Wednesday, 2 October 2019

آئنسٽائين جي نظريہ اضافيت کي استعمال ڪندي بليڪ هول جي ڪيمت ۽ اسپن ڦيرو معلوم ڪرڻ ۾ ماهرن ڪاميابي ماڻي ورتي

آئنسٽائين جي نظريہ اضافيت کي استعمال ڪندي بليڪ هول جي ڪيمت ۽ اسپن ڦيرو معلوم ڪرڻ ۾ ماهرن ڪاميابي ماڻي ورتي
دريا خان :

تازو ئي طبيعيات دانن هڪ طرح جي بليڪ هول جي مشاهدي کانپوءِ چيو آهي تہ ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر آئنسٽائين جي ذهانت صحيح ثابت ٿي وئي آهي 
نظري طور جڏهن ٻہ بليڪ هول باهمي ملندا آهن تہ ان مان مختلف فريڪوئنسي واريون ثقلي لهرون نيڪال ٿينديون آهن جن جي ماهيئت گهڙيال جيان هوندي آهي يعني جيئن گهڙيال جي آواز مختلف فريڪوئنسيون جي لھ ويچڙ مان وجود ۾ ايندي آهي انهي طرح بليڪ هولز جي ثقلي لھرون بہ وڃنديون آهي جن کي ماهرن رنگنگ جو نالو ڏنو آهي 
آئنسٽائين جي نطريہ اضافيت ٿيوري آف جنرل ريليٽيوٽي موجب ثقلي لهرون ڪنھن تار جيان وڃندي لڏنديون آهن ۽ ان ۾ بليڪ هول جي ڪميت ۽ انجي گردش ڦيري جون تفصيلات موجود ٿي سگهن ٿيون هاڻي ماهرن اهو ئي طريقو استعمال ڪندي نطريہ اضافيت جي آزمائش بہ ڪئي آهي 
ايم آئي ٽي ۾ ڪاولي انسٽي ٽيوٽ آف ايسٽرو فزڪس اينڊ اسپيس ريسرچ جي سائنسدانن پهريون دفعو بليڪ هول جي ثقلي لهرن مان انجي ڪميت ۽ ڦيرائڻ يعني اسپن کي معلوم ڪرڻ جو عملي مظاهرو ڪيو آهي

اوهانکي اهو ڄاڻي حيرانگي ٿيندي تہ بليڪ هول جي ٻن ملڪيت جو پتو لڳائڻ ۾ نہ صرف ڪاميابي ٿي آهي بلڪ ان سان نظريہ اضافيت جي تصديق بہ ٿئي آهي ان تي ڪم ڪندڙ پروفيسر ميڪسي ميليانو لسائي موجب اسان سڀ نطريہ اضافيت کي سچ مڃيندا آهيون پر پھريون ڀيرو هن طرح سان انجي تصديق ٿي آهي
ان طرح بليڪ ھول سان لاڳاپيل آهي بال ٿيورم جي تصديق بہ ٿي آهي اهو ٿيورم ٻڌائي ٿو تہ بليڪ هول ٽن ملڪيت مان سمجھي سگھي ٿو جن ۾ پھرين ڪميت، ٻہ چارج، ۽ ٽيو اينگولر مومينٽم يا اسپن شامل آهي جڏهن تہ ٻيون سڀ معلومات بليڪ هول ۾ گم ٿي وينديون آهن بغير بال جي ان طرح سڀ کان پهريان جان وهيلر جن هڪ انٽرويو ۾ استعمال ڪئي هئي 
انجو انڪشاف ٻن اهم بليڪ هولز جي ٽڪر مان ڪيو ويو ۽ انھن جي ثقلي لهرن کي استعمال ڪيو ويو آهي جڏهن ٻہ بليڪ هول ملندا آهن انهن جي ٽڪر مان شديد ثقلي لهرون پيدا ٿينديون آهن جن ۾ مختلف فري ڪوئنسيان ھونديون آهن انھي طرح بليڪ هول جا آثار ۽ شاهديون ملنديون آهن

آئنسٽائين جو نظريو اضافيت ڇا آهي
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2297781160503962

No comments:

Post a Comment