Saturday 17 November 2018

سائي يرقان Jaundice

                    

"دريا خان سنڌي"

سائيء جي مريض جي رت ۾ پت جي گهڻائي جي ڪري چمڙيء ۽ اکين جو رنگ پيلاڻ مائل ٿي وڃي ٿو جنھن جي ڪري جيري ۔ پتي ۔ بڪين ۔ صفراوي سرشتي ۽ رت جون بيماريون ٿي وڃن ٿيون.سائي واري بيماري گهڻو ڪري ننڍن ٻارن ٿئي ٿي ۔ ان بيماري جو شڪار هر عمر جو فرد ٿي سگهجي ٿو. سائي جگر جي خرابي جي بہ علامت آهي. سائي جون علامتون ٿين ٿيون جن جو پتو هجڻ لازمي آهي جيئن ان جو بروقت علاج ڪرائي سگهجي.

◀️سائي جون علامتون 

چمڙي ۽ اکين جو پيلو ٿيڻ :
سائي ۾ اکين جو اڇو حصو پيلو ٿيڻ جو شڪار ٿيندو آهي. جيڪڏهن اوهان جي جسم جو ڪوبہ حصو پيلو هجي تہ جلد سان ڊاڪٽر ڏي رجوع ڪجي. 

سستي :
سائي جي ڪري اوهان ڪم ڪار ڪرڻ وقت جلدي ٿڪجي پوندا آهيو. جيڪڏهن اوهانکي ٿوري ڪم ڪرڻ دوران ٿڪاوٽ جو شڪار ٿيو ٿا تہ هي سائي جي علامت آهي. 

پيٽ ۾ سور پوڻ :
سائي جا شڪار مريض اڪثر پيٽ جي سور جي شڪايت ڪندا آهن.

بک نہ لڳڻ ۽ جسماني وزن ۾ گهٽتائي :
سائي ۾ مبتلا ماڻهن کي بک گهٽ لگندي آهي جنھن سبب انهن جو جسماني وزن جلدي سان گهٽ ٿي وڃي ٿو.

آت ۽ الٽي اچڻ :
جيڪڏهن اوهان کي کاڌو ڏسي آت يا الٽي محسوس ٿئي تہ اوهان کي فورن قريبي ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو جو هي سائي جو واضح علامتون آهن. 
اهڙين علامتن سبب اوهان پنھنجي گهر ڀاتين يا پاڙي ۾ موجود ماڻهن ۾ آساني سان سائي جي نشاندھي ڪري سگهو ٿا.

گھ کان دل خراب :
گھ واري ڀاڄي ڏسندي سائي جي مريض جي دل خراب ٿي ويندي آھي ۽ کاڌو کائي ناھي سگهندو.

رات جو پوئين وقت ننڊ نہ اچڻ :
سائي جي مريض کي رات جو ننڊ گهٽ ايندي آھي ۽ سڄي رات پاسا پيو ورائيندو آھي. اسور واري وقت ان کي ننڊ ايندي ئي ناھي.

پيشاب ڦڪو :
سائي واري مريض جو پيشاب ڦڪو ھوندو آھي جيڪو جيري جي گرمي کي ظاھر ڪري ٿو.

اڃ گهڻي لڳڻ :
سائي واري مريض کي ھر وقت اڃ گهڻي لڳندي آھي ڇوجو جسم ۾ لوڻياٺ وڌي ويندي آھي ۽ لوڻياٺ وڌڻ ڪري بڪين جون بيماريون بہ جنم وٺن ٿيون.

◀️سائي کان بچڻ لاء احتياطي تدبيرون:
1_گهڻو پيٽ ڀري نہ کائجي.
2_گهڻو گوشت ۽ تيز مصالحن واريون شيون کائڻ کان پاسو ڪجي.
3_سج جي روشنيءَ ۾ گهڻو سفر ڪرڻ کان پوءِ يڪدم پاڻي نہ پيئجي.
4_سڀني نشن وارين شين کان پرهيز ڪجي.
5_برف جي ڪثرت سان واپرائڻ جي ڪري جيري ۾ سوڄ پيدا ٿئي ٿي.
6_خراب غذائن جو روزانو استعمال جيري جي صفرا کي متاثر ڪري ٿو. اهڙن کاڌن کان پاسو ڪجي 
7_جيري جي مريض کي گھ واريون شيون ۽ کنڊ جو گهٽ استعمال ڪرڻ گهرجي



No comments:

Post a Comment