جراثيم جي چوري - ٽرانسفوميشن، تبديلي - جين (6)
فلو جي خراب وبا 1918ع ۾ ڦهلي، سڄي دنيا ۾ ان ڪروڙين زندگيون ڳهيون، ان وائرس مان متاثر ٿيڻ وارن کي هڪ سيڪنڊري بيماري نمونيا لڳندي هئي، هي ان ڀاڳي خطرناڪ هئي جو برطانوي وزارت صحت سائنسدانن جي ٽيمن کي ان بيڪٽيريا جو اڀياس ۽ انجي خلاف ويڪسين تيار ڪرڻ جو ڪم ڏنو، انھن ٽيمن ۾ هڪ بيڪٽيريالوجوسٽ فريڊرڪ گرفٿ جن ان بيڪٽيريا نموڪوڪس (اسٽريپٽوڪوڪس نمونائي) تي ڪم ڪري رهيا هيا
گرفٿ ان سوال تي ڪم شروع ڪيو تہ” نموڪوڪس جانورن جي لاءِ ان ڀاڳي خطرناڪ ڇو آهي؟ انھن دريافت ڪيو تہ بيڪٽيريا ٻہ الڳ قسم رکندو آهي، هڪ جي سطح نرم آهي، پنھنجي ان ترڪندڙ ٻاهرين ڪوٽ جي وجھ سان هي دفاعي نظام مان چالاڪي سان ترڪئي ڪري نڪري ويندو آهي، ٻئي قسم جي بيڪٽيريا وٽ شوگر جو هي ڪوٽ ناهي، پنھنجي کهري سطح جي وجھ سان هي دفاعي نظام تي قابو ۾ اچي ويندو آهي، هڪ ڪوئو جنھن کي نرم ڪوٽ وارو بيڪٽيريا ڏنو ويو، هي نمونيا جي وجھ سان جلد ئي مري ويو، کهري سطح وارو بيڪٽيريا ڪوئي کي ڏنو ويو تہ ڪوئي جي دفاعي نظام جي هٿان ماريو ويو
گرفٿ جن اڻڄاڻي ۾ هڪ تجربو ڪيو جنهن ماليڪيولر بائيولوجي ۾ انقلاب پکڙي ڇڏيندو، پهرين نرم بيڪٽيريا کي گرم ڪري ماريو ۽ مئل بيڪٽيريا انفيڪشن پيدا نٿا ڪري سگهن، پر جڏهن ان مئل ميٽيريل کي کهري سطح واري بيڪٽيريا سان گڏ مڪس ڪري ڪوئن ۾ داخل ڪيو تہ ڪوئا مري ويا،! گرفٿ جن ڪوئن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ۽ ڏٺو تہ کهري سطح وارا بيڪٽيريا بدلجي ويا هيا، انھن نرم ڪوٽ ماڻي ورتي هئي، ۽ هي مئل بيڪٽيريا جي ملڻ ان حاصل ڪيو هو، گهٽ خطرناڪ انکي حاصل ڪري خطرناڪ ٿي ويو هو
ڪيئن؟ هڪ مئل بيڪٽيريا جيڪو خالي مائيڪروبيل ڪيميڪل سوپ آهي، ان پنھنجو جينياتي مواد زندھ بيڪٽيريا کي ڏئي ڇڏيو؟
هي جينياتي تبديلي هئي، اهوئي جين جيڪي نرم ڪوٽ پيدا ڪندي هئي اها بيڪٽيريا مان نڪري ڪري ان ڪيميائي آب ۾ هلي وئي هئي، زندھ بيڪٽيريا انکي حاصل ڪري ورتو هو، ۽ پنھنجي جينوم جو حصو بڻائي ڇڏيو هو، هڪ جاندار کان ٻئي ۾ جينياتي مواد جو مٽاسٽا هو، جينياتي پيغام سس پس ڪرڻ نہ، ڪو پين جين يا گيمول نہ، وراثتي پيغام ڪنهن ماليڪيول وسيلي ٽرانسفر ٿيندا آهن ۽ هي ماليڪيول خلي کان ٻاهر بہ موجود ٿي سگهي ٿو، هڪ خلي کان ٻئي ۾ وڃي سگهي ٿو، هڪ جاندار کان ٻئي ۾، والدين کان ٻار ۾، ڪنهن جاندار کان ڪيئن بنائڻ آهي؟ ڇا خاصيت رکي آهي؟ هي پيغام ڪيميائي صورت ۾ آهن، هي ان تجربي مان صاف ظاهر هو
جيڪڏهن گرفٿ پنھنجا نتيجا پڌرا ڪيا هجن ها تہ ھي بائيولوجي ۾ هلچل مچائي ڇڏي ها، سائنسدان اڃان جاندار شين کي ڪيميائي نظر مان ڏسڻ شروع ٿيا هيا، بائيولوجي ڪيمسٽري بڻجي رهي هئي، خليا ڪيميڪلز جو هڪ ڊٻو آهي، مرڪبات جو هڪ جھلي جي وچ ۾ موجود آهن ۽ انھن مان اهوئي فنامينا ملندو آهي، جنھن کي زندگي چئبو آهي، بائيوڪيمسٽ 1920ع جي ڏهائي ۾ هي ٻڌائڻ شروع ڪيو هو، جين جي ماليڪيول مان وارثت جي منتقلي زندگي جي ڪيميائي ٿيوري جو ماڊل بدلي ڇڏڻو هو
پر گرفٿ شرميلا سائنسدان هئا، وڏي عرصي جي انتظار کانپوءِ جنوري 1928ع ۾ انهن پنهنجو ڊيٽا ”جرنل آف هائي جين" ۾ پڌرو ڪيو، جنھن سان گهڻو غير مشهور رسالو ڳولھڻ بہ مشڪل ٿي ويو، متفڪر انداز ۾ لکيو ويو، پيپر جنھن ۾ مائيڪروبيل بائيولوجي تي پنهنجي دريافت جو ٻڌايو، وارثت جي ڪيميائي هئڻ جي دريافت جو ذڪر صاف لفظن ۾ نہ ڪيو ويو هو، ان ڏهائي جو بائيوڪيمسٽري جو سڀ کان اهم پيپر جو اعلان ڌماڪي جي بجائي ڪنھن خوش اخلاق ماڻهو جي کنگھ طور تي ڪيو ويو، هي ۽ ٻيا ڪيترائي ٽيڪسٽ هيٺ ڌٻجي ويو
بيڪٽيريا جو ان طريقي سان جينياتي مواد جو مٽا سٽا ڪرڻ جو طريقو ٽرانسفوميشن چورائبو آهي، بيڪٽيريا ۾ افقي جين ٽرانسفر جي دريافت جلدي توجھ تہ ماڻي نہ هئي پر اچڻ واري وقتن ۾ بائيولوجي جي لاءِ گهڻي اهم دريافت هئي، جين جي ڪيميائي ٿيڻ ۽ انجي تبديلين کي ممڪن صورتن تي دريافت ٻئي جڳهن تي بہ ٿي رهي هئي، ۽ ان واري ۾ سڀ کان مشهور تجربو هڪ جرمن سائنسدان جو هو، جيڪو مکين جي ڪمري ۾ ڪم ڪري رهيا هيا، انجو انقلابي خيال، جيڪو انهن کي نوبل انعام تائين وٺي ويو، هي هو تہ ڇو نہ مکين جو ايڪسري ڪيو وڃي
هلندڙ.....
جين جا ظلم (5)
No comments:
Post a Comment