سائنسدانن ڪائنات جي پويان ۽ ڀر واري علائقن ۾ هائيڊروجن جي وڏن ڪڪرن جو پتو لڳائي ڇڏيو آھي جيڪي بگ بينگ کانپوءِ ۽ اڄ تائين بغير ڪنهن آلودگي جي لڌا ويا آهن. عام طور تي هي خيال ظاهر ڪيو ويندو هو تہ بگ بينگ کانپوءِ هائيڊروجن جا ڪڪر پنھنجي ئي ڪشش ثقل ڪري سڪڙڻ لڳا ۽ ائين ڪائنات جي پھرين ستارن جنم ورتو پر بگ بينگ جي ڪروڙن سال کانپوءِ بہ هائيڊروجن جا گهڻا ڪڪر اهڙا پاتا ويا آھن جيڪي سڪڙيل ناھن.
ھاڻ پھريان پھريان ٺھندڙ تارا جڏهن پنھنجو ٻارڻ ختم ڪري چڪا ۽ سپر نووا بنجي ڦاٽا تہ هائيڊروجن جي انهن ڪڪرن ۾ سڪڙ پيدا ٿيڻ لڳي جيڪي ان ڦاٽڻ واري تاري جي ويجهي يعني ڪجھ ئي نوري سال جي پنڌ تي هئا. انهن ڪڪرن ۾ سپر نووا جي ڪري انهن جي عنصرن جا ايٽم بہ شامل ٿي ويا جيڪي ان ستاري ۾ ٻارڻ جي ڪري پيدا ٿيا. پوء جڏهن هي ڪڪر سڪڙجي ستارا بڻيا تہ نئين نسل جي تارن ۾ بہ انهن عنصرن جا مرڪزا موجود هئا جيڪي سپر نووا جي ڦاٽڻ سان انهن ڪڪر ۾ شامل ٿيا. ھن وقت ڪائنات ۾ جيڏي بہ نظر ڦيرايو، هائيڊروجن جي ڪڪرن ۾ ٻين عنصرن جا ايٽم بہ نظر ايندا آهن جيڪي ان ڳالھ جو ثبوت آهن تہ انهن ڪڪرن جي ويجهي تارا سپر نووا ٿي ڦاٽا آهن. پوء بہ سائنسدانن اسان کان گهڻو پري هائيڊروجن جا اهڙا وڏا ڪڪر دريافت ڪري ورتا آهن جن ۾ هائيڊروجن ۽ هيليم کان علاوه ڪنهن ٻئي عنصر جا ايٽم موجود ناهن ڄڻ تہ ڪڪر بگ بينگ کانپوءِ ساڳي حالت ۾ موجود آهن ۽ انهن ۾ هاڻي تائين ڪنھن تاري جي تشڪيل ناھي ٿي يا گهٽ ۾ گهٽ ڪو تارو سپر نووا ناهي ٿيو. ڪائنات جي جنم کان 13.8 ارب سالن کانپوء بہ اهڙن ڪڪرن جي موجودگي گهڻي اھميت جوڳي آهي جن ۾ هاڻي تائين ڪو بہ نئون عنصر ناهي ٺھيو.
لنڪ
http://keckobservatory.org/fossil/
No comments:
Post a Comment