Thursday, 3 October 2019

سيٽلائيٽ کان رات جي وقت جون ڪجھ تصويرون

سيٽلائيٽ کان رات جي وقت جون ڪجھ تصويرون
دريا خان :

پھريان زمين جو هڪ حصو روشن ۽ هڪ حصو اونڌھ هوندو هئو پر پوءِ پوئي صدي ۾ هڪ عجيب تبديلي آئي هاڻي رات جي وقت ان اونڌھ حصي ۾ بہ روشنيون نظر اينديون آهن هي اسانجي ساڙي ويندڙ هٿرادو روشني آهي جيڪا خلا ۾ پري پري تائين نظر ايندي آهي ان سان پتو پئي ٿو تہ دنيا ڪيئن آهي ۽ آبادين جا مرڪز ڪٿي ڪٿي آهن ان حوالي سان هيٺ ٽي دلچسپ تصويرون 

پھرين تصوير مصر جي ان ڀٽ ۾ ٽوٽل آبادي دريا نيل جي ڪناري آهي ۽ انساني آباديون هميشہ کان پاڻي جي ڪنارن تي رهيون آهن هي تصوير انجي هڪ مثال آهي جتي جتي دريا هلندڙ آهي انجي ٻنھي پاسن ۾ روشنيون آهن ۽ ڀٽ ۾ وري پري پري تائين اونڌھ 



ٻئي تصوير ڪوريا جي پيننسولا جي 1953ع جاپان کان آزادي کانپوءِ انجي عليحدگي ٿئي ۽ پوءِ ڪوريا جي اڊهائي سال رهڻ واري جنگ انکي ٻن الڳ ملڪن ۾ ڌار ڪري ڇڏيو ٻنھي طرف هڪ ئي طرح جا ماڻھو ھڪ ئي زبان ڳالهائيندڙ هڪ ئي رهڻي ڪرڻي هڪ ئي ثقافت ۽ زندگي گذاريندڙ پنھنجي تجارتي ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪمپنين
جي وجھ سان دنيا ۾ مشھور اتر ڪوريا صرف پنج هٺ سالن کانپوءِ انهي ٻنھي حصن ۾ ڪنهن ريت گھڻي قدر فرق آهي، هي انجو سيٽلائيٽ کان نظارو آهي 

ٽين پاڪستان ۽ انڊيا جي بارڊر جي ان ۾ لڳل نارنگي رنگ جي ليڪ انڊيا ۽ پاڪستان جو بارڊر آهي جيڪو هٿ سان ناهي ٺاهيو ويو هي ان بارڊر تي رات جو ڪئي ويندڙ روشني آهي

No comments:

Post a Comment