پيرياڊڪ ٽيبل Periodic table
دريا خان
ڪيمسٽري جي شاگردن جو واسطو پيرياڊڪ ٽيبل سان ٿيندو آهي گهٽ ئي اها ڪا ڪيمسٽري ليب ڪيميائي تجربي گاھ اهڙي هوندي جنھن جي ڀت تي پيرياڊڪ ٽيبل موجود نہ هجي، اهو هڪ چارٽ هوندو آهي جنھن ۾ ڪيترا ئي چار ڪنڊن وارن خانن جي وچ ۾ هڪ يا ٻہ انگريزي لفظ لکيل هوندا آهن جڏهن تہ انھن جي مٿان عدد ۽ نالو بہ ڏسڻ لاءِ ملندو آهي. ڪيمسٽري ۾ پيرياڊڪ ٽيبل کي خاص رطبو حاصل آهي، جيڪڏهن اوهان اسڪول پڙهي رهيا آهيو تہ اهو هرگز نہ سمجھو تہ انجو مقصد شاگردن کي مشڪل ۾ وجھڻ هوندو آهي، اها گھڻي فائمندي شيء آهي جيڪا اسڪول کان وٺي ڪري سائنسدان بڻجڻ تائين اوهانجي ڪم ايندي آهي. پيرياڊڪ ٽيبل جي مدد سان اسان اهو سولائي سان ٻڌائي سگهو ٿا تہ ڪھڙي (عنصر Element) ۾ ڪيترو پروٽين ۽ ڪيترو اليڪٽرون آهي،انجي ڪيميائي علامت ڇا آهي ۽ انجي ڪيتري هڪجهڙائي جاء ۾ isotopes پاتو ويندو آهي وغيرھ. انکان سواءِ جيڪڏهن اسان پيرياڊڪ ٽيبل سمجھڻ جي لائق ٿي وڃون تہ اسان لاءِ مختلف عنصر elements جي ڪيميائي خصوصيتون بابت ڄاڻڻ بہ سولو ٿي ويندو آهي، هتي اسان پيرياڊڪ ٽيبل بابت ڄاڻن جي ڪوشش ڪنداسين، اڄ کان تقريبن اڍائي سئو سال اڳ تائين ڪيميادان اهو تہ ڄاڻي چڪا هئا هر عنصر ٻئي کان الڳ هوندو آهي، پر گڏوگڏ انھن کي اهو بہ پتو پئجي ويو، تہ مختلف هجڻ جي باوجود بہ، ڪجھ عنصر هڪ ٻئي سان گھڻو ملندڙ جلندڙ انداز سان ڪيميائي عمل( ڪيميڪل ري ايڪشن) ۾ حصو وٺندا آهن. 1829ع ۾ هڪ جرمن ڪيميادان، جي ذبليو دوبرائز جن انھن سان ملندڙ جلندڙ ڪيميائي خاصيت جي بنياد تي عنصرن کي ٽن ٽن جي مجموعي triads يعني ٽڪڙڻ ۾ ڌار ڪندي ترتيب ڏنو، پر ان ۾ ڪيتريون خاميون هيون. جي ذبليو دوبرائز جي چاليھن سالن کانپوءِ هڪ روسي ڪيميادان، ديميتري ميند حيف نالي 1869ع ۾ پھريون باقاعدو فاصلو الڳ الڳ ٺاهيو، ان مقصد لاءِ ميند ليف پھرين هر عنصر جي باري ۾ اهم معلومات يعني انجي ايٽمي ڪميت ۽ ڪيميائي خصوصيت وغيرھ، هڪ الڳ ڪارڊ تي لکيون ۽ پوءِ انھن سڀني ڪارڊن کي وڌهندڙ ايٽمي ڪميت جي حساب سان ترتيب ڏيڻ شروع ڪيو. انکي اهو ڏسي ڪري حيرت ٿئي، هڪ اهڙي ڪيميائي خصوصيت رکڻ واري عنصر هڪ خاص”ساهي پيريڊ" سان ظاهر ٿي رهيا هيا. هڪجهڙائي ڪيميائي خصوصيت واري عنصرن کي گڏ رکڻ لاءِ ان ڪجھ جڳهن تي انکي وڌهندڙ ايٽمي ڪميت واري ترتيب بہ نظرانداز ڪرڻي پئي، مثال ٽيلوريم نالي هڪ عنصر جي ايٽمي ڪميت 128 آهي جڏهن تہ هڪ ٻئي عنصر، آيوڊين جي ايٽمي ڪميت 127 آهي، اصولن آيوڊين کي ٽيلوريم کان پھريان اچڻ گهرجي ها، پر ميند ليف پنھنجي اصل الڳ ۾ ٽيلوريم کي آيوڊين کان پھريان رکيو. وجھ اها ئي هئي تہ اهو آيوڊين کي ملندڙ جلندڙ ڪيميائي خصوصيتن واري ٻئي عنصر، يعني (فلورين، ڪلورين ۽ برومين) سان گڏ رکڻ گھرجي ها. ائين انھي سبب ميند ليف پھريون اصل الڳ (پيرياڊڪ ٽيبل) جوڙيو، جيتوڻيڪ ان ۾ بہ ڪيتريون ئي خاميون هيون جيڪي پوءِ حل ڪيون ويون، پر اڄ جو پيرياڊڪ ٽيبل اوهان ڏسندا آهيون، اهو اصل ۾ اهوئي مند ليف جا ئي ٺاهيل پيرڊياڪ ٽيبل جي ترقي واري شڪل آهي.
:- چار ڪنڊيا خانا
جئين تہ مٿي بيان ڪيل آهي پيرياڊڪ ٽيبل ۾ هر عنصر لاءِ هڪ الڳ چار ڪنڊن وارو خانو هوندو آهي، ۽ ان خاني ۾ ڪجھ لکيل بہ هوندو آهي پر اهو ڇو هوندو آهي، ۽ ڇو لکيو ويندو آهي. اهو پنھنجي جڳھ دلچسپ ۽ معلوماتي ڳالھ آھي، ائين تہ وڏا پيرياڊڪ ٽيبل بہ هوندا آهن جن جي هڪ خاني ۾ هر عنصر جون ڪيتريون ئي خصوصيتون لکيل هونديون آهن، پر هتي اوهانجي سهولت لاءِ اسان خالي چار بنيادي شين جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي هر معياري پيرياڊڪ ٽيبل ۾ پاتا ويندا آهن. هتي اسان مثال طور( سون Gold) واري چار ڪنڊن واري خاني کي چونڊ ڪيو آهي پر ياد رهي تہ پيرياڊڪ ٽيبل جا سڀ هي خانا انھي جيان هوندا آهن.
خاني ۾ سڀ کان مٿان ان عنصر جو ايٽمي نمبر (اٽامڪ نمبر) لکيل هوندو آهي، ايٽمي نمبر مان مراد ڪنھن بہ عنصر جي مرڪز ۾ پروٽونن جي تعداد هوندي آهي، سون جو ايٽمي نمبر 79 آهي جيڪو ان جي خاني ۾ سڀ کان مٿي داخل آهي،
ايٽمي نمبر جي هيٺان ان عنصر جي ڪيميائي علامت داخل ڪئي ويندي آهي اها علامت هڪ يا ٻہ انگريزي لفظن تي جوڙيل هوندي آهي هڪ لفظ تي جوڙيل علامت هميشہ وڏي انگريزي لفظ (ڪيپيٽل ليٽر) جي شڪل ۾ لکي ويندي آهي، ۽ جيڪڏهن اها علامت ٻن انگريزي لفظن تي جوڙيل هجي. تہ پوءِ پھريون لفظ وڏو ڪيپيٽل ۽ ٻيو ننڍو رکيو ويندو آهي جيئن اسانکي اسڪول ۾ ٻڌايو ويندو آهي. سون جي ڪيميائي علامت”Au“ آهي، لاطيني زبان ۾ سون کي Aurum لکيو ويندو آهي، جنھن کي گھٽ ڪندي هاڻوڪي علامت جوڙي وئي آهي.
علامت جي هيٺان ان عنصر جو پورو نالو گھڻو ڪري انگريزي ۾ لکيو ويندو آهي جيئن تہ سون کي انگريزي زبان ۾ گولڊ Gold چئبو آهي، تہ اهو نالو انجي علامت جي بلڪل هيٺان لکيو ويندو آهي.
چار ڪنڊن واري خاني ۾ سڀ کان هيٺ ڪو عدد هڪ خاص انداز سان لکيل هوندو آهي، سون جي ان مثال ۾ هي عدد (4)196.966569 آهي، اهو عدد اوهانکي عجيب لڳندو هوندو. پر ان ۾ بہ گھڻي ئي معلومات لڪيل آهي. هتي بريڪٽ جي اندر (4) ڪجھ ان طرح لکيل آهي، انجو مطلب اهو آهي سون جي چار هم جاء هڪجهڙائي هوندا آهن، بريڪٽ جي ٻاهر جيڪو 196.966569 لکيل آهي، اهو سون جو” ايٽمي وزن“ Atomic Weight آهي.
هتي ٻہ ڳالھيون پڌريون ڪرڻ لازمي آهن
پهرين اها تہ هڪجهڙائي مان مراد ڪنھن عنصر جو اهو ايٽم هوندا آهن جن ۾ نيوٽرونون جي تعداد مختلف هوندي آهي، هر عنصر جا سڀ هڪجهڙائي ۾ پروٽونون جي تعداد بلڪل هڪجهڙي رهندي آهي. ٻئي لازم ڳالھ اها آهي تہ پيرياڊڪ ٽيبل ۾ ڪنھن بہ عنصر جو ايٽمي وزن اصل ۾ ان جي مختلف ھڪجهڙائي جي ايٽمي ڪميتن ۽ قدرتي طور تي موجود مقدارن abundance گھڻائي جي سراسري هوندو آهي، يعني اصل ۾ تہ اهو بہ ڪميت ئي هوندو آهي پر ڪيميادانن پنھنجي سولائي، ۽ هڪجهڙائي جي شخصي ايٽمي ڪميت کان مختلف رکڻ لاءِ انجو نالو”ايٽمي وزن“ رکي ڇڏيو آهي. سائنيسي تجربي گاهن ۾ لڳل پيرياڊڪ ٽيبلز جي خانن ۾ عنصرن جي ٻئي بہ وڌيڪ تفصيل لکيل هوندي آهي.
هلندڙ...