترجي ڏني
گهوڙي، ڳئون، ڪتن ٻلين وغيرھ کان اسان هڪ ٻئي طرح بہ مختلف آهيون، انھن جاندارن ۾ جڏهن حمل ٿيندو آهي تہ ايمبريو ڪجھ سگنل نيڪال ڪري يوٽرس جي تھ لائننگ کي قابو ڪندو آهي، انسانن ۽ حيض وارا جاندارن ۾ انجو ابتڙ آهي، اسان ۾ ماءُ جي سگنلز پروجيسٽيرون هورمون يوٽرس جي تھ لائننگ جي موٽائي کي قابو ڪندا آهن ان عمل کي اوچتو فيصلو ڪرڻ چئبو آهي
انجو ڇا واسطو...! ان جي لاءِ جنسي عمل جي وقت کي ڏسو عمومن ٻيا جاندار جنسي عمل صرف تڏهن تائين ڪندا آهن جڏهن مادي جو جنسي خليو اووا فرٽيلائيزيشن جي لاءِ تيار هجي، انسانن ۽ حيض وارا جاندار جنسي عمل سائيڪل جي دوران ڪنھن وقت بہ ڪري وٺندا آهن انجو ممڪن نقصان اهو تہ فرٽيلائيزيشن جي دوران اووا ڪجھ ڏينھن پراڻو ٿي سگهي ٿو جنھن سان جينياتي عيب واري ٻار پيدا ٿيڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي، ٿورو ڊيٽا ٻڌايندو آهي تہ انسانن ۽ ريسس ڀولن ۾ جينياتي عيب واري ٻارن جو امڪان ٻين مماليا جاندارن کان وڌيڪ هوندو آهي، ان لاءِ اسان جڏهن ماءُ جي هورمونز يوٽرس جي تھ لائننگ کي قابو ڪندا آهيون تہ انجو هڪ مقصد جينياتي عيب کان بچڻ آهي

انسانن ۾ حيض جو رت نيڪال ڇو ٿيندو آهي وري اهو بہ ايترو گھڻي مقدار ۾، ارتقاء ۾ انجي ممڪن ڪارڻ هي آهن تہ
انسانن ۾ فيٽس، يوٽرس جي اندروني لائننگ کي گھڻو وڃائيندو آهي انڪري هي لائننگ ٿلھي هجڻ گھرجي
ايتري ٿلھي لائننگ کي ٻيھر جذب ڪرڻ توانائي ۽ ارتقاء جي حوالي سان مهانگو عمل آهي بنسبت انکي نيڪال ڪري ڇڏيڻ جي
انسانن ۾ جنسي عمل جي لاءِ ڪو مخصوص ڏينھن جڙيل ناهي

زندگي جي شروعات ۽ يوڪيريوٽس جو ارتقاء

زندگي جي شروعات ۽ يوڪيريوٽس جو ارتقاء

”دريا خان - ترتيب اصغر ساگر“

اڳار گهرڙن Prokaryotes مان مراد جاندار آهي جن ۾ واضح مرڪز Neucleus ۽ جهلي Membrane - گهڱا (گهرڙ عضوا) Organelles ناهن پاتا ويندا جڏهن تہ يڪارن (يڪار گهرڙن) Eukaryotes ۾ واضح مرڪز Neucleus ۽ جهلي Membrane ۽ گهڱا (گهرڙ عضوا) پاتا ويندا آهن. زمين تي سڀ کان پھريان يڪار گهرڙن جو ارتقا ٿي گذريو. زندگي جي شروعات جي باري ۾ هڪ مفروضو اهو بہ آهي تہ زندگي جي شروعات سمنڊن ۾ موجود گرم پاڻي جي نيڪالن جن کي آبوگرمو ڇاڻ Hydrothermal vents چئبو آهي، انھن نيڪالن شروعاتي زندگي کي شروع ٿيڻ ۽ واڌ ويجھ جي لاءِ گھربل ضروري غذائي جزا Nutrients ڏنا. جاندارن جو هڪ گروپ جن کي آرڇو Orchaea چئبو آهي جيڪو 120 سينٽي گريڊ تائين جو پد برداشت ڪري سگھي ٿو ۽ ٻين جي نسبت گھڻو گھٽ ارتقائي تبديلين مان گذريو آهي ان مفروضي جي مدد ڪندو آهي.
قديم ماحول ۾ پيدا ٿيڻ وارا غذائي جزا Neutrients زندگي کي برقرار نہ رکي پئي سگھيا ان لاءِ جيڪڏهن زندگي کي جاري رهڻو هو تہ غذائي جزن جي فراھمي جو هڪ ٻيو ذريعو گھربل هو. اها ضرورت روشنائي ترڪيب Photosynthesis جي ذريعي پوري ٿي. پھرين روشنائي ترڪيبا جاندار Photosynthetic organisms هائيڊروجن جي پيداوار لاءِ هائيڊروجن سلفائيڊ جو استعمال ڪندا هيا جنھن سان ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي شڳر ۾ گھٽايو ويندو هو. پوءِ پاڻي ان مقصد لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. روشنائي ترڪيب وسيلي نيڪال ٿيڻ واري آڪسيجن کان زمين جي فضا ۾ آهستي آهستي تبديليون اچڻ لڳيون. فضا ۾ موجود اوزون تابڪاري شعاعن کي ڇنڊڻ ڇاڻڻ لڳي ۽ زمين جو موسمي وايومنڊل تابڪاريت کان آڪسار Oxidizing بڻجي ويو ۽ گھٽ ۾ گھٽ ڪجھ زندھ جاندار آڪسيجن استعمال ڪرڻ لڳا. هتي اهو واضع ڪجي تہ هاڻي تائين زندگي صرف پاڻي ۾ ممڪن هئي پر تقريبن چار سو ويھ ملين سال اڳ موسمي وايومنڊل ۾ اوزون تھ جي گھڻي مقدار جمع ٿي وئي جيڪا سج کان ايندڙ تابڪاري شعاعن کي روڪڻ لڳي ۽ خشڪي تي بہ زندگي ممڪن ٿي وئي پر موسمي وايومنڊل جي آڪسيجن ٺهڻ جو اهو مطلب بہ هو تہ هاڻي زندگي غير معمولي شروع نٿي ٿي سگھي. پاڻمرادو پيديت Abiogenesis وارو نظريو آهي جنھن موجب زندگي بي جان شين مان وجود ۾ آئي پر پاڻمرادو پيدا ٿيڻ صرف مخصوص حالتن ۾ موجود ٿي سگھي ٿو جنھن ۾ گهٽجندڙ وايومنڊل Reducing atmosphere هڪ اهم جزو آهي. هاڻي اسان جي موسمي وايومنڊل آڪسيڪار Oxidising بڻجي چڪو آهي ان لاءِ هاڻ جاندارن جي پاڻمرادو پيدا ٿيڻ ممڪن ناهي رهيو. پھريان جاندار گھڻا سادا اڳارا Prokaryotes هئا جيڪي تقريبن 3.5 بلين سال اڳ ظاهر ٿيا. يڪارن Eukaryotes بابت خيال آهي تہ اهي پھريون ڀيرو 1.5 بلين سال اڳ ظاهر ٿيا.

يڪار گهرڙن Eukaryotes بابت نظريا:-
يڪارن جي ارتقاء بابت ٻہ مفروضا خيال پيش ڪيا ويندا آهن. پھريون جنھن کي منجھ پيدي مفروضو Endosymbiont hypothesis چئبو آهي، ان موجب ڪجھ جاندارن ٻين جاندارن کي ڳھي کائي ڇڏيو ۽ هضم ڪرڻ بجاء انھن کي مضبوط ڪيو ڪيو جنھن سان يڪارن جي شروعات ٿي، مثال طور ماڳوٽي Mitrochondrion جي باري ۾ اهو نظريو خيال ڏنو ويندو آهي تہ هڪ آڪسيجن خور واسي اموبي Aerobic amoeboid ھڪ واسي جيوڙي Aerobic bacteria کي ڳھي ڇڏيو ۽ هضم ڪرڻ جي بجائي ان کي مظبوط ڪيو جنھن سان اھو واسي جيوڙو Aerobic bacteria اموبي Amoeboid جي اندر ماڳوٽو بڻجي ويو. مائٽوڪونڊريا ۾ الڳ سان موجود ڄڻ ڪڙي DNA ان مفروضي جي تائيد ڪندي آهي.
يڪارن جي ارتقاء کي بيان ڪرڻ واري ٻئي مفروضي کي جهليو غلافي مفروضو Membrane invagination hypothesis چيو ويندو آهي. ان مفروضي موجب اڳارن prokaryotes جي گهرڙي جي جهلي اندر دٻجي وئي ۽ ان جي جينياتي مواد Genetic material کي وڪوڙي وڌو. جهلي جي منجھ غلافيت Invagination مان ٻٽي جهلي وارا گهڱا Double membrane bounded organelles پاڻمرادو وجود ۾ آيا ۽ پوءِ ارتقاء وسيلي يڪارا Eukaryotes ماڳوٽي Mitochondrion ۽  سارنگي Chloroplast وغيرھ ۾ تبديل ٿي ويا. يڪار گهرڙي جي ارتقاء جو صحيح ميڪانيت Mechanism جيڪو بہ هيو، يڪار گهرڙي جي بڻجڻ کان زندگي جي پيچيدگي ۽ وسعت ۾ ڊرامائي واڌارو ٿيو. شروع ۾ نوان بنجڻ وارا يڪار گهرڙا گھڻو ڪري اڪيلا رهيا پوءِ بہ انھن پاڻ ۾ ملي ڪري پيچيدھ جوڙجڪ بڻائي ورتي ۽ گهڻ گهرڙي جاندارن Multi cellular organism جي بڻجڻ جي وجھ بڻيا.

اڳارا ۔ اڳار گهرڙا Prokaryotes

مرڪز ۔ ناڀ Neucleus

 جهلي Membrane

گهڱا ۔ گهرڙي جا عضوا Organelles

گهڱو ۔ گهرڙي جو عضوا Organelle

 آبوگرمو ڇاڻ Hydrothermal vents

 غذائي جزا Nutrients

 آرڇو Orchaea

روشنائي ترڪيب Photosynthesis

روشنائي ترڪيبا جاندار   Photosynthetic organisms

آڪسار Oxidizing

 پاڻمرادو پيديت ۔ ازخود پيديت Abiogenesis

گهٽجندڙ وايومنڊل Reducing atmosphere

 يڪارا ۔ يڪار گهرڙا Eukaryotes

Endosymbiont hypothesis
منجھ پيدي نظريو ۔ پاڻ ۾ پيدا ٿيڻ وارو نظريو

 ماڳوٽو   Mitrochondrion

 ماڳوٽا   Mitrochondria

واسي جيوڙو    Aerobic bacteria

واسي اموبو   Aerobic amoeboid

 اموبو     Amoeboid

ڄڻ ڪڙي ۔ کھ    DNA

Membrane invagination hypothesis
جهليو منجھ غلافي مفروضو ۔ پردي منجھ غلافي مفروضو

جينياتي مواد ۔ ڄڻ مواد   Genetic material

 منجھ غلافيت Invagination

Double membrane bounded organelles
ٻٽي جهلي وارا گهڱا ۔ ٻٽي جهلي وارا گهرڙي عضوا

سارنگو ۔ سبزو    Chloroplast

ميڪانيت Mechanism

گهڻ گهرڙي جاندار Multicellular organism

زندگي جي ڪيمسٽري
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2368719813410096

#ScienceJeDunya