Pages

Wednesday 23 October 2019

سپر نووا Supernova

سپر نووا Supernova
دريا خان :-

سپر نووا اسانجي سج کان ڏهوڻ وڌيڪ ماس ڪميت وارن تارن جي ڦاٽڻ جي عمل کي چئبو آهي سڀني تارن جي هڪ زوال جي عمر هوندي آهي اهوئي پيدا ٿيندا آهن آخر ۾ ختم ٿي ويندا آهن ننڍن سپر نووا تارن جي عمر گھڻي وڏي هوندي آهي جڏهن تہ وڏن تارن جي عمر گھٽ، اسانجي سج جي عمر اڃان پنج ارب سال آهي ۽ وڌيڪ پنج ارب سال کانپوءِ هي بہ ختم ٿي ويندو هڪ تاري جي ختم ٿيڻ جو مطلب آهي انجو نيوڪليئر فيوزن وارو عمل روڪجي وڃڻ ۽ ان مان توانائي روشني نيڪال ٿيڻ بند ٿي وڃڻ پنھنجي زندگي جي آخر ۾ اسانجو سج پھريان گھڻو ڦهلبو ۽ پنھنجي فضا وڃائي ويهندو خالي انجي اندر واري قلب باقي رهجي ويندي جيڪا جسامت ۾ اسانجي زمين برابر هوندي ماهرن موجب اسانجو سج سپر نووا جي موت نہ مرندو بلڪ اڇي بوني ۾ تبديل ٿي ويندو، جيڪي تارا اسانجي سج کان گھڻا وڏا هوندا آهن انھن جي پڄاڻي گھڻي خراب هجي ٿي ان عمل وقت اهو اسانجي سج کان سو ارب وڌيڪ روشني نيڪال ڪندا آهن اهڙن تارن جي موت کي سپر نووا چئبو آهي 

ماضي ۾ اڄ کان هزار سال اڳ 1054ع چين جي هيت دانن پنھنجي ڪتابن ۾ آسمان تي هڪ اهڙي نئي تاري بابت لکيو آهي جيڪو گھڻو روشن ٿيو جيڪو صبحو ٿيڻ تائين بہ کين کي نظر آيو ۽ ڪجھ هفتن تائين نظر ايندو رهيو پوءِ اهو ڏيک ختم ٿي ويو 
آسمان تي جنھن جڳھ جي انھن نشاهندي ڪئي هئي هاڻي اتي ڪريب نيبيولا Crab Nebula نظر ايندو آهي جيڪا ڪنھن مئل تاري جي پڇاڙيءَ واري نشاني آهي انجي ان مرڪز ۾ ٽيھ ڪلوميٽر وڏو هڪ مرڪز آهي جيڪو  Crab Pulsar چورائبو آهي اهو ھڪ نيوٽران تارو آهي ۽ هي اسانجي سج کان ڏيڍ سيڪڙو وڌيڪ وزني آهي

1 comment:

  1. دريا خان سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ اھڙو بلاگ شروع ڪرڻ تي توھان جا شڪر گذار آھيون. توھان سنڌي وڪيپيڊيا تي بہ پنھنجا مضمون لکو ٿا. توھان کي گذارش ڪجي ٿي تہ مضمون لکڻ وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي داخل (لاگ ان) ضرور ٿيو، مضمون ۾ پنھنجو نالو نہ لکو، داخل ٿيل ھجڻ جي صورت ۾ توھان جو نالو پاڻمرادو مضمون جي سوانح ۾ اچي ويندو. ان سان گڏ پنھنجي مضمون ۾ ڪونہ ڪو حوالو ضرور ڏيو تہ جيئن توھان جو مواد ختم ڪري نہ سگھجي. توھان تمام سٺو ڪيو جو سپر نووا تي لکيل مضمون ۾ پنھنجي بلاگ جو ڳنڍڻو ڏنو. لنڪ يا ڳنڍڻو بہ صرف لاڳاپيل صفحي جو ڏيو ويبسائيٽ جو نہ ھجڻ گھرجي. مون ڳنڍڻي کي درست ڪري ڇڏيو آھي توھان ان کي وڪيپيڊيا تي ڏسي سگھو ٿا. ھڪ ٻي گذارش آھي تہ مضمون کي ادبي طريقي سان نہ لکو بلڪہ وصفي يا سائنسي نموني لکو تہ جيئن معلومات وٺڻ واري آساني ٿي. توھان جا لک ٿورا سدائين آباد ھجو. مھتاب

    ReplyDelete