Thursday, 23 April 2020

ڇا انسان جو ارتقا اڃان بہ جاري آهي

ڇا انسان جو ارتقا اڃان بہ جاري آهي
”دريا خان“
 
جيڪدهن ارتقا لکن ڪروڙين سال کان جاري آهي تہ اڄ هي روڪجي ڇو ويو آهي، ڇا اڳتي انسان ارتقا جي سبب اسان کان مختلف هوندا؟ هي اهوئي سوال آهن جيڪي سوچڻ سمجهڻ وارن ذهنن ۾ پيدا ٿيندا آهن، انھن سوالن جو جواب آهي تہ، جي،، ارتقا اڄ بہ جاري ساري آهي بلڪ انکان وڌيڪ تيزي سان جيترو خيال ڪيو ويندو آهي، 
اڄ انسان ويجھي زماني جي پنھنجي ابن ڏاڏن سان ڪنهن طرح مختلف آهي  هتي اسان ڄاڻينداسين، هڪ انجون اکيون نريون آهن، اڄ کان ڏھ ھزار سال اڳ نريون اکيون نہ هيون، ڇھ هزار کان ڏھ ھزار سال اڳ ڪنهن بہ فرد ۾ جينيٽڪ ميوٽيشن تبديلي، ڦير گهير جي وجھ سان هي نيرو رنگ ظاهر ٿيو ۽ نسل کان نسل ٿيندي اسان تائين پهتو، اڄ دنيا جي آبادي ۾ سترو سيڪڙو ماڻهون نرين اکين وارا آهن 


وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اسانجي دماغ جي جسامت گهٽ ٿي رهي آهي، اسانجي ابن ڏاڏن جا دماغ پندرهن سو ڪعب Cube  ملي ميٽر جي مقابلي ۾ اڄ اسانجي دماغ جي جسامت تيرهن سو پنجاھ ڪعب Cube ملي ميٽر، ڏھ سيڪڙو گهٽ آهي 

هوڙ ڏاٺ ڪنهن زماني ۾ اسانجي ابن ڏاڏن کي پڪي خوارڪ، ٽاميون ۽ پاڙون وغيرھ چٻائڻ جي لاءِ ضروري هيون، اڄ خوراڪ جي ننڍي ننڍي ٽڪڙن ۾ ڪٽڻ ۽ پچائي ڪري کائڻ جي وجھ هوڙ جي ضرورت ناهي رهي، ان لاءِ دنيا ۾ 35 سيڪڙو انسان هوڙ کان سواءِ پيدا ٿيندا آهن، انجي وجھ سان انساني ڏاٺ جي سائز بہ ننڍو ٿيندو پيو وڃي، ڪجھ ماڻهن جي هوڙ گهڻو اڳتي وڃي ظاهر ٿيندي آهي ۽ ان ۾ بہ تڪليف جو ڪارڻ بڻبي آهي جنھن کي آپريشن ڪري ڪڍي ڪري اڇلايو ويندو آهي 

 جابلو علائقن ۾ جتي هوا ۾ آڪسيجن جي مقدار گهٽ هوندي آهي، جينيٽڪ ميوٽيشن، تبدلي جي وجھ سان ماڻھن ۾ هيمو گلوبن پروٽينز گھڻي مقدار ۾ بڻبا آهن تہ جيئن موجودا آڪسيجن کان وڌ کان وڌ فائدو وٺي سگهجي،  سمنڊي علائقن ۾ اهو منظر پاڻي هيٺ وڌيڪ وقت گذارڻ وارن ماڻھن ۾ ڏٺو ويو آهي پر اتي تري يا سپلين ڪلائي گهڻائي آڪسيجن فراهم ڪرڻ جو ڪم ڏيندي آهي 

آفريڪا ۾ ڪجھ علائقن ۾، جتي پهريان مليريا مان ماڻھون گهڻو بيمار ٿي ڪري مري ويندا هئا، ماڻهن جي جينز ۾ اهڙي ميوٽيشنز، تبديلي اچي وئي جنھن جي وجھ سان انھن ۾ مليريا جي خلاف قدرتي طور تي مزاحمت پيدا ٿي وئي، اها ئي ڳالھ آفريڪا ۾ ايڊز جي وائرس جي لاءِ بہ صحيح آهي تہ ان خلاف بہ سندن ۾ مزاحمت پيدا ٿي وئي آهي 

انسان قدرتي طور تي وڏو ٿيڻ کانپوءِ کير ۾ موجود ليڪٽوز کي هضم نٿو ڪري سگهي، انکي ليڪٽوز ان ٽوليرينس چئبو آهي ۽ چيني آبادي ۾ هي عام آهي، پر اڄ دنيا جي گھڻي آبادي جينيٽڪ ميوٽيشنز، تبديلي جي وجھ سان انکي هضم ڪرڻ جي ڪاميابي ۾ وڃي رهي آهي 
هي  ڪجھ شاهديون آهن جنھن سان انساني ارتقا کي پرکي سگھجي ٿو 

No comments:

Post a Comment