Monday, 22 June 2020

لسانیات کان موسیقيءَ تائين ۔ دنیا جو سڀ کان شاندار مالیڪیول

لسانیات کان موسیقيءَ تائين ۔ دنیا جو سڀ کان شاندار مالیڪیول

هارورڊ يونيورسٽي ۾ جرمن ٻوليءَ جي پروفيسر جارج زف ڪجھ عجيب طبعيت جا مالڪ هئا، جڏهن انھن ڪلاسيڪل ناول اوڊيسي پڙهيو تہ انھن مان جيڪي معني نڪتا،اهو هي تہ ان ۾ لفظ ڪيترا هيا ۽ ڪيترا لفظ ڪيترو ڀيرو ورجائيا ويا، انکان پوءِ هومر ۽ پلوٽس جا ڪم، چيني ٻولي جا محاورا ۽ ٻين ناولن سان گڏ ئي ڪرڻ شروع ڪيو، ان سان انهن زف جو قانون دريافت ڪيو 

ڪنھن ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيڻ وارو سڀ کان وڌيڪ لفظ جيترو ڀيرو ورجايو ويندو، اهو ٻئي نمبر تي استعمال ٿيڻ واري لفظن سان تقريبن ٻيڻو، ٽي نمبر تي استعمال ٿيڻ واري کان تقريبن ٽيڻ ۽ ان طرح سوين نمبر تي استعمال ٿيڻ واري لفظن تي تقريبن سو ڀيرا وڌيڪ مرطبو هوندو، انگريزي ٻولي ۾ سڀ کان وڌيڪ the استعمال ٿيندو آهي، هي ست سيڪڙو هوندو آهي، ٻي نمبر تي of جيڪو ان کان اڌ، ٽي نمبر تي and جيڪو ان کان هڪ جو ٽيون حصو ۽ گهڻو گهٽ استعمال ٿيڻ واري اکرن تائين اهو ئي پيٽرن هلندو آهي

اردو سنسڪرت، روسي، هسپانوي، قديم مصر هر زبان ۾ هي ايئن ئي آهي، ايستائين تائين جو پاڻ بڻايون ويندڙ ٻولن ۾ يا پوءِ شاپنگ جي ڪيٽالوگ ۾ بہ اهو ئي قانون اڀري ڪري ايندو آهي، هي خالي ٻولين تائين محدود ناهي، ٻي ورڇ  تي بہ سامهون ايندو آهي، جن ۾ موسيقي ناهي، ان تي پوءِ 

ڊي اين اي جي لفظن جي ورڇ بہ زفين (زف قانون موجب) آهي، ڊي اين اي ۾ لفظن ۾ انگريزي جي طرف وقفو ناهي، هي قديم زبانن جي هڪجهڙائي ڏيک آهي، انجو تجزيو ان وقت ڪيو ويو جڏهن انٽرنيٽ تي سرچ انجن آئي، چيني ٻولي ۾ سرچ ڪرڻ انگريزي يا ٻئي زبان کان گهڻو مختلف آهي، چيني زبان ۾ مرڪب لفظ بڻجي ويندا آهن، جيڪڏهن ABCD لکيل آهي تہ سرچ انجن کي AB, BC, CD, ABC, BCD سڀني کي سلائيڊنگ کڙڪي جيان ڏسڻو هوندو آهي، ان ٽڪنينڪ مان جڏهن ڊي اين اي کي پڙهيو ويو تہ ڊي اين اي زف جي قانون موجب آهي، ان مان بڻجن وارا پروٽين بہ ان  قانون موجب آهن، ڪامن لفظن جيان ڪجھ جين بہ وري وري ورجايا ويندا آهن جڏهن تہ ڪجھ غير رواجي ئي ايندا آهن ان طرح وقت سان گڏ خليا ڪامن پروٽين تي تابع ڪرڻ سکي ويا آهن

ان مان مطلب ڇا نڪرندو آهي؟ هي، تہ ڊي اين اي ڪنھن ٻولي جيان ڪم ڪندو آهي ۽ خالي ڪنھن عام ٻولي جيان نہ 

زف جن موزارٽ چوپن، ارونگ برلن وغيرھ جي ميوزڪ جي سرن جي بہ فريڪوئنسي ڪڍي، هي سر زف جي قانون جي مطابق هئا، پوءِ اچڻ وارا محققن روزيني کان رامونس جي سرن ۾ آواز جي واليوم، ٽمبر، دوراني وغيرھ جي ورڇ ڏٺي تہ اها بہ زفين هئي 

ڊي اين اي زفين تہ آهي پر ڊي اين جو موسيقي سان بہ ڪو واسطو آهي؟ موسيقارن دماغ جي ڪيميڪل سيروٽونن مان ڊي اين اي جي اکر لاءِ، انھن سان موسيقي بڻائي، ڪجھ ٻين موسيقارن امينو ايسڊ مان جيڪو وڌيڪ ڳجهو نوٽ بڻيا، انھن مان بڻجڻ واري دهن ايتري سريلي هئي جو هڪ بائيولوجسٽ جو چوڻ هو تہ جينيات کي پڙهڻ جي لاءِ هي جوسيقي هڪ نيچرل ميڊيم آهي، انساني شنوائي انھن دھنن کي قدرتي طور تي گڏئي ٽڪرن جي طور تي سمجهي سگهي ٿي 

انکان وڌيڪ دلچسپ تجربو ٻن سائنسدان ڪيو، جڏهن ان عمل کي ابتو ڪيو، چوچن جي هڪ ساز کي ڊي اين اي ۾ بدلي ڏنو، انجو سيڪوئنس آر اين اي پوليمريز بنائڻ واري جين سان گهڻو وڌيڪ ويجهو هو، هي پروٽين هر قسم جي جاندار ۾ موجود آهن 

پوليمريز ڊي اين اي مان آر اين اي بڻائيندي آهي، آر اين اي ڳجهو پروٽين بڻائيندي آهي، پروٽين خليا بڻائيندي آهن، خلين مان چوپن بڻيا هيا، چوچن مان سريلي دهن بڻائي هئي ۽ هي چڪر مڪمل ٿي ويو جڏهن هي دهن ان ڊي اين اي ۾ هئي جيڪا پوليمريز بڻائيندو آهي

ڇا هي دريافت سڀ فضول آهي؟ پوري طرح نہ، جين خالي ايئن ئي نہ بڻجي ويون، هي ورجائي وڃڻ واري فقرن جي صورت ۾ بڻيون هيون، هڪ مان ٻہ درجن ڊي اين اي جي بيسز جن کي وري وري ورجايو ويو، انھن ۾ ٿيڻ واري ميوٽيشن ڦير گهير ان طرح ڪم ڪندي آهن جيئن تہ موسيقار ساز پکيڙيندو ۽ ٽيون ڪندو آهي تہ جيئن اصل ۾ خوشگوار ويري ايشن پيدا ٿي وڃي، يعني جينز ۾ موسيقي شروعات کان ئي لکي وئي آهي

انسان ھمیشہ کان خواھش ڪندو آيو آهي تہ موسيقي فطرت جي ڪنھن گهري يا وڏي ٿيم مان لنڪ ڪري ڇڏي، يوناني ماهر فلڪيات کان ڪيپلر تائين سائنسدان ان موسيقي جي ڳولها ۾ آسمان کي تڪيندا رهيا آهن، آفاقي موسيقي موجود آهي پر اسانجي توقع کان گهڻو ويجهو، هي اسانجي ڊي اين اي ۾ لکيل آهي 

جينيات ۽ لسانيات جو واسطو زف جي قانون کان گهرو آهي، جينيات جي پنهنجي خالي ۽ رستو آهي، هم معني لفظ آهن، گذريل ۽ علامت آهن، امينو ايسڊ مان بڻيل لفظن ۾ بڻيل پروٽين جا جملا آهن جن کي خليا پڙهي وٺندا آهن، هي خالي رستو هي ٻڌائيندي آهي تہ پروٽين کي ڪيئن فولڊ ٿيڻو آهي ۽ هي ڊي اين اي جي ٻوليءَ جو اهم ترين حصو آهي، ۽ خالي صحيح گرائمر نہ گهرجي، انجو ڪو مطلب بہ ٿيڻ گهرجي، نوم چومسڪي جي مثال” بي رنگ سائيون ٻڪريون جوش ۽ جذبي سان سمهي رهيون آهن “ گرائمر جي لحاظ سان بلڪل صحيح آهي، پر ڪو مطلب ناهي رکندو، ڊي اين اي جي ٻولي ۾ بہ خالي گرائمر صحيح ٿيڻ ڪافي ناهي 


ان طرح ڊي اين اي جي ميوٽيشن ڦير گهير لفظن جي شڪل ۽ معني بدلندي آهي، ڪڏهن اتي ڪا شاعراڻو لائسنس، ڪڏهن اتي ٿوري کن تبديلي، گهڻو تہ اهڙيون تبديليون بيڪار وينديون آهن ۽ خليو مري ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪو نيو جملو، نيو سر، نيو مطلب، ارتقا هڪ وک اڳتي ويندو آهي 

ڊي اين اي ۽ لسانيات جي ان ميل کي ڏسندي يونيورسٽي آف ڪيلي فورنيا ايٽ برڪلي جي سائنسدانن 2009ع ۾ هڪ دلچسپ تجربو ڪيو، هڪ سافٽ وئير بڻايو جيڪو لفظن جي لڙين ۽ فقرن جا پيٽرن ڏسي ڪري انجو تجزيو ڪن، هي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن تہ ڪتاب ڪنھن طرح جي آهي، انکي درجنن ڪتابن ۽ جانورن جي جينوم تي هلائي ڪري ڏٺو ويو، پيٽر پين، بڪ آف مورمون، افلاطون جي ري پبلڪ، تجزيو ڪري هي ٻڌائي ڇڏيندو هو تہ ڪتاب ڪنھن جي جينز ڇا آهي يعني ٻارن جي ڪتاب آهي يا مذهبي ڪتاب آهي يا سياست تي آهي، انھن انکي ڪلاسيفيڪيشن مڪمل ايڪوريسي سان ڪري ڇڏي، انهي سافٽ وئير سواءِ ڪنھن تبديلي جي جانورن جي جينوم جو تجزيو ڪري انھن کي بلڪل صحيح صحيح جينرا ۾ ورڇ ڪري ڇڏيو 

 سائنسدان ان کان اڳتي وڌيا ۽ ادب جي اعتراضي ڪمن جي اديبن تي تجزيو ڪرڻ شروع ڪيو، اديب جي رائٽنگ جو اندازو ڏسي ڪري هي ڪتاب بارڊ جن لکي آهي جڏهن تہ ٻئي واري ڪنھن ٻئي جو ڪم آهي، ان سافٽ وئير کي جڏهن وائرس ۽ آرڪيا تي استعمال ڪيو ويو تہ انجي جائزي اسانکي اها لنڪ ڏيکاري جيڪا عام طريقي کان اڻ ڄاڻائي رهجي ويون هيون ۽ انھن جي درجہ بندي جي نيون تجزيون ڏنيون، ايتري وڏي ڊيٽا جي جائزي تي 320 ڪمپيوٽر کي هڪ ورهين جي پراسسنگ لڳي پر پوائنٽ هائي پوائنٽ جائزي کان گهڻو وڌيڪ بهتر تجزيو لسانيات جي ان سافٽ وئير ڪري ڇڏيو، قسمن جي نيچرل هسٽري ڊي اين اي جي زبان ۾ اسانجي سامهون کلي ڪري اچي وئي 

شينن جو انفارمیشن ٿيوري جو ڪم زندگي جي تاريخ پڙهڻ ۾ ان ڀاڳي مددگار هوندو، هي ڪنهن بہ وھم ۽ خيال ۾ بہ نہ هو پر ان مان اسان هينئر تائين ڪيتريون شيون معلوم ڪري چڪا آهيون، مادي جي ايڪس ڪروزوم مان نر جي وائي ڪروموزم ڪڏهن ۽ ڪيئن الڳ ٿيا، ان ۾ جين ان ڀاڳي گهٽ ڇو آهن، ان ۾ چار وڏيون تبديليون ڪيئن آيون، ارتقا ان ڀاڳي تيز رفتار ڇو هوندو آهي، زندگي جي ڪڙيون ڪنھن ڀاڳي شاندار آهن؟ هي سڀ ان جائزي مان اسانکي خبر پئي 

جيڪڏهن ڊي اين اي خالي اهو ڪم ڪري ها، جيڪو اسان اڄ تائين ڏٺو آهي، پنهنجي وري وري ڪاپي بنائڻ، آر اين اي ۽ پوءِ پروٽين ڪڍڻ، نيوڪلئير بم کي بہ سهي وڃڻ، لفظن ۽ فقرا بنائڻ، سيٽين کان دهنن کي ترتيب ڏيڻ، هي وري بہ حيرت انگيز ماليڪيول هو، اسانجي علم ۾ اچڻ واري سڀ کان بهترين شيءِ پر جيڪا خاصيت انکي بلڪل ئي الڳ ڪندي آهي، اها هڪ ٻئي آهي 

هي پاڻ کان اربين سيڪڙو وڏيون شيون بڻائي وٺندو آهي، انهن جاندارن کي دنيا ۾ ڦرائي گهمائي ڇڏيندو آهي، انجي تاريخ بہ محفوظ ڪندو ويندو آهي، هڪ سفرنامي، جي ان مان بڻجندڙ ڪنھن شيءِ ڪڏهن ڇا ڪجھ ڪيو، ۽ هاڻي خوش قسمت مخلوق انکي ڳولهي لڌو آهي، هي آهي ڇا؟ ڪندو ڇا آهي؟ ۽ هاڻي ان ۾ نقاشي ڪهاڻين کي پاڻ پڙهڻ شروع ٿي ويون آهن، ان مخلوق جي بڻجڻ جي هدايت ۽ انجي تاريخ بہ اتيئي تہ محفوظ آهي

No comments:

Post a Comment