Tuesday, 20 November 2018

نائون حصو۔ Saturn..(6)۔۔ زحل

 اسان جو شمسي نظام 
"زاهد آرائين" 

نائون حصو۔۔ 
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ Saturn..(6)۔۔ زحل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

زحل جيڪو اسانجي نظام شمسي جو سج کان پري ڇھون گرھ آھي. پراڻن علم فلڪيات جي ماھرن جي ويجھو ھي گرھ نظام شمسي جو آخري گرھ تصور ڪيو ويندو ھو.
نظام شمسي جو سڀني کان خوبصورت گرھ زحل سج کان اٺ سو نوي ملين ميل 890 پري آھي. زحل نظام شمسي جو ٻئي نمبر تي وڏي ۾ وڏو گرھ آھي.
گليليو گليلي 1610ء ۾ پھرين چڪر دوربين ذريعي ھن گرھ کي ڏٺو . مفاصلو گھڻو ھجڻ ڪري گليليو ھن جي دائرن کي ڪون سڃاڻي سگھيو . ھن کي طرح طرح جا خيال پئي آيا. ھن سمجھيو شايد زحل سان گڏ ٻه چنڊ اٿس يا ڪجه ٻيون شيون. يوناني ڪٿائن ۾ زحل کي جوپيٽر جو پيُ ۽ ڪنگ آف ايگريڪلچر سڏيو ويو آھي. اسانجي نظام شمسي جي ھن وڏي گيسي پربت جي ڪيمسٽري به جوپيٽر م وانگي عجيب آھي.
ھن عجيب و غريب گيسي پربت جا دائرا جيڪي ھن جي چوگرد آھن اھي تقريبا 1،75000 ميل ڊگھا ۽ 30 فٽ ويڪرا آھن.

اڃان تائين ھن گرھ تي رڳو چار اسپيس ڪرافٽ وڃين چڪا آھن. Pioneer 11 ء 1979 ۾ وائجر 1 وائجر 2 ستت ئي 1980ء ۾ ۽ ويھن سالن کان پوء ڪسيني کي 2004 ء ۾ زحل ڏانھن موڪليو ويو.
وائجر 1 نومبر 1980ء تي زحل Saturn تي پھتو. سيٽرن جا چنڊ Tethys ۽ Dion دريافت ڪيائين ۽ سيٽرن جي چنڊن Enceladus ۽ Titan جو بغور مشاھدو ڪيائين۔
زحل جي ڊکڻ پول تي ھڪ وڏو ۽ صاف نظر ايندڙ آء بال طوفان آھي. ان کان پھرين رڳو زمين تي ان نموني جا طوفان ڏٺا ويا. زحل تي ھي طوفان ڪئي ڪروڙن سالن کان موجود آھي.

جون 2004 تي ڪیسیني ھیجنز (Cassini–Huygens) نالي خلائی جہاز زحل جي چنڊ ٽائٽن (Titan) جو ويجھي کان بغور مشاھدو ڪيو ۽ بھترین تصويرون ۽ مواد زمیني اسٽيشن ڏانھن موڪليائين جنهن ۾ ٽائٽن تي پاڻياٺ هجڻ جون شاهديون پڻ موجود هيون۔
جولائي 2004 تي ڪیسیني زحل جي مدار ۾ داخل ٿيو ۽ ان جي فضا جو جائزو ورتائين۔
2006 ۾ کیسیني زحل جي برفاني چنڊ انڪلیڊس تي پهتو ۽ پاڻي جا وڏا ذخيره دريافت ڪيائين۔
زحل جي ھن مھل تائين دريافت ٿيل چنڊن جي تعداد 62 آھي. 100 کان مٿي ننڍا ننڍا جسم پڻ ھن گرھ کي ڦرن ٿا پر انھن کي چنڊ نه ٿو تسليم ڪيو وڃي


No comments:

Post a Comment