Saturday 17 November 2018

ڌرتي ڍڳي جي سڱ کان خلائي گرهه تائين

"نظام الدين اوليويا"

ڌرتي ڇا تي بيٺي آهي؟ ڪيئن بيٺي آهي؟ اها پنهنجي مدار ۽ محور تي ڪيئن هلي ٿي؟ اڄ جي مضمون ۾ انهن سوالن جي جوابن تي بحث شامل آهي. هي سوال ايترا ته ڏکيا نه آهن جن تي ماڻهو منجهي وڃي پر تمام سولا سوال آهن پر افسوس جو سنڌ ۾ سائنسي سوالن ۽ طبعيات کي به پنهنجن پاڪ ڪتابن مان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي . ته سج هلي ٿو پيو ڌرتي پنهنجي جاء تي ساڪن آهي. ڇا اسان کي سائنس پنهنجي ايماني ڪتابن مان سکڻ کپي؟ جي ها ته سائنس ۽ مذهب ۾ ڪو فرق ناهي.حقيقت ۾ ٻنهي جو موضوع الڳ الڳ آهي انڪري انھن کي هڪ کي ٻئي مان ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڀل آهي جنهن جي ڪري اڄ اسان اهڙن سادن سائنسي سوالن جا جواب نه ٿا ڏيئي سگھون جن جي بنياد تي اھڙي ڪنھ معمولي مونجھاري کي حل ڪري سگهجي 
ڌرتي جي باري ۾ اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته چيو ويندو هو ته اها ڪنهن ڏاند جي سڱن تي رکيل آهي ،ڏاند مڇي جي پيٽ تي بيٺل آهي ،مڇي پاڻي ۾ آهي  پاڻي وري هوا تي بيٺل آهي. اهي ڳالهيون کڻي غير سائنسي غير عقلي ڇونه هجن پر ان وقت اسان پنهنجي ذهن ۾ سمائي ڇڏيون پر جيئن آءُۡ ته طبعيات(physics) جي دنيا ۾ آيس ته خبر پئي اهي جيڪي ڳالهيون اسان ننڍي هوندي قصن ڪهاڻين ۾ ٻڌيون اهين غيرمصدقه غير سائنسي محض ڌڪو آهن ڇاڪاڻ ته اتي هڪ لامتناهي سلسلو شروع ٿئي ٿو جيڪو غيرمطمئن ڪندڙ آهي. انسان آخر اهو جواب ٺاهيو ڪيئن؟. انسان جو سوچ نسبي (relativistic)آهي جيڪا وقت ۽ حالتن سان لاڳاپو رکي ٿي انڪري هو جنهن حالت ۽ جهڙي جاء شين کي ڏسندو آھي ته ان جا خيال ٻين حالتن ۽ شين لاء به اهي ئي هوندا آهن مثال انسان ڌرتي تي ويهي سڀني شين کي ڏٺو ته هن اهو سمجهيو جيڪر سڀ شيون ڌرتي تي رکيل آهن ته لازمي ڌرتي به ڪنهن شي تي رکيل هوندي انڪري هن قياس ڪيو ته ڌرتي ڏاند جي سڱن تي رکيل آهي ڌرتي پليٽ آهي ۽ ڪافي خيال هن ڌرتي جي باري ۾ نسبتي سوچ مان ڏنا. نسبتي سوچ اها آهي ته اگر توهان موٽر سائيڪل هلايو ٿا ته توهان جو خيال سامهو ايندڙ ڪار واري جي باري ۾ مختلف هوندو پر جي توهان ڪار تي چڙهندؤ ته توهان جي سوچ بدلجي ويندي. توهان هڪ مذهبي معاشري ۾ رهندؤ ته توهان کي لامذهبي معاشرو اڻ وڻندڙ ٿي لڳندو ۽ توهان جو خيال ان جي باري ۾ منفي هوندو پر جڏهن توهان ان ئي جديد معاشري ۾ وڃي رهندؤ ته توهان کي مذهبي معاشرو غلط نظر ايندو اهو سڀ انڪري آهي ته توهان جتي رهو ٿا اتي جو توهان جي سوچ تي اثر آهي سوچ.ان جڳه سان نسبت ۾ آهن اهڙي طرح سان ڌرتي جو پليٽ ارضياتي نظريو (flat earther theory) جڳه ۽ وقت سان نسبتي هو. 
حقيقت ۾ ڌرتي ڇا تي بيٺي آهي؟ڇا ڌرتي کي ڪنهن شي تي رکڻ جي ضرورت به آهي؟ جيڪڏهن ها ته پوء سج ڇا تي رکيل آهي ستارا ڇا تي رکيل آهن؟ چنڊ ڇا تي رکيل آهي؟ پوء ته سڄي فلڪي جسمن کي ڪنهن نه ڪنهن شي تي رکيل تصور ڪرڻ گهرجي پر اسان ته ڏسو ٿا سج ڪنهن شي تي رکيل ناهي چنڊ به مٿي ائين هلي ٿو پيو .جيڪڏهن اهي شيون بنان ڪنهن شي تي رکڻ جي آهن ته پوء ڌرتي لاء اهو تصور بلڪل غلط آهي ته ڌرتي ڪنهن شي تي رکيل آهي. 
فلڪي جسمن جي بيهڪ کي سمجهڻ لاء ضروري آهي ته سڀ کان اول ڪشش ثقل کي سمجهجي ته اها ڇا آهي؟ 
آئزڪ نيوٽن هڪ انگريز فڪلياتدان هو جنهن ڪشش ثقل جو قانون پيش ڪيو 
هن جي قانون جي مطابق ڪائنات ۾ ٻه شيون هميشه هڪ ٻئي کي ڇڪين ٿيون اها ڇڪ انهن شين جي مايي ۽ انھن جي وچ ۾ فاصلي سان وابسته آهي. اگر ٻه شيون انهن جو مايو وڌيڪ هجي ته ڇڪ به وڌيڪ هوندي اگر انهن جي وچ ۾ مايي جي مقابلي ۾ فاصلو جيترو وڌيڪ هوندو اوترو شين جي ڪشش گهٽ ٿيندي. 
ڌرتي هڪ مايي دار جسم آهي ان  سان گڏ ٻيا سيارا چنڊ به مايي دار جسم آهن انهن جي وچ ۾ ڪشش پيدا ٿئي ٿي جنهن جي ڪري هو هڪ ٻئي کان پري نه ٿا وڃي سگهن ۽ ويجهو به نه ٿا ٿي سگهن انڪري اهي هڪ ٻئي کي مضبوط ڪشش ڪيون بيٺا آهن .اتي هڪ سوال پيدا ٿو ٿئي ته اگر ٻه جسم هڪ ٻئي کي خلا ۾ ڪشش ڪن ٿا ته پوء اهي هڪ ٻئي جي ويجهو ڇو نه ٿا وڃن؟ ڇاڪاڻ ته بظاهر اسان ڏسندا آهيون ته اسان جي نظر ۾ جڏهن ٻه شيون هڪ ٻئي کي ڇڪن ٿيون ته انهن جي باهمي ڇڪ انهن کي ھڪ ٻئي جي ويجهو ڪري ٿي. پر فلڪيات ۾ ائين ناهي ڇو جو ٻئي شيون مايي دار آهن ۽ اهي هڪ ٻئي کي پاڻ ڏانھن آڻڻ ٿيون چاهن ۽ ٻيو وري انھن جي ھڪ ٻئي کان فاصلي جي ڪري هڪ ٻئي تي وڌيڪ مسلط ناهين ۽ انهن جو زور برابر بيهي ٿو انڪري اهي هڪ کي ٻئي جي گرفت ۾ آڻي ڳڙڪائي نه ٿيون سگهن
ائين ڌرتي سج جي ڪشش ۾ آهي جيڪا ان کان جدا ٿي پري يا ويجهو نه ٿي وڃي سگهي ۽ اتي ئي قائم آهي جيڪو مدار اٿس. باقي ڌرتي ڪنهن ڏاند يا مڇي جي مٿي تي ناهي رکيل .
ڌرتي کي قديم دور ۾ مذهبي ڪتابن ۽ روايتي ڏند ڪٿائن ۾ پليٽ ڏيکاريو ويو آهي اهي تصور به قديم دور جي نسبتي سوچ جو ڪمال آهي جڏهن انسان جيڏانهن سفر ڪندا هئا جيڏا ويندا هئا ته انهن کي ان جي گولائي محسوس ئي نه پئي ٿئي انڪري انهن ڌرتي کي هڪ وڇايل سڌي پليٽ جيان سمجهيو. پر انھن تصورن ۾ ڪافي الجهن آهن جن جي ڪري فليٽ ارضياتي نظريو خود بخود رد ٿي ويو ۽ رڳو چند ماڻهن وٽ بچيو آهي ڇاڪاڻ ته اگر ڌرتي فليٽ آهي ته پوء سج ان کي هڪ ئي وقت روشن ڇو نه ٿو ڪري مختلف وقت ۾ مختلف حصن تي روشني ڪيئن پهچي ٿي؟ اگر ڌرتي فليٽ آهي ته پوء موسمون ڪيئن بدلجن ٿيون؟ ڌرتي فليٽ آهي ته باقي فلڪياتي جسم ڇو نه آهن؟ انهن سوالن جا جواب فليٽ ارٿر (flat earther )نه ڏيئي سگهيا آهن جيڪڏهن ڏنائون به ته اهي ڌرتي جي فليٽ هجڻ کي ثابت نه ٿا ڪن. 
جهڙي طرح سان ٻيا فلڪي جسم گول آهين پر ڌرتي بيضوي آهي ڪيترائي سائنسدان ان ڳاله تي متفق آهن ته ڪنهن وقت مريخ نما سيارو ڌرتي سان ٽڪرائجي پيو جنهن جي ڪري ڌرتي جو ڪجه  حصو  ڀور ڀور ٿي جدا ويو. انڪري به ممڪن آهي ته ڌرتي بيضوي ٿئي هجي پر اهو سوال اڃا به وضاحت طلب آهي .
مند ۽ موسمون به ڌرتي جي گولائي هجڻ جي ڪري بدلجن ٿيون ڌرتي ٻن قسمن جي گردش ڪندي آهي (1)محوري گردش (rotation)۽ مداري گردش  (revolution) . ڌرتي جڏهن پنهنجي محور axis تي گردش ڪندي آهي ته رات مان ڏينهن ۽ ڏينهن مان رات ٿئي ٿي .ڌرتي جڏهن پنهنجي مدار تي گردش ڪندي سج جي چوگرد چڪر هڻي ٿي ته موسمون بدلجن ٿيون

No comments:

Post a Comment