آرگنڪ فارمنگ
تحقيق ڪندڙ : اسٽيفان ورسينيس ۽ ساٿي
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو
آرگنڪ فارمنگ جو اھم مقصد ھي آهي ته گهڻي کان گهڻي فطري ۽ گهٽ کان گهٽ ڪيميائي مداخلت ڪري جڏهن اھا اسان جي لاء کاڌو پيدا ڪري, پر ڇا آرگنڪ فارمنگ ماحول جي لاء بھتر آهي ـ
ھڪ نئين اڀياس ۾ ھي ظاهر ٿيو آهي ته مٽر ۽ ڪڻڪ جا فصل مختلف راء ڏين ٿا, تحقيق ڪندڙن جي دعوىٰ آهي ته آرگنڪ فارمنگ ماحول جي لاء انتھائي خراب آهي ڇاڪاڻ ته اھا گهڻي زمين ٿي گهري جنهن جو مقصد ھي ٿيو ته ٻيلن جو گهٽجڻ ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جو ھوا مان گهٽ خارج ٿيڻ ۽ ماحول ۾ جمع ٿيڻ پر اڀياس اھو واضع ٿو ڪري ته هيء تحقيق سئيڊن جي ھڪ خطي ۾ صرف ٻن فصلن تي ٿي آهي جنهن جي ڪري اھا اميد ڪري سگهجي ٿي ته انهيء ڏس ۾ ڪا وسيع تحقيق ضرور سامهون ايندي ـ
تحقيق ڪندڙن ھن تحقيق جي دوران فصلن کي ڪنهن به قسم جو ڀاڻ نه ڏنو , ھن پوک جي دوران ڏٺو ويو ته آرگنڪ فارمنگ مٽر وڌيڪ زمين سيڙائي نان آرگنڪ فارمنگ مٽرن کان ۽ اھو ئي اھم مسئلو آهي ـ
تحقيق ڪندڙن مان ھڪ اسٽيفان ورسينيس جو چوڻ آهي ته سئيڊن ۾ آرگنڪ مٽرن جي پوک پنجاهه سيڪڙو وڌيڪ ماحول تي اثر وجهي ٿو روايتي مٽرن جي پوک جي ڀيٽ ۾. تحقيق ڪندڙن جي ٽيم ھڪ ڪاربان اپرچونٽي ڪاسٽ تيار ڪئي ته جيئن زمين تي ڪاربان جي ڪجهه قسمن جي استعمال جا نشان ڳولي سگهجن ته جيئن خبر پئجي سگهي ته کاڌو ڪيترو ٺھيو ۽ ڪاربان ڪيتري خارج ٿي ـ ھن تحقيق ۾ آرگنڪ فارمنگ نان آرگنڪ فارمنگ کان پوئتي رھجي وئي ـ
ھن کان اڳ ۾ به ڪجهه اڀياسن ۾ آرگنڪ فارمنگ جو ماحول تي اثر جي پس منظر ۾ اھو جاچيو ويو ته ڪاربان ٻوٽن ۽ زمين کي ڪيئن اثر ٿي وجهندو . جيتوڻيڪ آرگنڪ تحقيق ڪندڙن اڃان گوشت ۽ ڊيري وارين شين جي اڀياس کي ڏٺو ئي نه آهي ۽ نه ئي ان جي تفصيل ۾ ويا آهن ـ
تحقيق ڪندڙن ھڪ ڳالهه بهتر ڪئي آهي ته انهن آرگنڪ فارمنگ جا فائدا پڻ ٻڌايا آهن ـ
No comments:
Post a Comment