Saturday, 13 June 2020

هر پاسي انڌيرو ڇو آهي؟

هر پاسي انڌيرو ڇو آهي؟
”دريا خان“

انساني فطرت ئي آهي جو اهو هر ڏينھن نيون ڳالهيون سوچي رهيو هوندو آهي ۽ يقينن اهو سوچڻ ڪا عجيب شيءَ نہ آهي بلڪ انجي وجھ سان اڄ اسان علم جي دنيا ۾ ترقي ڏسندا آهيون، گھڻا ڀيرا تہ ايئن ڏسڻ ۾ آيو آهي تہ جو ڪنھن فلسفي پاران ڪا انوکي ڳالھ چئي ۽ انکي ٻڌڻ کانپوءِ سائنسدانن ان تي سوچڻ لڳا ۽ نتيجن ڪا وڏي تحقيق سامهون آئي، ان طرح گهڻا ئي ماڻھون هي سوال بہ ڪندا آهن تہ ڇا جيڪي اسان ڪائنات جا رنگ ڏسندا آهيون اها حقيقت آهي يا وري اسانجون اکيون اسانکي ڌوڪي ۾ رکيون ويٺل آهن؟ ڇا آسمان زميني مٿاڇرو جو رنگ واقعي ڪارو آهي يا انجي پويان ڪو ٻيو راز لڪيل آهي؟ هي سوال اهڙا آهن جيڪي انسان کي واقعي سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن پر ان ڳالھ جو ساڌو جواب هي آهي تہ اسان ان سوال جو جواب نہ ڪڏهن ڏئي سگهيا آهيون ۽ نہ ڪڏهين ڏئي سگهون ٿا، ڇوجو اسان ان ڳالھ جو اندازو ڪري ئي نٿا سگهون تہ هن ڪائنات ۾ موجود سڀهي شيون حقيقي آهن يا مصنوعي، هي ان لاءِ ڇوجو اسان وٽ انھن سڀني شين جي حالتن ۽ واقعن کي ناپڻ جو هڪئي طريقو آهي ۽ حيران ڪندڙ ڳالھ هي تہ انکان سواءِ ڪو طريقو ڏيو تہ بہ ان سان مطابقت رکندڙ هوندو يعني ڪو نيو طريقو نٿو بڻجي سگهجي،
مثال جيڪڏهن ڪنھن شيءَ جو وزن معلوم ڪرڻو هجي تہ انجي لاءِ اسان وٽ ترازيء موجود آهي، ان طرح پد کي ناپڻ جي لاءِ ٿرما ميٽر، ڪرنٽ کي ناپڻ جي لاءِ گلوانوميٽر ايئن ميٽر جنهن کي سرڪٽ ۾ لڳائي ڪري ان سرڪٽ ۾ موجود ڪرنٽ معلوم ڪري سگھجي ٿو، وقت کي ناپڻ جي لاءِ گهڙيال، فاصلي کي ناپڻ جي موجود آهن، انھن سڀني عددن جا يونٽس 1960ع ۾ ٿيڻ واري جنرل ڪانفرنس آف ويٽ اينڊميئرز ۾ رکيا ويا جن ۾ فاصلي جي لاءِ ”ميٽر “ وقت جي لاءِ ”ڪيلون“ ۽ ان طرح باقي عددن جي لاءِ مختلف يونٽس جي چونڊ ڪئي، يعني هي سڀ قائدا بڻايا ۽ اڄ اسان جيڪڏهن ڪائنات جي ڪنھن بہ شيءِ جي جانچ ڪرڻ گهرون تہ انھن اڪائين ۾ نتيجو ڪڍندا آهيون ڇو جو انکان سواءِ اسان ڪو قانون ناهين  بڻايا ۽ نہ ئي بڻائي سگهون ٿا ڇوجو سڀ انسانيت صدين کان سياري زمين تي بہ موجود آهي ۽ هڪ جهڙين حالتن ۽ واقعن کان گذريا آهن، گرمين جي راتن ۾ لڪيل زميني مٿاڇري هيٺ گهڻو ڪري ٻار پنهنجي وڏن کان سوال ڪندا آهن تہ زميني مٿاڇرو ڪارو ڇو آهي؟

اهو گهڻو اهم سوال آهي ۽ اهو اي نہ بلڪي انجي جواب کانپوءِ ٻيا سوال جنم وٺندا آهن، تہ ان سوال جو جواب ڪجھ هئين آهي تہ جيڪڏهن اسان زميني مٿاڇري کي شھر جي تيز روشنين کان ڏور وڃي ڏسون تہ ڪارو نظر ايندو بلڪي اڻ کٽندڙ تارا بہ ڏسڻ ۾ ايندا پر زميني مٿاڇرو انهن تارن جي هجڻ ڪارڻ ايترو ڪارو ان لاءِ آهي ڇوجو هي تارا اسان کان کربين ڪلوميٽر ڏور آهن جن ۾ سڀ کان ويجهو تارو اسان کان 36 کرب ڪلوميٽر يعني چار نوري سال ڏور آهي، جنھن جي وجھ سان انھن تارن جي روشني گهڻي گهٽ هجي ٿي، ان مان اها ڳالھ خبر پئي تہ زميني مٿاڇرو جو ڪارو رنگ ڏور تارن جي گهٽ روشني ڪارڻ هوندو آهي، پر زميني مٿاڇري جو ڪارو هئڻ جي هڪ ٻئي وجھ هي بہ آهي تہ زمين جي ويجهو چنڊ کان سواءِ ڪا اهڙي شيءِ موجود ناهي، جنهن سان سج جي روشني ريفليڪشن ٿي، پر ڇا هي ڪاري شيءِ جو رنگ انجي وجھ سان ڪارو هوندو آهي؟ تہ ايئن بلڪل نہ آهي.
ان ڳالھ کي سمجهڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪو سوچي تہ شايد ڪوئلي جو ڪارو رنگ بہ روشنيءَ جي نہ موجودگي جي وجھ سان هوندو آهي تہ هي غلط هوندو ڇوجو ڪوئلي ۽ سج جي روشني ۾ بہ ڏسجي تہ اهو ڪارو رنگ ئي رهندو، هر غير روشن اهڙي شيءِ جيڪا پاڻ روشني نيڪال نہ ڪري، جو رنگ اسانکي ڏيکاربو آهي اصل ۾ ان مان ريفليڪشن ٿيل رنگ هوندو آهي، هاڻ جيڪڏهن ڪا شيءِ ڪيترن رنگن کي ريفليڪشن ڪري ڇڏي تہ اسانکي اها شيءِ اڇي رنگ جي ڏسڻ ۾ ايندي ۽ ان طرح جيڪڏهن ڪا شيءِ سڀني رنگن کي پاڻ اندر جذب ڪري وٺي تہ اها شيءِ اسانکي ڪاري نظر ايندي، پر ٻوٽن جي پتن جو رنگ اسانکي هميشہ سائو ڏيکاربو آهي، انجو هي مطلب آهي تہ پتي ۾ موجود ڪيميائي مادا سڀني رنگن کي جذب ڪري وٺندا آهن ۽ خالي سائي کي ريفليڪشن ڪري ڇڏيندا آهن، ڪيترا ماڻهون سوچي رهيا هوندا تہ هي سڀ ٿيندو ڪيئن آهي؟ اسان ڄاڻون ٿا تہ هن ڪائنات ۾ هر شيءِ ننڍي ايٽمن سان ملي ڪري بڻي آهي، ايئن هي ايٽم جڏهن پاڻ کي اسٽيبل مستقل ڪندا آهن تہ ڪجھ توانائي نيڪال يا جذب ڪندا آهن ۽ جيڪر اها توانائي روشني جي شڪل ۾ هوندي تہ اهو ڪو رنگ ظاهر ڪندي، روشني جي زميني فضا ۾ مختلف زاوين کان گذرڻ جي وجھ سان روشني جي رنگ ۾ تبديلي واضح آهي،

انجي وجھ اسانکي ڏينهن ۾ زميني مٿاڇري جو رنگ نيرو نظر ايندو آهي ۽ سج جي ٻئي پاسي وڃڻ يا اڀرڻ وقت هي رنگ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي، هي ان لاءِ ٿيندو آهي جو جيئن ئي سج جي روشني فضا ۾ موجود اوزون جي ماليڪيولز سان ٽڪرائبي آهي تہ هي ماليڪيول ان روشني کي سڀني طرفن ۾ ريفليڪشن ڪندا آهن، هر رنگ هڪ مخصوص زاويي تي ريفليڪشن هوندو آهي، ايئن جڏهن سج اسانجي مٿان کان هوندو آهي تہ زميني مٿاڇرو نيري رنگ جو ڏيکاربو آهي، پر جيئن ئي سج جي افق کان مٿائي گهٽ هوندي آهي، ايئن ايئن هي رنگ تبديل ٿي ڪري ڳاڙهو رنگ بڻجي ويندو آهي، انکان سواءِ سج جي روشني جو رنگ ڳاڙهو ٿيڻ جي وجھ هي بہ آهي جو شام ۽ صبحو جي وقت اها ئي روشنيءَ فضا کان وڌيڪ حصي ۾ سفر ڪري ايندي آهي، جنھن جي وجھ سان فضا ۾ موجود مختلف ذرن سان ٽڪرائجي ڪري روشني جي وڏي لهر wavelength وڌي ويندي آهي، جنھن جي وجھ سان ڳاڙهو رنگ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

برحال اها ڳالھ تعريفي آهي تہ هن ڪائنات ۾ روشني اها واحد شيءِ آهي جيڪا هن سياري تي زندگيءَ جي شروعات ٿين کان بہ پهريان  کان موجود آهي پر اڄ تائين انجا ڪيترا راز اهڙا آهن جن کي انسان سمجهڻ جي ڪوشش ۾ جتن آهي

#ScienceJeDunya

No comments:

Post a Comment