خلاباز عورت ڪرسٽينا ڪوچ هڪ سال خلا ۾ گذارڻ کانپوءِ ڌرتي تي واپس
”دريا خان“
آمريڪي عورت خلاباز 41 سال ڪرسٽينا ڪوچ انجنيئر خلاء ۾ تقريبن هڪ سال جو عرصو گذاري ڪري آمريڪا جو نالو روشن ڪري ڇڏيو، ڪرسٽينا ڪوچ جو واسطو آمريڪي رياست مشي گن سان آهي پنھنجي ملڪ جي لاءِ انکان اڳ ٻيا بہ عزاز ماڻي چڪي آهي، سندن پاران مسلسل 328 ڏينھن خلا ۾ گذاريا ويا جيڪو ڪنھن بہ عورت لاءِ گھڻو عرصو آهي، انکان اڳ ڪرسٽينا ڪوچ 28 ڊسمبر 2019ع جو وڏو عرصو خلا ۾ گذارڻ جو ورلڊ ريڪارڊ رکندڙ واري هيگي وٽسن جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو هو جيڪو مسلسل 289 ڏينھن خلا ۾ گذارڻ ۾ ڪامياب رهيو هو،
خلاباز ڪرسٽينا ڪوچ پاران مختلف خلابازن سان گڏ ملي ڪري خلا ۾ کاڌو پچائڻ جو تجربو بہ ڪيو ويو، سندن پاران گذريل سال جي آخري مھيني ۾ خلائي اسٽيشن تي خصوصي مائيڪروويو اوون استعمال ڪري اهو ڪارنامو بہ ڏنو، انھن ڊسمبر جي مهيني ۾ اوون ۾ پنج قسم جون غذائون تيار ڪري انھن کي زمين ڏا اماڻيو جيڪو هڪ الڳ ورلڊ ريڪارڊ، انھي طرح اها مختلف عزاز پنھنجي نالي ڪري چڪي آهي، ڪرسٽينا ڪوچ موجب خلا ۾ زندگي گھڻي ڀاڱي مزيدار هجي ٿي اوهان جڏهن گھرو ڇت کان فرش جي وچ ۾ ڪنھن بال جيان اڏامي ڪري مختلف جڳھن سان ٽڪرائجي سگھو ٿا
خلائي ايجنسي ناسا موجب ڪرسٽينا ڪوچ سان گڏ يورپي خلائي ايجنسي جي خلاباز (لوڪا پرميتانو ۽ روس جي خلاباز اليڪزينڊر رڪتوسوا) بہ واپس آيا جيڪي قزاقستان جي ججڪاجگن شھر ۾ لٿا. ناسا موجب 14 مارچ 2019ع جو مشن تان روانو ٿيڻ واري ڪرسٽينا ڪوچ خلا ۾ رهڻ دوارن ڪيون ويندڙ تحقيقن ۽ تجربن کان وڏي عرصي جي خلائي سفر ۾ عورتن تي ٿيندڙ اثرن بابت بہ ٻڌايو، جيڪو ناسا لاءِ چنڊ مشن ۽ مريخ مشن جي تياري لاءِ اهم ثابت ٿيندو، ڪرسٽينا ڪوچ پنج ٻيون اسپيس واڪ بہ ڪيون هيون جنھن ۾ انھن جي اسپيس واڪ 42 ڪلاڪ 15 منٽ رهي
ڪرسٽينا ڪوچ جي ان ڪوشش انسان جي خلائي تحقيق لاءِ هڪ نئي ڪاميابي طور ھميشہ لاءِ ياد رکيو ويندو، ڇوجو سائنسدان انساني دماغ ۽ جسم تي وڏو عرصو اسپيس لائيٽ جا اثر ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن
ڪرسٽينا ڪوچ خلا ۾ وڌندڙ مائيڪروگراٽي ڪرسٽل تي بہ ڪم ڪيو، جيڪو هڪ ٻيو اهم سائنسي مطالعو آهي، جيڪو ڪينسر جي علاج کي ڳولهڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿو، انھن گڙدن جي خلين تي تجربي ۾ بہ حصو ورتو جنھن جو مقصد خلا ۾ انساني صحت جا مسئلا جيئن گڙدي ۾ پٿري ۽ آسٽيو پوروسس جي علاج جي سٺي طريقي کي سمجھي سگھجي ٿو
وڊيو
#ChristinaKoch #NASA
No comments:
Post a Comment