آمريڪي محققن چانور جي سائيز کان بہ ننڍڙو پيس ميڪر تيار ڪري ورتو، جيڪو دل جي مسئلن کي حل ڪرڻ کانپوءِ پاڻمرادو ڳري وڃي ٿوو
”دريا خان سنڌي“
اهو وائرليس، پاڻ حل ٿي وڃڻ وارو ڊوائيس جسم ۾ سُئي وسيليءِ داخل ڪري سگهجي ٿو ۽ دل جي ڌڙڪن کي عارضي طور تي برقرار رکڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، خاص طور تي انهن مريضن لاءِ جيڪي دل جي آپريشن کانپوءِ صحتياب ٿي رهيا آهن.
روايتي عارضي پيس ميڪر ۾ ڊگها تار ۽ ٻيهر سرجري جي ضرورت پوندي آهي، پر هي نئون پيس ميڪر جسم جي پنهنجن رطوبتن مان توانائي حاصل ڪري ٿو ۽ جڏهن ضرورت نہ رهي تہ پاڻ مرادو محفوظ نموني ختم ٿي وڃي ٿو. ان کي سيني تي لڳايل هڪ نرم پيچ مان روشنيءَ جي سگنلن وسيليءِ ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو، جيڪو علاج کي گهٽ تڪليف ڏيندڙ ۽ گهڻو تيز جواب ڏيندڙ بڻائي ٿو.
انسانن تي ٽيسٽ ٿيڻ ۾ ڪجھ سال لڳي سگهن ٿا، پر جانورن ۽ انساني ٽشوز تي شروعاتي تجربا ڪامياب رهيا آهن. هي جدت خاص طور تي انهن نون ڄاول ٻارن لاءِ گهڻو ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو، جن ۾ دل جون ڄمڻ وقت کان ئي خرابيون ٿينديون آهن ۽ آپريشن کان پوءِ دل جي ڌڙڪن جي سهائتا جي ضرورت پوي ٿي، ۽ انهن بالغن لاءِ بہ جيڪي دل جي سرجري مان گذري رهيا آهن.
دل جي بيماري دنيا ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب آهي، ۽ هي انقلابي ايجاد ايندڙ وقت ۾ لکين ماڻهن جي علاج ۽ صحتيابي جو طريقو بدلائي سگهي ٿي. ان سان گڏ، محققن جو چوڻ آهي تہ اها ٽيڪنالاجي خالي ڪارڊيالاجي تائين محدود نہ رهندي، پر اعصابن جي ٻيهر بحالي ۽ “سمارٽ امپلانٽس” جهڙن ڪيترن ئي ٻين شعبن ۾ بہ تبديلي آڻي سگهي ٿو.
No comments:
Post a Comment