Tuesday, 20 November 2018

وائجر VOYAGER حصو پهريون

"ظهور احمد"

وائجر اسپيس ڪرافٽ اسان کان ايترو پري وڃي چڪو آھي. جيڪڏھن اتان کان سج ڏي نهاريون ته آڪاش ۾ چمڪندڙ ھڪ ڌنڌلي ستاري وانگي نظر ايندو. وائجر1 جو ھي سفر ڪنھن خاص ستاري ڏانھن نہ آھي پوء به تقريبا 40000 چاليھ ھزار سال کان پوء 1.6 نوري سال پري موجود ستاري AC+793888 جي نالي ستاري جي ويجھي کان گذرندو. ھن ستاري جي خاص ڳالھ ھي آھي ته ھي 4،45،000 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اسان ڏانھن اچي پيو. 

ھن مھل وائجر1 جي رفتار 61،400 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين پڄي چڪي آھي. ان رفتار سان ھي 74،438 سالن کان پوء سج جي ويجھي ۾ ويجھي ستاري پروڪسيما سينچوري کي به پار ڪري ويندو. روشني جي رفتار حاصل ڪرڻ لاء ھن کي اڃان 17،522 سال لڳندا. وائجر1 ۽ ماھرين جي رابطي لاء ريڊيو سگنل ڪردار ادا ڪندا آھن. اسان جي نظام شمسي کي ڇڏي اونھي خلاء ۾ ويندڙ وائجر1 اھو پھريون خلائي مشن آھي جيڪو 21 ارب ڪلو ميٽر پري وڃي چڪو آھي. 

توھان ان جو اندازو ان ڳالھ سان لڳائي سگھو ٿا ته سج جي روشني کي وائجر1 تائين پھچڻ ۾ 17 ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا. وائجر1 ڌرتيء کان ھر ڏينھن 14،73،600 ڪلو ميٽر پري وڃي ٿو. يعني ھر ڏينھن ھي چوڏنھن لک اٺھتر ھزار ڇھ سو ڪلو ميٽرن جو مفاصلو طئي ڪندو آھي. ھي مفاصلو زمين ۽ چنڊ جي مفاصلي کان چار ڀاڱا وڌيڪ آھي. زمين کان چنڊ 3،84،400 ڪلو ميٽر آھي. 

وائجر1 جي رفتار سان جيڪڏھن سڄي زمين جو چڪر لڳايون ته صرف چاليھ منٽ لڳندا. جيتوڻيڪ ھن جي بيٽري ھاڻي ڪمزور ٿيندي وڃي پئي ۽ شايد 2025 تائين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون. ان کان پوء وائجر1 خلاء جي وسعتن ۾ تيسين تائين سفر جاري رکندو جيسين ھن سان ڪو ٻيو جسم ٽڪرائجي نه وڃي. وائجر1 آگسٽ 2012 ء اونھي خلاء interstaller space ۾ داخل ٿي چڪو ھو . آسان لفظن ۾ چئجي ته ھو ستارن جي اڳڻ ۾ پھچي ويو. 

جڏھن وائجر1 پنھنجو سفر شروع ڪيو ان وقت آئون پيدا به ڪو نه ٿيو ھو س ۽ ٿي سگھي ٿو ته توھان مان به ڪافي پيدا ڪونه ٿيا ھوندا جيتوڻيڪ تڏھن کان ھي خلائي مشين ھلندو پيو وڃي. 
ھن جي رفتار چيڪ ڪرڻ لاء ھن لنڪ تي ڪلڪ ڪندا. ھلندڙ


https://theskylive.com/voyager1-tracker

No comments:

Post a Comment