Pages

Wednesday, 8 October 2025

2025ع ۾ فيزولوجي، ميڊيسن نوبل انعام ماڻيندڙ ماهر جنھن ۾ پردي جي مدافعتي رواداري بابت انهن جون دريافتون شامل آهن


2025ع ۾ فيزولوجي، ميڊيسن نوبل انعام ماڻيندڙ ماهر جنھن ۾ پردي جي مدافعتي رواداري بابت انهن جون دريافتون شامل آهن 

”دريا خان سنڌي“
نوبل اسيمبلي، ڪارولنسڪا انسٽيٽيوٽ ۾، فيزولوجي يا ميڊيسن جو 2025ع وارو نوبل انعام ميري اي برنڪائو، فريڊ ريمزڊيل ۽ شيمون ساڪاگوچي کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جن کي “پيري فيرل اميون ٽولرنس (Peripheral Immune Tolerance) بابت دريافتن” تي هي اعزاز ڏنو ويو آهي، هن سال جي ميڊيسن جي لاريٽس (Laureates) اهو ڳوليو آهي تہ انساني جسم جو مدافعتي نظام (Immune System) ڪيئن ڪنٽرول ۾ رکيو وڃي ٿو، جسم جو هي طاقتور مدافعتي نظام جيڪڏهن سنڀال ۾ نہ هجي تہ اهو اسان جي پنهنجن عضون تي بہ حملو ڪري سگهي ٿو، برنڪائو، ريمزڊيل ۽ ساڪاگوچي کي هن سال جو انعام انهن جي انهن انقلابي دريافتن تي ڏنو ويو آهي جن سان اها سمجھ پيدا ٿي تہ “پيري فيرل اميون ٽولرنس” جسم کي پنهنجي ئي مدافعتي نظام کان بچائي ٿي

انهن سائنسدانن اهو سڃاتو تہ مدافعتي نظام ۾ خاص “سيڪيورٽي گارڊز” موجود آهن، جن کي ريگيوليٽري ٽي سيلز (Regulatory T Cells) چيو وڃي ٿو، جيڪي ٻين اميون گهرڙن کي اسان جي پنهنجي جسم تي حملو ڪرڻ کان روڪين ٿيون، انهن دريافتن سان “پيري فيرل ٽولرنس” جي شعبي جي شروعات ٿي، جنهن طب جي دنيا ۾ نيون اميدون پيدا ڪيون هن بنياد تي ڪينسر ۽ آٽو اميون بيمارين جي علاج لاءِ نيون دوائون تيار ٿي رهيون آهن، ۽ اهو امڪان آهي تہ مستقبل ۾ عضون جي ٽرانسپلانٽس (Transplantations) وڌيڪ ڪامياب ٿي سگهن، انهن مان ڪيترائي علاج هن وقت ڪلينيڪل ٽرائلز آزمائشن جي مرحلي ۾ آهن 

جاپان ۾ ٻارن کي چوٿين درجي تائين باضابطہ امتحان نہ ورتا ويندا آهن اسڪول جي پهرين ٽن سالن دوران، انهن کي ادب قدر، ۽ ٻين سان گڏجي ملي ڪري رهڻ سيکارڻ تي ڌيان ڏنو ويندو آهي


جاپان ۾ ٻارن کي چوٿين درجي تائين باضابطہ امتحان نہ ورتا ويندا آهن اسڪول جي پهرين ٽن سالن دوران، انهن کي ادب قدر، ۽ ٻين سان گڏجي ملي ڪري رهڻ سيکارڻ تي ڌيان ڏنو ويندو آهي

”دريا خان سنڌي“
جاپان ۾ پرائمري تعليم جا شروعاتي سال عملي امتحانن جي بدران ڪردار جي تعمير تي وڌيڪ زور ڏين ٿا
اسڪول جي پهرين ٽن سالن تائين ٻارن کي باقاعدي امتحانن کان آزاد رکيو ويندو آهي
ان جي بدران، انهن کي زندگي جا اهم قدر سيکاريا ويندا آهن، جهڙوڪ احترام، همدردي، گڏجي ڪم ڪرڻ، سٺا آداب ۽ گڏيل ذميواري ۽ ٻيا اخلاقي قدر سيکاريا وڃن ٿا
اهي سبق روزاني عملن ۾ شامل هوندا آهن، جهڙوڪ پنهنجا ڪلاس صاف ڪرڻ ۽ گڏجي ماني پيش ڪرڻ، جنهن سان سماجي هم آهنگي ۽ برادري جو احساس پيدا ٿئي ٿو
باقاعدھ عملي جاچون چوٿين درجي کان شروع ٿين ٿيون

اهو طريقو جاپاني ثقافتي قدرن جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي گروهي اتحاد ۽ اخلاقي تربيت کي پوءِ واري عملي ڪاميابي ۽ ذميوار شهريت جي بنياد سمجهن ٿا 

جاپان ۾، هاري پوکن تي انڊلٺ رنگ جون ڄاريون استعمال ڪندا آهن تہ جيئن جيتن کي پريشان ڪري سگهجي ۽ قدرتي طور تي جيتن جي حملي کي روڪي سگهجي


جاپان ۾، هاري پوکن تي انڊلٺ رنگ جون ڄاريون استعمال ڪندا آهن تہ جيئن جيتن کي پريشان ڪري سگهجي ۽ قدرتي طور تي جيتن جي حملي کي روڪي سگهجي

”دريا خان سنڌي“
جاپاني هارين کي گهڻي وقت کان ماحول دوست ۽ جديد طريقا ڪتب ڪرڻ لاءِ سڃاتو وڃي ٿو، تہ جيئن زرعي ڪيميڪلن جو استعمال گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي.
هڪ اهڙو طريقو پوکن تي انڊلٺ رنگن واريون ڄاريون وڇائڻ سان واسطو رکي ٿو. جنھن ۾ “ڳاڙهي، نيري، سائي، پيلي يا گهڻ رنگا ڄار” جيڪي جيتن کي پريشان ڪن ٿا، اهو خيال خالي ڏسڻ ۾ سندر نہ پر سائنسي بنيادن تي ٻڌل آهي.
رنگين ڄاريون (جهڙوڪ نيري، پيلي، ڳاڙهي يا سائي) رنگ جو استعمال دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ ڪيو وڃي ٿو، جاپان، ڪوريا ۽ اسرائيل ۾ بہ جيڪي جيتن جي ڏسڻ واري سگھ کي متاثر ڪن ٿا

ڪجھ جيت مخصوص رنگن ڏانهن ڇڪجن ٿا، جيڪي خاص روشني جي موجن سان لاڳاپيل هوندا آهن (مثال طور، اڇي مک ۽ اَڦيدَ پيلن ڏانهن ڇڪجن ٿا). ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ رنگ انهن کي ڀڄائين ٿا يا سندن رستي ۽ لهڻ جي رويي ۾ رنڊڪ وجهن ٿا
ڄار هڪ جسماني رڪاوٽ طور بہ ڪم ڪن ٿا، جنهن سان جيت سڌو سنئون ٻوٽن تائين نہ پهچي سگهندا آهن

ٻہ 2016ع جرنل آف اڪنامڪ ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ڏيکاريو تہ ڪيئن گهڻ رنگا پلاسٽڪ فلمون ۽ ڄاريون، علائقائي جيتن جي نوعيت موجب، ٿرپس، اڇي مک ۽ اَڦيدَ جي حملي کي گهٽائي سگهن ٿا

جاپان جي زرعي جدت روايت ۽ ٽيڪنالاجي کي گڏ ڪري ٿي، ۽ اهڙن طريقن سان زرعي زهرن تي اسانجو لاڳاپو گهٽجي ٿو، جنهن سان زمين جي زرخيزيءَ ۽ حياتياتي قسمن جي حفاظت پڻ ٿئي ٿي 

وڻ ۽ جيت جي دوستي، انجير جي ڪهاڻي، ميچوئل ازم


وڻ ۽ جيت جي دوستي، انجير جي ڪهاڻي، ميچوئل ازم

”دريا خان سنڌي“
فگ ويسپ يا انجير جي ڀُڙ هڪ جيتڙو آهي جنهن جي مادي کي آنا ڏيڻا آهن، ۽ ان لاءِ خالي هڪ ئي جاءِ آهي: انجير جو گل. ان ۾ ننڍڙو سوراخ هوندو آهي. ڀُڙ وڏي مشڪل سان ان ۾ گهڙي ٿي. ان جا پَک ۽ اينٽينا (سِنڍا) گهڙڻ جي ڪوشش ۾ ٽُٽي وڃن ٿا، پر اهو پنهنجي منھن جي مدد سان زور ڏئي اندر وڃي ٿي. اندر پهچي آنا وجهندي آهي. ان سموري جدوجهد کان پوءِ اها مري وڃي ٿي. انجير ۾ موجود "فيسين" نالي پروٽين انهيءَ مردھ جيت کي هضم ڪري ڇڏي ٿي

انهن آنا مان پهرين نر جيتڙا نڪرندا آهن. انهن وٽ پَک ناهن ۽ اهي گل کان ٻاهر زندهہ رهي نٿا سگهن. اهي مادي جيتن جي لاروا کي ڳولي انهن سان جنسي عمل ڪندا آهن. پوءِ ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ سرنگون ٺاهيندا. گهڻا اندر ئي مرندا. جيڪڏهن ڪو ٻاهر نڪري بہ وڃي تہ زندھ رهي نہ سگهندو. ان کي بہ انجير جو وڻ هضم ڪري ڇڏيندو. هاڻي مادي جيتن جي واري ايندي. اهي نر جيتن ٺاهيل سرنگن جي مدد سان سولائي سان ٻاهر نڪري وينديون. انهن وٽ پَک بہ آهن ۽ اهي ٻاهر زندھ رهي سگهن ٿيون. هاڻي اهي پنهنجي زندگيءَ جو چڪر جاري رکڻ لاءِ ايندڙ انجير جو گل ڳولينديون. انهيءَ دوران انهن جي جسمن تي پولن لڳي ويندو.

انجير جا گل نر ۽ مادي الڳ الڳ آهن. اسين مادي ڦل کائيندا آهيون (ان جون قسمون انکان بہ گهڻيون آهن، جيڪا توهان هيٺ ڏنل لنڪ مان ڏسي سگهو ٿا). اهو سڀ ڪجھ نر ڦل ۾ ٿيو هو ۽ اُڏامندڙ جيتن انهيءَ مان پولن گڏ ڪيا.
ڦل ۾ سوراخ نر ۾ بہ هوندو آهي ۽ مادي ۾ بہ. پر ڀُڙ کي خبر ناهي پوندي تہ جنهن ۾ اها داخل ٿيندي، اهو نر آهي يا مادي. جيڪڏهن اهو نر هوندو تہ ڀُڙ جي زندگيءَ جو چڪر انهيءَ طريقي سان جاري رهندو. جيڪڏهن اهو مادي هوندو تہ ان ۾ ڀُڙ کي آنا وجهڻ جي جاءِ نہ هوندي. اها مرندي ۽ پنهنجو پولن ان تائين منتقل ڪندي، جنهن سان انجير جي زندگيءَ جو چڪر جاري رهندو.

انجير کانسواءِ ڀُڙ جي زندگي ناممڪن آهي ۽ ڀُڙ کانسواءِ انجير جي. ان جو ڪارڻ اهو آهي تہ انجير جي گلن جو پولن ۽ اووري ٻين گلن جي ابتڙ اندر طرف هوندو آهي. ماکيءَ جون مکيون يا ٻيا پولينيٽر ان جو پولن کڻي نٿا سگهن. خالي فگ ويسپ ئي هن طريقي سان اندر وڃي اهو ڪم ڪري سگهي ٿي.

هتي هڪ دلچسپ ڳالھ اها بہ آهي تہ ارسطو جڏهن انجير مان نڪرندڙ جيتن کي ڏٺو تہ هن اهو خيال ڪيو تہ اهي پاڻ ئي اندر ڄمندا آهن، ۽ اهو پنهنجي "جانورن جي تاريخ" واري ڪتاب ۾ لکي ڇڏيو.
انجير ۽ ڀُڙ جي هن دوستي وانگر زندگي ۾ ڪيترن هنڌن تي اهڙو لاڳاپو نظر اچي ٿو، جنهن کي "ميچوئل ازم" چيو ويندو آهي. ان جي شروعات ست کان نَو ڪروڙ سال اڳ ٿيو هو ۽ اهو انهن جي گڏيل ارتقاء (ڪوئيوليوشن) جو مطلب آهي ٻہ يا ٻہ کان وڌيڪ اهڙي قسمن جي وقت سان گڏ ترقيءَ سان، جتي هڪ قسم جي تبديليءَ جي ٻئي قسم تي اثر انداز ٿئي ٿو، ۽ ان جو جواب ٻي قسم ۾ بہ پنهنجي ارتقائي سمت بدلائي ٿو. جي هڪ مثال آهي. انهن جي مارفولوجيڪل ۽ مالڪيولر مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو تہ انهن جون تبديليون گڏ گڏ ۽ هڪ ٻئي سان لاڳاپيل ٿيون. جڏهن انجير ۾ هائبرڊائيزيشن ٿي تہ گڏوگڏ جيتن جون بہ نيون جنسون بڻجنديون ويون.

ان بابت وڪيپيڊيا تي
https://en.wikipedia.org/wiki/Fig_wasp

ان عمل تي يوٽيوب وڊيو 
https://youtu.be/ZM17EajwwEY

نئين قسمن جي ٺهڻ تي آرٽيڪل:
https://onlinelibrary.wiley.com/doi/pdf/10.1111/j.1365-2311.2009.01148.x

گڏيل ارتقاء تي:

https://www.cell.com/current-biology/pdf/S0960-9822(05)01466-1.pdf?code=cell-site 

چمڙيءَ جي بيماري مٺي خارش Scabies بابت سڀ ڪجھ


چمڙيءَ جي بيماري مٺي خارش Scabies بابت سڀ ڪجھ 

”دريا خان سنڌي“
خارش Scabies هڪ چمڙيءَ جي بيماري آهي، جيڪا هڪ ننڍڙن جيتن سرڪوپٽس اسڪيبي Sarcoptes scabiei جي ڪري ٿيندي آهي. هي مائيٽ (چيچڙ) سڌو چمڙيءَ سان رابطي وسيليءِ هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي کي منتقل ٿئي ٿو. علاج گهڻو ڪري ڊاڪٽر جي ڏنل مرهم، ڪريمن يا دوائن سان ڪيو ويندو آهي.
اهي ننڍڙا چيچڙ چمڙيءَ ۾ گهڙي ان ۾ آنا ڏين ٿا، جنھن کانپوءِ آنن مان ٻچا نڪري ڪري چمڙي کي کائن ٿا جنهن سان چمڙيءَ تي خارش ۽ داڻا نڪرندا آهن. جيڪڏهن علاج نہ ڪيو وڃي تہ اهي چيچڙ مهينن تائين ڇمڙيءَ ۾ زندھ رهي سگهن ٿا.

خارش Scabies ڇا آهي؟
سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ ٻہ سئو ملين ماڻهو ڪنهن بہ وقت ۾ هن بيماريءَ سان متاثر هوندا آهن. اها گهڻي تيزيءَ سان پکڙجندڙ آهي ۽ سڌو چمڙيءَ سان رابطي سان هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي کي لڳي ويندي آهي.

خارش Scabies جي ريشن يا ڪٽجڻ جي سڃاڻپ سان وقت سر علاج ممڪن ٿي سگهي ٿو. چمڙيءَ جي رنگ مطابق ريشا مٿي اٿريل ۽ ڳاڙهي، ناسي، وايلي يا ڇمڙيءَ جي رنگ جهڙا بہ ٿي سگهن ٿا. هلڪي چمڙيءَ تي اهي ڳاڙها نظر ايندا، جڏهن تہ ڪاري ڇمڙيءَ تي اهي گھڻو ڪري ڀورا يا گڏيل ڏسڻ ۾ ايندا آهن

خارش Scabies جون علامتون
پھريون ڀيرو لڳڻ کان پوءِ علامتون ظاهر ٿيڻ ۾ 2 کان 8 هفتا لڳي سگهن ٿا.
پر جن ماڻهن کي اڳواٽ ٿي چڪي هجي، انهن ۾ علامتون خالي 1 کان 4 ڏينهن ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿيون.
اهم علامتون:
گهڻي خارش، جيڪا رات جو گھڻو وڌي ويندي آهي.
ريشا يا داڻا، جن ۾:
ننڍڙا کٽ
ڇالا يا ڳاڙها ريش 
ڇمڙيءَ هيٺان ننڍڙا ڌاڳ شامل آهن.

عام جايون جتي خارش Scabies ٿيندو آهي:
هٿن جي ڪلائي
ٺونٺ
بغل، ڪڇ 
نپل 
جنسي عضوي (penis)
چيلھ، پُٺي
آڱرين جي وچ واري جاءِ ۾
ڪيترا ڀيرا ڇمڙيءَ تي چيچڙن جا “سرنگهي جهڙا نشان” بہ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جيڪي هلڪا مٿي ٿيل يا اونداهي لائين وانگر هوندا آهن.

خارش Scabies جا سبب
خارش Scabies ننڍڙن اٺ ٽنگن وارن چيچڙن جي ڪري ٿيندو آهي، جيڪي چمڙيءَ جي مٿئين حصي ۾ گهڙي کاڌو حاصل ڪندا ۽ آنا ڏيندا آهن. چمڙي انهن چيچڙن ۽ انهن جي فضلي تي ردعمل ڏيکاريندي آهي، جنهن سان خارش ۽ ريش ٿيندو آهي.

پکڙجڻ جا طريقا:
سڌو چمڙيءَ سان چمڙيءَ جو رابطو
متاثر ٿيل ڪپڙن، هنڌ يا فرنيچر سان
گهڻو رش واري جڳهن ۾، جهڙوڪ:
نرسنگ هوم ۽ ڪيئر سينٽر
جيل
اسڪول يا ٻارن جا مرڪز
بي گهر ماڻهن جا ڪيمپ

ڇا جانورن کان خارش Scabies لڳي ٿو؟
انساني خارش Scabies جانورن کان نٿو پکڙجي. پر، جانورن ۾ هڪ الڳ قسم جي چيچڙ جي بيماري ٿيندي آهي، جنهن کي Mange مينج چيو ويندو آهي، ۽ اهو ڪڏهن ڪڏهن انسانن تي بہ عارضي طور اثرانداز ٿي سگهي ٿو.

خارش Scabies جا قسم 
عام خارش Scabies: سڀ کان وڌيڪ عام، هٿن ۽ ڪلائيءَ تي خارش وارو ريش. 
نوڊلر خارش Nodular scabies: جنسي عضون، بغل يا ڳچيءَ جي چوڌاري ڳوڙها يا وڏا داڻا. 
نارويجين / ڪرسٽڊ خارش Norwegian / Crusted scabies: گهڻي ڀاڱي ۽ خطري واري قسم، جنهن ۾ چمڙي تي ٿلهي ڪراڙي جوڙي ويندي آهي، جنهن ۾ هزارين چيچڙ ۽ آنا هوندا آهن. هي قسم گهڻو ڪري ڪمزور مدافعتي نظام وارن ماڻهن ۾ ٿيندو آهي جيئن (HIV، ڪينسر، ڪيموٿراپي وغيرھ).

ممڪن پچيدگيون
بيماري سولائي سان ٻين کي منتقل ٿي سگهي ٿي.
چيچڙ جي زخمن ۾ بيڪٽيريا داخل ٿيڻ سان:
رت جو انفيڪشن (septicemia)
گرديءَ جي بيماري
دل جون بيماريون ٿي سگهن ٿيون.
لڳاتار خارش سان ننڊ ۾ رڪاوٽ پوي ٿي.

سڃاڻپ 
ڊاڪٽر چمڙي جو معائنو ڪري سڃاڻي سگهي ٿو. ڪڏهن چيچڙ کي سوئيءَ سان ڪڍي جاچ ڪئي ويندي آهي. ٻيا ٽيسٽ جهڙوڪ biopsy يا ink test بہ ڪيا وڃن ٿا.

علاج
ڊاڪٽر پاران ڏنل مرهم، ڪريم کي رات جو سڄي چمڙي (ڳچيءَ کان هيٺ) تائين لڳايو ويندو آهي، جيڪڏهن گهر ۾ ٻين ڀاتين کي بہ آهي تہ سڀني کي گڏ لڳاڻي پئي ٿي، صبح جو ڌوئجي سگهجي ٿو. 
عام دوائون:
پرميٿرين ڪريم
بينزائل بينزوئيٽ لوشن
سلفر مرهم
ڪروٽاميٽن ڪريم
لينڊين لوشن
اضافي دوائون:
اينٽي هسٽامائن Antihistamine (جهڙوڪ بيناڊريل Benadryl) يا پراموڪسين لوشن pramoxine lotion  خارش لاءِ
اينٽي بائيوٽڪ Antibiotics جيڪڏهن زخم ۾ انفيڪشن ٿئي
اسٽيرائيڊ ڪريم Steroid cream سوڄ ۽ خارش گهٽائڻ لاءِ

ڏکي يا گهڻي خارش Scabies لاءِ:
آئيورميڪٽين (اسٽروميڪٽول)Ivermectin (Stromectol) گوريون ڏنيون وڃن ٿيون.

قدرتي علاج
ڪڏهن ڊاڪٽر جي ڏنل دوائن سان ساڙ يا چمڙي ڳاڙهي ٿي سگهي ٿي. ان کان بچڻ لاءِ ڪجھ قدرتي طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن:
چانھ جي وڻ جو تيل Tea tree oil
الو ويرا Aloe vera
ڪيپساسيسن ڪريم Capsaicin cream
ضروري تيل Essential oils
قدرتي صابڻ

خارش Scabies ڪيئن پکڙجي ٿو؟
ڊگهي چمڙيءَ جو رابطو (مثال طور هٿ ۾ هٿ ڏيڻ)
جنسي واسطي 
متاثر ٿيل ڪپڙا، هنڌ يا ٽوال استعمال ڪرڻ

بچاءَ
خارش Scabies وارن ماڻهن سان سڌو چمڙيءَ جو رابطو نہ ڪريو.
انهن جا ڪپڙا، هنڌ يا ٽوال ڌوئي استعمال ڪريو. بهتر آهي تہ نہ ڪجن 
سڀ ڪپڙا، هنڌ، ٽوال ۽ متاثر شيون گهڻي گرم  پاڻي ۾ ڌوئي صاف ڪريو.

گھڻا پڇيا ويندڙ سوال
ڇا خارش Scabies صفائي نہ رکڻ سان ٿيندو آهي؟
نہ، هي خالي رابطي سان ٿيندو آهي، صفائي سان واسطو ناهي.
ڇا چيچڙ نظر ايندو آهي؟
اهي خالي 0.45 ملي ميٽر وڏا هوندا آهن (پين جي نوڪ جيترا)، اکين سان ڏسڻ ڏکيو آهي.

خارش Scabies پاڻمرادو ٺيڪ ٿي ويندو آهي؟
نہ، علاج کانسواءِ پاڻمرادو ختم نٿو ٿئي.

خارش Scabies ۽ کھٽمل Bedbugs ۾ فرق؟
کھٽمل Bedbugs چمڙيءَ جي ٻاهران ڪڪن ٿا.
خارش Scabies چمڙيءَ ۾ گهڙي آنا ڏين ٿا.

نتيجو 
خارش Scabies هڪ ننڍڙي چيچڙ جي ڪري ٿيندڙ چمڙيءَ جي بيماري آهي، جيڪا گهڻي خارش، ريش ۽ سوڄ جو سبب بڻجي ٿي. اها سولائي سان رابطي سان پکڙجي ٿي، خاص طور گڏيل رهائش وارن هنڌن تي.
علاج لاءِ خاص ڪريم، مرهم ۽ ڪڏهن گوريون ضروري آهن، ڇو⁠تہ خارش Scabies پاڻمرادو ختم نٿي ٿئي.

هائپوٿائيرايڊزم ڇا آهي؟ ۽ انجا جسماني اثر
https://www.facebook.com/share/p/14KFX5F8YUu/
منهنجي جنسي شهوت ايتري گهڻي ڇو آهي؟
https://www.facebook.com/share/p/16CnSdhjSz/
جنسي رابطي وسيليءِ پکڙجندڙ انفيڪشنز (STIs) بابت ڄاڻ 
https://www.facebook.com/share/p/1QTGD7x2R1/
ھيومن پيپيلوما وائرس HPV بيماري بابت سڀ ڪجھ 
https://www.facebook.com/share/p/1EkcSF87EP/
جنسي ورزش جا فائدا ۽ ان جي مشق ڪيئن ڪجي؟ 
https://www.facebook.com/share/p/1Ca9rAeFCz/
پيدائش روڪ Birth Control ڇا آهي؟
https://www.facebook.com/share/p/1JeWvH5zac/
پويان مقعد واري سيڪس جا خطرا
https://www.facebook.com/share/p/1BFfHVFJWF/
ڇا جنسي عمل صحت لاءِ فائديمند آهي؟
https://www.facebook.com/share/p/19f8ByynWh/
دٻاءُ اوهان جي ليبيڊو جنسي شهوت تي ڪيئن اثر انداز ٿئي ٿو؟
https://www.facebook.com/share/p/1CX5MTLDkg/
ڇا هڪ خصيو هجي تہ اُهو مسئلو آهي؟
https://www.facebook.com/share/p/1EsA13kXhB/
ڇا هڪ خصيو ٻئي کان وڏو هجي تہ اهو صحيح آهي؟ 
https://www.facebook.com/share/p/14HogtQ7ALq/
ڇا مردانو عضوِو جو سائيز جينياتي هوندو آهي؟
https://www.facebook.com/share/p/175aGmPvp5/
هٿ رس ماسٽربیشن دماغ تي ڪهڙا اثر وجھي ٿو؟
https://www.facebook.com/share/p/1FJVWSm9gK/
قدرتي طور تي زرخيزيءَ وڌائڻ جا ڪجھ طريقا
https://www.facebook.com/share/p/1CqG2PixNo/
غير زرخيزيءَ بابت سڀ ڪجھ جيڪو اوهان کي ڄاڻڻ گهرجي
https://www.facebook.com/share/p/19uLs5ELXx/
نيڪال، فارغ ٿيڻ جي ٽائمنگ ڪيئن وڌائجي
https://www.facebook.com/share/p/162Y6PmsKn/
رات جو خواب ۾  قطرا اچڻ
https://www.facebook.com/share/p/1DP64ADLJ8/
ويريڪوسيل خصين جي رڳن جو ڦھلجڻ
https://www.facebook.com/share/p/1CQtLcu79X/
ڇا مشت زني کانپوءِ مردانو عضوو جو سائيز گهٽ ٿي ويندو آهي؟
https://www.facebook.com/share/p/16rAbFDWk7/
حمل کانپوءِ ٿيندر اسٽریچ مارڪس چمڙي ڇڪجڻ جا نشان ڪيئن ختم ڪجن
https://www.facebook.com/share/p/1SPcM4Sq4E/
ماهوراي نہ اچڻ واري بيماري
https://www.facebook.com/share/p/172QZagFuL/
انساني نطفا Sperm ڪيترو وقت زندھ رهي سگھن ٿا 
https://www.facebook.com/share/p/1LcVMrW8ti/
شروعاتي حمل وقت وٽامن ڊي جا فائدا
https://www.facebook.com/share/p/16ZyM9BG44/
ٻار کي ڪهڙو کير پيئارڻ گهرجي؟
https://www.facebook.com/share/p/19XDrJFuy3/
پيءُ پنهنجي ٻالڪپڻ جي تڪليفن جا نشان پنهنجي اسپرم سيلز ۾ کڻي سگهي ٿو
https://www.facebook.com/share/p/1JTNBxNMHJ/
صحت مند (مضبوط) ۽ غيرصحت مند (ڪمزور) اسپرم ڇا ٿيندا آھن؟
https://www.facebook.com/share/p/165hSjLXAS/
پريشانيءَ ڇا آهي؟
https://www.facebook.com/share/p/1BChuxf7Xi/
حمل وقت عورت جو دماغ سُڪڙجي ويندو آهي انکي وري بحال ٿيڻ ۾ ڇھ مھينا لگندا آهن، تحقيق 
https://www.facebook.com/share/p/16A2kb5WV1/
پورن ڇا اهو اوهان لاءِ خراب آهي؟

https://www.facebook.com/share/p/19e3xXLiXj/ 

چمڙيءَ جي بيماري ڏَڍُ Eczema


چمڙيءَ جي بيماري ڏَڍُ Eczema 

”دريا خان سنڌي“
ڏَڍُ ايگزيما هڪ عام چمڙي جي بيماري آهي جيڪا چمڙي کي خارش، ڳاڙهو، سڪل ۽ تڪليف ڏيندڙ بڻائي ٿي. توهان وٽ ڪهڙي قسم جي ايگزيما آهي، اهو طئي ڪندو تہ ڪهڙو قسم جو داڻو ٿيندو ۽ جسم جي ڪهڙي حصي تي ظاهر ٿيندو.
ايگزيما کي ايٽوپڪ ڊرماتائٽس (Atopic Dermatitis) بہ چيو ويندو آهي. اهو گهڻو ڪري ٻالڪپڻ يا ننڍپڻ ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ جواني تائين جاري رهي سگهي ٿو. پر ايگزيما ڪنهن بہ عمر جي ماڻهوءَ ۾ ٿي سگهي ٿي.
هتي اسان پڙهنداسين ان جا سبب، علاج جا طريقا ۽ بچاءُ جا طريقا.

ايگزيما جا سبب ڇا آهن؟
ايگزيما جو صحيح سبب اڃا مڪمل طور تي سمجهيو ناهي ويو آهي، پر محققن جو خيال آهي تہ اها مدافعتي نظام (Immune System) جي حد کان وڌيڪ سرگرم ٿيڻ سبب ٿيندي آهي.
ايگزيما جا دورا (flare-ups) گهڻو ڪري ڪري تڏهن ٿيندا آهن جڏهن چمڙي ٻاهرين تڪليف ڏيندڙ شين سان واسطو رکي ٿي، جنهن تي مدافعتي نظام وڌيڪ ردعمل ڏيکاري ٿو.
تحقيق ۾ اهو بہ ڏٺو ويو آهي تہ ڪجھ ماڻهن ۾ هڪ خاص پروٽين فلاگگرن (Filaggrin) گهٽ هوندو آهي، جيڪو چمڙي کي صحيح نمي برقرار رکڻ ۽ صحتمند رکڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

ايگزيما جا ٽريگر- محرڪ (Triggers)
ايگزيما جو دورو ان وقت ٿيندو آهي جڏهن ان جي علامتن مان هڪ يا وڌيڪ ظاهر ٿين ٿيون. برطانيہ جي نيشنل هيلٿ سروس (NHS) موجب، ٻاهران ۽ اندريون ٻئي سبب ان جا محرڪ ٿي سگهن ٿا. عام محرڪ ۾ شامل آهن:
ڪلينزرز يا ڊٽرجنٽس ۾ ڪيميڪلز ۽ پريزرويٽو
خوشبوءَ واريون شيون 
سگريٽ جو دونهون
ٻاهريون الرجيون (جهڙوڪ پالن، فنگس، مٽي يا ڌوڙ جا ذرڙا)

گهڻا خارش ڪندڙ مواد (جهڙوڪ اُون)
مصنوعي ڪپڙا
گهڻو پگهر اچڻ
گرمي يا ٿڌ ۾ اوچتو تبديلي
ذهني دٻاءُ (Stress)
کاڌي جون الرجيون
جانورن جي وارن مان پيدا ٿيندڙ خشڪي 
ساهہ جون مٿيون بيماريون (جهڙوڪ زڪام وغيرھ)

ايگزيما جا قسم
ايگزيما جون ڪيتريون ئي قسمون آهن:
قسم لاڳاپيل علامتون
ايٽوپيڪ ڊرماتائٽس Atopic dermatitis سڪل، خارش ڪندڙ چمڙي ۽ ڳاڙها داڻا. هي سڀ کان عام قسم آهي.
رابطي واري چمڙي جي سوزش Contact dermatitis ڪنهن تڪليف ڏيندڙ يا الرجي پيدا ڪندڙ شيءَ سان واسطو ٿيڻ سبب ٿيندو آهي.
ڊيشائيڊروٽڪ ڊرماتائٽس Dyshidrotic dermatitis هٿن جي آڱرين، هٿن ۽ پيرن جي ترين تي ٿيندو آهي. چمڙي کي سڪل، پَٺي جهڙو، ڳاڙهو ۽ تڪليف ڏيندڙ بڻائي ٿو. عورتن ۾ گهڻي عام آهي.
نمولر ڊرماتائٽس Nummular dermatitis ڳاڙها، گول ۽ گهڻي ڀاڱي خارش ڏيندڙ داڻا. گهڻو ڪري هيٺين ٽنگن تي ٿين ٿا ۽ سڪل چمڙي سان لاڳاپيل هوندا آهن.
اسٽيسس ڊرماتائٽس Stasis dermatitis گهڻو ڪري هيٺين ٽنگن تي ٿيندو آهي ۽ رت جي گهٽ وهڪري سبب ٿيندو آهي.

ايگزيما جون علامتون
ايگزيما جي مکيہ علامتن ۾ شامل آهن:
خارش، سڪل ۽ ڪڙڇ ڦاٽل چمڙي
ڳاڙها يا ڀورا-سرمائي رنگ جا داڳ
ننڍڙا اُڀريل داڻا، جيڪي چمبڙڻ سان پاڻي ڇڏين ٿا
پيلا ۽ سُڪا ٺهڪيل پرت (infection انفيڪشن جي نشاني)
ڳاڙهي ۽ سور ڏيندڙ چمڙي
ٿلهي ۽ ڇلندڙ چمڙي

ايگزيما گهڻو ڪري هٿن، ٺونٺ جي اندر، گوڏن جي پٺيان، ڳچيءَ ۽ مٿاڇري تي ٿيندو آهي. اهو هٿ لاهڻ سان نٿو پکڙجي.
رات جو خارش وڌڻ سبب ننڊ ۾ بہ تڪليف ٿي سگهي ٿي. گهڻي خارش ڪرڻ سان چمڙي ڦاٽي سگهي ٿي ۽ انفيڪشن ٿي سگهي ٿو، جنهن لاءِ اينٽي بائيوٽڪ وٺڻ ضروري آهي.

ڪڏهن ڊاڪٽر کي ڏيکارجي؟
جيڪڏهن او ٽي سي (OTC) دوائن سان بہ آرام نہ اچي.
علامتون ننڊ ۾ تڪليف ڪن.
روزمرهہ جا ڪم متاثر ٿين.
چمڙي ڦاٽي يا پاڻي ڇڏڻ لڳي.
چمڙي گهڻي ٿلهي يا ڇلندڙ ٿي وڃي.

ايگزيما جو علاج
علاج قسم ۽ شدت تي دارومدار رکي ٿو. ڊاڪٽر يا ڊرماتولوجسٽ مختلف طريقا تجويز ڪري سگهن ٿا:
دوائون: اينٽي هسٽامائنز Antihistamines (جهڙوڪ Zyrtec, Benadryl, Allegra, Claritin) خارش گهٽ ڪن ٿا.
اسٽيرائيڊ ڪريمون Steroid creams (هائيڊروڪارٽيسون وغيرھ) ڳاڙهاڻ ۽ خارش گهٽائين ٿا.
گهڻي صورت ۾ ڊاڪٽر اورل ڪارٽيڪوسٽرائڊس يا اينٽي بايوٽڪ لکي سگهي ٿو.
مدافعتي دٻاءُ واريون دوائون Immunosuppressants بہ ڪڏهن ڏنا ويندا آهن، پر انهن جا وڏا سائيڊ افيڪٽس ٿي سگهن ٿا.
ٿراپي
هلڪي ٿراپي جيئن (فوٽو ٿراپي يو وي) روشني سان مدافعتي ردعمل گهٽايو ويندو آهي.

روزمرھ جي زندگي جون تبديليون
ذهني دٻاءُ گهٽايو (يوگا، ثالثي، موسيقي وغيرھ)
ٿڌي پٽي (Cold compress) استعمال ڪريو.
هلڪي گرم پاڻيءَ ۾ 15-20 منٽ لاءِ وهنجڻ سان آرام ملي سگهي ٿو.

متبادل علاج
جڙي ٻوٽين وارا تيل (ناريل، سورج مُکهي، بوراچ، پرائم روز)
چانھ (Green, Black يا Oolong)

ايگزيما جي سڃاڻپ 
گهڻو ڪري ڊاڪٽر چمڙي ڏسي ۽ علامتن بابت پڇي سڃاڻپ ڪندا آهن.
ڪڏهن چمڙي جي بايوپسي ڪئي ويندي آهي.
پيچ ٽيسٽ Patch Test بہ ٿي سگهي ٿو تہ جيئن الرجي جا سبب معلوم ٿين.

ايگزيما جا خطرا 
ٻار جيڪي ڌمي يا گهڻي بخار ۾ مبتلا هجن.
ٽيھ 30 سال کان گهٽ عمر ۾ اهڙيون الرجيون ٿيڻ.
خانداني تاريخ (Family History) هئڻ.

پيچيدگيون
ننڊ جا مسئلا
چمڙي جون انفيڪشنون
ٻارن ۾ ڌمو ۽ گھڻي بخار جو خطرو وڌڻ
سخت خارش سبب ٿلهي ۽ سخت چمڙي
گهڻي قسم جا ايگزيما ٿيڻ

ايگزيما کان بچاءُ
ذهني دٻاءُ گهٽايو
محرڪ کان پاسو ڪريو
چمڙي کي صاف ۽ نمي وارو رکو
گهڻو گرم پاڻيءَ ۽ گھڻو وقت ونجهڻ کان پاسو ڪريو 
خوشبوءَ ۽ رنگ کان پاڪ شين جو استعمال ڪريو
ڊاڪٽر جون ڏسيل دوائون صحيح وقت تي وٺو
چمڙي کي نہ چمرايو

ايگزيما بابت 
ايگزيما جو ڪو پڪو علاج ناهي، پر صحيح علاج ۽ خيال سان ان کي سنڀالجي سگهي ٿو.
گهڻن ماڻهن ۾ وقت سان گڏ ان جون علامتون گهٽجي وينديون آهن، پر جيڪڏهن علامتون وڌي رهيون آهن تہ ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ بهتر آهي.

چمڙيءَ جي بيماري مٺي خارش

https://www.facebook.com/share/p/15vbpCuVHE/ 

ماهرن موجب نوجوانن ۾ ڪينسر جو انگ وڌي رهيو آهي، جنھن ۾ ڇاتي، وڏي آنڊي، گڙدا، ۽ رحم گھڻي ڀاڱيوار متاثر ڏٺا ويا آهن


ماهرن موجب نوجوانن ۾ ڪينسر جو انگ وڌي رهيو آهي، جنھن ۾ ڇاتي، وڏي آنڊي، گڙدا، ۽ رحم گھڻي ڀاڱيوار متاثر ڏٺا ويا آهن 

”دريا خان سنڌي“
هڪ نئين اڀياس مان ڄاڻ ملي آهي تہ ڇاتي، آنڊي، گڙدي ۽ رحم جا ڪينسر هاڻوڪي دور ۾ ننڍي عمر وارن نوجوانن ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، جنهن سبب ڊاڪٽرن ۽ محققن ۾ عالمي سطح تي ڳڻتي وڌي وئي آهي. جيڪي بيماريون اڳ ۾ گهڻو ڪري وڏي عمر وارن ۾ ڏٺيون وينديون هيون، سي هاڻي 50 سالن کان گهٽ مريضن ۾ بہ پريشان ڪندڙ انگ اکرن سان سامهون اچي رهيون آهن
ماهرن جو خيال آهي تہ روزمرهہ جي زندگي ۾ تبديليون، ٿلهائپ ۾ واڌ، ماحولياتي تبديلن سبب ۽ جينيٽڪ عنصر بہ ان رجحان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، شروعاتي سڃاڻپ گهڻي اهم آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪيترائي ننڍي عمر وارا مريض دير سان سڃاتا وڃن ٿا، ڇو⁠تہ ان عمر ۾ عام طور ڪينسر جي اميد نہ هوندي آهي، جنهن ڪري علاج ڪرڻ واري وقت تائين بيماري گهڻي ڀاڱي اڳتي وڌي ويندي آهي

تحقيق ڪندڙن زور ڏنو آهي تہ آگاهي وڌائي وڃي ۽ ممڪن جڳھ تي شروعاتي اسڪريننگ ڪئي وڃي، خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ جن جي خاندان ۾ ڪينسر جي تاريخ موجود آهي، صحتِ عام جون مهمون بہ انهيءَ ڳالھ تي زور ڏئي رهيون آهن تہ صحتمند خوراڪ، جسماني سرگرمي برقرار رکڻ ۽ خطري وارن سببن جهڙوڪ سگريٽ نوشي ۽ ضرورت کان وڌيڪ شراب نوشي کان پاسو ڪرڻ سان ڪينسر ٿيڻ جا امڪان گهٽائي سگهجن ٿا. 

هي اڀياس ظاهر ڪري ٿو تہ نوا بچاءَ وارا طريقا ۽ وقت سر حڪمتِ عملين ۽ نوجوانن لاءِ بهتر سڃاڻپ واري ٽيسٽن جي رسائي جي گھڻي ضرورت آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تہ وقت سر آگاهي ۽ قدم کڻڻ سان هر سال هزارين زندگيون بچائي سگهجن ٿيون

https://www.cancercenter.com/community/blog/2025/05/why-is-cancer-increasing-in-young-adults#:~:text=Eliminate%20or%20reduce%20your%20alcohol,wear%20protective%20gear%20when%20necessary 

ناسا موجب 2008ع کان وٺي سج جي شمسي سرگرمي وڌي رهي آهي، روايتي 11 سالن جي چڪر کي رد ڪندي


ناسا موجب 2008ع کان وٺي سج جي شمسي سرگرمي وڌي رهي آهي، روايتي 11 سالن جي چڪر کي رد ڪندي

”دريا خان سنڌي“
ناسا جي سائنسدانن اهو مشاهدو ڪيو آهي تہ سج جي سرگرمي نہ رڳو وڌي رهي آهي، پر اها اهڙي نموني وڌي رهي آهي، جيڪو اسان جي ڄاتل معمولي نمونن سان ٺهڪندڙ ناهي
عام طور تي، سج جي سرگرمي 11 سالن جي هڪ چڪر جي پيروي ڪري ٿي گهٽ سرگرمي (Solar Minimum) کان وٺي وڌ ۾ وڌ سرگرمي (Solar Maximum) تائين ۽ وري واپس

اهي چڪر گھڻو ڪري ڪري سج جي ڌاڳن (Sunspots)، سج جي شعاعن (Solar Flares) ۽ ڪورونل ماس ايجڪشنز (CMEs) ۾ ٿيندڙ تبديلي سان ماپيا وڃن ٿا
پر تازين تجزين مان ظاهر ٿيو آهي تہ لڳ ڀڳ 2008ع کان وٺي سج اهڙي مسلسل واڌ ڏيکاريو آهي، جيڪو موجودھ شمسي چڪر جي حدن کان ٻاهر آهي
هي دور، سولر سائيڪل 23 جي پڄاڻي ۽ سولر سائيڪل 24 جي شروعات سان ٺهڪي اچي ٿو، جيڪو غير معمولي طرح ڪمزور هو
ان جي باوجود، سولر سائيڪل 25 ۾ سرگرمي ٻيهر تيزي سان وڌي آهي، ۽ جيڪو ڳڻتي جو سبب بڻيو آهي، اهو آهي تہ شمسي واقعن ۾ گڏيل واڌ جهڙوڪ اميد کان وڌيڪ سن اسپاٽ، سولر فليئر ۽ جيو ميگنيٽڪ طوفان سبب
جيتوڻيڪ اسان سولر سائيڪل 25 جي وڌ ۾ وڌ مرحلي (جيڪو لڳ ڀڳ 2025ع جي وچ ڌاري ٿيڻ جي اميد آهي) ڏانهن وڌي رهيا آهيون، تازن شمسي واقعن جي گهڻائي ۽ بيقاعدي، خاص ڪري X- ڪلاس سولر فليئر ۽ وڏا CMEs سوال پيدا ڪيا آهن

ڪجھ سائنسدانن جو خيال آهي تہ گهڻي ڊگهي مدي واري شمسي تبديلي، يا سج جي مقناطيسي فيلڊ جي حرڪتن ۾ اڻڄاتل ميڪانيزم، ان ڦير جو حصو ٿي سگهن ٿا
ٻيا سائنسدان چتاءُ ڏين ٿا تہ ان وقت کان اڳ ۾ ڄاتل چڪر کي ٻيهر تعريف ڪرڻ بدران وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي
هن غيرمعمولي واڌ جا عملي اثر بہ آهن، وڌندڙ شمسي سرگرمي سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن ۾ رڪاوٽ وجهي سگهي ٿي، GPS کي متاثر ڪري سگهي ٿي، ۽ ڌرتيءَ تي بجلي جي نيٽن کي بہ جيو ميگنيٽڪ طوفان سبب خطري ۾ وجهي سگهي ٿي

ساڳئي وقت، ان جا ڪجھ مثبت پاسا بہ آهن، جيئن تہ وڌيڪ بار اورورا (Northern Lights) پيدا ٿيڻ، جيڪي خاص جڳهن کان سواءِ بہ ٻين علائقن تائين ڏسي سگهجن ٿا

جيتوڻيڪ شمسي چڪر اڃا بہ جاري آهي، پر 2008ع کانپوءِ سج جو رويي ۽ سرگرمي ۾ هڪ مٿي ويندڙ رجحان ڏيکاري ٿو، ۽ ان جو سبب اڃا تائين واضح ناهي جنهن لاءِ ناسا ۽ اين او اي اي جهڙيون ايجنسين لاڳاپيل نگراني ۽ ماڊلنگ جاري رکيون ويٺا آهن 

هڪ سماجي يادگار، جيڪو ان عورت جي عزت ڪري ٿو جنهن کي چيو ويندو آهي تہ”گهر ۾ ڪجھ بہ ناهي ڪيو“ جڏهن تہ اهو”ڪجھ بہ نہ“ اصل ۾ سڀ ڪجھ هوندو آهي


هڪ سماجي يادگار، جيڪو ان عورت جي عزت ڪري ٿو جنهن کي چيو ويندو آهي تہ”گهر ۾ ڪجھ بہ ناهي ڪيو“ جڏهن تہ اهو”ڪجھ بہ نہ“ اصل ۾ سڀ ڪجھ هوندو آهي 

”دريا خان سنڌي“
هي مجسمو اسپيني فنڪار لوئس ڪيواڊو پاران ٺاهيو ويو آهي، جنهن جو سرڪاري نالو "لا مُوخير ديل المانيسر" (سحر جي عورت) آهي، ۽ اهو اسپين جي شهر زاراگوزا ۾ لڳايو ويو آهي، ان ۾ هڪ عورت ڏيکاري وئي آهي، جيڪا گهريلو شين جي هڪ وڏي ڍير جيئن واشنگ مشين، ٻهارا، گهر جون ذميواريون، ٻارن جي سار سنڀال ۽ انھن جون شيون، خريداري جي سامان، هيٺان دٻيل آهي، جيڪو اڻڄاتل ۽ بنا معاوضي واري گهريلو محنت جي علامت آهي، جيڪا گهڻو ڪري عورتن تي هوندي آهي

عورت ان ڳري بار جي ڪري اڳتي جهڪي بيٺي آهي، پر پوءِ بہ پيار ۽ محبت سان پنهنجي ٻارن جا هٿ پڪڙي بيٺي آهي، جيڪو ان جي ڪردار جي قوت ۽ جذباتي محنت کي ظاهر ڪري ٿو. 
هي مجسمو سماجي تبصري طور ڪم ڪري ٿو، تہ ڪيئن سماج گهريلو ڪم کي گهٽ سمجهي ٿو، خاص طور تي جڏهن اهو امڙين ۽ گهر سنڀاليندڙ عورتن طرفان ڪيو وڃي، ۽ ان کي “ڪجھ بہ نہ” سڏيو وڃي ٿو. 

حقيقت ۾، اهي ڪم گهرن ۽ سڄي سماج جي ڀلائي ۽ هلچل لاءِ گھڻا اهم آهن
اهو عام خيال کي للڪاريندو آهي ۽ ان ذهني، جسماني ۽ جذباتي ٻوجھ بابت آگاهي پيدا ڪندو آهي، جيڪو گهريلو ذميوارين سان جڙيل آهي، جن کي گهڻو ڪري نظرانداز ڪيو ويندو آهي يا غير پيداوار سمجهيو ويندو آهي. 

هي يادگار وڏي پيماني تي ساراهيو ويو آهي، ڇو تہ اهو صنفي اڻ برابريءَ تي روشني وجهي ٿو ۽ بنا معاوضي واري خيال ۽ سار سنڀال جي ڪم لاءِ سڄي دنيا ۾ احترام ۽ سڃاڻپ جي علامت بڻجي چڪو آهي. 

ڪينسر جي پيداوار Pathogenesis ڇا آهي؟ ڪينسر جا گهرڙا مدافعتي ڪمزوري جو ڪيئن فائدو وٺن ٿا؟


ڪينسر جي پيداوار Pathogenesis ڇا آهي؟ ڪينسر جا گهرڙا مدافعتي ڪمزوري جو ڪيئن فائدو وٺن ٿا؟ 

”دريا خان سنڌي“
پنهنجي ذاتي تجربن مان مثال کڻي، ڊاڪٽر شريبر جو خيال آهي تہ ڪڏهن بہ ڪينسر جي خطري کي گهٽ نہ اَڃاڻڻ گهرجي، ڀلي ماڻهو هاڻي مڪمل صحتمند نظر اچي. انهيءَ ڪري، هر ڪنهن کي ڄاڻڻ ضروري آهي تہ ڪينسر ڪيئن ٿيندو آهي. حقيقت ۾، ڪينسر جو اُڀرڻ بہ زڪام وانگر گهڻو ڪري مدافعتي نظام جي ڪمزوريءَ سبب ٿيندو آهي، جنهنڪري جسم ڪينسر جي سيلن-گهرڙن جي حملي لاءِ ڪمزور ٿي پوندو آهي.

ان ڳالھ کي واضح ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر شريبر هڪ تفصيل پيش ڪري ٿو: ڪينسر جا سيل-گهرڙا ائين آهن ڄڻ ٻاهرين قانون کان آزاد ڦرندڙ ڏوهي هجن، جيڪي جسم ۾ بي رڪاوٽ ڦهلجن ٿا ۽ تيزيءَ سان وڌن ٿا. پر اسان بلڪل بي وس ناهيون. جسم وٽ هڪ حفاظتي نظام آهي جيڪو انهن جي حملي کي روڪي ٿو. گهڻن حالتن ۾ ڪينسر جا سيل-گهرڙا مدافعتي نظام روڪي ڇڏيندا آهن ۽ اهي حقيقي ڪينسر ۾ تبديل ناهين ٿيندا. هي اَڏوهي حفاظتي نظام اصل ۾ مدافعتي نظام ئي آهي، جنهن ۾ زبردست حفاظتي سيل-گهرڙا هڪجهڙائيءَ سان ڪم ڪندا آهن، جيئن چَوڪيدار جسم کي بيمارين کان بچائن.

توهان سوچي سگهو ٿا تہ مدافعتي نظام ڪيترو طاقتور آهي؟ هتي ڊاڪٽر شريبر هڪ تجربو بيان ڪري ٿو جيڪو ڊاڪٽر زينگ ڪوي (Zheng Cui) آمريڪا جي ويڪ فاريسٽ يونيورسٽي ۾ ڪيو. ان S180 نالي گهڻا زهريلا ڪينسر جا سيل-گهرڙا هڪ ڪوئي ۾ داخل ڪيا. عام طور تي، اهڙي انجڪشن کان پوءِ ڪوئي جي پيٽ ۾ پاڻي (ascites) ڀرجي ويندو آهي ۽ اهو هڪ مهيني اندر مري ويندو آهي. پر هڪ ڏينهن، تجرباتي ڪوئي نمبر 6 کي 2 لک S180 سيل لڳايا ويا، پوءِ بہ اهو زندھ رهيو. پوءِ ان ۾ 20 ڪروڙ سيل داخل ڪيا ويا، پوءِ بہ اهو اٺ مهينا زندھ رهيو. ان ڪوئي جي مزاحمت ڏيکاريو تہ مدافعتي نظام جڏهن مڪمل طور تي سرگرم ٿئي، تڏهن ڪينسر خلاف حيرت انگيز طاقت ڏيکاري سگهي ٿو.

تحقيق ڪندڙن جڏهن ان ڪوئي جي پيٽ مان ڪينسر جا سيل-گهرڙا ڪڍي خوردبيني هيٺ ڏٺا تہ هڪ حقيقي “ميدانِ جنگ” سامهون آيو. عام ڪينسر جا سيل-گهرڙا گول، ڀرَيل ۽ جارحاڻي هوندا آهن. پر ان ڪوئي مان نڪتل سيل-گهرڙا ڇِڄيل، سوراخيل ۽ ڪمزور نظر آيا. انهن تي مدافعتي سيلن-گهرڙن سخت حملو ڪيو هو.

ان مان هڪ اهم ڳالھ خبر پئي ٿي: ڪينسر جا سيل-گهرڙا جسم ۾ وڏي ڀاڱيواري ۾ موجود هوندي بہ مدافعتي نظام جي ڪري “سُتل حالت” (Dormant) ۾ رهي سگهن ٿا. پر جڏهن مدافعتي نظام ڪمزور ٿئي ٿو، اهي سيل ٻيهر جاڳي وڌڻ لڳن ٿا ۽ ڦهلجي حقيقي ڪينسر بڻجن ٿا.
پر ڇا ڪمزور مدافعتي نظام لازمي ڪينسر جو سبب بڻجي ٿو؟ ڊاڪٽر شريبر چوي ٿو، نہ. ڇو تہ ڪينسر جا سيل-گهرڙا هر وقت حملي جي حالت ۾ ناهن. اهي تڏهن تيزيءَ سان وڌن ٿا جڏهن جسم ۾ ڪنهن سوزش (Inflammation) جو عمل هلندڙ هجي.

سوزش ڇا آهي؟ جڏهن جسم زخمي ٿئي ٿو تہ پليٽليٽس زخمي جاءِ تي گڏ ٿي “پليٽليٽ ڊرائيوڊ گروٿ فيڪٽر” ڇڏين ٿا. مدافعتي نظام اتي “مدد لاءِ سيل-گهرڙا” موڪلي ٿو، جيڪي رت جون نيون نڙيون ٺاهين ٿا تہ جيئن آڪسيجن ۽ خوراڪ ملي ۽ زخم ڀرجي. هي عمل سوزش سڏجي ٿو، جيڪو جسم جي مرمت لاءِ ضروري آهي.
عام حالتن ۾ زخم ڀرڻ کان پوءِ سوزش پاڻمرادو بند ٿي ويندي آهي. پر ڪينسر جا سيل-گهرڙا ساڳي عمل کي استعمال ڪري تيزيءَ سان وڌن ٿا.

ان ڳالھ کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر شريبر 1863ع جو مثال ڏئي ٿو، جڏهن جرمن ڊاڪٽر روڊولف ورچو (Rudolf Virchow) ڏٺو تہ ڪينسر گهڻو ڪري انهيءَ جاءِ تي ٿيندو هو جتي اڳ ۾ زخم يا سوزش ٿي هئي. پوءِ وري، ڊاڪٽر هيرولڊ ڊوورڪ (Harold Dvorak) ثابت ڪيو تہ سوزش ۽ ڪينسر جا عمل هڪجهڙا آهن. سندس مشاهدي مطابق، لڳ ڀڳ ڇهين حصو ڪينسرز ڊگهي سوزش سان لاڳاپيل آهن، جيئن رحم جو ڪينسر (Papillomavirus انفڪشن سبب) يا آنڊن جو ڪينسر (Chronic Enteritis سان).

ان مان ظاهر ٿيو تہ ڪينسر جا سيل-گهرڙا نہ رڳو سوزش استعمال ڪري وڌن ٿا، پر سوزشي ڪيميڪلز استعمال ڪري پنهنجو قدرتي موت (Apoptosis) بہ روڪي ڇڏين ٿا. ان کان علاوھ، اهي ويجهن مدافعتي سيلن-گهرڙن کي “غيرفعال” بہ ڪري ڇڏين ٿا. اهڙي طرح ٽومر بي قابو وڌندو رهي ٿو.

اڄ جي تحقيق بہ ٻڌائي ٿي تہ ڪينسر پاڻ بہ سوزش کي جنم ڏئي سگهي ٿو. جيتري ڪاميابيءَ سان اهو سوزش پيدا ڪندو، اوترو ئي جارحاڻي ٿيندو ۽ lymph nodes تائين ڦهلجي ميٽاسٽيسس ڪندو.
هي آهي ڪينسر جي ٻيو پيدائشي سبب: سوزش.

هاڻي اچو تہ ٽئين سبب ڏانهن هلون: غيرمعمولي رت جون نڙيون (Abnormal blood vessels)، جيڪي ڪينسر کي خوراڪ پهچائن ٿيون.
ڊاڪٽر شريبر ان لاءِ ٻي جنگ عظيم جو مثال ڏئي ٿو. اسٽالن گراڊ جي جنگ ۾ سوويت جرنيل زهوڪوف جرمن فوج سان سڌي محاذ تي نہ وڙهيو، پر انهن جي سپلاءِ لائن (رومانيا ۽ اٽلي جي فوجن) تي حملو ڪري جنگ کٽي. اهڙيءَ طرح، جيڪڏهن اسان ڪينسر جي خوراڪ ڪٽيون ٿا، تہ اهو بک مان ختم ٿي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر مائيڪل او رائيلي (Michael O’Reilly) جو تجربو ان ڳالھ جو ثبوت آهي. ان 20 ڪوئن ۾ جارحاڻي ڪينسر داخل ڪيو. 10 کي Angiostatin (رت جون نڙيون روڪيندڙ دوا) ڏني وئي. ڪجھ وقت کانپوءِ، جن کي دوا نہ ملي هئي، انهن جا ڦڦڙا ڪينسر سان ڪارا ٿي ويا، جڏهن تہ دوا وٺندڙ ڪوئن جا ڦڦڙا مڪمل صحتمند هئا. اهو ظاهر ٿيو تہ رت جي نڙين کي روڪڻ سان ڪينسر کي بکيو ڪري سگهجي ٿو.
آخر ۾، ڊاڪٽر شريبر چوي ٿو تہ ڪينسر سان جنگ کٽڻ لاءِ اسان کي ان جي پيداواري جا طريقا سمجهڻ ضروري آهن:

1. مدافعتي نظام ڪمزور ٿئي تہ سُتل ڪينسر جا سيل جاڳي سگهن ٿا.
2. زخم يا ڊگهي سوزش ڪينسر کي وڌڻ جو موقعو ڏئي ٿي.
3. غيرمعمولي رت جون نڙيون ڪينسر کي خوراڪ پهچائي وڏو ڪن ٿيون.

جيستائين اسان مدافعتي نظام مضبوط رکون ٿا، سوزش کي ڪنٽرول ڪريون ٿا، ۽ خوراڪ جي لائين ڪٽي ڇڏيون ٿا، تيستائين ڪينسر کي وڌڻ يا ڦهلجڻ کان روڪي سگهون ٿا.

هي سلسلو هن ڪتاب مان ورتل آهي 

Anticancer: A New Way of Life, Dr. David Servan-Schreiber 

ماهرن موجب خراب وهاڻي ۾ ڀاٿروم کان 17 هزار ڀيرا وڌيڪ بيڪٽيريا ٿي سگھن ٿا، جيڪي، موهيڙا، نمونيا، فوڊ پوائزننگ جهڙين بيمارين سان لاڳاپيل هجن ٿا


ماهرن موجب خراب وهاڻي ۾ ڀاٿروم کان 17 هزار ڀيرا وڌيڪ بيڪٽيريا ٿي سگھن ٿا، جيڪي، موهيڙا، نمونيا، فوڊ پوائزننگ جهڙين بيمارين سان لاڳاپيل هجن ٿا 

”دريا خان سنڌي“
ماهرن هڪ مطالعي ۾ ڏٺو آهي تہ خراب وهاڻي ۾ ڀاٿروم جي سيٽ کان 17 هزار ڀيرا وڌيڪ بيڪٽيريا موجود ٿي سگهن ٿا.
هڪ هفتي ۾ وهاڻي جي ڪيس جي هر چورس انچ ۾ 50 لک تائين بيڪٽيريا گڏ ٿي سگهن ٿا، جن ۾ اهي نقصانڪار جراثيم بہ شامل هوندا آهن، جيڪي نمونيا ۽ فوڊ پوائزننگ جهڙين بيمارين سان لاڳاپيل آهن، هي گڏجڻ پگھر، تيل، ٿڪ ۽ مئل چمڙي جي سيلن مان ٿيندو آهي، جنهن سان اها جڳھ بيڪٽيريا لاءِ وڌڻ ۽ پکيڙڻ لاءِ سازگار بڻجي وڃي ٿي، بلڪل اُتي، جتي توهان پنهنجو مٿو رکو ٿا

ماهرن جي صلاح آهي تہ وهاڻي جا ڪپڙا گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو گرم پاڻي سان ڌوئڻ گهرجن تہ جيئن بيڪٽيريا ۽ الرجي پيدا ڪندڙ جراثيم گهٽجي وڃن، صاف هنڌ جا ڪپڙا نہ رڳو منهن جي بيمارين جهڙوڪ موهيڙن کان بچائن ٿا، پر توهان جي ساهہ کڻڻ واري نظام کي بہ محفوظ رکن ٿا ۽ پرسڪون ننڊ کي بہ يقيني بڻائن ٿا 

27 ورهين جي جيسيڪا بريڊي 20 کان مٿي ڀيرا مسلسل ڊاڪٽرن کي پنھنجي خراب طبيعت هئڻ تي ٻڌائيندي رهي تہ انکي ڪينسر ٿي سگھي ٿو، ڊاڪٽرن اهو جواب ڏئي واپس ڪندا هئا تہ هي عمر ڪينسر جي ناهي، جنھن کانپوءِ ايڊينوڪارسينوما نالي ڪينسر سبب اها گذري وئي


27 ورهين جي جيسيڪا بريڊي 20  کان مٿي ڀيرا مسلسل ڊاڪٽرن کي پنھنجي خراب طبيعت هئڻ تي ٻڌائيندي رهي تہ انکي ڪينسر ٿي سگھي ٿو، ڊاڪٽرن اهو جواب ڏئي واپس ڪندا هئا تہ هي عمر ڪينسر جي ناهي، جنھن کانپوءِ ايڊينوڪارسينوما نالي ڪينسر سبب اها گذري وئي 

”دريا خان سنڌي“
جيسيڪا بريڊي، 27 ورهين جي انگلينڊ جي رهواسي، ڊسمبر 2020 ۾ دير سان سڃاتل ايڊينوڪارسينوما (ڪينسر جي هڪ قسم) سبب افسوسناڪ نموني گذاري وئي.
موت کان اڳواٽ ڪيترائي مهينا، هر هر ڊاڪٽرن سان رابطو ڪيو ۽ اهڙيون علامتون ٻڌايون جهڙوڪ ٿڪاوٽ، وزن گهٽجڻ، لڳاتار کنگھ، رات جو پگهر اچڻ، ۽ ليمف نوڊس جو سُڄڻ. پنجن مهينن جي عرصي ۾، ان 20 کان وڌيڪ ڀيرا ڊاڪٽرن سان ملاقات ڪئي، ڪڏهن آنلائن ۽ ڪڏهن سامهون ويهي ڪري.
پر بدقسمتي سان، خالي سندس ننڍي عمر سبب، علامتن کي هر هر نظرانداز ڪيو ويو يا غلط سڃاتو ويو، خاص ڪري ان وقت جي عام غلط سڃاڻپ "لانگ ڪووڊ" طور. ان کي هر هر چيو ويو تہ هوءَ "ڪينسر لاءِ گھڻي ننڍي عمر رکندڙ آهي

آخرڪار، سندس گهر وارن پرائيويٽ علاج جو سهارو ورتو، جنهن سان ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي. پر ايستائين دير ٿي چڪي هئي، ۽ خالي ٽن هفتن کانپوءِ جيسيڪا گذاري وئي.
ان دل ڏکائيندڙ واقعي کان پوءِ، اين ايڇ ايس انگلينڊ ۾ هڪ نئون قانون لاڳو ڪيو ويو، جنهن کي "جيس جو ضابطو" (Jess’s Rule) سڏيو وڃي ٿو.
ان ضابطي موجب، جيڪڏهن ڪو مريض ٽي ڀيرا ڊاڪٽر وٽ وڃي پر سڃاڻپ واضح نہ ٿئي، يا علامتون برقرار رهن يا گهڻو وڌڻ، تہ ڊاڪٽر تي لازم آهي تہ هو کيس جو ٻيهر جائزو وٺي، ٻين ممڪن سببن (نادر يا سنجيدھ بيمارين سميت جهڙوڪ ڪينسر) تي غور ڪري، ۽ وڌيڪ ٽيسٽون ڪرائي يا مريض کي ڪنھن ماهر ڏانهن ريفر ڪري.
ان لاڳاپين جو ڪارڻ بيمارين کي وقت سر سڃاڻڻ آهي، خاص ڪري نوجوانن ۽ اقليتي برادرين ۾، جتي شماريات موجب سڃاڻپ ۾ دير جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.
هي ضابطو اهو بہ قبول ڪري ٿو تہ مريض جي عمر يا شروعاتي خيال ڪڏهن بہ طبي جاچ جي پوري سنجيدگي کي نظرانداز نٿا ڪري سگهن. اهو هڪ وڏو قدم آهي اهڙين موتن کي روڪڻ لاءِ، جيڪي دير سان سڃاڻپ سبب ٿين ٿا.

جيسيڪا جي گهر وارن، خاص ڪري سندس ماءُ، ان تبديلي لاءِ گھڻي جدوجهد ڪئي هئي، هي ضابطو وڏي پيماني تي سٺو قرار ڏنو ويو آهي ۽ هاڻي اين ايڇ ايس انگلينڊ ۾ پرائمري ڪيئر ۾ حفاظتي نظام بهتر ڪرڻ لاءِ لاڳو ڪيو پيو وڃي. 

آمريڪي محققن چانور جي سائيز کان بہ ننڍڙو پيس ميڪر تيار ڪري ورتو، جيڪو دل جي مسئلن کي حل ڪرڻ کانپوءِ پاڻمرادو ڳري وڃي ٿوو


آمريڪي محققن چانور جي سائيز کان بہ ننڍڙو پيس ميڪر تيار ڪري ورتو، جيڪو دل جي مسئلن کي حل ڪرڻ کانپوءِ پاڻمرادو ڳري وڃي ٿوو

”دريا خان سنڌي“
اهو وائرليس، پاڻ حل ٿي وڃڻ وارو ڊوائيس جسم ۾ سُئي وسيليءِ داخل ڪري سگهجي ٿو ۽ دل جي ڌڙڪن کي عارضي طور تي برقرار رکڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، خاص طور تي انهن مريضن لاءِ جيڪي دل جي آپريشن کانپوءِ صحتياب ٿي رهيا آهن.
روايتي عارضي پيس ميڪر ۾ ڊگها تار ۽ ٻيهر سرجري جي ضرورت پوندي آهي، پر هي نئون پيس ميڪر جسم جي پنهنجن رطوبتن مان توانائي حاصل ڪري ٿو ۽ جڏهن ضرورت نہ رهي تہ پاڻ مرادو محفوظ نموني ختم ٿي وڃي ٿو. ان کي سيني تي لڳايل هڪ نرم پيچ مان روشنيءَ جي سگنلن وسيليءِ ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو، جيڪو علاج کي گهٽ تڪليف ڏيندڙ ۽ گهڻو تيز جواب ڏيندڙ بڻائي ٿو.

انسانن تي ٽيسٽ ٿيڻ ۾ ڪجھ سال لڳي سگهن ٿا، پر جانورن ۽ انساني ٽشوز تي شروعاتي تجربا ڪامياب رهيا آهن. هي جدت خاص طور تي انهن نون ڄاول ٻارن لاءِ گهڻو ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو، جن ۾ دل جون ڄمڻ وقت کان ئي خرابيون ٿينديون آهن ۽ آپريشن کان پوءِ دل جي ڌڙڪن جي سهائتا جي ضرورت پوي ٿي، ۽ انهن بالغن لاءِ بہ جيڪي دل جي سرجري مان گذري رهيا آهن.

دل جي بيماري دنيا ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب آهي، ۽ هي انقلابي ايجاد ايندڙ وقت ۾ لکين ماڻهن جي علاج ۽ صحتيابي جو طريقو بدلائي سگهي ٿي. ان سان گڏ، محققن جو چوڻ آهي تہ اها ٽيڪنالاجي خالي ڪارڊيالاجي تائين محدود نہ رهندي، پر اعصابن جي ٻيهر بحالي ۽ “سمارٽ امپلانٽس” جهڙن ڪيترن ئي ٻين شعبن ۾ بہ تبديلي آڻي سگهي ٿو. 

محققن سين اينٽونيو ويجهو هڪ هائبرڊ پکي ڳولي لڌو جيڪا هڪ نئين قسم آهي، انساني ماحولياتي تبديليءَ سان ارتقائي تبديليءَ جي نئين لهر جي شروعات آهي، تحقيقق


محققن سين اينٽونيو ويجهو هڪ هائبرڊ پکي ڳولي لڌو جيڪا هڪ نئين قسم آهي، انساني ماحولياتي تبديليءَ سان ارتقائي تبديليءَ جي نئين لهر جي شروعات آهي، تحقيقق

”دريا خان سنڌي“
سائنسدانن”سئن اينٽونيو“ جي ويجهو هڪ نيو ۽ حيرت انگيز پکيءَ دريافت ڪيو آهي، جيڪو ٻن مختلف نسلن جي گڏجڻ سان پيدا ٿيڻ جو نتيجو آهي، جنھن کي نالي (بلو جي)(Cyanocitta cristata) ڪورويڊي خاندان ۾ هڪ مسافر پکي طور سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو اوڀر اتر آمريڪا جو رهواسي آهي. اهو اوڀر ۽ مرڪزي آمريڪا جي گھڻن علائقن ۾ رهي ٿو، انهن جا رهڻ جا هنڌ هڪٻئي سان ملي وڃڻ سبب سندن م ارتقائي تبديليءَ ٿي آهي. محققن جو خيال آهي تہ آبهوا جي تبديلي ۽ بدلجندڙ ماحولياتي نظام اهڙن نسلن جي ملاقات کي تيز ڪري ڇڏيندو آهي، جيڪي ٻي صورت ۾ منفرد نايابي هڪٻئي سان ملندڙ آهن. اهو عمل اهڙن منفرد گڏيل نسلن کي جنم ڏئي رهيو آهي، جيڪي امڪاني طور تي بلڪل نون نسلن جي نمائندگيءَ ڪري سگهن ٿا.

ان دريافت کي گهڻو اهم ان ڪري سمجهيو پيو وڃي جو اها فطرت جي حيرت انگيز صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿي تہ اها حالتن سان گڏ ئي پاڻ کي ترتيب ڏئي سگهي ٿي. جڏھن ڪجھ نسل زندھ رهڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، تڏھن ٻيا پنهنجا خاصيتون گڏ ڪري اهڙو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪو گهڻو ڪري انهن لاءِ نئين حالتن ۾ مددگار ثابت ٿئي. ماهرن جو چوڻ آهي تہ هي انساني عملن سبب ٿيندڙ ماحولياتي تبديليءَ سان شروع ٿيندڙ ارتقائي تبديليءَ جي نئين لهر جي شروعات ٿي سگهي ٿي. 

گهٽ پاڻي پيئڻ سان ڪارٽيسول جي سطح 55 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿي. جنھن سان دٻاءُ واري هارمون وڌڻ سبب دل ۽ دماغ کي نقصان پهچي ٿو، تحقيق


گهٽ پاڻي پيئڻ سان ڪارٽيسول جي سطح 55 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿي. جنھن سان دٻاءُ واري هارمون وڌڻ سبب دل ۽ دماغ کي نقصان پهچي ٿو، تحقيق 

”دريا خان سنڌي”
محققن موجب گهٽ پاڻي پيئڻ سان ڪارٽيسول جي سطح 55 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿي. هڪ نئين تحقيق اهو ظاهر ڪري ٿي تہ ذهني دٻاءُ ۽ مجموعي صحت لاءِ پاڻي ڪيترو اهم آهي. محققن معلوم ڪيو آهي تہ گهٽ پاڻي پيئڻ سان جسم ۾ ڪورٽيسول جي سطح جيڪا دٻاءُ واري مکيھ هارمون آهي، جنھن ۾ لڳ ڀڳ 55 سيڪڙو تائين وڌارو ٿي سگهي ٿو. وڌايل ڪورٽيسول نہ رڳو دٻاءُ ۽ پريشاني جا احساس وڌائي ٿو، پر اهو ننڊ کي بہ متاثر ڪري ٿو، مدافعتي نظام کي ڪمزور ڪري ٿو، ميٽابولزم کي سست ڪري ٿو ۽ خاص ڪري پيٽ جي چوڌاري چرٻي گڏ ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿو. 

پاڻي جسم جي تقريبن هر فنڪشن لاءِ ضروري آهي، گرمي پد کي قابو ڪرڻ کان وٺي دماغي ڪارڪردگي کي مدد ڪرڻ تائين، جڏهن جسم ۾ پاڻي گهٽجي وڃي ٿو تہ اهو ان کي هڪ دٻاءُ وارو سگنل سمجهي ٿو ۽ ڪورٽيسول ۾ اوچتو وڌارو ٿي وڃي ٿو، وقت سان گڏ، اهو نروس سسٽم تي بار وجهي ٿو، بلڊ پريشر وڌائي ٿو ۽ ڊگهي مدي وارن دائمي بيمارين جو خطرو وڌائي ٿو
ڏينهن ۾ مسلسل پاڻي پيئڻ دٻاءُ کي قدرتي طور ڪنٽرول ڪرڻ جو سڀ کان سولو ۽ اثرائتو طريقو آهي، ماهرن جي صلاح آهي تہ باقاعدي پاڻي پيتو وڃي، خالي تڏهن نہ جڏهن توهان کي اُڃ لڳي، ڇاڪاڻ⁠تہ اُڃ لڳڻ جو مطلب آهي تہ جسم اڳ ئي پاڻي جي کوٽ جو شڪار ٿي چڪو آهي، گڏوگڏ پاڻيءَ سان مالا مال شيون جهڙوڪ کيرا، هنڌاڻا ۽ نارنگي بہ فائدو ڏين ٿا. 

اهو بلڪل سادو ڪم يعني روزانو مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ ڪورٽيسول جي سطح کي برابري رکي ٿو، مزاج کي بهتر بڻائي ٿو ۽ ڊگهي مدي واري صحت جي حفاظت پڻ ڪري ٿو 

چين هڪ ٻوڏ سٽيل ڪوئلي جي کاڻ کي هڪ وڏي ترندڙ سولر فارم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، چين 2050ع تائين 50 سيڪڙو سولر مان بجليءَ حاصل ڪندڙ ملڪ بڻجندو


چين هڪ ٻوڏ سٽيل ڪوئلي جي کاڻ کي هڪ وڏي ترندڙ سولر فارم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، چين 2050ع تائين 50 سيڪڙو سولر مان بجليءَ حاصل ڪندڙ ملڪ بڻجندو 

”دريا خان سنڌي“
چين ماضي جي هڪ علامت، هڪ ٻڏل ڪوئلي جي کوٽائي واري کڏ، کي مستقبل جي روشن نشاني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جتي دنيا جي وڏين ترندڙ سولر فارمن مان هڪ تعمير ڪئي وئي آهي. پاڻيءَ جي وسيع ايراضين تي پکڙيل اهي سولر پينل صاف بجلي پيدا ڪن ٿا، ۽ اهڙي زمين کي استعمال ۾ آڻين ٿا جيڪا ٻي صورت ۾ ڇڏيل ۽ ڪم جي نہ رهي هجي. اها هڪ حيرت انگيز تبديلي آهي، جتي حياتياتي ٻارڻ کان ڇٽڪارو وٺي سٺي ۽ صاف جديد توانائي ڏانهن قدم وڌايو ويو آهي، ۽ صنعت جي پراڻن نشانين کي پائيدار بجليءَ جي مرڪزن ۾ بدلائي ڇڏيو ويو آهي.

هي ترندڙ سولر فارم نہ رڳو ڪاربان جي نيڪال کي گهٽائي ٿو، پر پاڻي کي ٻاڦ ٿيڻ کان بہ بچائي ٿو، جنهن سان ٻہ طرفو ماحولياتي فائدو ملي ٿو. ڇڏي ويل ۽ خراب ٿيل زمين کي ٻيهر استعمال ۾ آڻي، چين اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي تہ جدت هڪ ئي وقت ٻہ مسئلا حل ڪري سگهي ٿي، سائي توانائي پيدا ڪرڻ ۽ ڇڏي ويل ماڳن کي جيئرو ڪرڻ. دنيا لاءِ اهو هڪ صاف پيغام آهي، سڀاڻي جي توانائي اڄ جي صنعتي کنڊرن مان بہ جنم وٺي سگهي ٿي. 

ڏندن جي ڀرائي کي هاڻي الوداع ڪريو، محققن ليبارٽري ۾ حقيقيءَ هٿرادو ڏند ٺاهي ورتا آهن، جيڪي پاڻ کي وڌائڻ جي صلاحيت رکندڙ پڻ آهن


ڏندن جي ڀرائي کي هاڻي الوداع ڪريو، محققن ليبارٽري ۾ حقيقيءَ هٿرادو ڏند ٺاهي ورتا آهن، جيڪي پاڻ کي وڌائڻ جي صلاحيت رکندڙ پڻ آهن 

”دريا خان سنڌي“
اپريل 2025ع ۾، ڪنگز ڪاليج لنڊن جي محقِقن (امپيريل ڪاليج لنڊن سان گڏيل تعاون ۾) اهو ٻڌايو تہ انهن ليبارٽري جي ماحول ۾ انساني ڏندن جھڙا ڍانچا وڌائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هڪ خاص طور تي تيار ڪيل بايو-مٽيريل استعمال ڪندي جيڪا سيلن-گهرڙن جي رابطو ڪرڻ ۽ پاڻ کي ڏند جھڙي ٽشو ۾ ترتيب ڏيڻ جي اجازت ڏئي ٿي.
انهن جو طريقو هڪ هائيڊروجيل ميٽرڪس استعمال ڪندي ڏند جي ترقي جي قدرتي مائيڪرو اينوائرنمينٽ کي نقل ڪرڻ تي مشتمل آهي، جيڪو آهستي آهستي سگنلنگ اشارا خارج ڪري ٿو، سيلن-گهرڙن کي هڪ منظم طريقي سان مختلف ٿيڻ جي اجازت ڏئي ٿو.
محقِقن جو چوڻ آهي تہ، مستقبل ۾، اهو طريقو گهڻو ڪنهن ڏينهن موجودھ ڏندن جي علاج جي طريقن جهڙوڪ فلنگز- ڀرائي يا امپلانٽس-تبديلي کي تبديل يا وڌارو ڪري سگهي ٿو.
مصنوعي امپلانٽس يا فلنگز جي ابتڙ جيڪي غير فعال هونديون آهن، وقت سان خراب ٿي سگهن ٿيون، ۽ گھڻو ڪري تبديلي جي ضرورت پوي ٿي، هڪ حياتياتي طور وڌايل ڏند وڌيڪ قدرتي طور تي ضم ٿي سگهي ٿو ۽ گهڻو ڪري پاڻ مرمت ڪري سگهي ٿو.
برحال، اهم تحفُظات آهن. اڃا تائين جيڪي ڏند وڌايا ويا آهن اهي شروعاتي مرحلي وارا ۽ ان ويٽرو (ليبارٽري ڊش ۾) آهن، اڃا تائين انساني مريضن ۾ لڳايا نہ ويا آهن.

سائنسدانن کي اڃا بہ چيلنجز حل ڪرڻ جي ضرورت آهي جهڙوڪ: ليبارٽري ۾ وڌايل ڏند جي ڍانچي کي ڪيئن هڪ زندھ جبڙي ۾ منتقل يا ضم ڪجي، انهن کي چٻڻ جي قوتن هيٺ ڪارائتو بڻايو وڃي، ڊگهي مدت جي استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي، ۽ حفاظت جي تصديق ڪئي وڃي. 

انڊيا جي نالي جادوا پائينگ 16 سالن جي عمر ۾ وڻ پوکڻ شروع ڪيا. هاڻي 47 سالن جي عمر ۾، هو پنهنجي ٻيلي ۾ رهي ٿو، جنھن ۾ سوين قسمن جا پکي، گينڊا، ٽائيگرز ۽ هاٿين جو اهو گھر بڻجي چڪو آهي


انڊيا جي نالي جادوا پائينگ 16 سالن جي عمر ۾ وڻ پوکڻ شروع ڪيا. هاڻي 47 سالن جي عمر ۾، هو پنهنجي ٻيلي ۾ رهي ٿو، جنھن ۾ سوين قسمن جا پکي، گينڊا، ٽائيگرز ۽ هاٿين جو اهو گھر بڻجي چڪو آهي 

”دريا خان سنڌي“
جاداو مولائي پائينگ نالي اهو ماڻهو جنهن اڪيلي سر هٿ سان هڪ پورو خوشحال ٻيلو پيدا ڪيو. جيڪو هڪ نوجوان جي ڪوشش طور شروع ٿيو تہ انڊيا جي آسام نالي هڪ بنجر ريل واري ٽاپو تي زمين جي ڪٽائي کي روڪڻ لاءِ اهو 1,360 ايڪڙن جي ٻيلي ۾ تبديل ٿي ويو جيڪو زندگيءَ سان هاڻي مالال آهي. 30 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين، جادوا پائينگ هڪ وقت ۾ هڪ وڻ پوکيو، هڪ ويران زمين کي ان ۾ تبديل ڪيو جيڪا هاڻي مولائي ٻيلي جي نالي سان مشهور آهي، هڪ ترقي ڪندڙ ماحولياتي نظام جيڪو هاٿين، ٽائيگرن، گينڊن ۽ سوين قسمن جي پکين کي پناهہ ڏئي ٿو هاڻي،

جاداو جي محنت ثابت ڪري ٿي تہ ڪيئن هڪ فرد جي مسلسل ڪوشش دنيا کي تبديل ڪري سگهي ٿي. حڪومتي فنڊنگ يا جديد اوزارن کان سواءِ، هن اهو ڪم اڪيلي سر ڪيو، وڻ پوکڻ، پاڻي ڏيڻ ۽ ٻوڏن ۽ شڪارين کان وڻن جي حفاظت ڪرڻ. اڄ، هن جو ٻيلو ڌرتيءَ تي ماحولياتي بحاليءَ جي سڀ کان متاثر ڪندڙ مثالن مان هڪ طور بيٺو آهي، اسان کي ياد ڏياري ٿو تہ ننڍي کان ننڍو ڪم بہ، جيڪڏهن مسلسل ڪيا وڃن، ڪنهن غير معمولي خوشحال سندرتا شيءِ ۾ وڌي سگهن ٿا. 

جاپان دنيا جي پھرين سپر سولر پينلز شيٽُون آڻڻ وارو آهي جيڪو ويھ نيوڪليئر ري ايڪٽرن کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري ٿو، جيڪي ڪڪرن يا گهٽ روشني واري حالتن ۾ بہ، پنھنجي ڪارڪردگي برقرار رکندڙ آهن


جاپان دنيا جي پھرين سپر سولر پينلز شيٽُون آڻڻ وارو آهي جيڪو ويھ نيوڪليئر ري ايڪٽرن کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري ٿو، جيڪي ڪڪرن يا گهٽ روشني واري حالتن ۾ بہ، پنھنجي ڪارڪردگي برقرار رکندڙ آهن 

”دريا خان سنڌي“
جاپان رسمي طور تي هڪ انقلابي شمسي سپر پينل متعارف ڪرايو آهي جيڪو ايندڙ نسل جي پيروسڪائيٽ شمسي سيل (PSC) ٽيڪنالاجي سان هلندڙ آهي جيڪا عالمي صاف توانائي جي آزادي طرف هڪ وڏي اڳڀرائي جي نشاندهي ڪري ٿي، روايتي سلڪان پينلز جي برعڪس، اها گهڻي پتلي، لچڪدار شيٽُون تقريبن ڪنهن بہ مٿاڇري تي ڇپائي سگهجن ٿيون، مٿائين عمارتن جي دروازن کان وٺي ڪار جي ڇت تائين، ايستائين جو ڪنھن بہ سڄي شهرن تي وڏي پيماني تي لڳائي سگهجن ٿيون، جيڪو هڪ ٻئي سان ڳنڍيل بجلي گرڊ ۾ تبديل ڪري سگھي ٿو، جيتوڻيڪ ڪڪرن يا گهٽ روشني واري حالتن ۾، اهي سولر پينل غير معمولي ڪارڪردگي برقرار رکن ٿا، انهن کي شهري استعمال لاءِ بلڪل مناسب بڻائيندو آهي.

انجنيئرن جو اندازو آهي تہ 2040ع تائين، اهي پينل ساڳي بجلي جي پيداوار پيدا ڪري سگهن ٿا جيڪا 20 ايٽمي ري ايڪٽرن جي برابر آهي، سواءِ ڪنهن فضول يا خطري جي، اهو نظام نہ رڳو جاپان جي نيٽ-زيرو مقصدن کي اڳتي وڌائي ٿو پر عالمي توانائي جي امڪانن کي بہ نئين شڪل ڏئي ٿو، اهو ڏيکاريندي تہ ڪيئن پائيدار ٽيڪنالاجي خوبصورتي يا ڪنهن وڏي جاءِ کي قربان ڪرڻ کان سواءِ وڏي پيماني تي ٿي سگهي ٿي. هن جدت سان، جاپان پاڻ کي قابل جديد توانائي ۾ عالمي اڳواڻ جي حيثيت ۾ رکي ٿو هڪ مستقبل جي جھلڪ جتي اوهانکي هر پاسي شهرن ۾ وڏين عمارتن ۾ شيشا نہ بلڪي اهي سولر پینل شيٽون نظر اينديون 

ايڊز جو وائرس - وائرس (7)


ايڊز جو وائرس - وائرس (7) 

”دريا خان سنڌي“
بيمارين تي قابو پائڻ واري اداري جي هفتيوار رسالي ۾ 4 جولاءِ 1981ع تي هڪ رپورٽ پڌري ٿي. لاس اينجلس ۾ آڪٽوبر 1980ع کان مئي 1981ع جي وچ ۾ پنج مريض داخل ٿيا هئا. انهن سڀني کي هڪ نادر بيماري نيوموسسٽِس نمونيا هئي. هي بيماري هڪ عام ملندڙ فنگس کان ٿئي ٿي. ان جا ذرا ايترا عام آهن جو اهي ننڍپڻ ۾ ئي جسم ۾ داخل ٿيندا رهن ٿا. ايميون سسٽم انهن کي جلد ئي ماري ٿو ۽ مستقبل لاءِ محفوظ ڪري ٿو. پر گهڻو ڪمزور ايميون سسٽم ٿيڻ کان پوءِ هي فنگس تباهي مچائي سگهي ٿي ۽ ڦڦڙن کي ناڪارا ڪري ٿي. مريض کي زندھ رکڻ لاءِ آڪسيجن ڏيڻي پوي ٿي. اهي پنجئي مريض ان حالت ۾ هئا جو انهن کي هي بيماري لڳڻ نہ گهرجي ها. نوجوان مرد جيڪي ڪجھ عرصو اڳ تائين هر لحاظ کان صحتمند هئا. ان تي تبصرو ڪندي رسالي جي ايڊيٽر لکيو تہ "هي ممڪن طور تي گهرڙن جي ايميون سسٽم ۾ ٿيندڙ خرابي آهي“. 

کين خبر نہ هئي تہ هو جديد تاريخ ۾ ايندڙ بدترين وبا جو ٻڌائي رهيا هئا. اهي پنج ماڻهو سيلولر ايميون سسٽم جي خامي جو شڪار هئا ۽ ان جو سبب ايڇ آءِ وي وائرس هو. پوءِ محققن معلوم ڪيو تہ هي خاموشيءَ سان گذريل اڌ صديءَ کان ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيو هو. اَسي واري ڏهاڪي ۾ اهو وبائي صورت اختيار ڪري ويو ۽ ڪروڙين ماڻهن تائين پهتو. ان جي هٿان ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي چڪا آهن.
موت جو هي انگ خوفناڪ ان ڪري آهي تہ اهو سولائي سان منتقل نٿو ٿئي. هن کي ڪنهن کي هٿ ملائڻ کان يا ڇڪ ڏيڻ سان منتقل نٿو ڪري سگهجي. رڳو جسم جي ڪجھ مادن سان منتقل ٿئي ٿو. غيرمحفوظ جنسي عمل کان. رت جي مٽاسٽا کان، ماءُ کان ٻار ۾. منشيات استعمال ڪندڙن ۾ سرنج ونڊ ڪرڻ سان.
هڪ ڀيرو اهو جسم ۾ اچي وڃي تہ ايميون سسٽم تي ئي بي خوفيءَ سان حملو ڪري ٿو. هي خاص قسم جي گهرڙن، CD4 ٽي گهرڙي، کي پڪڙي ٿو ۽ انهن جي ميمبرين ۾ ائين هليو ملي ٿو جيئن صابڻ جا بلبلا هڪ ٻئي سان ملن ٿا. هي هڪ ريٽرو وائرس آهي. يعني پنهنجي جينياتي مواد کي گهرڙي جي جينوم ۾ داخل ڪري ٿو. ان مان ايڇ آءِ وي وائرس جون نيون ڪاپيون ٺهن ٿيون جيڪي ڀڄي ڪري ٻين گهرڙن کي متاثر ڪن ٿيون.

شروع ۾ ان وائرس جي آبادي تيزيءَ سان وڌي ٿي. جڏهن ايميون سسٽم کي خبر پوي ٿي تہ اها متاثر ٿيل گهرڙن کي مارڻ لڳندي آهي ۽ وائرس جي آبادي گهٽجڻ لڳندي آهي. متاثر ٿيل مريض کي هي سڄي جنگ معمولي فلو جي صورت ۾ محسوس ٿئي ٿي. ايميون سسٽم ان کي شڪست ڏئي ٿو ۽ تقريبن سمورن ايڇ آءِ وي وائرس کي ماري ٿو. پر شڪست ڏسي ايڇ آءِ وي وائرس خاموش ٿي وڃن ٿا. جن ٽي گهرڙن ۾ وڃي هي لڪيل آهن اهي وڌندا ۽ ورهائيندا رهن ٿا. پوءِ ڪنهن وقت اهو مٿو کڻندو آهي ۽ وائرس جو حملو شروع ٿي ويندو آهي. ايميون سسٽم ان نئين بغاوت جو مٿو ڪٽي ٿو. هي جاري رهي ٿو ۽ وقت سان گڏ ايميون سسٽم ڪمزور ٿي شڪست کائي ٿو.
ٿي سگهي ٿو تہ ايميون سسٽم هي شڪست هڪ سال ۾ ئي کائي يا پوءِ ويهن سالن تائين بہ نہ کائي. پر نتيجو ڪڏهن نہ ڪڏهن هڪ ئي نڪرندو آهي. ان جو شڪار ٿيڻ وارا پاڻ کي انهن بيمارين کان نٿا بچائي سگهن جن کي هڪ نارمل ايميون سسٽم روڪي ٿو. اها ئي وجھ هئي جو اَسي واري ڏهاڪي ۾ ماڻهو اسپتالن ۾ عجيب بيمارين سان ايندي شروع ٿي ويا.

هن بيماريءَ جي وائرس جي دريافت فرانسيسي سائنسدان 1983ع ۾ ڪئي. مليريا يا ڪالرا انسانن کي هزارين سالن کان ماريندا آيا آهن. هي نئين بيماري اَسي واري ڏهاڪي ۾ دريافت ٿيڻ کان ڪجھ سالن اندر ئي سڄي دنيا ۾ تباهي مچائي رهي هئي. هي ڇا هو؟ هي ان وبا جو اسرار هو.
پهرين سائنسدانن ان جي جين کي مختلف مريضن کان حاصل ڪري ترتيب ڪيو ۽ اهو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪيو ويو. ان مان وائرس جو ارتقائي وڻ ٺهيو. هر دٻاءُ هڪ گڏيل ڏاڏي جي شاخ هئي. محققن دريافت ڪيو تہ ان جا ٻہ جدا قسم آهن. HIV-1 جيڪو جارحانہ آهي. ۽ HIV-2 جيڪو نسبتن ايترو جارحانہ ناهي.
سائنسدانن دريافت ڪيو تہ آهستي وڌندڙ وائرس جي وڏي گروپ سان واسطو رکي ٿو جن کي لينٽي وائرس چون ٿا. اهي ٻلي، گهوڙي، ڳئون ۽ ڀولڙن کي متاثر ڪن ٿا. 1991ع ۾ دريافت ٿيو تہ HIV-2 آفريقا ۾ ڀولڙن جي هڪ قسم کي متاثر ڪندڙ وائرس جو ويجهو مائٽ آهي. سوٽي منگابي نالي نسل اولھ آفريقا ۾ پالي بہ وڃي ٿي ۽ کاڌي بہ وڃي ٿي ۽ اها ڀولڙن جي انسانن کي ڏندن سان ڪڪي وٺڻ جي سبب بہ منتقل ٿي سگهي ٿي.

سائنسدانن کي HIV-1 جو پتو لڳائڻ ۾ وڌيڪ دير لڳي. ان جو سبب اهو آهي تہ اهو ان نسل ۾ هو جنهن جو مطالعو ڪرڻ سولو نہ هو. چمپينزي. اهي چالاڪ آهن، طاقتور آهن ۽ سوئي لڳائڻ پسند نٿا ڪن. انهن جي فضلي جو تجزيو ڪري هن وائرس جي سڃاڻپ ڪئي وئي جنهن مان معلوم ٿيو تہ وائرل وڻ ۾ ان جو ارتقاء چمپينزي جي وائرس کان ڪيترائي ڀيرا ٿيو.
ان جي شروعات جي ڳولا لاءِ پراسرار طريقي سان مرندڙ پراڻن مئلن جي باقيات جو تجزيو ڪيو ويو. 1976ع ۾ مرندڙ هڪ ناروي جي ملاح جي ٽشو ۾ اهو نڪتو. ان جا شروعاتي شڪار غريب ملڪن جا هئا جتي پراڻن جسم جي ٽشو جو ملڻ ڏاڍو مشڪل هو.
نوي واري ڏهاڪي ۾ هڪ ٻيو طريقو معلوم ٿيو. هزارين مريضن کان وٺي ايڇ آءِ وي کي ترتيب ڪيو ويو. سپر ڪمپيوٽر سان تجزيو ڪري انهن جي جينياتي ميوٽيشن ڦير گهير جو ماڊل ٺاهيو ويو. انهن سڀني مان اندازو ٿيو تہ ميوٽيشن- ڦير گهير هڪ خاص رفتار سان ٿين ٿيون. يعني تہ ان کي بجري جي ڪلاڪ جيان ڏٺو وڃي ٿو. بجري جو ڍير ڪيترو اونچو آهي؟ ان جو جواب اسان کي اهو ٻڌائي ٿو تہ وقت ڪيترو گذري ويو. ان مان اندازو ٿيو تہ ان جو گڏيل ڏاڏو 1933ع ۾ هو.

هن اندازي کي هڪ ٻي حيران ڪندڙ دريافت کان ڀيٽ ملي. اها ڪانگو ۾ ڪنشاسا اسپتال ۾ هڪ مرڻ واري مريض جو 1959ع جو محفوظ ڪيل رت جو نمونو هو. 1998ع ۾ ان تي تجزيو ۽ 2008ع ۾ ڪنشاسا ۾ هڪ ٻي پيٿولوجي جي ڪليڪشن جي 1960ع جي تجزيي هن بجري جي ڪلاڪ جي ماڊل جي تصديق ڪئي. ايڇ آءِ وي جي انسان ۾ منتقلي ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ٿي هئي.
هن ماليڪيولر ڪلاڪ هڪ ٻي نئين شيءِ جي جھلڪ ڏني. ڪنشاسا ۾ 1960ع ۾ اهي ٻئي وائرس هڪجهڙا نہ هئا پر HIV-1 جي الڳ شاخن جا هئا. ان اسان کي هن وائرس جي ڪهاڻي سمجهڻ ۾ مدد ڪئي.

اهڙو وائرس چمپينزي ۾ ملي ٿو. شڪاري چمپينزي کي گوشت لاءِ عرصي کان استعمال ڪندا هئا. ڪڏهن ان دوران اهو شڪاري کي متاثر ڪري ڇڏيندو هو. پر شڪاري ۾ اچڻ وائرس لاءِ ڪارائتو نہ هو. اهو اڳتي نہ پکڙندو هو. ويهين صديءَ ۾ هن علائقي ۾ آباديون ۽ شهر وسڻ لڳا. دريائن سان گڏ واپاري رستن پيٿوجن جو سفر ٻيلي کان شهرن طرف ممڪن بڻايو. هن وائرس جا حامل چمپينزي ڏکڻ-اوڀر ڪئميرون جي ٻيلن ۾ رهن ٿا. هتان جا دريا ڏکڻ طرف وهندي ڪنشاسا طرف وڃن ٿا. تنهنڪري اهو رڳو اتفاق ناهي جو اسان کي هن وائرس جا شروعاتي نشان ڪنشاسا ۾ نظر اچن ٿا.
هن وڌندڙ شهر ۾ وائرس بہ وڌي سگهيا. انهن کي اها آبادي ملي جنهن ۾ اهي پنهنجو قدم جمائي سگهيا ۽ ارتقاء مان انسانن ۾ رهڻ جي مطابقت حاصل ڪري سگهيا. 1960ع تائين انهن ۾ جينياتي قسم ڪافي اچي چڪي هئي جيتوڻيڪ غالبن انهن رڳو ڪجھ هزار ماڻهن کي متاثر ڪيو هو. جيسيتائين ان جي سڃاڻپ 1983ع ۾ ٿي، اهو هڪ عالمي بحران بڻجي چڪو هو. ان کي روڪڻ جي حڪمت عملي ايندڙ ڪجھ سالن کان پوءِ ڪارآمد ٿيڻ شروع ٿي. ماڻهن جو رويو بدلائڻ اثرائتو رهيو. يوگنڊا ان تي هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪئي. 1991ع ۾ هن ملڪ ۾ وڏي پئماني تي موتون ٿي رهيون هيون. ان جي آبادي ۾ پندرهن سيڪڙو هن مرض جو شڪار هئا. اهو ريشو 2001ع ۾ پنج سيڪڙو رهجي ويو هو.

ان تي دوائون ٺاهڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون رهيون آهن. ڪيترائي لک ماڻهو هاڻي دوائن جو هڪ ڪاڪٽيل استعمال ڪن ٿا جنهن جي ڪري اها ڊرگ ٿراپي ايڇ آءِ وي جو شڪار ماڻهن کي وڏي حد تائين صحتمند زندگي گذارڻ ممڪن بڻائي ٿي. اها سستي نہ آهي. غريب ملڪن ۾ هن وائرس کان متاثر ماڻهو اها دوائون برداشت نٿا ڪري سگهن جيڪي انهن کي ڪجھ سال، جيارڻ ۾ ڏهاڪن جي وڌاري زندگي ڏئي سگهن. پر اهو هاڻي تبديل ٿي رهيو آهي. ڪيتريون اين جي اوز هن وقت متاثر ملڪن ۾ دوائن تائين رسائي جو ڪم ڪري رهيون آهن.

پر اهي دوائون سٺو علاج نہ آهن. انهن جا نقصانڪار اثر ڪجھ سالن ۾ واضح ٿيڻ لڳندا آهن. ۽ وائرس جو انهن جي خلاف مدافعت ٺاهڻ مان نئين دوائن طرف منتقل ٿيڻو پوي ٿو. ايڇ آءِ وي جو بهترين حل ڪا ويڪسين هجڻ گهرجي تہ جيئن ان جو شڪار ٿيڻ کان اڳ ئي بچي سگهجي. پر ويڪسين ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ اڃا تائين مايوسي هٿ آئي آهي. 2008ع ۾ مرڪ جي ٺاهيل ويڪسين وڏي خبر بڻجي هئي. آزمائش کان پوءِ ان کي ڇڏڻو پيو ڇاڪاڻ تہ اها اثرائتي نہ هئي. هن امڪان ۾ گهٽتائي بجاءِ ڪجھ واڌارو نظر آيو هو.
۽ جيڪڏهن ڪنهن ننڍي آزمائش ۾ ويڪسين اثر ڏيکاري ٿي تہ بہ اها هن بيماريءَ جي خلاف ڪاميابيءَ جي ضمانت نہ آهي. ايڇ آءِ وي وائرس بہ پنهنجي ڪاپي ٺاهڻ ۾، فلو جيان، نڪمو آهي. گهڻو جلد گهڻا ميوٽيشن ڦيرگهير گڏ ڪري سگهي ٿو. اهو نيچرل سليڪشن لاءِ گهڻو خام مال فراهم ڪري ٿو. ان جو ارتقاء هن وائرس جو ايميون سسٽم جي سڃاڻپ واري نظام کان ڀڄڻ ممڪن بنائي ٿو.

فلپ گولڊر 2008ع ۾ سائنسدانن جي بين الاقوامي ٽيم جي مدد سان دنيا ۾ 2800 ماڻهن جو مطالعو ڪيو جنهن مان معلوم ٿيو تہ مختلف ماڻهو مختلف قسم جو دفاعي ليوڪوسائيٽ اينٽيجن رکن ٿا. ۽ اهو تہ هر علائقي ۾ وائرس هن علائقي جي ليوڪوسائيٽ اينٽيجن سان مطابقت حاصل ڪري چڪو آهي. اها تحقيق ايڇ آءِ وي جي ويڪسين ٺاهڻ جي ڪوششن لاءِ خراب خبر آهي.
پر اهو ممڪن آهي تہ ويڪسين ٺاهيندڙ ايڇ آءِ وي جو فرار رولنگ ويڪسين سان روڪي سگهن. اهو وائرس کان هڪ قدم اڳتي رهڻ جو طريقو هوندو. ۽ هن وائرس جو مستقبل ڏسڻ لاءِ ان جي ماضيءَ مان مدد وٺڻي پوندي. سائنسدانن جي هڪ ٽيم HIV-1 جي سب ٽائيپ بي جي دٻاءُ جو موازنو ڪيو ۽ ان جي گڏيل ڏاڏي جي ٺاهيل هڪ پروٽين تيار ڪئي. هن پروٽين کي استعمال ڪندي ويڪسين ٺاهي جنهن جو جواب ايڇ آءِ وي جي دٻاءُ جي وڏي رينج تي هو. اهي تجربا ڀولڙن تي ڪامياب رهيا آهن. اهو ٻڌائي ٿو تہ ان جي ويڪسين ٺاهڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو.

هڪ ويڪسين جو تجربو ان سال اثرائتي نہ هجڻ جي سبب رد ڪري ڇڏيو ويو جڏهن تہ هڪ ٻي ويڪسين هن وقت فيز ٽي آزمائش ۾ داخل ٿي وئي آهي. اها ايڊينو وائرس جي مدد سان انجنيئر ٿيل ويڪسين آهي جيڪا تمام گهڻن عالمي اسٽرينن کي روڪي سگهي ٿي.
هي وائرس هر سال ستر لک ماڻهن کي متاثر ڪري رهيو آهي. هر سال ان مان ست کان اٺ لک موتون ٿين ٿيون جن مان هڪ سال جا ٻار بہ گڏوگڏ شامل آهن. ايڇ آءِ وي سان وڙهڻ جو مستقبل ايڇ آءِ وي جي ماضيءَ ۾ آهي.

هلندڙ... 
پاڻي جا وائرس - وائرس (6)

https://www.facebook.com/share/p/1FG1z8HSMr/ 

پاڻي جا وائرس - وائرس (6)


پاڻي جا وائرس - وائرس (6)

”دريا خان سنڌي“
نيويارڪ يونيورسٽي جي شاگرد ليٽا پراڪٽر 1986ع ۾ سمنڊ ۾ وائرس ڳڻڻ جو فيصلو ڪيو. ان وقت عام خيال اهو هو تہ گهڻو ڪري ئي ڪجھ ملندو. ماهرن جو خيال هو تہ سمنڊ ۾ جيڪي وائرس هوندا، اهي نيڪال واري پاڻي ۽ زمين کان وڃڻ واري ٻين ذريعن جي ڪري هوندا.
پر ڪجھ سائنسدانن کي شاهديون ملي رهيون هيون جيڪي ان عام اتفاق راءِ سان مطابقت نہ رکن ٿا. سمنڊ جي بائيالوجسٽ جان سي برٿ سمنڊي بيڪٽيريا جي تصوير پڌري ڪئي هئي جيڪا وائرس سان ڀريل پيل هئي. ان کي ڏسي پراڪٽر ان تي تحقيق ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هوءَ جزائر غرب الهند ۾ سارگاسو سمنڊ ۾ وئي ۽ سمنڊ جو پاڻي حاصل ڪيائين. ان مان گهڻي احتياط سان بائيالوجيڪل مواد الڳ ڪيائين ۽ اليڪٽران مائڪروسڪوپ جي هيٺ ڏٺو. اها وائرس جي دنيا هئي. ڪي آزاد ڦري رهيا هئا، ڪي وائرس جي اندر ميڙاڪو جمايل هئا. پراڪٽر اندازو لڳايو تہ هڪ ليٽر سمنڊي پاڻي ۾ هڪ کرب وائرس آهن.
پراڪٽر جو عدد ڏسي ائين پئي لڳو تہ ان ۾ ڪجھ زيرو غلطي سان ڪري پيا آهن پر جڏهن ٻين سائنسدانن پنهنجو سروي ڪيو تہ ائين ئي اندازن جي ويجهو پهتا. في ليٽر هڪ کرب.

وائرس ڪنهن بہ ٻئي سمنڊي رهاڪن کان گهڻو وڌيڪ آهن. جيڪڏهن سڀ سمنڊي وائرس گڏ ڪيا وڃن تہ انهن جو وزن ساڍا ست ڪروڙ نيري وهيل جي برابر ٿيندو. جيڪڏهن انهن کي گڏجي رکي سگهجي تہ اهي اسان جي ڪهڪشان جي سائيز کان سٺ ڀيرا وڌيڪ ٿيندا.
ان جو اهو مطلب نہ آهي تہ سمنڊ خطرناڪ جاءِ آهي. انهن مان گهڻو گهٽ ائين آهن جيڪي انسان کي اثرانداز ڪرڻ جي قابل آهن. ڪي مڇين ۽ ٻين سمنڊي جاندارن کي اثرانداز ڪن ٿا پر اهي سڀ کان وڌيڪ جراثيم کي اثرانداز ڪن ٿا. اهي جراثيم اسان کي نظر نٿا اچن پر سڀني وهيلن، ڪورل ريف ۽ ٻين نظر ايندڙ زندگيءَ کان ڪٿي وڌيڪ آهن. جيئن اسان جي جسم ۾ بيڪٽيريا تي فيج حملو ڪن ٿا، تيئن ئي سمنڊي بيڪٽيريا تي سمنڊي فيج.

پراڪٽر جي دريافت کان پوءِ سائنسدان انهن جو زمين تي ٿيندڙ اثر ڄاڻڻ معلوم ڪري رهيا هئا. اهي موسم تي اثرانداز ٿين ٿا. سمنڊي وائرس اربين سالن کان زندگي جي ارتقاء ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهي بائيولاجي جي جيندڙ جاڳيندڙ ميٽرڪس آهن.
اهي ايترا اهم ان ڪري آهن جو اهي ايترا ڪامياب آهن. هر سيڪنڊ ۾ ڏھ ٽريلين جراثيم تي حملا آور ٿين ٿا. هر روز، سمنڊ جي لڳ ڀڳ اڌ بيڪٽيريا کي ماري ڇڏين ٿا. وائرس جي حملا ڪري مارڻ واري عادت آبي مائڪروب جي تعداد کي قابو ۾ رکي ٿي ۽ انهيءَ قاتلانہ خصوصيتن مان اسان گهڻو فائدو وٺندا آهيون.
مثال طور، ڪالرا پاڻيءَ ۾ بڻڻ واري بيڪٽيريا وبريئو جي ڪري ٿيندو آهي. اها بيڪٽيريا ڪيترن ئي وائرسن کي پسند آهي. جڏهن وبريئو جي آبادي وڌي وڃي ٿي تہ ڪالرا جي وبا ڦهلجي وڃي ٿي. ۽ ان وقت انهن کي مارڻ وارا فيج تيزيءَ سان وڌن ٿا. ايتري تيزيءَ سان جو ايتري قدر تيز رفتاريءَ سان بيڪٽيريا وڌي نٿا سگهن. بيڪٽيريا جو گل ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ وبا بہ.
ڪالرا جي وبا کي روڪڻ آبي وائرس جو هڪ ننڍڙو اثر آهي. اهي ايتري قدر وڌيڪ مائڪروب ماري ڇڏين ٿا جو ان جو اثر ڌرتيءَ جي موسم تي پوي ٿو. ان جو سبب اهو آهي تہ مائڪروب پاڻ زمين جا زبردست جيو انجنيئر آهن. الجي ۽ فوٽوسنٿيسز ڪرڻ واري بيڪٽيريا زمين تي بڻڻ واري اڌ آڪسيجن ٺاهيندا آهن. الجي ڊائي ميٿائيل آڪسيجن خارج ڪري ٿي جيڪا هوا ۾ بلند ٿي ڪڪرن جي ٻج جو ڪم ڪري ٿي. اهي ڪڪر سج جي شعاعن کي منعڪس ڪن ٿا ۽ ڌرتيءَ جو درجو حرارت گهٽ ڪن ٿا. مائڪروب وڏي مقدار ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ بہ جذب ۽ خارج ڪن ٿا. اها گيس زمين جي درجو حرارت تي اثر ڪري ٿي. ڪيترائي مائڪروب ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو نيڪال ڪن ٿا جيڪا زمين جي گرمي کي قيد ڪرڻ واري گيس آهي. الجي ۽ فوٽو سنٿيٽڪ بيڪٽيريا ان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪري زمين کي ٿدو ڪن ٿا. جڏهن سمنڊي مائڪروب مري وڃن ٿا تہ اهو ڪاربن سمنڊ جي تري ۾ وڃي وکرندو آهي. ڪيترن ئي ملين سالن کان اها مائڪروبيل برفباري ڌرتيءَ جو درجو حرارت گهٽ ڪري رهي آهي. اهي مئل آرگنزم تري ۾ ڇپ جي صورت ۾ گڏ ٿي وڃن ٿا. مثال طور، ڊوور جون اڇيون جبل هڪ خلوي گهرڙي جاندارن ڪوڪوليٿوفور جي باقيات مان ٺهيل آهن.
وائرس انهن جيو انجنيئرن کي روزانو ٽريلينن جي تعداد ۾ ماري ڇڏين ٿا. جڏهن اهي مرن ٿا تہ انهن جو جسم کلي وڃي ٿو ۽ روزانو ڪيترائي ارب ٽن ڪاربن ان طريقي سان خارج ٿيندو آهي. ان آزاد ٿيڻ واري ڪاربن مان ڪجھ ڀاڻ جو ڪم ڪندو آهي. ان سان نون مائڪروبن جي پيداوار متحرڪ ٿيندي آهي. جڏهن تہ ڪجھ سمنڊ جي تري ۾ هليو وڃي ٿو. اهي چپڪيندڙ ماليڪيول ٻين ماليڪيولن سان ملي سمنڊ هيٺ برفباري جو طوفان برپا ڪن ٿا.

سمنڊي وائرس نہ رڳو تعداد ۾ پر قسم جي لحاظ کان بہ گھڻا وسعت رکن ٿا. ياد رهي تہ انساني جين ۽ شارڪ جي جين ۾ فرق گهڻو وڌيڪ ناهي. ايترو گهٽ آهي جو سائنسدان شارڪ جينوم جا گهڻا جين انساني جينوم ۾ ڪنهن ويريئيشن سان ڳولي سگهن ٿا. جڏهن تہ سمنڊي وائرس جي جينوم مان لڳ ڀڳ ڪجھ بہ ملڻ ۾ نٿو اچي. برمودا، خليج ميڪسيڪو، بحر آرڪٽڪ، اتر بحر اوقيانوس مان گڏ ڪيل ارڙهن لک سڃاڻپ ڪيل وائرل جين مان رڳو ڏهہ سيڪڙو اهڙو آهي جنهن جو مقابل ڪنهن بہ جانور، ٻوٽي يا ڪنهن مائڪروب ۾ مليو آهي. يا ڪنهن بہ ٻئي معلوم وائرس ۾. باقي نوي سيڪڙو سائنس لاءِ نواڻ آهي. ٻہ سئو ليٽر سمنڊي پاڻي ۾ وائرس جون پنج هزار قسمون ملنديون آهن جڏهن تہ سمنڊي تري جي مٽيءَ جي هڪ ڪلوگرام ۾ ڏھ لک قسمون.
سمنڊي وائرس وٽ انفيڪٽ ڪرڻ لاءِ گهڻا شڪار آهن. انهن کي هر هڪ جو دفاع ٽوڙڻ جي حڪمت عملي ٺاهڻي آهي. پر انهن جي قسم جا پرامن سبب بہ آهن. ٽيمپريٽ فيج پنهنجي ميزبان جي ڊي اين اي سان پرامن طريقي سان ملي وڃن ٿا. جڏهن گهرڙو ورهائجي ٿو تہ وائرس جو ڊي اين اي بہ ڪاپي ٿي وڃي ٿو. جڏهن ميزبان گهرڙو دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿو تہ اهو ٽٽي الڳ ٿي وڃي ٿو. نسل در نسل ائين ڪرڻ ۾ اها ميوٽيشن ڦيرگهير گڏ ڪري ٿي. ان وقت تائين جو اهو ڀڄي نٿو سگهي. پنهنجي ميزبان جي جينوم جو مستقل حصو بڻجي وڃي ٿي.
ڪيترا ڀيرا ميزبان گهرڙو جڏهن نوان وائرس تيار ڪري رهيو هوندو آهي تہ غلطيءَ سان پنهنجي ڪنهن جين جو وڌارو بہ ڪري ڇڏيندو آهي. اهي نوان وائرس پنهنجي ميزبان جون جينون کڻي سمنڊ ۾ ترندا رهندا آهن ۽ پنهنجي سان پوئين ميزبان جي جين کي بہ ايندڙ ميزبان ۾ منتقل ڪري ڇڏيندا آهن. هڪ اندازي مطابق سمنڊي وائرس جين ٽرانسفر ڪرڻ وارو ڪم سال ۾ هڪ ٽريلين ٽريلين ڀيرا ڪندا آهن.
ڪيترا ڀيرا اهي نيون اچڻ واريون جينون ڪنهن نئين ميزبان کي وڌيڪ ڪامياب بڻائي ڇڏينديون آهن. ان کي وڌڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. ميزبان جي ڪاميابي وائرس جي بہ ڪاميابي آهي. وائرس جون ڪجھ قسمون وبريئو کي ماري ڇڏينديون آهن جڏهن تہ ڪجھ ٻيون قسمون بيڪٽيريا کي نوان ٽوڪسن خارج ڪرڻ جي جين فراهم ڪنديون آهن جيڪي نوان انفيڪشن ڪنديون آهن. ٽوڪسن جو مٽاسٽو ڪرائيندڙ اهي وائرس بيڪٽيريا لاءِ نئين ڪالرا جي وبا ڦهلائڻ ۾ مددگار ٿيندا آهن.

وائرس وسيلي جين جو لين ڏين دنيا جي آڪسيجن ٺاهڻ ۾ سڌي طرح مددگار آهي. گهڻي مقدار ۾ موجود سمنڊي بيڪٽيريا سائينيڪوڪوڪس زمين تي ٿيندڙ هڪ چوٿون فوٽو سنٿيسز ڪندو آهي. جڏهن سائنسدان ان جي ڊي اين اي جو مطالعو ڪندا آهن تہ گهڻو ڪري کين وائرس مان ايندڙ پروٽين روشني پڪڙڻ وارو ڪم ڪندڙ مليندا آهن. سائنسدانن آزاد وائرس ۾ فوٽوسنٿيسز واريون جين جي موجودگي سڃاڻي آهي جيڪيون ڪنهن کان کڻي ڀڄي آيون هيون ۽ نئين ميزبان جي ڳولا ۾ هيون. هڪ اندازي موجب دنيا ۾ ٿيندڙ ڏھ سيڪڙو فوٽوسنٿيسز وائرل جين ڪندا آهن. پنهنجا ڏهہ سُٺ وٺو. انهن مان هڪ سُٺ پهچڻ جي پيشڪش وائرس جي هئي.

آبي وائرس جو جين کي ان طريقي سان ادل بدل ڪرڻ زمين تي زندگيءَ جي تاريخ تي وڏو اثر رکندو رهيو آهي. آخر، زندگيءَ شروعات بہ پاڻيءَ مان ڪئي هئي. اسان کي آبي مائڪروب جا ساڍا ٽي ارب سال پراڻا پنڊپاهڻ ملندا آهن. ڪيترن ئي خلوي جاندارن جو ارتقاء بہ پاڻيءَ ۾ ٿيو هو. اسان کي انهن جا ٻہ ارب سال پراڻا پنڊپاهڻ ملندا آهن. ممالي جي قطار جي جاندارن کي خشڪي تي اچڻ ۾ رڳو چاليھ ڪروڙ سال ٿيا آهن. وائرس پنهنجا نشان ڇپن تي نٿا ڇڏين. پنهنجن ميزبانن جي جينوم ۾ ڇڏين ٿا. اهي اسان کي ٻڌائين ٿا تہ وائرس پاڻ اربين سال پراڻا آهن.
جيئرن شين جي وچ ۾ وائرس جين جو مٽاسٽو ڪندا رهيا آهن. ڊارون زندگي کي وڻ جهڙو تصور ڪيو هو. پر جين جي تاريخ ٻڌائي ٿي تہ گهٽ ۾ گهٽ آبي مائڪروب ۽ انهن جي وائرس ۾ اهو هڪ وڻ جي بجاءِ مصروف واپاري نيٽورڪ جهڙو آهي. انهيءَ ڄار جا ڏس پتا اربين سالن کان اڻيا پيا وڃن.
گڏ لڳل تصوير "سمنڊي برفباري" جي آهي. اها نامياتي مواد آهي جيڪا مٿئين سمنڊ مان اونهي سمنڊ جي طرف ڪري ٿي.

هلندڙ... 
دشمن جو دشمن فيج - وائرس (5)

https://www.facebook.com/share/p/14L4sxfC342/ 

دشمن جو دشمن فيج - وائرس (5)


دشمن جو دشمن فيج - وائرس (5)

”دريا خان سنڌي“
انسان جي وائرس سان واقفيت پراڻي آهي. اهي اسان کي بيماريءَ جي صورت ۾ پنهنجو اثر ڏيکاريندا رهيا آهن. ويهين صديءَ جي شروعات تائين اسان انهن کان سڌو سنئون واقف ٿيڻ شروع ڪيو هو پر وائرولوجي جو دائرو گهڻو محدود هو. ان جو ڌيان ان تي هو تہ انهن مان ڪهڙا اسان کي پريشان ڪن ٿا. وائرولوجسٽ وائرس کي اسان جي پنهنجي گهڻي محدود واسطي کان ٻاهر گهٽ ڏسندا هئا.
انهن تي نئين طريقي سان پهرين نظر عالمي جنگ کان اڳواٽ جي دوران ۾ پئي. فرانسيسي فوجي وڏي انگ ۾ مري رهيا هئا. نہ رڳو جرمنن جي هٿان پر بيڪٽيريا جي سبب پڻ. اهي مائڪروپ انهن جي زخمن تي حملا ڪندا هئا. کاڌي پيتي جي شين تي. عالمي فلو جي وبا انهن جي مدد ڪئي ۽ اهي ماڻهن جي ڦڦڙن تي حملا آور ٿيا.
اهو اهو دور هو جڏهن اينٽي بايوٽڪ موجود نہ هئي. اها 1930ع واري ڏهاڪي ۾ دريافت ٿيڻي هئي. ان وقت زخمن کي صاف ڪيو ويندو هو. جيڪڏهن ناڪام ٿيا تہ هٿ يا ٽنگ کي ڪٽيو ويندو هو ۽ عام طور تي مريض پوءِ بہ فوت ٿي ويندو هو.
هن سڀ جي وچ ۾ فيلڪس ڊي هيريل 1917ع ۾ هڪ نئين دريافت ڪئي جيڪا هڪ معجزو لڳي رهي هئي. هڪ طاقتور شيءِ جيڪا بيڪٽيريا کي ماريندي هئي. هيريل اهو دريافت ڪيو هو جنهن جو ڪنهن بہ تصور نہ ڪيو هو. هڪ وائرس جيڪو انسان يا جانور تي نہ پر بيڪٽيريا تي حملا آور ٿيندو هو. هيريل اها دريافت فرانسيسي فوجين ۾ پيچش جي وبا جي دوران ڪيل تجربن مان ڪئي. انهن مان حاصل ڪيل مواد مان شيگيلا (پيچش ڪرڻ وارو بيڪٽيريا) الڳ ڪيو. هن بيڪٽيريا کي صاف ٿيل محلول ۾ داخل ڪيو تہ ڏٺائون تہ وڌڻ کان پوءِ ڪيترن ئي هنڌن تان بيڪٽيريا جو صفايو ٿي رهيو آهي. هنن اندازو لڳايو تہ هي جنگ جو ميدان آهي ۽ بيڪٽيريا جا لاشن جا ڍير لڳائڻ وارا وائرس آهن. انهن جو نالو هنن "بيڪٽيريو فيج" رکيو.
بيڪٽيريا کي بيمار ڪرڻ واري وائرس جو تصور ايترو عجيب هو جو ڪيترن سائنسدانن کي اها ڳالھ هضم نہ ٿي. ان جي سخت مخالفت ڪرڻ وارن ۾ فرانس جي نوبل انعام يافتہ سائنسدان جولس بورڊي بہ هئا. هنن اهو تجربو اي ڪولائي تي ورجايو. نتيجو اهو نہ نڪتو. هيريل ۽ بورڊي جي سخت بحث سالن تائين هلندي رهي. 1940ع واري ڏهاڪي ۾ سائنسدانن اليڪٽران مائڪروسڪوپ اچي وڃڻ کان پوءِ ڏٺو تہ هيريل صحيح هئا.
جنهن سبب بورڊي جا تجربا مختلف نتيجا ڏئي رهيا هئا، ان جو سبب اهو هو تہ بورڊي جيڪو تجربو ڪري رهيا هئا، اتي هڪ ٻي قسم جا فيج هئا. ٽيمپريٽ فيج، جيڪي بيڪٽيريا کي انفيڪٽ تہ ڪندا هئا، ان کي ماريندا نہ هئا.
هيريل فيج جو عملي استعمال ڏسي رهيا هئا. ڇا ان کي مريضن جي علاج لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو؟ فيج ڏئي نقصانڪار بيڪٽيريا ماري سگهجن ٿا؟ سڀ کان پهريون تجربو پاڻ پنهنجي مٿان ڪيو. ان مان معلوم ٿي ويو تہ فيج وٺڻ محفوظ آهي. ان کان پوءِ پيچش ۽ حيضي جي مريضن تي تجربا ڪيا. سوئز ڪينال تي ڪم ڪندڙ چار مريض جن کي طاعون ٿيو هو، اهي ان مان صحتياب ٿي ويا.
هن طريقي سان چمڙي جي زخم ۽ آنڊي جي انفيڪشن جي مرض جو علاج ڪيو.
زندھ وائرس سان علاج جو تصور ڪيترن ڊاڪٽرن لاءِ پريشان ڪندڙ هو. اينٽي بايوٽڪ جي اچڻ کان پوءِ 1940ع تائين فيج سان علاج جو طريقو پس منظر ۾ هليو ويو. اينٽي بايوٽڪ فنگس ۽ بيڪٽيريا مان پيدا ٿيندڙ پروٽين ۽ مصنوعي ڪيميڪل هئا ۽ گهڻا اثرائتو هئا. انهن جي ڪاميابي جو مطلب اهو نڪتو تہ فيج ٿراپي تي ڪم ختم ٿي ويو.
هيريل جي طريقي تي سوويت يونين ۾ هڪ تحقيقاتي ادارو ايلياوا انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويو. هن 1963ع ۾ فيج ٿراپي جو سڀ کان وڏو ٽرائل ٽيهہ هزار ٻارن تي ڪيو. ڪجھ ٻار شيگيلا جي فيج جي دوا هفتي ۾ هڪ دفعو کائيندا هئا. ٻين کي مٺي گوري ڏني ويندي هئي. 109 ڏينهن جاري رهڻ واري هن ٽرائل ۾ جن ٻارن کي مٺي گوري ملي هئي، ان ۾ پيچش جو اثر 6.7 في هزار رهيو. جن فيج واري گوري ورتي هئي، ان ۾ اثر 1.8 في هزار رهيو. فيج وٺڻ جي سبب امڪان ۾ سوا چار ڀيرا جو فرق پيو.
سوويت لوهي پردي جي پاليسي جي سبب هن ڪامياب تجربي جي ڄاڻ جارجيا کان ٻاهر گهٽ ماڻهن تائين پهتي. 1989ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ اها خبر ٻاهر نڪتي.
فيج ٿراپي متنازع آهي. ان جا حامي چون ٿا تہ اهي هر طرف آهن. اسان جي ڏهي، اچار ۽ ڪباب ۾ بہ. اسان جو جسم انهن سان ڀريل آهي. هر روز اهي اسان جي جسم جي اندر بيڪٽيريا جو وڏي انگ ۾ شڪار ڪندا آهن. اسان کي زندھ وائرس کي علاج جي طور تي استعمال ڪرڻ ۾ فڪرمند ٿيڻ جي ضرورت ناهي. گهربل عارضي جي علاج لاءِ فيج جي ڪاڪٽيل ٺاهي سگهجي ٿي ۽ عام بيڪٽيريا ختم ڪري سگهجن ٿا.
ان جي مخالفن جو چوڻ آهي تہ ڄاڻي واڻي ٻاهرين وائرس جسم ۾ داخل ڪرڻ خطري کان خالي ناهي. ۽ جيڪڏهن اهو ٿي بہ وڃي تہ ارتقاء هن علاج کي گهڻو جلد بيڪار ڪري ڇڏيندو. انفيڪشن جلد واپس اچي ويندي. ان جا حامي ان جو جواب ڏين ٿا تہ ارتقاء جو هٿيار تہ فيج وٽ بہ آهي. اينٽي بايوٽڪ جي برعڪس مزاحمت حاصل ڪرڻ وارا بيڪٽيريا سان پاڻ نبڙندا.
بوسٽن يونيورسٽي جي بائيولوجسٽ جيمس ڪولنز ۽ ايم آئي ٽي جي ٽم لو 2008ع ۾ پهريون مصنوعي فيج ٺاهڻ تي پيپر پڌرو ڪيو. جينياتي انجنيئرنگ سان تيار ڪيل فيج بيڪٽيريا جي اينٽي بايوٽڪ ۽ فيج جي خلاف سڀ کان وڌيڪ اثرائتو دفاع بايوفلم کي بي اثر ڪري سگهيو. انهن جي ٺاهيل فيج ۾ اها جين هئي جيڪا بايوفلم کي حل ڪرڻ واري اينزائم-خمير ٺاهيندي هئي. انهن جو اثر عام ٿراپي کان سئو ڀيرا بهتر هو.
ڪولنز ۽ ٻيا سائنسدان هڪ طرف فيج کي وڌيڪ اثرائتو ڪرڻ جا طريقا ڳولي رهيا آهن تہ ٻئي طرف اينٽي بايوٽڪ جي خلاف مزاحمت رکندڙ بيڪٽيريا ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. ان جو نتيجو اهو نڪري رهيو آهي تہ ڊاڪٽرن کي قيمتي ۽ آخري هٿيار جي طور تي استعمال ٿيندڙ دوائن جي طرف وڃڻو پوي رهيو آهي جيڪي نقصانڪار سائيڊ ايفيڪٽ منفي اثر بہ رکن ٿيون. نئين اينٽي بايوٽڪ ٺاهڻ جي ڊوڙ بہ جاري آهي پر ليبارٽري کان مارڪيٽ تائين ڪنهن بہ دوا کي اچڻ ۾ ڏهن سالن کان وڌيڪ لڳي وڃن ٿا. بيڪٽيريو فيج مستقبل جي ميڊيسن جو اوزار ٿي سگهن ٿا.
اهڙي صورت ۾، ڇا هيريل جي دريافت کان هڪ صدي کان پوءِ ڇا اينٽي بايوٽڪ سان گڏ بيڪٽيريا سان وڙهڻ جو اسان جو ايندڙ هٿيار فيج هوندا؟ اسان وائرس کي بيماري ۽ موت جي وسيليءِ سان ڄاڻيو آهي. ڇا اسان پنهنجي صحتمند رهڻ لاءِ پنهنجي دشمن جي دشمن کي استعمال ڪرڻ سکنداسين؟

هلندڙ...
فلو - وائرس (4)

https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/4307082609573797/