Saturday, 17 November 2018

وٽامن سي Vitamin C


 زاھد آرائين 

وٽامن سي يا حياتين سي 
حياتين سي جو ٻيو نالو ايسڪاربڪ ائسڊ Ascorbic Acid آهي. هي تازن ميون، ڀاڄين، خاص طرح رس وارن ميون، جھڙوڪ: مالٽي، نارنگي ۔ ڪينو ۔ پپيتي ۔ليمي ۔ ڪيلي ۔ اسٽرابيري ۔ ٻير ۔ ساون مرچن ۽ ڏاڙھون وغيره ۾ ٿئي ٿي. جيڪي بہ رسدار ميوا Citrus Fruits ٿين ٿا انهن ۾ کٽ موجود ھوندي آھي ۽ جنھن شي ۾ کٽ ھجي انهي ۾ وٽامن سي موجود ھوندي آھي. رسدار ميوا جھڙوڪ نارنگيون ۔ ڇانھي ۔ ڏاڙھون ۔ مالٽا ۔ بند گوبي ۔ ٽماٽو ۽ ليمو وغيره وٽامن سي سان ڀرپور هوندا آهن. اهي تڪسيد روڪ Antioxident ھوندا آھن ۽ جسم کي آزاد تڪسيدي جزن Free radicals جي هاڃيڪار اثرن کان بچائيندا آهن. اسانجي اکين جي نظري پردي (ريٽينا) ۾ موجود تنتي گهرڙن کي موچاري ڪم ڪار ۽ نظر چٽي رکڻ لاءِ وٽامن سي گھربل هوندي آهي. نارنگين ۾، ٻين رسدار ميون جي ڀيٽ ۾ وٽامن سي چڱي چوکي مقدار ۾ ٿئي ٿي. هڪ وچولي نارنگيءَ ۾ 70 ملي گرام وٽامن سي هوندي آهي.
وٽامن سي جي گھٽتائيءَ ڪري انسان جي روئي ۾ تبديلي اچي ٿي، بدن ۾ سُور ٿئي ٿو، ڏندن ۾ تڪليف جنم وٺي ٿي، چمڙي ۽ وار خشڪ رھن ٿا، هڏن جي نشونما بگڙي وڃي ٿي ۔ هڏا آسانيءَ سان ڀڄي پون ٿا ۔ مھارن ۾ رت ڀرجڻ جو مرض پيدا ٿئي ٿو، هڏن جي ڀڄڻ کان پوءِ انهن جو ڳنڍجڻ مشڪل ٿي پوي ٿو، رت جون ناليون ٿوري اشاري سان ڦاٽي پون ٿيون ۽ رت وهڻ لڳي ٿي.
اسان کي روزانو پنجيتاليھ ملي گرام وٽامن سي جي ضرورت پوندي آهي. وزن ضابطي ۾ رکڻ لاء وٽامن سي جو اهم ڪردار ھوندو آھي. صحت جي جرمن ماهرن جو چوڻ آهي تہ وٽامن سي وزن کي ضابطي ۾ رکڻ کان سوا رت جي داٻ کي ضابطي ۾ رکڻ، اعصابي دٻاءُ، هڏين، ننھن جي ڪمزوري، ايلرڄي ۽ خشڪ چمڙي کان بچاءُ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
ٿڌ جي موسم ۾ زڪام کي هڪ عام بيماري تصور ڪيو ويندو آھي. وٽامن سي جي استعمال سان زڪام ختم ٿي وڃي ٿو.
تحقيق مان معلوم ٿيو آھي تہ وٽان سي ڪينسر خلاف بچاء جو هڪ اهم ذريعو آهي. خاص ڪري عورتن ۾ ٿيندڙ ڇاتي جي ڪينسر کان بچاء لاء وٽامن سي جو استعمال ضروري آهي. تحقيقن مان ثابت ٿيو آهي تہ وٽامن سي جي استعمال ڪندڙ عورتن ۾ عورتاڻي ڪينسر ٿيڻ جا بلڪل گهٽ خدشا ٿين ٿا.
وٽامن سي سان ڪنھن بہ قسم جو مضر اثر پيدا ڪونہ ٿيندو آهي ۽ سائنسدانن جو چوڻ آهي تہ وٽامن سي تي اڃان بہ ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ريسرچ سان اها ڳالھ واضع ڪونہ ٿي سگهي آهي تہ وٽامن سي سان اهي اثر ڪيئن مرتب ٿيندا آهن ان ڪري سائنسدانن جو چوڻ آهي تہ وٽامن جسم جي نظام ۾ مداخلت ڪندا آهن جيئن بيٽا ڪورٽين جي باري ۾ خيال آهي تہ هي جسم جي چرٻي جي استعمال جي نظام ۾ مداخلت ڪندو آهي.
ليمون وٽامن سي حاصل ڪرڻ جو بھترين ذريعو آهي جيڪو بنيادي طور جسم ۾ تڪسيد روڪ طور ڪم ڪندو آهي جنھن جي ڪري جسم ۾ موجود زهريلن مادن کان جيو گھرڙا محفوظ رهن ٿا.
وٽامن سِي جي استعمال ڪرڻ سان مختلف بيمارين جي خطرن کي گهٽائي سگھجي ٿو، جهڙوڪ: دل جي دوري جو خطرو، بلڊ پريشر ۽ فالج جھڙن خطرناڪ مرض کان محفوظ رهي سگھجي ٿو. وٽامن سي اوهان جي جِلد جي معيار کي بهتر بڻائي ٿي.
ليمو وٽامن سِي جو ھڪ تمام سولو، سستو ۽ تمام فائديمند ذريعو آھن جنھن جي استعمال سان اوهان جو جسم چمڪندڙ ۽ پرڪشش رهي ٿو ۽ اوهان خشڪي کان محفوظ رهندا آهيو. جيڪڏهن اوهان ليمو پاڻي نہ ٿا پئي سگھو تہ اوهان کي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ روز جي بنياد تي اٺ گلاس سادو پاڻي پيئڻو آهي .

وزن گھٽائيندڙ :-
ليمي ۾ وٽامن سي موجود ٿئي ٿي. ليمو اوهان جي جسم ۾ موجود چرٻي کي گھٽائڻ سان گڏ اوهان جي هاضمي جي نظام کي بھتر بڻائي ٿو ۔ اوهان جو وزن گھٽائي ٿو ۽ شڳر جھڙي خطرناڪ بيمارين کان پڻ محفوظ ڪري ٿو.

زڪام ختم ڪندڙ :-
ٿڌ جي موسم ۾ زڪام هڪ عام بيماري تصور ڪئي ويندي آھي. وٽامن سي جي استعمال سان زڪام کان بچي سگهجي ٿو.

پٿري ٽوڙيندڙ :-
ليمو پاڻي جي استعمال سان اوهان گردي ۾ پٿري ٿيڻ جا خطرا گھٽائي سگھو ٿا. جيڪڏهن اوهان جي گردي ۾ پٿري موجود آهي تہ پوءِ اوهان روزانو جي بنياد تي ليمون پاڻي استعمال ڪيو.
نوٽ :-
وٽامن سي کي بہ اعتدال ۾ رهي استعمال ڪرڻ گهرجي
              جيئن تہ ھر چيز جي ذيادتي نقصاندہ هوندي آهن

No comments:

Post a Comment