تارا
”دريا خان“
خوشگوار موسم ۾ جڏهن منظر صاف هجي تہ رات جي وقت تارن سان ٽمڪندڙ زميني مٿاڇرو گهڻو ئي سندرتائون وکريندو آهي، پر ڇا اوهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي تہ ھي نظر اچڻ وارا تارا ڇا آهن؟ هي ڪٿان کان آيا؟ ڪيئن ٺهيا؟ ڇا سڀ تارا هڪجهڙا هوندا آهن، يا انھن جي درجا بندي ممڪن آهي؟ تارا هميشہ کان آهن يا اهوئي بہ مرندا آهن؟ انھن جي زندگي جا مختلف مرحلا ڇا آهن؟ هتي اسان انهن سوال تي نظر وجھنداسين
تارا گرم پلازما جو گولو هوندا آهن جيڪي نيوڪليئر فيوزن ريڪشن جي نتيجي ۾ توانائي ۽ روشني نيڪال ڪندا آهن
نيوڪليئر فيوزن ريڪشن اهو عمل آهي جنھن ۾ هلڪي عنصرن جا ايٽم ملي ڪري نسبتن وزني عنصر جا ايٽم بڻائيندا آهن، ان عمل ۾ توانائي نيڪال ٿيندي آهي
ڪائنات ۾ 75 سيڪڙو هائيڊروجن جا ايٽم آهن جڏهن تہ 23 سيڪڙو هيليئم جا ايٽم موجود آهن يعني ڪائنات جو گھڻو تر مادو انهن ٻنهي عنصرن تي لاڳاپيل آهي، اهوئي ٻہ عنصر تاري جا اجزاء بہ آهن، ڪشش ثقل ايٽمن کي گڏ ڪري جوڙڻ جي ڪوشش ڪندي آهي پر تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن ڪشش ثقل گهڻي وڌيڪ طاقتور هجي ڇوجو جيئن تہ اسان ڄاڻون ٿا تہ ايٽم جو مرڪز مثبت چارج رکندو آهي ائين جيئن ئي ٻہ مرڪز ويجهو ايندا آهن هڪجهڙا چارج رکڻ جي وجھ سان هڪٻئي کي پري ڌڪيندا آهن، اسانکي مرڪزن کي جوڙڻ جي لاءِ ايتري طاقت گهربل آهي جو هڪ جهڙي چارج کي پري ڌڪڻ جي طاقت کان وڌيڪ هجي، ان کي وڌيڪ تفصيل سان ڏسون ٿا
ستاروں کی پیدائش
تارا انٽرسٽيلر ميڊيم (ISM) جي مادي مان وجود ۾ ايندا آهن، انٽرسٽيلر ميڊيم مان مراد اهو مادو يا توانائي آهي جيڪا تارن جي نظامن جي وچ خلا ۾ موجود هوندي آهي، آئي ايس ايم کي ماليڪيولر ڪلاوڊز يا ڊارڪ نيبيولا بہ چئبو آهي، تاري جي پيدائش جي لاءِ آئي ايس ايم جي حالت سٺي هوندي آهي ڇوجو هتي گهڻي ڀاڳي هائيڊروجن ۽ هيليم موجود هوندي آهي آئي ايس ايم عام طور تي هڪ اسٽيبل، مستقل ڪلائوڊ هوندو آهي جنھن ۾ گيس جا ڪڪر هڪجهڙائي ورڇ ٿيل هوندا آهن، ڪشش ثقل هر جڳھ تي تقريبن هڪجهڙي هوندي آهي ائين گيس جو سڪڙجڻ ممڪن ناهي هوندو، ان عمل کي شروع ڪرڻ جي لاءِ گهڻي طاقت ضروري آهي، هي طاقت ڪهڪشائن جي ٽڪرائجڻ سان يا سپرنووا جي ڦاٽڻ سان يا ٻين عملن مان نڪرڻ واري شعاعن يا شاڪ ويو بہ ٿي سگهي ٿي، ان هلچل ڪارڻ گيس جو ڪڪر مستقل ناهي رهندو، ۽ ان ۾ گيس ڦهلجڻ سڪڙجڻ لڳندي آهي، جيڪڏهن هڪ ڀيرو ڪنھن جڳھ تي گيس سڪڙجڻ لڳي تہ ھي عمل گهڻو وڌيڪ ٿي ويندو آهي
گيس جي سڪڙجڻ جي عمل جي دوران ڪشش ثقل جي وجھ سان ايٽم هڪٻئي سان ٽڪرائجندا آهن، جيئن جيئن مادو هڪ جڳھ تي گڏ ٿيندو ويندو آهي، ائين ائين ڪثافت، پد ۽ زور وڌندو ويندو آهي
ان مرحلي تي گيس جا ڪڪر گڏ ٿي ڪري گول شڪل ماڻي وٺندا آهن، جنھن ۾ مادو مسلسل مرڪز جي طرف وڌندو ويندو آهي، ايٽمن جي پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ جي وجھ سان گولو وڌيڪ مادو کڻندو آهي، ۽ پنهنجي ڪشش ثقل وڌائيندو ويندو آهي جنھن سان گولي جا پنھنجا ايٽم بہ وڌيڪ ويجهو اچڻ لڳندا آهن ۽ دٻاءُ وڌڻ لڳندو آهي
ان مرحلي تي گيس جو گولو گرم ٿيندو رهندو آهي، ۽ انجي ڪثافت وڌندي رهندي آهي، هي ڪنھن تاري جي شروعاتي شڪل آهي، گيس جي گرم ٿيندي گولي کان ٻاهر موجود ايٽمن وٽ گریویٹیشنل مخفي انرجي هوندي آهي، ڇوجو مرڪز انهن کي پنهنجي طرف ڇڪي رهيو هوندو آهي، نتيجن مادو ٻاهر کان گيس جي گولي جي طرف حرڪت ڪندو آهي، يعني انجي گریویٽیشنل مخفي توانائي کاینیٹک ڪاينيٽڪ انرجي ۽ پوءِ پد ۾ بدلجي ويندي آهي، جڏهن گيسن وٽ ايندي آهي تہ پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ جي وجھ سان وڌيڪ پد حرڪت ڪري رهيو هوندو آهي، گولي جي ويجھو گهمڻ لڳندو آهي يعني ان ۾ انگلور مومينٽم اچي ويندو آهي، جيئن جيئن اهو گهمندو آهي، اها ڊسڪ جي شڪل ماڻيندو ويندو آهي، انکي سمجهڻ جي لاءِ سيٽرن جي رنگن جي مثال وٺجي، بلڪل انهي طرح مادو نئي بڻجندڙ تاري جي ويجھو ڊسڪ جي شڪل ۾ گهمڻ لڳندو آهي، پوءِ هي ڊسڪ آهستي آهستي تباھ ٿي ويندي آهي.
جيئن تہ پهريان مٿي ڳالھ ٿي چڪي آهي تہ هڪ چارج جي وچ پاتا ويندڙ پر ڌڪڻ جي طاقت کي هارائڻ ۽ ايٽمن جي جوڙڻ جي لاءِ گھڻو وڌيڪ پد حرارت، ڪشش ثقل ۽ زور جي ضرورت هوندي آهي، ائين جڏهن نئي بڻجندڙ تاري جي مرڪز جو پد ڏھ ملين ڪيلون کان وڌي ويندو آهي، تڏهن هائيڊروجن جڙي ڪري هيليم بڻائڻ لڳندي آهي، ان موقعي تي تارو equilibrium هم وزني، برابري حاصل ڪرڻ لڳندو آهي، اندر جي طرف ڇڪيندڙ ڪشش ثقل ۽ ٻاهر جي طرف لڳڻ وارو زور پاڻ ۾ بيلنس ٿيڻ لڳندا آهن
ڪجھ تارا ڪڏهن نيوڪليئر فيوزن شروع ئي نہ ڪري سگهندا آهن ۽ ڪجھ آهستي آهستي شروع ڪندا آهن ڇوجو انھن وٽ ڪشش ثقل جي ايتري طاقت ناهي هوندي جو نيوڪليئر ريڪشن ڪرائي سگهن، جڏهن نيوڪليئر فيوزن شروع ٿي ويندو آهي تہ تارو آهستي آهستي ڪامل ٿيڻ لڳندو آهي، واڌاري ڊسڪ کي يا تہ اهو پري ڌڪي ڇڏيندو آهي يا انکي ڇڪي وٺندو آهي ۽ پنهنجو حصو بڻائي ڇڏيندو آهي، انهي واڌاري ڊسڪ جي مادي سان سيارا خلائي پٿر وغيرھ بڻبا آهن.
تارن جون قسمون
تارن جون مختلف طرح سان درجا بندي ڪئي ويندي آهي پر عام طور تي هي طريقا اپنايا ويندا آهن
هڪ :- تارن مان نڪرڻ واري روشني جو اسپيڪٽرم ( جيڪو تارن ۾ موجود عنصرن جو پتو بہ ڏيندو آهي)
بيو :- تاري جي سطح جو پد حرارت
ٽيون :- تاري مان نڪرڻ واري روشني يا توانائي جي مقدار
پد حرارت جي لحاظ کان تارن ستن گروپن ۾ ورهايا ويندا آهن
هڪ (او O) گروپ جا تارا (پد حرارت 25,000 ڪيلون يا وڌيڪ)
ٻہ (ٻي B) گروپ جا تارا (پد حرارت 11 کان 25,000 ڪيلون)
ٽي (اي A) گروپ جا تارا ( پد حرارت 8,500 کان 11,000 ڪيلون)
چار (ايف F) گروپ جا تارا (پد حرارت 6,000 کان 7,500 ڪيلون)
پنج (جي G) گروپ جا تارا (پد حرارت 5,000 کان 6,000 ڪيلون)
ڇھ (ڪي K) گروپ جا تارا (پد حرارت 3,500 کان 5,000 ڪيلون)
ست (ايم M) گروپ جا تارا (پد حرارت 3,500 ڪيلون کان گهٽ)
تارن جا رنگ
هڪ : بي ۽ اي ٽائپ جا تارا نيري رنگ جا هوندا آهن
ٻہ : ايف ٽائپ جا تارا نيري کان اڇي رنگ جا هوندا آهن
ٽي : جي ٽائپ جا تارا اڇا کان وٺي ڪري پيلي رنگ تائين جهڙا هوندا آهن
چار : ڪي ٽائپ جا تارا نارنگي کان وٺي ڪري ڳاڙهي رنگ تائين جهڙا هوندا آهن
پنج: ايم ٽائپ جا تارا ڳاڙھا هوندا آهن
تہ ثابت ٿيو تہ نيرا تارا سڀ کان وڌيڪ گرم هوندا آهن ۽ ڳاڙها تارا ٻين سڀني تارن کان ٿڌا هوندا آهن، اڇا، پيلا، ۽ نارنگي تارا وچولي درجي جا گرم هوندا آهن، اسانجو سج اڇي ۽ پيلي رنگ جو G ٽائپ جو تارو آهي، جيڪو هڪ وچولو تارو آهي نہ گهڻو وڏو نہ ننڍو، ۽ نہ وڌيڪ ٿڌو آهي نہ گهڻو گرم
#ScienceJeDunya
No comments:
Post a Comment