Saturday, 5 October 2019

جڏهن زمين روشن ٿي خلاباز وليم اينڊرز جي زباني

جڏهن زمين روشن ٿي خلاباز وليم اينڊرز جي زباني
دريا خان:
چنڊ تي پھريان ڪير پھتو؟ هڪ وقت ۾ هر هڪ جو خيال هئو تہ اها ڊوڙ سوويت يونين کٽيء ويندو انجو ڪارڻ سوويت خلائي پروگرام جي چيف ڊيزائنر سرجئي ڪورولوو هئو پهريون سيٽلائيٽ خلا ۾ پهريون جاندار چنڊ تي پھريون راڪٽ (لونا ون) چنڊ جي ڪاري حصي جي پھرين تصوير (لونا ٿري) خلا ۾ پھريون انسان اهوئي سڀهي عزاز سوويت يونين جي حصي ۾ آيا، پر چنڊ جي ڊوڙ ۾ اپالو بازي وٺي ويو هن وقت تائين پنج سو چاليھ ماڻھون خلا ۾ وڃي چڪا آهن پر صرف چوويھ خلا باز اهڙا آهن جيڪي لو ارٿ مداري کان اڳتي ويا آهن يعني هڪ وقت ۾ پوري زمين ڏسي سگھن ائين ڪرڻ وارو پهريون مشن اپالو اٺ هئو جيڪو چنڊ جي مدار ۾ پھتو هئو ان مشن جي سڃاڻپ ان تصوير مان آهي جيڪا روشن زمين جي نالي سان مشھور آھي ھي تصوير ان مشن جي خلاباز وليم اينڊرز اڄ کان ايڪونجاهہ سال اڳ 24 ڊسمبر 1968 ۾ ورتي وڌيڪ انجي زباني 
”جڏهن اسان مشن لاءِ روانا ٿياسين تہ اسانجي ذهن ۾ بہ نہ هئو تہ زمين ڏسڻ ۾ ڪيئن لڳندي آهي، اسانجو ڌيان ان تي هئو تہ زندھ واپس ڪيئن پهچجي، جڏهن بوسٽر راڪٽ کان الڳ ٿيو ۽ اسان ان قابل ٿياسين تہ هيڏي هوڏي نھاري پئي سگھياسين، تہ اسان زمين ڏا ڏٺو، اهو منھنجي لاءِ نئو هئو، خلا ۾ مٿي يا هيٺ جو ڪو بہ تصور ناهي، مون غور سان ڏسڻ شروع ڪيو تہ اينٽارڪٽيڪا کي سڃاڻي ورتو، انکان ٿيندي آفريڪا ۽ پوءِ فلوريڊا تائين پهچي ويس، جڏهن اسان زمين کان پري هليا ويندا آهيون تہ پوري زمين هڪ ويو ۾ نظر اچڻ شروع ٿي ويندي آهي، پوءِ نہ ڪو انسان نظر ايندو آهي نہ ئي شهر ۽ ملڪ، خلائي جھاز ۾ جڏهن اوهان هڪ پاسي کان ٻاهر ڏسو تہ روشن سج نظر ايندو آهي، ٻئي پاسي ڏسجي تہ تاريخ ۾ تارن سان ڀريل منظر، هر پاسي تارا، اسانجي نظر گھڻو زمين تي هئي، اسانجون اکيون ان کي ان طريقي سان ڏسڻ واريون پھريون اکيون هيون، 
اسان ٻہ لک چاليھ هزار ميل جو سفر ڪري چنڊ جي ويجھو پھچي وياسين، انکان صرف سٺ ميل پري، هاڻي اسانکي رستو بدلڻو هئو تہ چنڊ جي مدار ۾ اچي وڃون هي ڪم پورو ٿيڻ کانپوءِ مون جڏهن ٻاهر ڏٺو تہ، تارن سان ڀريل آسمان جي جڳھ گھڻي انڌھ ڪاڪ هئي آئون حيران ٿي ويس، پوءِ مونکي احساس ٿيو تہ هي ڪاري شيء چنڊ آهي، جنھن تارن جي نظاري کي ڍڪي ڇڏيو آهي، اسان هاڻي زمين ۽ چنڊ جي وچ ۾ هئاسين، خلا صفا ڪاري آهي، ۽ چنڊ بہ رنگ منھنجي ذهن ۾ خيال آيو تہ زندگي کان پھريان شايد زمين بہ ائين هوندي هجي، مشن جي هدايت موجب هاڻي مونکي چنڊ جون تصويرون وٺڻيون هيون، مان اهوئي وٺڻ شروع ڪري ڇڏيون کڏو پوءِ ٻيو کڏو پوءِ ٻيو شروع ۾ هي عجيب لڳو، پر هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ٿڪاوٽ محسوس ٿئي بس هي ئي آهي؟ ٿڪاوٽ ڏيڻ وارو ۽ ٻيھر ٻيھر ورجائڻ وارو منظر، هي اهو وقت هئو جڏهن اسان پھريون دفعو زمين کي روشن ٿيندي ڏٺوسين، اهو منظر هئو جنھن کي اسان ڪڏهن بہ وساري نٿا سگھون، ان بہ رنگ خلا ۾ نيرو بال جيڪو پنھنجي سندرتا جو جلو هئو، چنڊ جي بہ رنگ سطح جي هيٺ منظر ۾ انجو حسن ڇا تہ ظاهير هئو، ڪجھ دير لاءِ اسان جيئن حيران ٿي ڏسنداسين ئي رهجي وياسين، بورمين چيو تہ تصوير وٺو مون چيو هو رنگن وارو ڪيمرا ڏئي، پهريان مون پوءِ لوول ۽ پوءِ بورمين انجي تصويرون ورتيون، خلا ۾ وڃي ڪري اوهانجو خيال ئي بدلجي ويندو آهي، انھن بہ رنگي جڳھن ۾ هي زمين بہ تہ هڪ خلائي جھاز ئي آهي اسانجو سج بہ تہ باقي ستارن جيان ئي آهي، اسان ڪنھن ريت ننڍا آهيون منھنجي دماغ ۾ خيال آيو تہ شل سڄي دنيا جا ماڻھون بہ هي ڏسي سگھن ها، منھنجي زال ربيڪا ۽ منھنجا سڀ عزيز انھي بال ۾ ئي ڪٿي موجود آهن“ 
واپس محفوظ پهچڻ بہ هڪ مرحلو هئو جيڪو خوشي واري انداز سان پورو ٿي ويو مون لاءِ سڀ کان وڌيڪ جذباتي وقت اهو هئو جڏهن ماڻھون اسانکي ڀليڪار چوڻ لاءِ هٿ ملائي رهيا هئا سڀ ڪيترا خوش هئا هي اسان سڀني جي ڪاميابيءَ هئي اسانجون ورتل تصويرون اسانجي سڃاڻپ بڻي، آئون جتي بہ ويس يورپ، سوويت، يونين يا آمريڪا ۾ ڪنھن بہ جڳھ ان تصوير جو ئي ذڪر ٿيو شايد ان لاءِ جو ان تصوير ۾ اسان سڀ هئاسين ان نيري بال تي، گڏ هي تصوير اسان سڀني جي هئي 
ماڻھون جڏهن مون کان ان وقت جو پڇاڻو ڪندا آهن تہ مونکي سٺي ريت ياد آهي پر مونکي مايوسي آهي منھنجو خيال هئو تہ شايد ڏسڻ جو اهو نقطو اسانکي گڏ ڪري ڇڏي پر ائين نہ ٿيو جيڪو ڪجھ مون سوچيو هئو شايد هرڪوئي اهو محسوس نہ ٿي ڪري سگھيو جيڪو ان مشن ۾ اسان محسوس ڪيو ماڻھو اڄ مريخ تي وڃڻ جي ڳالھ ڪندا آهن منھنجي بہ خواهش آهي اسان نئين دنيائن تي پهچون پر انکان وڌيڪ اها خواهش آهي تہ ائين اسان آمريڪي، چيني، روسي يا انڊين وغيره جي طور تي نہ ڪريو پر ان نيري بال جي واسي طور تي ڪريون، هن تصوير ۾ منھنجو ڪو ڪمال ناهي 
آئون تہ صرف صحيح وقت تي صحيح جڳھ تي هئوس اسانجي زمين ائين ئي آهي جڏهن اسان انکي ڏٺو تہ هي نظارو تہ ان وقت بہ اهڙي ريت ئي هئو“
پهرين تصوير ارٿ رائز جي جيڪا اپالو اٺ ايڪونجاهہ سال اڳ ورتي انکان اڳيئن سال اپالو يارهن ان ڇھ مشنز مان پهريون بڻجي ويو جڏهن انسان چنڊ تي پير رکيا ٻئي تصوير 2015ع جي لونر ري ڪون آربٽر ورتي آهي


1 comment: