مريخ جا چنڊ
مريخ سياري جا ٻہ چنڊ آهن جنھن مان فوبس نالي وڏو آهي فوبس مريخ جي سطح کان ڇھ هزار ڪلو ميٽر جي مٿاڇري تہ موجود آهي
هي چنڊ سولر سسٽم جو واحد چنڊ آهي جيڪو اسانجي پاڙيسري مريخ سياري جي ايترو ويجھو آهي حقيقتن اهو مريخ جي جيو سٽيشنري مداري کان بہ ويجھو آهي
مريخ جي گهڻي گهٽ مٿاڇري تي هجڻ سبب ان چنڊ کي پنھنجي مدار ۾ رهڻ جي لاءِ مريخ جي ويجھو تيز چڪر لڳائڻو پوندو آهي هي هڪ ڏينهن ۾ مريخ جي ويجھو پنھنجا ٻہ چڪر پورا ڪندو آهي خالي چار ڪلاڪ پندرهن منٽن ۾ هي مريخ جي مٿاڇري تي اولھ کان ٿيندي اوڀر ڏا هليو ويندو آهي
فوبس هر سال هڪ ڏهائي اٺ ميٽر مريخ جي ويجھو ٿيندو رهي ٿو
ماهرن موجب تقريبن ٽيھ کان پنجاھ ملين سال کانپوءِ هي يا تہ مريخ جي سطح سان ٽڪرائبو يا وري مريخ جي ڪشش انکي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندي جيڪي زحل جي رنگن جيان مريخ جي ويجھو رنگ ٺاهي ڇڏيندا
فوبس جي ڪشش گھڻي گھٽ آهي جيڪڏهن اوهان ستر ڪلو گرام جا آهيو تہ فوبس تي اوهان جو وزن هڪ ڪلو گرام بہ مس ٿيندو ناسا ان چنڊ کي مريخ جي مشنن جي لاءِ اسٽيشن طور استعمال ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو گھڻي گهٽ ڪشش ڪارڻ ان تي لينڊنگ لھڻ مشڪل ڪم نہ ھوندو جنھن جو اتي لھندڙ گاڏي کي فائدو حاصل ٿيندو ياد رهي تہ فوبس چنڊ ناسا جي وائڪنگ سيٽلائيٽ پاران 1978ع ۾ دريافت ڪيو ويو هئو
No comments:
Post a Comment