ڪيفين Caffeine
"اصغر ساگر"
ڪيفين چوبي زينٿاڻ ڪلاس Methylxanthine class
جو مرڪزي تنتي سرشتو آھي. اھا دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ واپرائيندڙ نفساني سرگرم نشو آھي. ٻين نفساني سرگرم موادن وانگر اھا قانوني آھي ۽ بنا پابندي جي دنيا ۾ ھلي ٿي. ڪيفين جي وضاحت ڪرڻ لاء ڪيترا ڄاتل ميڪانياتي عمل موجود آھن. ڪيفين ھڪ نشاڻ آھي جيڪا سڄي دنيا ۾ واپرائي وڃي ٿي. ڪيفين مختلف جڙي ٻوٽين ۽ شين ۾ ملي ٿي ڪيفين کي ڇڏڻ سان بي چيني پيدا ٿيندي آھي. ڪو ڪو ماڻھو ڪيفين کي ڇڏي سگهي ٿو پر سڀ ترڪ ڪري نٿا سگهن. ڪيفين 60 کان وڌيڪ ٻوٽن ۾ ملي ٿي. ڪيفين جلدي اثر نٿي ڪري پر وقت گذرڻ کانپوء ھن جا مضر اثر ظاھر ٿين ٿا ۽ ڪجھ اھڙا عارضا اڀرن ٿا جيڪي سوا علاج جي ختم نٿا ٿين. ڪيفين جي ڪري مزاج ۾ بھتري اچي ٿي ۽ ڪيفين جي استعمال نہ ڪرڻ ڪري مزاج خراب ٿي ذھني دٻاء ۽ پريشاني جو سبب بنجي وڃي ٿو. حاملا عورتن کي کپي تہ ڪيفين واريون شيون چانھن يا ڪافي گهٽ استعمال ڪن ڇوجو انهن شين ۾ موجود ڪيفين ٻارن جي نشونما کي متاثر ڪري ٿي ۽ ڪافي ڪيسن ۾ ٻار ڪري پوي ٿو.
ڪيفين جا وسيلا :-
ماھرن مطابق ڪيفين ڪافي ۔ چانھن ۔ ڪيڪ ۔ مشروب ۔ چاڪليٽ ۔ ڪوڪو ڪولا ۔ آئس ڪريم ۔ توانائي مشروب ۔ ڪوڪو ڦرين ۔ ڪولا گرين ۔ چانھن جي پنن ۔ ڪافي ڦرين ۔ چانھن ۔ سوڊا ۔ درد گهٽائيندڙ ٽڪين ۔ غذائن ۽ مشروبن ۾ پاتي وڃي ٿي.
ڪيفين جو اثرانداز ٿيڻ :-
دريا خان سنڌي ڪيفين جي جسم تي ٿيندڙ اثر جي جامع نموني اپٽار ڪري ٿو
”اسان جي دماغ ۽ پوري جسم ۾ ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين پيغام اعصابي يا تنتي گهرڙا پهچائيندا آهن. ٻيو هي تنتي گهرڙا پاڻ ۾ ڳنڍيل ناهن هوندا پر انهن جي وچ ۾ ڪجھ وٿي هوندي آهي. انهي وٿي مان پيغام مختلف ڪيمياڻ جي شڪل ۾ اڳئين گهرڙي تائين پهچن ٿا، انهن ڪيمياڻ کي نيورو اعصابي نفوذو Neurotransmitter ۽ وٿي کي سائڻي وٿي Synapse gap چئبو آهي. جڏهن تہ گهرڙن جي اندر پيغام تحرڪن Charges جي شڪل ۾ سفر ڪندو آهي. چانھن ڪيفين جي گهڻي مقدار پنهنجي اندر رکندي آهي، هي ڪيفين اسانجي تنتي سرشتي Nerve system ۾ وڃي ڪري هڪ اعصابي نفوذو ايڏون Adenosine neurotransmitter جي جڳھ وٺي ٿو ۔ ايڏون Adenosine اسانکي آرام ڏيڻ يا سست ڪرڻ وارو نفوذو آهي، ڪيفين ايڏون جھڙي ئي جوڙجڪ رکندي آهي انهيءَ لاءِ هي ڪيفين تنتي سرشتي ۾ وڃي ايڏون Adenosine جي جڳھ وٺي ڇڏي ٿي ۽ پوءِ اسان جي دماغ کي هوشيار يا سرگرم ڪري ڇڏي ٿي ۔ بلڪل انهيءَ وقت جڏهن هي ڪيفين ايڏون Adenosine جي جڳھ وٺي ٿي اسان جي جسم ۾ هڪ ٻيو هارمون اڏور Adrenal بہ خارج ٿيندو آهي، هي هارمون اسانجي رت جي داٻ کي تيز ڪري ٿو مطلب هوشيار ڪري ٿو ۽ رت جي وھڪ کي گهٽ استعمال وارن جڳهن کان گهڻو استعمال ٿيندڙ جڳهن جھڙوڪ ٻانھن، ڄنگهن ۽ معدي ڏانھن اماڻي ڇڏي ٿو. ائين هڪ ماڻهو جڏهن چانھ پيئندو آهي تہ هو پاڻ کي تڙو کڙو محسوس ڪندو آهي. ھاڻي اتي اچي اڻ ڏٺل ڄار سامھون اچي ويندو آهي. اهو ڄار ڪيفين واگر عادي بنائڻ جي صلاحيت رکندو آهي، مطلب اسان جيتري ڪيفين وٺنداسين اوتريون ئي ان جون وصولي جڳھون Receptor sights بڻبيون ۽ ايڏون Adenosine ختم ٿيندا ۽ پوءِ ان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اڃان وڌيڪ ڪيفين جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. ائين ڪيفين ڪنهن بہ ماڻهو کي پنهنجو عادي بڻائي ڇڏي ٿي ۽ وڌيڪ واپرائڻ جي ڪري وڌيڪ عارضا ڏئي ٿي.“
ڪيفين جو وڌيڪ استعمال :-
باشعور دوست ارشد کوسي مطابق ڪيفين يا سگريٽ جنھن ۾ نڪوٽين ھوندي آھي، روز انداز ۾ واپرائڻ سبب جسم يعني خون ۾ انھن جا لاڳاپيل جيو گھرڙا ٺھي ويندا آھن جن کي نڪوٽين وصول ڪندڙ Nicotine Receptors چوندا آھن. حقيقت اھا آھي تہ انھن جيو گھرڙن جي ڪل عمر ايڪيھ ڏينھن ٿيندي آھي، يعني سگريٽ جي عادي انسان کي جيڪا سگريٽ نہ ڇڪڻ سبب پٽ ٿيندي آھي اھا دراصل انھن Nicotine Receptors کي بکيو ھجڻ سبب ٿيندي آھي، پر جيڪڏھن کو انسان مضبوط قوت ارادي جو مالڪ ھجي تہ اھا تڪليف ڪل ايڪيھ ڏينھن ھلندي آھي. ان کان پوء اھي جيو گھرڙا Nicotine Receptors پنھنجو موت پاڻ مري ويندا آھن.
ڪيفين جا نقصان :-
گهڻي چانھن پيئڻ :-
چانھن ۾ ڪيفين ٿئي ٿي جنھن جي ڪري ننڊ جي خرابي جو مسئلو رھي ٿو ۽ ننڊ جي خرابي جي ڪري اڪثر پريشانين کي منھن ڏسڻو پوي ٿو. چانھن ۾ ھڪ ڪيميڪل ٿيوفلائين بہ آھي جيڪو قبضي جو سبب بنجي ٿو. اڪثر ماڻهو چانھن کي ھاضمي لاء بھتر سمجهن ٿا پر ھن جو زيادھ استعمال بدھاضمي جي صورت ۾ ظاھر ٿئي ٿو. گهڻا ماڻهو چانھن ۾ موجود ڪيفين جي ڪري پنھنجي مزاج ۾ سرور محسوس ڪندا آھن پر چانھن جي وڌيڪ استعمال جي ڪري ڪيفين جو وڌيڪ مقدار مزاج کي خراب ڪري ذھني دٻاء ۽ پريشاني کي وڌائي ٿو. مردن ۾ چانھن جو وڌيڪ استعمال غدودن جي بيماري جو سبب بنجي ٿي. جيڪڏھن ھي بيماري وڌي وڃي تہ غدودن جي ڪينسر جو روپ اختيار ڪري ٿي. ان ڪري بھتر آھي تہ چانھن کي اعتدال ۾ رھي روز ھڪ يا ٻہ ڪوپ پيتا وڃن ۽ ڪڙڪ چانھن کان پاسو ڪيو وڃي. گهڻي چانھن پيئڻ سان ڪافي مسئلا لاحق ٿين ٿا.
اينرجي ڊرنڪس پيئڻ :-
انرجي ڊرنڪس ۾ ڪيفين جو وڏو انگ شامل هوندو آهي
ڪيفين وارين شيون صحت تي مختلف انداز سان اثر انداز ٿينديون آهن. يونيورسٽي آف واٽرلو جي ماهرن پنهنجي جاچ ۾ 2055 نوجوانن کي شامل ڪيو جيڪي انرجي ڊرنڪس پيئندا هئا. خبر پئي تہ انهن مان 24 سيڪڙو نوجوانن دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿيڻ ۽ 24 سيڪڙو سمهڻ جي ڏکيائين جي شڪايت ڪئي. 18.3 سيڪڙو نوجوانن مٿي جي سور ۽ 5 سيڪڙو الٽي ۽ ڊائريا ٿيڻ جو اعتراف ڪيو جڏهن تہ 3.6 سيڪڙو چيو تہ انرجي ڊرنڪس سندن سيني ۾ تڪليف جو سبب بڻجندي آهي. خوراڪ جي ماهرن موجب هڪ 11 ورهين جي ٻار لاءِ روزانو ڪيفين جي حد 105 ملي گرام تجويز ڪئي وئي آهي جڏهن تہ انرجي ڊرنڪس جي هڪ بوتل ۾ 160 ملي گرام ڪيفين هوندي آهي. مشي گن چلڊرن هاسپٽل ۾ ٻارن جي دل جي مرض جي ماهر پروفيسر اسٽيون لپ شلز مطابق هڪ 10 ورهين جي ٻار رڳو 80 ملي گرام ڪيفين استعمال ڪئي تہ زهر واپرائڻ جو شڪار ٿي ويو جڏهن تہ هڪ ٻئي 12 ورهين جي ٻار 100 ملي گرام ڪيفين واري ڊرنڪ استعمال ڪئي تہ کيس نفسياتي وهم جي شڪايت ٿيڻ لڳي ۽ جھٽڪا پوڻ لڳا. هڪ نئين تحقيق موجب ڪافي پيئڻ زندگي کي ڊگهو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. حقيقت ۾ چانھن يا ڪافي ۾ موجود ڪيفين جي ڪجھ مثبت ۽ منفي اثر هوندا آهن جيڪي لڳاتار استعمال ڪرڻ سان جسم ۽ دماغ سيني تي اثر وجهندا آهن جنهن سان هاضمو پڻ متاثر ٿيندو آهي ۽ حد کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ سان سيني جي اڱاري ۽ تيزابيت پيدا ٿيندي آهي. انرجي ڊرنڪس ٺاهيندڙن جي دعوي آهي تہ کنڊ ڪيفين ۽ ڪجھ نباتاتي شيون انرجي ڊرنڪس ٺاهينديون آهن جنهن سان دل جي برقي سرگرمي تي اثر پوندو آهي جنهن سان دل جي ڌڙڪن معمول کان هٽي ويندي آهي جيڪا امڪاني طور خطرناڪ بہ ٿي سگهي ٿي. ماهرن موجب اهڙن شربتن مان بلڊ پريشر ۾ اضافو ٿي ويندو آهي ۽ ڪافي دير تائين برقرار رهي سگهي ٿو.
چانھن يا ڪافي پيئڻ ٻار جي واڌ ويجھ لاءِ نقصانڪار :-
حمل دوران چانھن يا ڪافي پيئڻ جي عادت رکندڙ عورتن کي جسماني طور تي ڪمزور ٻارن جي پيدائش جو خطرو وڌندو آهي. اها ڳالھ آئرلينڊ ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي. ڊبلن ڪاليج يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو تہ صرف 3 ڪپ چانھن يا 2 ڪپ ڪافي روزانو پيئڻ بہ گهٽ وزن يا وقت کان اڳ ٻارن جي پيدائش جو خطرو وڌي سگهي ٿو.
تحقيق ڪندڙن جو مڃڻ آهي تہ چانھن يا ڪافي ۾ موجود ڪيفين ماءُ جي پيٽ ۾ رت جي سپلائي ۾ رڪاوٽ بڻجي ٻار جي واڌ ويجھ کي متاثر ڪري سگهي ٿي. ان تحقيق جي دوران هڪ هڪ هزار اهڙين عورتن جو جائزو ورتو ويو جن وٽ ٻارن جي پيدائش ٿي هئي. نتيجن مان خبر پئي تہ هر واڌو 100 ملي گرام ڪيفين حمل جي پھرئين 3 مهينن جي دوران ٻار جو وزن 72 گرام گهٽ ڪندو آهي. ڪيفين جي ايتري مقدار ٻار جي قدر ۽ مٿي جي گولائي بہ گهٽ ڪندي آهي. تحقيق مطابق وڌيڪ ڪيفين استعمال ڪندڙ عورتن جي ٻارن جو وزن گهٽ ۾ گهٽ 170 گرام تائين گهٽ ٿي سگهي ٿو.
ذھني دٻاء :-
جيڪڏھن ڪيفين جي واڌ سان ڳڻتي وڌي وڃي تہ اھو قصور ڪيفين جو آھي. ڪيفين توانائي کي اڀار ڏيئي ٿي جنھن سان ھارمون گهڻي تحريڪ ۾ اچي وڃن ٿا. اھي ماڻھو جيڪي ذھني دٻاء جو شڪار رھن ٿا ۽ جن جي دل جو ڌڙڪو تيز رھي ٿو انهي ۾ ڪيفين جو ھٿ ھوندو آھي.
ننڍي عمر ۾ ڪيفين وارين شين جي استعمال سان مونجھ (ياسيت) جنم وٺي ٿي.
ننڊ ڦٽڻ :-
تحقيق مطابق روزانو ڪيفين جي استعمال سان ننڊ جو نظام تبديل ٿي وڃي ٿو. ننڊ دوران بي چيني رھي ٿي ۽ ڏينھن جو غنودگي ڇانيل رھي ٿي. ڪيفين پنھنجو اثر 6 ڪلاڪن کان پوء ڏيکاري ٿي ۽ ننڊ کي ڦٽائي ٿي. جيڪي چانھن يا ڪافي يا اھڙيون ڪيفين واريون شيون گهٽ استعمال ڪن ٿا انهن کي بھتر ننڊ اچي ٿي.
ھاضمو بگڙڻ :-
ڪيفين جا مشروب جيئن پيپسي يا ڪوڪوڪولا پيئڻ سان ھاضمو بگڙي وڃي ٿو. ڪيفين ڪيلشم ۔ فولاد ۽ بي وٽامنن کي جذب ٿيڻ ۾ رڪاوٽ وجهي ٿي. اھي ماڻھو جيڪي روز چانھن يا ڪافي گهڻي پيئن ٿا انهن جي رت ۾ آھستي آھستي کوٽ ٿئي ٿي ۽ جيري جي بيمارين جو شڪار ٿين ٿا.
ڏندن تي پيلاڻ اچڻ :-
ڪيفين جي واھپي سان ڏندن تي پيلاڻ اچي وڃي ٿي. ھن جو سبب مشروبن ۾ ٽينن Tenin جو وڌيڪ ھجڻ ھوندو آھي. ھي عنصر جمع ٿي ڏندن جي مٿئين تھ جو رنگ تبديل ڪن ٿا. ڪيفين وارن مشروبن ۾ تيزابيت ڏندن جي رنگت کي متاثر ڪري ٿي.
عورتاڻيون بيماريون :-
2012 ۾ ٿيڻ واري تحقيق مطابق رزانو 200 گرام (تقريبن 2 ڪوپ) يا وڌيڪ ڪيفين پيئڻ سان عورتن ۾ ايسوڄن Astro jin جي مقدار وڌي وڃي ٿي جنھن ڪري عورتن کي حيض گهٽ ۔ حيض وڌ ۔ حيض نہ اچڻ ۔ اولاد نہ ٿيڻ ۔ رحم ۾ سوڄ ۽ رحم جي ڪينسر جا امڪان وڌي وڃن ٿا. ان ڪري عورتن کي ڪافي ۽ چانھن گهٽ استعمال ڪرڻ کپي.
بي پي وڌڻ :-
ڪيفين جي ڪري اعصابي نظام ۾ تيزي اچي وڃي ٿي جنھن سان بي پي وڌي ٿو. ڪيفين جي وڌيڪ مقدار سان دل جا مرض وڌن ٿا. ڪيفين استعمال نہ ڪرڻ سان رت جو داٻ پورو پنو رھي ٿو.
مزاج بگڙڻ :-
ڪيفين مزاج کي متاثر ڪري ٿي ماھرن مطابق ڪيفين سان دماغ جي ڪيميائي مادن جي توازن ۾ فرق اچي ٿو ۽ ان جي عادت پئجي وڃي ٿو. ڪيفين جي ترڪ ڪرڻ سان 24 ڪلاڪن تائين بيچيني رھي ٿي جيڪا 2 کان 9 ڏينھن تائين ھلي ٿي.
مٿي ۾ سور :-
ڪيفين جي عادي ٿيڻ کان پوء ڪيفين جي ضرورت پوي ٿي. ڪيفين نہ ملڻ جي صورت ۾ مٿي ۾ سور پوي ٿو ۔ دماغ الجهيل رھي ٿو ۽ توجھ بگڙي وڃي ٿو.
ھاضمو بگڙڻ :-
ڪيفين جي استعمال سان ھاضمي جا مسئلا پيدا ٿين ٿا ۔ دست ٿين ٿا ۔ معدو بگڙي وڃي ٿو ۽ بدھضمي ڪر کڻي ٿي.
ڪيفين ڪولاڄن جي تشڪيل کي متاثر ڪري ٿو نتيجي طور چمڙي ۔ جسم ۔ ننھن تي سڌا سنوان اثر پون ٿا ۔ چمڙي تي گهنج پئجي وڃن ٿا ۽ ماڻھو جلدي پوڙھو ٿي وڃي ٿو.
No comments:
Post a Comment