Saturday, 17 November 2018

هيپاٽائيٽس جيري جي سوڄ Hepatitis



"دريا خان سنڌي" 

هيپاٽائيٽس جو مطلب آهي جيري جي سوڄ.
هيپاٽائيٽس درحقیقت جگر جي سوڄ کي چئبو آهي جيڪا گهڻو ڪري هڪ وائرسي انفيڪشن جي ڪري ٿئي ٿي. پوري ڌرتيءَ تي هر سال ڪروڙين ماڻهو انجو شڪار ٿين ٿا
جنھن مان اڪثريت کي ان بابت ان وقت تائين خبر نہ ٿي پوي جيسين اها ان جي شڪار نٿي ٿئي.
جگر جي انفيڪشن جا مختلف قسم ٿين ٿا جن کي هيپاٽائيٽس اي، بي، ڊي، ۽ اي ۾ ورهايو ويو آهي جڏھن تہ هيپاٽائيٽس سي ۽ ڊي حساس ۽ انهن جي علاج جو انحصار بہ انهن ڳالهين تي ٿئي ٿو. اوهان کي ڪھڙو هيپاٽائيٽس ٿيو آهي ۽ انفيڪشن جو ڪارڻ ڇا آهي.
هيپاٽائيٽس جا سڀ قسم ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان هڪ کان ٻئي ماڻهوءَ تائين ارتقا ڪري سگهن ٿا خاص ڪري جسماني ميلاپ، انجيڪشن جو استعمال ۽ آلودھ سئين ذريعي. جيئن تہ هيپاٽائيٽس جي شڪار گهڻن ماڻهن کي انجو علم نٿو هجي ۽ جيري جي دفاعي نظام تي حملو ڪري ان جي فعلن کي روڪي ٿو. ھيپاٽائيٽس دوائن جي استعمال واري ري ايڪشن، منشيات، الکوحل وغیرہ جي ڪري پکڙجي ٿي. گهڻو ڪري هيپاٽائيٽس بي ۽ سي سست رفتاري سان ٿيندي آهي جنهن کي انهن علامتن سان نوٽ ڪرڻ گهڻو مشڪل ٿي سگهجي ٿو

هيپاٽائيٽس جا قسم :
◀️هيپاٽائيٽس اي    Hepatitis A
◀️هيپاٽائيٽس بي    Hepatitis B
◀️هيپاٽائيٽس سي  Hepatitis C 

هيپاٽائيٽس اي    Hepatitis A
هي گهڻو ڪري ٻارن ۾ ٿئي ٿي جيڪا هيپاٽائيٽس اي وائرس ڪارڻ ٿئي ٿي جيڪا انساني پائخاني ۾ پاتي وڃي ٿي. ھي ڇھ مھينن تائين ٿي سگهي ٿي. هي سائيء جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وائرسي ٿئي ٿي جنھن سان جيري کي گهڻو نقصان پهچي ٿو.

هيپاٽائيٽس بي    Hepatitis B
ھن کي سيرم serum هيپاٽائيٽس بہ چئيو وڃي ٿو جيڪا وائرس جي ڪري ٿئي ٿي. هي خراب بيماري آهي جنهن سان جيري جو ڪينسر بہ ٿئي ٿو. ھي رت، ٿڪ، اکين جي پاڻيءَ، پيشاب ۽ جسم جي مختلف حصن کان ٻئي ماڻهو ڏانھن وڃي ٿي. 

هيپاٽائيٽس سي  Hepatitis C
هي وائرس ڪارڻ ٿئي ٿي جيڪا رت ۾ شامل ٿئي ٿي جيڪا انتھائي خراب بيماري آهي جنھن جي ڪري جيرو ختم ٿي سگهي ٿو ۽ جنھن ڪارڻ جيري جو ٽرانسپلانٽ ڪرڻ مشڪل ٿئي ٿو.

علامتون :
گهڻو وقت ٿڪ

فلو جو رھڻ

پيشاب جو رنگ ڦڪو مائل ھجڻ

پائخاني جو رنگ پيلاڻ مائل

پيٽ ۾ گهڻي وقت کان وٺي سور پوڻ 

بک نہ لڳڻ

جسماني وزن ۾ گهڻي گهٽتائي اچڻ جيڪا پريشان ڪندڙ هجي 

اکيون ۽ چمڙي پيلي ٿيڻ جيڪو يرقان جي علامت آهي.


هدايتون :
1: هيپاٽائيٽس جي سڃاڻپ لاءِ ٽيسٽ ڪرائجي.
2: هيپاٽائيٽس کان بچاء لاءِ ويڪسين هڻائڻ گهرجي.
3: مريض کي رت ڏيڻ کان اڳ هيپاٽائيٽس جي ٽيسٽ ڪرائجي.
4: ٽڪو هڻڻ لاءِ جيوڙن کان آجي نئين سئي استعمال ڪئي وڃي.
5: مريض کي گهر ڀاتين کان ڌار ڪيو وڃي ۽ باقي ماڻهن کي ويڪسين هنئي وڃي ڇوجو متاثر ٿيل ماڻهو گهر جي ٻين ماڻھن کي مرض ڏئي سگهن ٿا.
6: هيپاٽائيٽس جو مريض پنهنجي شيو يعني ڏاڙهي پاڻ گهر ۾ بليڊ سان لاهي ۔ ڪنھن حجام ڏانھن رخ نہ ڪري ڇوجو ٻين کي بہ بيماري لڳي سگهي ٿي


https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=700462497005826&id=464749240577154

No comments:

Post a Comment