Wednesday, 2 October 2019

آسٽرانموي ڇو پڙهي ويندي آهي

آسٽرانموي ڇو پڙهي ويندي آهي 
ترجمو دريا خان

فلڪيات جي تحقيق سستي ناهي هوندي ان تي ايترو وڌيڪ خرچ ايندو آهي انجو اندازو ان شيء مان لڳائجي تہ صرف جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ پروگرام تي اٺ ارب ڊالر کان وڌيڪ جو خرچ آيو آهي ڇا اهو سڀ ذهني عياشي آهي، انجو هڪ پاسو تہ بلڪل ساڌو آهي تہ انجو واسطو انسان جي ڪائنات جي رازن کي پرکڻ فطري جستجو آهي اسان ان عمل ۾ ڪيترا اڳتي وڌي چڪا آهيون هڪ نظر ماضي تي 
اڄ کان ڪجھ صديون اڳ فلڪيات جي سڀ کان وڌيڪ پڙهي ويندڙ ڪتاب زڪريا قزويني جي لکيل آهي جنھن جو نالو (عجائب المخلوقات و غرائب الموجودات هئي انجي پذيرائي وڌڻ کانپوءِ هي ڪتاب عربي کان سواءِ فارسي، اطالوي ۽ ترڪي زبان ۾ بہ ترجمو ڪئي وئي انجو ڪاسموگرافي ماڊل اهو هئو تہ زمين سڌي چپٽي آهي ۽ جبلن جي سلسلن سان ڌڪيل آهي جنھن کي ڪوھ قاف چئبو آهي ڪوھ قاف تي زندگي جي نرالي ترتيب موجود آهي انجا جبل ميخن جو ڪم ڪندا آهن آسمان کي الله هيٺ ناهي ڪرئڻ ڏيندو زمين کي هڪ ڍڳو کنيو بيٺل آهي جيڪو بهموت تي بيٺل آهي بهموت هڪ وڏي مڇي آهي ڪائناتي سمنڊ ۾ آهي ۽ اهو سمنڊ هڪ پيالي ۾، ۽ ان پيالي کي هڪ جن کنيو بيٺل آهي قزويني جن ان ماڊل جي ڊايا گرام بہ ڪتاب ۾ شامل ڪئي آهي تصوير هيٺ 
انساني علم ڪيترو اڳتي وڌي ويو آهي انجو اوهان اڄ جي سمجھ سان مقالو ڪري سگھو ٿا 
جڏهن ڪجھ کوجيو ويندو آهي تہ ان سان ضمني فائدا بہ نڪري ايندا آهن خلا ۾ ڏسڻ ۽ جانچ ڪرڻ کانپوءِ نڪرڻ وارا ڪجھ عملي فائدا 

اوهانجي موبائل فون جو ڪيمرا چارجڊ ڪپل ڊيوائس آهي هي مٿاڇري ڏا ڏسڻ واري ٽيڪنالوجي مان نڪتي آهي

مائع جون خصوصيتون جي بناوت جيڪا طريقي ۽ مساواتن ڪهڪشائن ۽ ستارن کي سمجھڻ لاءِ ٺاهي وئي اها ئي هاڻي مائع جي ڊائنامڪ سمجھڻ تي لاڳو آهي ۽ ان جو استعمال تيل ۽ گيس جي انڊسٽريز ۾ ڪيو ويندو آهي

ائير پورٽ تي ايڪسري اسڪينر خلا ۾ پري کان ايندڙ ڪهڪشائن مان ايندڙ فوٽون جيڪي ڪمزور سگنل رکندڙ آهن انجي لاءِ ايڪسري ڊيٽيڪٽر ٺاهيا ويا هئا جيڪي ڪمزور سگنل کان ڄاڻ وٺي سگھن ۽ هاڻي اها ئي ٽيڪنالاجي هوائي اڏن تي استعمال ٿيندي آهي

اسٽيلٿ جهازن ۾ ريڊار اسپيس ٽائيم ۾ ٿيندڙ تبديلين کي ڄاڻڻ گھڻو ڏکيو ڪم آهي انجي لاءِ ٺهندڙ ٽيڪنالاجي دفاعي صنعت کي اختياري ڪئي وئي

ڪلاوڊ ڪمپيوٽنگ خلائي مخلوق کي کوجڻ جو پروگرام سيٽي ايٽ هوم وکريل ڪمپيوٽرن تي هلڻ وارو پھريون اهم پروگرام هئو ۽ هاڻي اهو ڪمپيوٽنگ جو سڀ کان مشھور ماڊل آهي

جي پي ايس هي اها ٽيڪنالوجي آهي جيڪا ڪاسمولوجي جي علم کان سواءِ ٺهي نہ تي سگھي هڪ وقت جنھن سان شايد گهٽ ماڻھو واقف هوندا اهوئي تہ انجو ريفرنس فريم لاءِ ٽي هزار ڪواسار جي جڳھ کي ڏسي ڪري ٺاهيو ويندو آهي ڪواسار اسانجي ڪائنات جي سڀ کان روشن شي آهي جيڪا زمين کان گھڻي فاصلي تہ آهي

جيڪڏهن اوهان هنن لفظن کي وائي فائي نيٽ ورڪ تي پڙهي رهيا آهيو تہ انجي شروعات ريڊيو اسڪوپ جي سگنل جي تجزي سان ٿي هئي 

نج سائنس جو عملي سائنس ۾ بدلڻ ڪڏهن ٿيو صرف اندازو لڳائجي سگهجي ٿو پر جيڪڏهن اڳواٽ بابت اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي تہ ڪيترائي سوال هيٺ آهن
ڇا گرم ٿيندڙ ڪرھ کي روڪي سگھجي ٿو يا انجي اثر کان زندگي کي بچايو وڃي سگهجي ٿو! 
جيڪڏهن ڪو وڏو جسم زمين ڏا اچي رهيو هجي تہ انجو رستو بدلجي سگھجي ٿو!
ڇا ضد مادو اسانجي مستقبل جي توانائي جي ضرورتن جو حل آهي! ڇا سج جي شعائن کي خلا ۾ ئي ڪارگر توانائي ۾ بدلجي سگھجي ٿو!
ڇا فاسفورس ۽ ڪجھ ٻين عنصرن جي مستقبل ۾ نظر ايندڙ بحران جو حل شهابين جي ڪان ڪني مان ڪڍي سگھجي ٿو
هي سڀ ۽ انکان سواءِ بہ ممڪن آهي پر اصل شيء اسانجي ذهني سوچ آهي جيڪا اسانکي هر وقت نئين حقيقتن جي کوجنا ۾ مصروف رکندي آهي 

عجائب المخلوقات وغرائب الموجودات وڪيپيڊيا تان 
https://en.wikipedia.org/wiki/%CA%BFAj%C4%81%27ib_al-makhl%C5%ABq%C4%81t_wa_ghar%C4%81%27ib_al-mawj%C5%ABd%C4%81t

زڪري القزویني جي لکيل ڪتاب جو اصل حوالو 
http://rosettaapp.getty.edu:1801/delivery/DeliveryManagerServlet?dps_pid=IE481680

No comments:

Post a Comment