Pages

Wednesday, 8 October 2025

ڪينسر جي پيداوار Pathogenesis ڇا آهي؟ ڪينسر جا گهرڙا مدافعتي ڪمزوري جو ڪيئن فائدو وٺن ٿا؟


ڪينسر جي پيداوار Pathogenesis ڇا آهي؟ ڪينسر جا گهرڙا مدافعتي ڪمزوري جو ڪيئن فائدو وٺن ٿا؟ 

”دريا خان سنڌي“
پنهنجي ذاتي تجربن مان مثال کڻي، ڊاڪٽر شريبر جو خيال آهي تہ ڪڏهن بہ ڪينسر جي خطري کي گهٽ نہ اَڃاڻڻ گهرجي، ڀلي ماڻهو هاڻي مڪمل صحتمند نظر اچي. انهيءَ ڪري، هر ڪنهن کي ڄاڻڻ ضروري آهي تہ ڪينسر ڪيئن ٿيندو آهي. حقيقت ۾، ڪينسر جو اُڀرڻ بہ زڪام وانگر گهڻو ڪري مدافعتي نظام جي ڪمزوريءَ سبب ٿيندو آهي، جنهنڪري جسم ڪينسر جي سيلن-گهرڙن جي حملي لاءِ ڪمزور ٿي پوندو آهي.

ان ڳالھ کي واضح ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر شريبر هڪ تفصيل پيش ڪري ٿو: ڪينسر جا سيل-گهرڙا ائين آهن ڄڻ ٻاهرين قانون کان آزاد ڦرندڙ ڏوهي هجن، جيڪي جسم ۾ بي رڪاوٽ ڦهلجن ٿا ۽ تيزيءَ سان وڌن ٿا. پر اسان بلڪل بي وس ناهيون. جسم وٽ هڪ حفاظتي نظام آهي جيڪو انهن جي حملي کي روڪي ٿو. گهڻن حالتن ۾ ڪينسر جا سيل-گهرڙا مدافعتي نظام روڪي ڇڏيندا آهن ۽ اهي حقيقي ڪينسر ۾ تبديل ناهين ٿيندا. هي اَڏوهي حفاظتي نظام اصل ۾ مدافعتي نظام ئي آهي، جنهن ۾ زبردست حفاظتي سيل-گهرڙا هڪجهڙائيءَ سان ڪم ڪندا آهن، جيئن چَوڪيدار جسم کي بيمارين کان بچائن.

توهان سوچي سگهو ٿا تہ مدافعتي نظام ڪيترو طاقتور آهي؟ هتي ڊاڪٽر شريبر هڪ تجربو بيان ڪري ٿو جيڪو ڊاڪٽر زينگ ڪوي (Zheng Cui) آمريڪا جي ويڪ فاريسٽ يونيورسٽي ۾ ڪيو. ان S180 نالي گهڻا زهريلا ڪينسر جا سيل-گهرڙا هڪ ڪوئي ۾ داخل ڪيا. عام طور تي، اهڙي انجڪشن کان پوءِ ڪوئي جي پيٽ ۾ پاڻي (ascites) ڀرجي ويندو آهي ۽ اهو هڪ مهيني اندر مري ويندو آهي. پر هڪ ڏينهن، تجرباتي ڪوئي نمبر 6 کي 2 لک S180 سيل لڳايا ويا، پوءِ بہ اهو زندھ رهيو. پوءِ ان ۾ 20 ڪروڙ سيل داخل ڪيا ويا، پوءِ بہ اهو اٺ مهينا زندھ رهيو. ان ڪوئي جي مزاحمت ڏيکاريو تہ مدافعتي نظام جڏهن مڪمل طور تي سرگرم ٿئي، تڏهن ڪينسر خلاف حيرت انگيز طاقت ڏيکاري سگهي ٿو.

تحقيق ڪندڙن جڏهن ان ڪوئي جي پيٽ مان ڪينسر جا سيل-گهرڙا ڪڍي خوردبيني هيٺ ڏٺا تہ هڪ حقيقي “ميدانِ جنگ” سامهون آيو. عام ڪينسر جا سيل-گهرڙا گول، ڀرَيل ۽ جارحاڻي هوندا آهن. پر ان ڪوئي مان نڪتل سيل-گهرڙا ڇِڄيل، سوراخيل ۽ ڪمزور نظر آيا. انهن تي مدافعتي سيلن-گهرڙن سخت حملو ڪيو هو.

ان مان هڪ اهم ڳالھ خبر پئي ٿي: ڪينسر جا سيل-گهرڙا جسم ۾ وڏي ڀاڱيواري ۾ موجود هوندي بہ مدافعتي نظام جي ڪري “سُتل حالت” (Dormant) ۾ رهي سگهن ٿا. پر جڏهن مدافعتي نظام ڪمزور ٿئي ٿو، اهي سيل ٻيهر جاڳي وڌڻ لڳن ٿا ۽ ڦهلجي حقيقي ڪينسر بڻجن ٿا.
پر ڇا ڪمزور مدافعتي نظام لازمي ڪينسر جو سبب بڻجي ٿو؟ ڊاڪٽر شريبر چوي ٿو، نہ. ڇو تہ ڪينسر جا سيل-گهرڙا هر وقت حملي جي حالت ۾ ناهن. اهي تڏهن تيزيءَ سان وڌن ٿا جڏهن جسم ۾ ڪنهن سوزش (Inflammation) جو عمل هلندڙ هجي.

سوزش ڇا آهي؟ جڏهن جسم زخمي ٿئي ٿو تہ پليٽليٽس زخمي جاءِ تي گڏ ٿي “پليٽليٽ ڊرائيوڊ گروٿ فيڪٽر” ڇڏين ٿا. مدافعتي نظام اتي “مدد لاءِ سيل-گهرڙا” موڪلي ٿو، جيڪي رت جون نيون نڙيون ٺاهين ٿا تہ جيئن آڪسيجن ۽ خوراڪ ملي ۽ زخم ڀرجي. هي عمل سوزش سڏجي ٿو، جيڪو جسم جي مرمت لاءِ ضروري آهي.
عام حالتن ۾ زخم ڀرڻ کان پوءِ سوزش پاڻمرادو بند ٿي ويندي آهي. پر ڪينسر جا سيل-گهرڙا ساڳي عمل کي استعمال ڪري تيزيءَ سان وڌن ٿا.

ان ڳالھ کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر شريبر 1863ع جو مثال ڏئي ٿو، جڏهن جرمن ڊاڪٽر روڊولف ورچو (Rudolf Virchow) ڏٺو تہ ڪينسر گهڻو ڪري انهيءَ جاءِ تي ٿيندو هو جتي اڳ ۾ زخم يا سوزش ٿي هئي. پوءِ وري، ڊاڪٽر هيرولڊ ڊوورڪ (Harold Dvorak) ثابت ڪيو تہ سوزش ۽ ڪينسر جا عمل هڪجهڙا آهن. سندس مشاهدي مطابق، لڳ ڀڳ ڇهين حصو ڪينسرز ڊگهي سوزش سان لاڳاپيل آهن، جيئن رحم جو ڪينسر (Papillomavirus انفڪشن سبب) يا آنڊن جو ڪينسر (Chronic Enteritis سان).

ان مان ظاهر ٿيو تہ ڪينسر جا سيل-گهرڙا نہ رڳو سوزش استعمال ڪري وڌن ٿا، پر سوزشي ڪيميڪلز استعمال ڪري پنهنجو قدرتي موت (Apoptosis) بہ روڪي ڇڏين ٿا. ان کان علاوھ، اهي ويجهن مدافعتي سيلن-گهرڙن کي “غيرفعال” بہ ڪري ڇڏين ٿا. اهڙي طرح ٽومر بي قابو وڌندو رهي ٿو.

اڄ جي تحقيق بہ ٻڌائي ٿي تہ ڪينسر پاڻ بہ سوزش کي جنم ڏئي سگهي ٿو. جيتري ڪاميابيءَ سان اهو سوزش پيدا ڪندو، اوترو ئي جارحاڻي ٿيندو ۽ lymph nodes تائين ڦهلجي ميٽاسٽيسس ڪندو.
هي آهي ڪينسر جي ٻيو پيدائشي سبب: سوزش.

هاڻي اچو تہ ٽئين سبب ڏانهن هلون: غيرمعمولي رت جون نڙيون (Abnormal blood vessels)، جيڪي ڪينسر کي خوراڪ پهچائن ٿيون.
ڊاڪٽر شريبر ان لاءِ ٻي جنگ عظيم جو مثال ڏئي ٿو. اسٽالن گراڊ جي جنگ ۾ سوويت جرنيل زهوڪوف جرمن فوج سان سڌي محاذ تي نہ وڙهيو، پر انهن جي سپلاءِ لائن (رومانيا ۽ اٽلي جي فوجن) تي حملو ڪري جنگ کٽي. اهڙيءَ طرح، جيڪڏهن اسان ڪينسر جي خوراڪ ڪٽيون ٿا، تہ اهو بک مان ختم ٿي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر مائيڪل او رائيلي (Michael O’Reilly) جو تجربو ان ڳالھ جو ثبوت آهي. ان 20 ڪوئن ۾ جارحاڻي ڪينسر داخل ڪيو. 10 کي Angiostatin (رت جون نڙيون روڪيندڙ دوا) ڏني وئي. ڪجھ وقت کانپوءِ، جن کي دوا نہ ملي هئي، انهن جا ڦڦڙا ڪينسر سان ڪارا ٿي ويا، جڏهن تہ دوا وٺندڙ ڪوئن جا ڦڦڙا مڪمل صحتمند هئا. اهو ظاهر ٿيو تہ رت جي نڙين کي روڪڻ سان ڪينسر کي بکيو ڪري سگهجي ٿو.
آخر ۾، ڊاڪٽر شريبر چوي ٿو تہ ڪينسر سان جنگ کٽڻ لاءِ اسان کي ان جي پيداواري جا طريقا سمجهڻ ضروري آهن:

1. مدافعتي نظام ڪمزور ٿئي تہ سُتل ڪينسر جا سيل جاڳي سگهن ٿا.
2. زخم يا ڊگهي سوزش ڪينسر کي وڌڻ جو موقعو ڏئي ٿي.
3. غيرمعمولي رت جون نڙيون ڪينسر کي خوراڪ پهچائي وڏو ڪن ٿيون.

جيستائين اسان مدافعتي نظام مضبوط رکون ٿا، سوزش کي ڪنٽرول ڪريون ٿا، ۽ خوراڪ جي لائين ڪٽي ڇڏيون ٿا، تيستائين ڪينسر کي وڌڻ يا ڦهلجڻ کان روڪي سگهون ٿا.

هي سلسلو هن ڪتاب مان ورتل آهي 

Anticancer: A New Way of Life, Dr. David Servan-Schreiber 

No comments:

Post a Comment