Wednesday, 2 October 2019

سڱن وارو وائپر Horned Viper

سڱن وارو وائپر Horned Viper
”دريا خان“

مٿي تي سڱ رکندڙ هي نانگ زهريلي نانگن ۾ شمار ٿيندو آهي جيڪو اتر آفريڪا ۽ اوڀر واري پاسي پاتو ويندو آهي هنن جي رهڻ جي جڳھ گاھ گهڻي خشڪ آب هوا واري بجري جبل ۽ واري واريون جڳھون آهن هن سڱ رکندڙ نانگ جي لمبائي ٻارهن کان چوويھ انچ جي ويجهو هوندي آهي ٽيھ کان سٺ سينٽي ميٽر پر ڪڏهن ڪڏهن لمبائي ٽيٽيھ ان انچ پنجاسي ميٽر تائين وڌي ويندي آهي هن نانگ جو جسم مضبوط هجي ٿو پر مادي نانگ جو مٿو ۽ اکيون ننڍيون هونديون آهن نر جي مقابلي ۾ پر جسماني طور هي وڏا ٿيندا آهن سڱ رکندڙ هن نانگ جو رنگ رهڻ واري جڳھ مٽي سان لاڳاپيل هجي ٿو يعني جنھن رنگ جي مٽي هوندي ان رنگ جو هي نانگ هوندو، هلڪو ڳاڙو ڀورو سرمائي هن جي سڃاڻپ واري نشاني انھن جي اکين مٿان ننڍڙا سڱ هجن ٿا هنن جون اکيون هن کي بجري واري کان حفاظت ۾ رکنديون آهن هي ماحول جي حساب سان رنگ بدلڻ ۾ انھن جو خاص اوزار آهي هي صبحو کان وٺي شام تائين چست رهندا آهن جيئن پاڻ وٽ ٿر آهي جتي واري جا ڀٽ آهن هي اهڙين جڳهن تي رهڻ پسند ڪندا جيڪي علائقا جبلي ويران هوندا آهن شڪار ڪرڻ وقت هي پنھنجي پوري جسم کي واري هيٺ لڪائي ڪري صرف اکيون ٻاهر رکندا آهن هي پورو ڏينھن هڪ جائي تہ پاڻ کي لڪائي ڪري ڪنھن ڪرڙي سانڊي پکين ڪوئن جي انتظار ۾ هڪ ئي جڳھ بنا ڪنھن حرڪت ڪرڻ جي پاڻ کي لڪائي ويهندا آهن جڏهن ڪو شڪار ويجھي پھچي ويندو آهي تہ وڏي تيزي سان انکي ڪڪي وجھندا آهن ۽ پنھنجو زهر ان ۾ وجھي ڪري انکي ماري ڇڏيندا آهن 

 سنڱ وارا نانگ گھڻا زھريلا ناهين هوندا ۽ انھن جو ڪڪ هڻڻ عام طور گھڻو خطرناڪ ناهي هوندو پر پوءِ بہ انجا ڪجھ خراب نتيجا ٿي سگهن ٿا انھن جو زهر تيرهن مختلف زهريلي جراثيمن تي گڏيل هوندو آهي جنھن جي ڪڪڻ سان ڪيتريون ئي علامتون پيدا ٿينديون آهن جنھن ۾ سوڄ گھڻو سور ضرورت کان وڌيڪ رت نڪرڻ بخار پيٽ ۾ سور پگھر اچڻ سستي ٿيڻ الٽي اچڻ گڙدن جي خرابي ۽ دل جا مسئلا آهن
انھن جي زهر جي پيداوار ويھ کان سو ملي گرام تائين خشڪ زهر هوندي آهي جنھن منجھان انسانن لاءِ چاليھ کان پنجاھ ملي گرام خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي 
نسل جي واڌ ويجھ لاءِ هي مادي کي سونگھي ڪري ڳولهي لهندا آهن ۽ بھار ۾ اپريل کان جون تائين ميلاپ جو سلسلو جاري رکندا آهن ميلاپ کانپوءِ مادي اٺ کان ويھ آنا ڏيندي آهي جيڪي پٿرن ۽ جبلن جي هيٺان، پنجاھ کان اسي ڏينھن کان پوءِ آنن مان ٻچا ٻاهر نڪري ايندا آهن جيڪي ٻن سالن کانپوءِ جوان ٿي ويندا آهن هنن جي زندگي جي ڏور ڏھ کان پندرهن سال يا ڪجھ وڌيڪ هجي ٿي 

انتباھ
نانگ ڪڏهن بہ بنا جواز ڪڪ ناهين هڻندا اهوئي پنھنجي حفاظت خاطر پاڻ کان وڏي جانورن کي مجبورن ڪڪي وجھندا آهن جيڪو فطري عمل آهي ۽ هر جاندار ائين ڪندو آهي نانگ کي ڏسڻ مھل انجي ويجھو نہ وڃجي انکي پنھنجي رستي ڇڏي ڏيو ۽ انکي مارڻ جي ڪوشش بلڪل بہ نہ ڪيو ان سان ناياب نسل جي نسل ڪشي ٿيندي آهي جنھن جو اسانکي علم ناهي هوندو زهر واري نانگ جي سڃاڻپ ٻہ وڏا منھن ۾ ڏند هجن ٿا جيڪي وات کولڻ مھل پنھنجي حفاظت خاطر ڏيکاريندو آهي وڌيڪ تصويرن سان سنڌ ۾ زهريلي نانگن مان ايترا ماڻهون ناهين مرندا جيترا بنا زهريلي نانگ جي ڪڪ سان  ان جو ڪارڻ دل جو دور بظاهر ماڻھون گھڻو پريشان ۽ خوف واري صورتحال ۾ اچي ڪري بنا زهر واري نانگ جي ڪڪ سان ئي مري ويندا آهن هي سڀ جاندار ايڪو سسٽم جو حصو آهن جيڪڏهن اسان زهر واري نانگن کي ائين ئي مارينداسين تہ انھن جي زهر مان ئي ٺهندڙ دوائون بہ اڻلڀ ٿي وينديون

No comments:

Post a Comment