اسان جي گهرن ۾ نون ڄاول ٻارن کي ٿڦڪي ڪري ننڊ ڪرائڻ جو رواج پراڻو آهي پر هاڻ نئين تحقيق ۾ پڌرو ٿيو آهي تہ آخر ٻارن کي ننڊ ڪرائڻ لاءِ ٿڦڪي جي ڇو ضرورت پوندي آهي. برطانيا جي آڪسفورڊ ۽ لورپول جان مورين يونيورسٽي جي هڪ تحقيق اها ڳالھ ثابت ڪئي آهي آهي تہ ٿڦڪي ڏيڻ سان ٻارن جي تڪليف گهٽ ٿي ويندي آهي جنھن کانپوءِ هو گھري ننڊ ۾ هليا ويندا آهن. حياتيات جي جريدي ڪرنٽ بائيولاجي ۾ پڌري ٿيندڙ تحقيق موجب ننڍن ٻارن کي ٿڦڪي ڏيڻ وارو عمل ڪنهن سائيڊ افيڪٽ بغير سور کان آجو ڪرڻ جو ذريعو بڻبو آهي. برطانوي ماهرن ٿڦڪي ڏيڻ وقت جڏهن ٻارن جي دماغ کي جاچيو تہ پتو پيو انهن جي دماغ انهن جي سور کي 40 سيڪڙو گهٽ ڪري ڇڏيو. ماهرن موجب ان تجربي جي دوران ٻارن کي ٿڦڪي جي رفتار ٽي سينٽي ميٽر في سيڪنڊ رهي جڏهن تہ والدين قدرتي طور تي ٻارن کي ھن رفتار سان ٿڦڪي ڏيندا آهن. تحقيق ۾ شامل پروفيسر سليٽر جي چوڻ مطابق جيڪڏهن اسان ان اعصابي نظام جي بنيادي حصي کي صحيح نموني سمجھي وڃون تہ ان سان ٻارن کي سٺو آرام ايندو ۽ ان حوالي سان والدين جي رهنمائي ڪري سگهون ٿا. ھاڻ اهو ثابت ٿي ويو آهي تہ هلڪي ٿڦڪي ٻارن جي دماغ جي فعل واري سرشتي ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿي
No comments:
Post a Comment