Sunday, 18 November 2018

ڌرتي Earth

"ظهور احمد" 

ڌرتي بابت اسان وٽ جيڪي ڄاڻ آھي ان موجب ڌرتي پنھنجي محور Axis تي ڦري ٿو . جڏھن ته ھن جو ھي چڪر آھستي آھستي گھٽجندو وڃي پيو. مطالعي مان اھو ثابت ٿيو ته ڌرتي ھر سؤ سال ۾ 17 ملي سيڪنڊ آھستي ٿي پيو. ڌرتي جي آھستي ٿيڻ سان اسان جا ڏينھن وڏا ٿيندا. توھان کي ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت نه آھي ڇو ته ھي تبديلي توھان ۽ اسان پنھنجي حياتيءَ ۾ نه ٿا ڏسي سگھون. لڳ ڀڳ ھڪ سؤ چاليھ ملين سالن 1400،00،000 کان پوء وڃي ڏينھن 25 ڪلاڪن جو ٿيندو.

اسان کي خبر ھجڻ کپي ته ڌرتيء جي بنياد يعني Core ۾ نڪل ۽ لوھ جيڪو ھن جي ڇقمقي ميدان ٺاھن ٿا. چقمقي ميدان ھن جي گول ڦرڻ ۽ بنياد Core جو گڏ ڦرڻ وارو عمل ٺاھي ٿو. اھو چقمقي ميدان گرھ کي سج جي ھوائن Solar wind کان بچائن ٿيون.

جڏھن پھرين ڀيري خلابازن خلاء مان زمين کي ڏٺو تہ ھنن کي ڌرتي کي بلو گرھ ڪوٺيو ڇو ته ڌرتي ڄي 70 سيڪڙو حصو پاڻيء سان ڍڪيل آھي. تنھن ڪري بلو ڏسڻ ۾ آيو. جڏھن ته ڌرتي جو 30 سيڪڙو حصو سخت پٿر ۽ مٽي سان ڍڪيل آھي. جيڪو سمنڊ کان مٿي نظر آيو. گاھ ، پٿر۽ مٽيء سان ڍڪيل ھو.

ڌرتي اھو اڪيلو گرھ آھي جنھن کي پراڻي زماني جي انسانن پنھنجي ديوي يا ديوتا جو نالو نه ڏنو. ٻين گرھن کي رومين ۽ يونانين، چيني ۽ ھندن پنھنجي ديوي يا ديوتا جي نالي تي سڏيندا ھئا. جن گرھن کي نالا ڏنائون انھن ۾ مرڪري Mercurry, Venus زھرہ، مريخ Mars ، مشتري Jupiter، ۽ زحل Saturn شامل ھئا. نيپچون ۽ يورينس کي نالو نه ڏئي سگھيا ڇو ته اھي سادي اک سان ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن.

پھرين اھو خيال ڪيو ويندو ھو ته ڌرتي ڪائنات جو مرڪز آھي ڇو ته اھي سج، چنڊ ۽ تارن کي ڌرتي جي چوڌاري ڦرندي ڏسندا ھئا. آڳاٽي ماھرين جو خيال ھو ته ڌرتي ھڪ جاء تي بيٺل آھي. ھاڻي اسان کي ڄاڻ آھي ته نظام شمسي جو مرڪز سج آھي جيتوڻيڪ زمين ٻين گرھن وانگي ھڪ گرھ آھي. 

جيئن ته توھان ڌرتي تي آرام سان بيٺا آھيو . اھو ڌرتي 1000 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان پنھنجي محور تي ڦري پيو. جيتوڻيڪ اسان کي ڄاڻ آھي ته ڌرتي نه رڳو پنھنجي محور تي ڦري ٿو بلڪه سج کي به ڦري ٿو. ساڳي وقت ڌرتي سج کي 67،000 ھزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان پڻ ڦري پيو. واقعي ھي اچرج ۾ وجھندڙ ھڪ حقيقت آھي ته اسان انھن ڦيرن کي محسوس نه ٿا ڪري سگھون . اصل ۾ حقيقت ھي آھي ته ڌرتي جي ڦرڻ جي اسپيڊ ھڪ جيتري آھي. جڏھن ته ھي اسپيڊ گھٽ يا وڌ نه ٿو ٿي. ان جو مثال ايئن آھي ته توھان ڪنھن گاڏي ۾ صفا سٺي روڊ تي ھڪ ئي اسپيڊ سان سفر ڪيو پيا ته توھان کي ان جي اسپيڊ محسوس نه ٿيندي.

زلزلن کي اڳي اسان جي عملن جو نتيجو قرار ڏنو ويندو ھو. جڏھن ته اسان کي خبر آھي تہ زلزلا ڌرتي تي ايندا رھندا آھن. جمع 28 مارچ 1964 تي آمريڪا ۾ ھڪ ھولناڪ ۽ خوني زلزلو آيو جنھن کي مقناطيسيت تي 9.2 رڪارڊ ڪيو ويو. جڏھن ته دنيا جو وڏي ۾ وڏو زلزلو 22 مئي 1990 ء ڌاري چلي ۾ آيو جنھن جي مقناطيسيت تي رڪارڊ 9.5 ھئي.

ڌرتي تي وڌ کان وڌ گرم ۽ گھڻي کان گھڻا ٿڌا علائقا پڻ آھن. سڀني کان وڌيڪ گرم جاء العزيزيہ ليبيا ۾ آھي. 13 سيپٽمبر 1992ء ۾ جتي 57.7778 ڊگري سيلسيئيس گرمي پڌ رڪارڊ ڪيو ويو. ھي ڄاڻ موسمي اسٽيشن کان ورتل انگ اکر آھن. ھاڻي جو گرم ترين جاء آمريڪا جي ڊيٿ ويلي آھي. جيڪي 56.7 ڊگري سيلسيئيس گرمي پڌ رکي ٿو. ٿڌي ترين جاين ۾ انٽارڪٽيڪا سڀني کان اول آھي. سياري ۾ ھتي گرمي پڌ ڪاٽو 50 کان به مٿي ھليو وڃي ٿو. روس جي واسٽاڪ موسمي اسٽيشن 21 جولائي 1983ء ۾ سڀني کان گھٽ گرمي پڌ رڪارڊ ڪيو جيڪو ڪاٽو 89.2 ڊگري سيلسيئيس ھو.

گدلاڻ زمين جي موت آھي. اسان جي لاء ھڪ الڪي جي ڳالھ آھي. نئي ڄاڻ مطابق ڌرتي 1978ء ۾ خلاء مان بلو،سائو۽ اڇو ڏسڻ ۾ آيو جڏھن ته گدلاڻ سبب 2060ء ۾ اسان کي ھي ڌرتي خلاء مان ڀورو،ڪارو ۽ ميرو ڏسڻ ۾ ايندو جيڪي ڳڻتي جوڳي ڳالھ آھي. اسان لاء ضروري آھي ته پاڻ کي ڌرتي جي ماحول مطابق بدلايو ۽ ڌرتي جي ماحول کي وڌيڪ خراب نه ڪيون. 

ڌرتي سج کان ٽيون نمبر گرھ آھي جيتوڻيڪ اڄ تائين جي قابل مشاھدہ ڪائنات جو فقط اڪيلو گرھ آھي جيڪو زندگيء سان ڀرپور آھي. Radiometric dating ۽ ٻين ثابتي ذريعن سان ھي خبر پئي ته ڌرتي 4 بلين سال اڳ وجود ۾ آيو. ڌرتي 365.26 ڏينھن ۾ سج جو ھڪ چڪر پورو ڪري ٿو . جنھن کي اسان سال جو نالو ڏيندا آھيون. جڏھن ته انھيء دوران ھي پنھنجي محور axis تي 366.26 ڀيرا ڦري ٿو. 

ڌرتي کي ھڪ قدرتي سيٽلائيٽ يعني چنڊ ۽ پنج quasi satellite آھن . جن جا نالا ھي آھن .
 2006 RH120,
 2004 GU9, 
2006FV35, 
2013 LX28, 
2014OL339.
قوسي سيٽلائيٽ انھن جسمن کي چيو ويندو آھي جيڪي ھڪ کان وڌيڪ گرھن سان پنھنجو مدار ڳنڍين ٿيون . ھي سيٽلائيٽ عموما 38 کان وٺي 100 چنڊن جي مفاصلي تي ھجن ٿا .ھي پنج قوسي سيٽلائيٽ سج ۽ زمين کي ڦرن ٿا. جيتوڻيڪ ڌرتي کي 1400 ھٿرادو سيٽلائيٽ پڻ آھن ۽ 16000 Space debris يعني خلائي ڪچرو پڻ ھن گرھ کي چڪر لڳائين پيا. ڌرتي سولر سسٽم جو سڀني پٿريلي گرھن منھنجان وڏو آھي. ڌرتي جو مفاصلو پنھنجي تاري کان 149.6 ملين ڪلو ميٽر آھي. يعني 149،600،000 چوڏھن ڪروڙ ڇھانوي لک ڪلو ميٽر آھي. ان مفاصلي کي اسان ھڪ Astronomical unit مڃيندا آھيو

No comments:

Post a Comment