Pages

Wednesday, 8 October 2025

وڻ ۽ جيت جي دوستي، انجير جي ڪهاڻي، ميچوئل ازم


وڻ ۽ جيت جي دوستي، انجير جي ڪهاڻي، ميچوئل ازم

”دريا خان سنڌي“
فگ ويسپ يا انجير جي ڀُڙ هڪ جيتڙو آهي جنهن جي مادي کي آنا ڏيڻا آهن، ۽ ان لاءِ خالي هڪ ئي جاءِ آهي: انجير جو گل. ان ۾ ننڍڙو سوراخ هوندو آهي. ڀُڙ وڏي مشڪل سان ان ۾ گهڙي ٿي. ان جا پَک ۽ اينٽينا (سِنڍا) گهڙڻ جي ڪوشش ۾ ٽُٽي وڃن ٿا، پر اهو پنهنجي منھن جي مدد سان زور ڏئي اندر وڃي ٿي. اندر پهچي آنا وجهندي آهي. ان سموري جدوجهد کان پوءِ اها مري وڃي ٿي. انجير ۾ موجود "فيسين" نالي پروٽين انهيءَ مردھ جيت کي هضم ڪري ڇڏي ٿي

انهن آنا مان پهرين نر جيتڙا نڪرندا آهن. انهن وٽ پَک ناهن ۽ اهي گل کان ٻاهر زندهہ رهي نٿا سگهن. اهي مادي جيتن جي لاروا کي ڳولي انهن سان جنسي عمل ڪندا آهن. پوءِ ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ سرنگون ٺاهيندا. گهڻا اندر ئي مرندا. جيڪڏهن ڪو ٻاهر نڪري بہ وڃي تہ زندھ رهي نہ سگهندو. ان کي بہ انجير جو وڻ هضم ڪري ڇڏيندو. هاڻي مادي جيتن جي واري ايندي. اهي نر جيتن ٺاهيل سرنگن جي مدد سان سولائي سان ٻاهر نڪري وينديون. انهن وٽ پَک بہ آهن ۽ اهي ٻاهر زندھ رهي سگهن ٿيون. هاڻي اهي پنهنجي زندگيءَ جو چڪر جاري رکڻ لاءِ ايندڙ انجير جو گل ڳولينديون. انهيءَ دوران انهن جي جسمن تي پولن لڳي ويندو.

انجير جا گل نر ۽ مادي الڳ الڳ آهن. اسين مادي ڦل کائيندا آهيون (ان جون قسمون انکان بہ گهڻيون آهن، جيڪا توهان هيٺ ڏنل لنڪ مان ڏسي سگهو ٿا). اهو سڀ ڪجھ نر ڦل ۾ ٿيو هو ۽ اُڏامندڙ جيتن انهيءَ مان پولن گڏ ڪيا.
ڦل ۾ سوراخ نر ۾ بہ هوندو آهي ۽ مادي ۾ بہ. پر ڀُڙ کي خبر ناهي پوندي تہ جنهن ۾ اها داخل ٿيندي، اهو نر آهي يا مادي. جيڪڏهن اهو نر هوندو تہ ڀُڙ جي زندگيءَ جو چڪر انهيءَ طريقي سان جاري رهندو. جيڪڏهن اهو مادي هوندو تہ ان ۾ ڀُڙ کي آنا وجهڻ جي جاءِ نہ هوندي. اها مرندي ۽ پنهنجو پولن ان تائين منتقل ڪندي، جنهن سان انجير جي زندگيءَ جو چڪر جاري رهندو.

انجير کانسواءِ ڀُڙ جي زندگي ناممڪن آهي ۽ ڀُڙ کانسواءِ انجير جي. ان جو ڪارڻ اهو آهي تہ انجير جي گلن جو پولن ۽ اووري ٻين گلن جي ابتڙ اندر طرف هوندو آهي. ماکيءَ جون مکيون يا ٻيا پولينيٽر ان جو پولن کڻي نٿا سگهن. خالي فگ ويسپ ئي هن طريقي سان اندر وڃي اهو ڪم ڪري سگهي ٿي.

هتي هڪ دلچسپ ڳالھ اها بہ آهي تہ ارسطو جڏهن انجير مان نڪرندڙ جيتن کي ڏٺو تہ هن اهو خيال ڪيو تہ اهي پاڻ ئي اندر ڄمندا آهن، ۽ اهو پنهنجي "جانورن جي تاريخ" واري ڪتاب ۾ لکي ڇڏيو.
انجير ۽ ڀُڙ جي هن دوستي وانگر زندگي ۾ ڪيترن هنڌن تي اهڙو لاڳاپو نظر اچي ٿو، جنهن کي "ميچوئل ازم" چيو ويندو آهي. ان جي شروعات ست کان نَو ڪروڙ سال اڳ ٿيو هو ۽ اهو انهن جي گڏيل ارتقاء (ڪوئيوليوشن) جو مطلب آهي ٻہ يا ٻہ کان وڌيڪ اهڙي قسمن جي وقت سان گڏ ترقيءَ سان، جتي هڪ قسم جي تبديليءَ جي ٻئي قسم تي اثر انداز ٿئي ٿو، ۽ ان جو جواب ٻي قسم ۾ بہ پنهنجي ارتقائي سمت بدلائي ٿو. جي هڪ مثال آهي. انهن جي مارفولوجيڪل ۽ مالڪيولر مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو تہ انهن جون تبديليون گڏ گڏ ۽ هڪ ٻئي سان لاڳاپيل ٿيون. جڏهن انجير ۾ هائبرڊائيزيشن ٿي تہ گڏوگڏ جيتن جون بہ نيون جنسون بڻجنديون ويون.

ان بابت وڪيپيڊيا تي
https://en.wikipedia.org/wiki/Fig_wasp

ان عمل تي يوٽيوب وڊيو 
https://youtu.be/ZM17EajwwEY

نئين قسمن جي ٺهڻ تي آرٽيڪل:
https://onlinelibrary.wiley.com/doi/pdf/10.1111/j.1365-2311.2009.01148.x

گڏيل ارتقاء تي:

https://www.cell.com/current-biology/pdf/S0960-9822(05)01466-1.pdf?code=cell-site 

No comments:

Post a Comment