Pages

Tuesday 29 October 2019

مائٽوڪونڊريا ماڳوٽو Mitochondrion

ماڳوٽو  Mitochondrion
”دريا خان سنڌي“

حياتيات Biology جي هر شاگرد جو واسطو ماڳوٽي Mitochondrion واري اکر سان ضرور پوي ٿو. وڌيڪ وضاحت ۾ وڃڻ کان اڳ پھريان جمع ڇا آهي اهو ڏسنداسين. مائٽوڪونڊريا (ماڳوٽا) Mitochondria
دراصل مائٽوڪونڊريون (ماڳوٽي) Mitochondrion جو جمع آهي يعني جيڪڏهن هڪ هوندو تہ ماڳوٽو Mitochondrion ۽ هڪ کان وڌيڪ هجن تہ Mitochondria چورائبا آهن، پر سوال اهو آهي تہ آخر ماڳوٽو Mitochondion آهي ڇا؟
هي ڪا عجيب شي ناهي پر تقريبن سڀني جاندارن جي گهرڙن Cells جي اندر پاتا ويندڙ گهڱا Organelles آهن جن جو ڪم گهرڙن لاءِ توانائي پيدا ڪرڻ آهي جنھن ڪري ماڳوٽي Mitochondrion کي گهرڙن جو ”بجلي گھر ”Power House“ چئبو آهي. دراصل هي ميٺاڻ Glucose جي مدد سان ”اي ٽي پي“ ايڊ نوسين ٽرائي فاسفيٽ هڪ مرڪب تيار ڪندا آهن جنھن کي پوري جاندار ۾ ڪٿي بہ ڪنھن بہ گهرڙي ۾ توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
گهڱا حقيقتن گهرڙن جي اندر پاتو ويندڙ اهڙين شين کي چئبو آهي جيڪي پاڻ ڪنھن چادر يعني جھلي Membrane جي اندر بند هجن. گهڱن Organelles
 ۾ ماڳوٽي کان سواءِ گهرڙي جو مرڪز Nucleus ۔ ساداڻو Chloroplast، گالجي جسم Algae bodies، لاسو Lysosome ۽ منجهڳاري ڄاري Endoplasmic reticulum شامل آهن. اهو بہ ڄاڻي وٺو تہ گهڱا Organelles صرف اهڙن گهرڙن ۾ پاتا آهن جن کي اوسري (ترقي ڪندڙ) چئبو آهي ۽ حياتيات ۾ جن جو نالو يڪارو Eukaryote رکيو ويو آهي انھن جي مقابلي ۾ ساڍا يا گهٽ ترقي ڪندڙ جاندار گهرڙن کي اڳارو Prokaryote چيو ويندو آهي ۽ انھن ۾ هي گهڱا ناهن هوندا. هاڻي اڳتي ٿا هلون. سوال آهي تہ انھن کي ماڳوٽو Mitochondrion ڇو چيو ويندو آهي! انھي جو نالو خردحياتيات ”مائيڪرو بائيالوجي“ جي جرمن ماهر ڪارل بينڊا 1901ع ۾ رکيو هئو پر اهو ڪو جرمن نالو ناهي، بلڪ ٻين ڪيترن ئي سائنسي اصطلاحن جيان هي بہ يوناني لفظن کي پاڻ ۾ ملائي ڪري ٺاهيو ويو.”مائٽوس Mitos جنھن جو مطلب آهي ڌاڳو يا ريشو ۽ ڪونڊريون Chondrion معني ننڍو داڻو ذرو، اهو نالو انڪري ڏنو ويو ڇوجو هي گهڻي طاقتور خوردبين سان ڏسڻ مھل گھڻن ننڍن ننڍن ذرن جيان نظر ايندا آهن جن اندر وڌيڪ ننڍا ننڍا ڌاڳا ريشا موجود هجن ٿا، جن کي اسان ننڍا ننڍا ريشي ڌار ذرا چئي سگهون ٿا جن منجھ سڄي دنيا آباد آهي. گهرڙي لاءِ توانائي ٺاهڻ جو ڪم مان ماڳوٽي Mitochondrion جو پنھنجو ڊي اين اي بلڪل الڳ هجي ٿو، ۽ جيڪي شيون ڌاڳن جيان انجي اندر ڏيکاربون آهن ان انھي گھڻي پيچيدھ نظام جا مختلف حصا هوندا آهن.

سنڌي ترجما سائين اصغر ساگر 👇

Mitochondrion  ماڳوٽو

ماڳوٽا    Mitochondria

Eukaryotes
يَڪارا ۔ ھِڪارا ۔ جِيو ڳڀ ۔ جِيو داڻا

Eukaryotic cells
يَڪار گهرڙا ۔ ھِڪار گهرڙا ۔ ڳَڀ گهرڙا ۔ داڻ گهرڙا ۔ جِيو ڳڀ گهرڙا ۔ جِيو داڻ گهرڙا

Organisms
جِيوَ ۔ حياتيون

Nucleus مرڪز ۔ ناڀ ۔ مک ۔ نات

جهليون    Membranes
Prokaryotes
اَڳار ۔ جِيو پيش ڳڀ ۔ جِيو پيش داڻ

Chloroplast ساداڻو ۔ سامايو ۔ ساڪڻو

Algae bodies
ڪائي جسم ۔ الجي جسم ۔ ڇٻيلا جسم ۔ گالجي جسم

لاسو Lysosome 

Bacteria  جيوڙا ۔ بيڪيٽيريا

ڄِيوڙا ۔ آرڇا  Archaea

Domain Eukaryota
يَڪار حلقو ۔ يَڪار مَدور ۔ يڪار ايراضي ۔ ڳڀ جو علائقو ۔ ڳڀ جو حلقو

Domain Eukarya
ھِڪار حلقو ۔ ھِڪار مدور ۔ ھِڪار ايراضي ۔ ڳڀ جو علائقو ۔ ڳڀ جو حلقو
Organelle
گَهڱو ۔ گهنگو ۔ گهرڙ لڱو ۔ گهرڙ انگو ۔ گهڙ عضوو ۔ گهرڙي جو لڱ ۔ گهرڙي جو انگ ۔ گهرڙي جي عضوو

Organelles
گَهڱا ۔ گهنگا ۔ گهرڙ لڱا ۔ گهرڙ انگا ۔ گهڙ عضوا ۔ گهرڙي جا لڱ ۔ گهرڙي جا انگ ۔ گهرڙي جي عضوا

Membrane-bound organelles
گهڱن ٻڌل جهلي ۔ گهرڙ عضون واريون جهلي ۔ گهرڙ انگن واري جهلي ۔ گهرڙ لڱن واري جهلي ۔ گهرڙي جي عضون تي ٻڌل جهلي ۔ گهرڙي جي انگن تي ٻڌل جهلي ۔ گهرڙي جي لڱن تي ٻڌل جهلي

Mitochondrion
ماڳوٽو ۔ جِيو ڳوٽ ۔ ڳوٽ گهڱو ۔ ڳوٽ - ڳوٽ جيڪو گهرڙي جو عضوو آھي.

Mitochondria
ماڳوٽا ۔ جِيو ڳوٽا ۔ ڳوٽ گهڱا - ماڳوٽا جيڪو گهرڙي جو عضوو آھن.

Cell
گهڙڙو ۔ خليو

Ectoplasm
ٻَھريَٺ ۔ ٻاھرين پاڻيٺ ۔ ٻَھرجيل ۔ ٻاھرين جيلي ۔ ٻَھرڳار ۔ ٻاھريون ڳار ۔ ٻَھرڳر ۔ ٻاھرين ڳر.

No comments:

Post a Comment