ڪائنات بابت ماضي جا نظريا
”دريا خان“
ارض مرڪزي Geocentric نظري موجب اسانجي ڪائنات جو مرڪز زمين آهي، شمس مرڪز Heliocentric نظري موجب سج هن ڪائنات جو مرڪز آهي، پر ڪائنات جو اصل مرڪز ڇا آهي، ان بابت فلڪيات جا جديد نظريا ڇا ٿا چون،
سڀ کان پھريان اها ڳالھ سٺي نموني سمجھي وٺجي تہ ڪائنات جي باري ۾ اسانجا نظريا، وقت سان گڏوگڏ بدلبا رهندا آهن، اسان جنھن ارض مرڪزي جيوسينٽرڪ نظري جو ذڪر ڪيو آهي، اهو ڪائنات بابت انسان جو سڀ کان قديم تصور آهي، جيو چئبو آهي زمين کي جڏهن تہ سينٽرڪ جو مطلب آهي مرڪزيت، يعني ان نظري موجب اسانجي زمين، هن ڪائنات جو مرڪز آهي، اهو ٻڌائڻ گھڻو مشڪل آهي تہ سڀ کان اڳ ارض مرڪزي نظريو ڪنھن ڏنو، ڇوجو دنيا جون قديم تهذيبن ۾ بہ زمين کي ئي ڪائنات جو مرڪز سمجھو ويندو هيو. پر”بطليموس Ptolemy“ نالي ماهر فلڪيات 150 عيسوي ۾ انکي باقاعدو نظري طور پيش ڪيو هيو، واضع رهي تہ اڄ اسان انکي نظريو ناهيون چوندا بلڪ هڪ مفروضو چوندا آهيون. پنھنجي ارض مرڪزي نظري ۾ بطليموس زمين کي ڪائناتي مرڪز ڪوٺيو گڏوگڏ بيٺل بہ تصور ڪيو، ان جو چوڻ هئو تہ زمين بيٺل آهي، پنھنجي جڳھ جميل آهي، ۽ ڪائنات جو مرڪز آهي، جڏهن تہ ٻيا تارا ۽ سيارا انجي چوڌاري گھمي رهيا آهن، پنھنجي ان نظري جي روشني ۾ ان ڪائنات جو هڪ تصوراتي نظام بہ ٺاهيو هيو، جنھن کي بطليموسي نظام Ptolemaic چيو ويندو آهي. ان نظام ۾ ڪيتريون ئي خاميون هيون ڇوجو جڏهن ان ذريعي ڪجھ سيارن جي مقامن جو حساب لڳايو ويندو هئو، تہ اهو غلط نڪرندو هيو، انجي باوجود ڇوجو بائبل جي تشريح ڪرڻ واري پادرين جي ويجھو زمين ئي ڪائنات جو مرڪز آهي، ان لاءِ بطليموس جي ان نظري کي عيسائي عقيدي جو حصو بڻايو ويو، هي سلسلو پندرهين صدي عيسوي تائين هلندو رهيو، ايستائين جو”نڪولس ڪوپرنيڪس“ نالي هڪ ماهر فلڪيات شمس مرڪزي Heliocentric نظري جي نالي سان هڪ نيو تصور پيش ڪيو. پنهنجي ان نظري ۾ ڪوپرنيڪس آسماني مشاهدن جو استعمال ڪندي، اهو ٻڌايو تہ ڪائنات جو مرڪز زمين ناهي بلڪ سج شمس آهي، هتي ٻڌائيندا هلون تہ يوناني زبان ۾ هيليوس جو مطلب سج هوندو آهي، ڪوپرنيڪس جي ان شمس مرڪزي نظري ۾ سج کي ڪائنات جو مرڪز قرار ڏيڻ کان علاوه هي بہ چيو ويو تہ سڀ سيارا سج جي ويجھو بيضوي مداري elliptical orbits ۾ چڪر لڳائيندا آهن، ان نظري تي عيسائي مذهبي رهنما گھڻو ناراض ٿيا پر ان نظري جي مدد سان سيارن جي حرڪت جو حساب لڳائڻ تي صحيح جواب ملندا هيا، پوءِ گيليليو گيليلي ۽ آئزڪ نيوٽن ڪوپرنيڪس جو ڪم اڳتي وڌايو ۽ آخرڪار شمس مرڪزي نظريو ئي ڪائنات جو صحيح نظام ڪوٺيو ويو. پر ڳالھ اتي ختم نہ ٿي بلڪ ويهين صدي جي شروعات ۾ ايڊون هبل نالي هڪ فلڪيات دان پنھنجي زماني جي طاقتور دوربين استعمال ڪندي اهو معلوم ڪيو تہ ڪائنات گھڻي وسي آهي، هي ڪائنات ان قدر وڏي آهي جو اسان جو سج پنھنجي پوري نظام شمسي سميت ان ڪائنات جو گھڻو ئي ننڍو حصو آهي، پاڻ اهو عربين کربين تارن جي ميڙ جو هڪ حصو آهي جنھن کي اڄ اسان ملڪي وي ڪهڪشان جي نالي سان ڄاڻون ٿا. پر ملڪي وي کان سواءِ بہ ڪائنات ۾ اربين کربين ڪهڪشائون آهن، هي انگن ۾ ڪيتريون آهن، اسان کي اڄ تائين صحيح اندازو ناهي، ڇوجو اڄ تائين اسان اهو معلوم ئي ناهيون ڪري سگھيا تہ آخر اسانجي ڪائنات اصل ۾ ڪيتري وسي آهي. ايڊون هبل جي ٻئي وڏي دريافت ان کان بہ وڌيڪ حيرت جوڳي هئي، ان ٻڌايو تہ هي ڪهڪشائون بہ هڪٻئي کان مسلسل ڏور ٿي رهيون آهن، ۽ اهو تہ جيڪا جيڪا ڪهڪشان اسان کان جيترو گھڻو ڏور آهي، اها اوتري ئي تيزي ساڻ اسان کان وڌيڪ ڏور ٿيندي پئي وڃي، تہ ڇا انجو مطلب هي تہ زمين واقعي بہ ڪائنات جو مرڪز آهي، ايڊون هبل چيو تہ نہ...، ائين هرگز ناهي بلڪي اصل ۾ هي پوري ڪائنات جي مسلسل ڦهلجڻ جي وجھ سان آهي، اها ڪائنات جنھن کي اسان ڏسي سگھون ٿا، مسلسل ڦهلجي رهي آهي، ۽ انجو ڪو بہ مرڪز ناهي، ان هڪ مثال ڏني تہ فرض ڪريو اوهان وٽ رٻڙ جو هڪ وڏو ڦوڪڻو آهي جنھن تي ڪهڪشائن جون تصويرون ٺھيل آھن، جڏهن اسان ان ڦوڪڻي ۾ هوا ڀرينداسين وينداسين تہ اهو مسلسل وڌندو ويندو تہ ان تي ٺھيل ڪهڪشائن جون تصويرون بہ ان سان گڏوگڏ ڦهلبيون ۽ هڪ ٻئي کان ڏور ھليون وينديون آهن، اهو ئي مسئلو اسانجي زمين، سج ۽ ڪهڪشان جو بہ آهي، ڇوجو ڪائنات هر طرف ڦهلجي رهي آهي ۽ هر ڪهڪشان ٻئي ڪهڪشان کان ڏور ٿيندي وڃي رهي آهي تہ اسانکي ائين لڳندو آهي جھڙو سڄي ڪائنات اسانجي جي سڀ طرف کان هڪجهڙي انداز ۾ ڦھلجي رهي آهي، ۽ اسانجي زمين ئي ڪائنات جو مرڪز آهي، اصل ۾ اهڙو ڪجھ بہ ناهي اها اسان جي غلط فهمي آهي، ظاهر آهي تہ اسان ان ڦهلجندڙ ڪائنات جو حصو آهيون، ائين خالي اسان کي اهو احساس ٿيندو آهي تہ اسان ڪائنات جو مرڪز آهيون. نہ تہ حقيقت انکان بلڪل الڳ آهي جنھن ڪائنات جو اسان مشاهدو ڪري سگھون ٿا ان ۾ ڪو بہ مقام اهڙو ناهي جنھن کي ڪائنات جو مرڪز ڪوٺيو وڃي، سولن لفظن ۾ جديد نظرين موجب ڪائنات جو ڪو مرڪز ناهي.
No comments:
Post a Comment