Tuesday, 20 November 2018

اسان جو شمسي نظام ڇھون حصو .Earth۔۔زمين۔۔ (Part-4 & Last)

اسان جو شمسي نظام
"زاهد آرائين" 

ڇھون حصو
........Earth۔۔زمين۔۔ (Part-4 & Last).........

۔۔زمين جو چنڊ ۔۔
چنڊ زمين جو اپگرھ آهي. جيڪو رات جو آسمان ۾ چمڪندي نظر ايندو آهي، پر اها چنڊ جي پنهنجي روشني ناهي. مٿس سج جي روشني پوڻ تي اسان ڌرتيءَ وارن لاءِ رات جي وقت ڏيئي جو ڪم ڏئي ٿو. چنڊ جي روشني اسان تائين سوا سيڪنڊ ۾ پهچي ٿي، ڇو جو چنڊ ڌرتي جي گولي کان 385000 ڪلوميٽر (يعني (238900 ميل) پري آهي. سندس ڊايا ميٽر 2160 ميل (3476 ڪلوميٽر) آهي. چنڊ 27.3 ڏينهن ۾ يعني 27 ڏينهن، ستن ڪلاڪن، 43 منٽن ۽ 12 سيڪنڊن ۾ ڌرتيءَ جو چڪر پورو ڪري ٿو. چنڊ جي ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦيرو ڪرڻ جي رفتار 3680 ڪلوميٽر في ڪلاڪ يعني هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ ڪلوميٽر کان ٿورو وڌيڪ آهي. چنڊ پنهنجي محور تي گول نٿو ڦري. اسان ڌرتيءَ تي رهڻ وارن کي هن جو فقط هڪڙو پاسو نظر اچي ٿو. راڪيٽ يا خلائي گاڏيءَ ذريعي هن جي ٻئي پاسي جا فوٽو ڏسي سگهجن ٿا.
چنڊ جيڪو اسانجي ڌرتيءَ جي چوڌاري گردش ڪري ٿو يعني هڪ گول چڪر (Orbit) ۾ ڦري ٿو ان جي ان گردش لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها Synchronous Rotation ۾ آهي يعني چنڊ جو سڄي ڦيري وقت فقط هڪڙو اڌ ڌرتيءَ ڏي آهي. ان ڪري اسان چنڊ جو فقط اهو مهانڊو ڏسي سگهون ٿا جيڪو ڌرتي ڏي آهي. چنڊ جي ان اڌ کي اسان ويجهو پاسو (Near side) سڏيون ٿا ۽ پٺئين پاسي کي ڏورانهون پاسو (Far side) سڏيون ٿا. اهو ڏورانهون پاسو ”اونداهو پاسو“ به سڏجي ٿو پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ان پاسي اوندهه آهي يا اتي سج جي روشني نٿي پهچي. پر چنڊ جو اهو پاسو اسان لاءِ dark side ان ڪري رهيو پئي جو اسان کي ان پاسي جي خبر نٿي پيئي ته اتي ڇا آهي. جيئن آفريڪا کنڊ کي ڪنهن زماني تائين يورپ ۽ ايشيا جا ماڻهو اونداهو کنڊ سڏيندا رهيا.
انسان طرفان پهريون خلائي جهاز جيڪو چنڊ تي پهتو اهو Luna 2 هو ۽ چنڊ جي ڏورانهين پاسي جي ڄاڻ ۽ فوٽون ان ئي سال، Luna 3 ذريعي ڪڍيا ويا ۽ پهريون ماڻهو جيڪو چنڊ تي پهتو اهو خلائي جهاز، اَپولو Apollo 11 ذريعي 1969ع ۾ پهتو ۽ نيل آرمسٽرانگ (Neil Armstrong) دنيا جو پهريون آمريڪي خلاباز جنهن چنڊ تي پهريون قدم رکيو۔
حال ۾ چين ٻين 14 ملڪن جي تعاون سان اجڪلھ جي بهترين ٽيڪنالوجي سان ربوٽڪ مشن چنڊتي موڪلي چڪو آھي ۽ انساني مشن چنڊتي موڪلڻ جي تيارين ۾ آھي۔۔


No comments:

Post a Comment