ڪائناتي ڪيلينڊر
”دريا خان“
انسان قديم زماني کان ئي فلڪيات ۾ دلچسپي رکندڙ هو پر شروعات ۾ ان وٽ دوربينيون نہ هيون ان ڪري انجا مشاهدا خالي انھن شين تائين بند آهن جن کي سادي اک سان ڏسي سگھجي پيو، پوءِ ٽيڪنالوجي جي ترقي سان گڏ انجي تحقيقن جي پکيڙ بہ وڌي ۽ ائين ڪائنات کي ڳجھن لڪيل رازن کي ڄاڻڻ جي اها اڳڀرائي بہ تيز ٿيندي وئي ۽ اڄ اهو سڀ اوهان ڏسي سگھو ٿا، ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان ۽ اڄ تائين جا سڀ واقعا جيڪڏهن اسان ڪنھن اهم ڪورس يا ليڪچر جي صورت ۾ ٻڌائيندا هلون تہ انجي لاءِ اسانکي گھڻو عرصو گهربل هوندو، ڇو جو 13.8 ارب سالن تي جوڙيل واقعن جي درجا بندي بيان ڪرڻ ۽ سمجھاڻ ڪو سولو ڪم ناهي پر جيڪڏهن اسان 13.8 ارب سالن جو خلاصو ڪريون، ان سان لاڳاپيل هڪ ڪيلينڊر ٺاهيون جنھن ۾ هڪ ميهنو تقريبن هڪ ارب سال جي برابر هجي ۽ ان جو هر هڪ ڏينھن تقريبن چار ڪروڙ سالن تي برابر هجي تہ ان ڪيلينڊر کان ڪائنات بابت سمجھڻ گھڻو سولو هوندو، ڇوجو اسان پنھنجي روزاني جي زندگي ۾ ڪيلينڊر جي سڀني مهينن جو نالن سان سٺي طرح واقف آهيون، هوئين تہ اهوئي واقعا ”ڪائناتي وجود“ واري مضمون ۾ بيان ڪيل آهن پر انکي ڪيلينڊر جي شڪل ۾ ڏسڻ جو پنھنجو مزو هوندو، ڇوجو ان پوري ڪيلينڊر ۾ ڪائنات جي پيدائش کان وٺي ڪري اڄ تائين جي واقعن کي بيان ڪيو ويو آهي، ماهرن انکي”ڪائناتي ڪيلينڊر“ جو نالو ڏنو آهي.
پھرين جنوري: ڪائناتي ڪيلينڊر ۾ سال جي شروعات ۾ هڪ وڏو ڌماڪو جنھن کي ڦيلاو چئجي تہ مناسب رهندو ٿيو جنھن سان اڄ پوري ڪائنات ۾ موجود توانائي، مادو ۽ وقت جو وجود ٿيو، ان ڦيلاء کي” بگ بينگ“ جو نالو ڏنو ويو آهي، ان ڦيلاو کان اڳ اها سڀ توانائي، مادو ۽ وقت ڪنھن ايٽم ۾ موجود اليڪٽران جي ماپي جي سوين حصي جي برابر جڳھ ۾ قيد هيا ۽ ڪجھ ”ڪوانٽم فلڪچوپشنز“ جي وجھ سان بگ بينگ پيش آيو، انکان پوءِ انفليشن جو دور آيو ۽ ڪائنات تيزي سان ڦھلجي وئي.
10 جنوري: بگ بينگ کانپوءِ سڄي ڪائنات جو پد حرارت گھٽ ٿيڻ شروع ٿيو ۽ ان سان گڏ ئي ويھ لک سالن تائين مڪمل اونڌاهي جاري رهي، پر اونڌھ رهڻ جو اهو مطلب ناهي تہ ڪائنات ۾ ان وقت ڪا چرپر هلچل نہ ٿي رهي هئي بلڪي بگ بينگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ واري هائيڊروجن ۽ هيليئم جا ڪڪر موجود هيا، انھن ۾ موجود ڪشش ثقل هائيڊروجن ۽ هيليئم جي ايٽمن کي پاڻ ۾ جوڙي رهي هئي جنھن سان تارا بڻيا، انھن تارن جي بڻجڻ سان ڪائنات ۾ بگ بينگ کانپوءِ رهڻ واري اونڌاهي جو زوال آيو، ڪائنات ۾ اڇاڻ پيدا ٿي ۽ تارا ٽمڪيا.
13 جنوري: انھن پيدا ٿيڻ واري تارن جي وچ ڪشش ظاهر ٿي ۽ انھن تارن جا ننڍا ننڍا جهڳٽ بڻيا جن کي ڪهڪشان چيو ويندو آهي، ائين ڪيلينڊر جي پھرين مهيني جي 13 تاريخ جو سڀ ڪهڪشائون وجود ۾ آيون.
15 مارچ: ننڍين ڪهڪشائن جي ملڻ سان وڏيون ڪهڪشائون بڻجنديون ويون ۽ 15 مارچ جو اسانجي ڪهڪشان يعني ملڪي وي وجود ۾ آئي، هر هڪ ڪهڪشان ۾ ڪروڙين اربين تارا، سيارا، موجود هوندا آهن، اسانجي ڪهڪشان بہ هئي ۽ هاڻ بہ آهي پر ملڪي وي جي بڻجڻ کانپوءِ اهو پتو نہ هو تہ انھن ڪهڪشائن جي اربين تارن مان اهو ڪھڙو تارو آهي جنھن جي ڦيري سان اسانجي صبحو ۽ رات ٿيندي آهي انکان پوءِ ڪائنات ۾ گھڻا ٻيا تارا بہ بڻيا ۽ گھڻا تہ وڏا تارا ڦاٽڻ شروع ٿي ويا جنھن جي نتيجي ۾ ملندڙ مادو ٻين ننڍن تارن ۾ تبديل ٿيندو ويو.
31 آگسٽ: ان ڏينھن اسانجو سج بڻيو ۽ هاڻي اوهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا تہ اهڙو جسم جيڪو اڄ زمين تي هر جاندار جي زندگي جو ضامن آهي، ان ڪائنات جي بڻجڻ کانپوءِ تقريبن 9 ارب سال يا ڪائناتي ڪيلينڊر جي حساب سان 9 مھينن کانپوءِ وجود ۾ آيو، پر ٿورو بيھو...! هاڻي اڃان نہ زمين وجود ۾ آئي آهي، نہ چنڊ ۽ نہ چنڊ جي چانڊوڪي، ۽ نہ چانڊوڪي کي ڏسڻ وارو ”انسان“ وجود ۾ آيو آهي.
21 سپٽمبر: هاڻ باھ جيان گرم ۽ ڪنھن ٻرندڙ جبل جيان ڳاڙهو جسم سج جي ويجھو گهمڻ شروع ٿيو، اوهان اهو سوچي رهيا ھوندا تہ خبر ناهي ڪھڙي شيءِ جي ڳالھ ٿي هلي، اها شيءِ ٻئي ڪا نہ بلڪي اها جڳھ جتي آئون ۽ اوهان پنھنجي زندگي گذاري رهيا آهيون آهي، 21 سپٽمبر جو اسانجي پنھنجي زمين وجود ۾ آئي پر هي ان وقت ان ڀاڱي گرم هئي جو زندگي جو ڪو نالو نشان موجود هجڻ جو ڪو امڪان نہ هو، زمين گھمندي گھمندي ٿڌي ٿيڻ لڳي تہ اوچتو نظام شمسي ۾ هڪ خلائي پٿر شھابو اچي ڪري زمين سان ٽڪرايو جنھن سان زمين جا ذرا خلاء ۾ پکڙجي ويا، انھن ذرن جي پنھنجي ڪشش بہ پنھنجو ڪم ڏيکاريو ۽ اسانجو چنڊ بڻيو، جيڪڏهن اوهان هن وقت زمين جي سطح تي بيهي ڪري اهو نظارو ڏسي رهيا هجو ها تہ چنڊ جيترو اڄ نظر ايندو آهي، ان وقت انکان بہ سو سيڪڙو وڏو نظر اچي ها ڇوجو چنڊ زمين جي گھڻو ويجھو هو،
9 نومبر: زندگي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ڪيميائي ۽ حياتياتي ارتقائي عمل جي شروعات ٿي ۽ ان عمل جي نتيجي ۾ 9 نومبر جو زندگي جي حالت اها هئي جو (خوردبيني Microscopeic) جاندارن خشڪي تي اچڻ شروع ڪيو ۽ ان سان جاندارن مان مختلف قسمون زمين تي ڦهلجنديون ويون، جهنگ، پکي، ۽ اسان، سڀ ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ ارتقائي عمل سان وجود ۾ آيا، ڪائناتي ڪيلينڊر ۾ هڪ هفتو 26 ڪروڙ سالن تي مشتمل آهي،
ڊسمبر جي آخري هفتي جي شروعات: هي اهو ڏينهن آهي جنھن ڏينھن دنيا جو پھريون گل ڦٽيو ان دور ۾ قدرتي طوفانن ڪارڻ جھنگ زمين جي هيٺيان دٻجي ويا تہ انھن جي مٿان نيا جھنگ بڻجي ويا، اهوئي هيٺ دٻجي ويندڙ جھنگ اڄ ڪوئلي، پيٽرول ۽ گيس ۾ تبديل ٿي ويا آهن جن کي اسان روزاني جي زندگي ۾ توانائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهيون، اڃان بہ دنيا ۾ ”ڊائنوسارز Dinosaurs“ جھڙن وڏن جاندارن جي ئي حڪومت هئي ۽ ننڍي جاندار انھن کان ڊڄي ڪري لڪئي پئي ويا پر 30 ڊسمبر جي صبح 6 لڳي 24 منٽن تي هڪ ٻيو خلائي پٿر شھابو زمين سان ٽڪرايو ۽ ان وڏي جاندارن کي تباھ ڪري ڇڏيو جنھن سبب ننڍي جاندارن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو، اوهان سوچي رهيا هوندو تہ ڪائناتي ڪيلينڊر جو آخري ڏينھن اچي ويو پر اڃان اسان انسان جي وجود ۾ اچڻ جو ذڪر ئي اڃان ناهي آيو. جي بلڪل، اوهان بلڪل صحيح سوچي رهيا آھيو، اسان انسان ان ڪائناتي ڪيلينڊر جي آخري ڏينھن جي آخري ڪلاڪ ۾ وجود ۾ آياسين، ان ڪائناتي ڪيلينڊر جو هڪ ڪلاڪ تقريبن 16 لک سالن تي مشتمل آهي،
آخري ڏينهن جي آخري ڪلاڪ جي آخري منٽ جا آخري ڪجھ سيڪنڊ: اڄ جي ڪتابن ۾ جيتري بہ تاريخ لکي وئي آهي اها سڀ جي سڀ ڪائناتي ڪيلينڊر ۾ آخري 14 سيڪنڊ زمين تي ٿي گذريون، سڀ جنگيون، سڀ بادشاھ، سڀ مذهب، ۽ ان کان سواءِ جيترن بہ سائنسدانن کي اوهان ڄاڻون ٿا اهي سڀ انھي 14 سيڪنڊ ۾ گذريا آهن، سال ختم ٿيڻ جي انھن 14 سيڪنڊز يعني 6 هزار سال اڳ، اسان لکڻ سکيو، هن ڪيلينڊر جي ختم ٿيڻ جي آخري هڪ سيڪنڊ اڳ اسان سائنس جو استعمال شروع ڪيو، انھي آخري سيڪنڊ ۾ گليليو پنھنجي ٺاهيل دوربين مان چنڊ جو نظارو ڪيو ۽ انھي سيڪنڊ ۾ ئي انسان چنڊ تي پير رکيا. ياد رهي، ڪائناتي ڪيلينڊر جو هڪ سيڪنڊ 4 سو سالن تي برابر آهي. هن سڄي مضمون جو حاصل مقصد اهو هو تہ ڪائنات جي وسعت کي ڄاڻڻ ايترو سولو ڪم ناهي، ڪائنات جي سڀني واقعن کي 365 ڏينهن تي گڏ ڪرڻ هڪ ڪيلينڊر وسيلي بيان ڪرڻ سو سيڪڙو مطمئن تہ نٿو ڪري سگھي پر ان سان اسان انجي ٿورڙي عڪاسي ضروري ڏسي سگھون ٿا.
ڪائناتي وجود
No comments:
Post a Comment