Thursday, 11 June 2020

ڊي اين اي کان پروٽين تائين

ڊي اين اي کان پروٽين تائين

هڪ سياستدان، گل لالہ جا گل، گهوڙا، ڏيڏر ۽ ڪالرا جي جراثيم ۾ ڇا ڪامن آهي؟ 

انجو جواب ڄاڻڻ جي لاءِ پهريان ڳالھ ڪجھ بائيولوجي جي 

ڊي اين اي جي بناوت جي دريافت بائيولوجي جو اهم پنڌ هو، ڊي اين اي جو ڊبل هيلڪس هڪ چڪردار ڏاڪڻ جيان آهي، پنھنجو اڳوٺو جيڪڏهن ڇت ڏا ڪريو تہ ڊي اين اي جي ڏاڪڻ آڱرين جي مخالف گهڙي وار سمت ۾ وڪوڙبيون، انجي اها بناوت ۽ اها سمت هر جاندار جي هر خلي ۾ هوندي آهي، هر ڌاڳي جون ٻہ پويان جون هڏيون، جيڪي هڪٻئي کان ويھ جوڙڻ سان مليل آهن، جيڪي هڪٻئي ۾ ان طرح فٽ هوندا آهن جنھن طرح ڪنھن حساب جا ٽڪڙا ملي ويندا آهن، زاويو ۾ ڪٽيل”اي“ ” ٽي“ سان گڏ بيٺل ”سي“،”جي“ سان گڏ، واٽسن ۽ ڪرڪ جن جيڪا اهم شئي دريافت ڪئي هئي، اها هي تہ انجا ٻهي طرف هڪٻئي کي مڪمل ڪندا آهن، ۽ انهن ۾ خالي هڪ سائيڊ کان بہ مڪمل معلومات حاصل ڪري سگهجي پئي، يعني انجي هڪ اڌ جو پتو هجي تہ انجو ٻيو اڌ معلوم ڪري سگھجي ٿو 

پر ان بائيولوجي کان بائيولوجي جو وڏو مسئلو حل ٿيڻ ۾ ٿوري هي اڳڀرائي نہ ٿي سگھي هئي، ڊي اين اي کان آخري پروٽين ڪيئن بڻبا آھن، ان پراسس کي سمجهڻ جي لاءِ سائسندانن کي ڊي اين جي ڪيميائي ڪزن آر اين اي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي پئي هئي، هي ڪزن ڊي اين اي جيان ئي آهي پر ان ۾ ٻہ جي بجائي هڪ ڌاڳو هوندو آهي، ۽”ٽي“ جو لفظ ”يو“ مان بدلجي ويندو آهي، بائيوڪيمسٽ جي دلچسپي ان ۾ ان لاءِ ٿئي جو جڏهن خليا پروٽين بنائڻ لڳندو آهي تہ انجي مقدار خلي ۾ اوچتو وڌيڪ ٿي ويندي آهي، جڏهن انجا پيرا کڻڻ شروع ڪيا تہ انکي پڪڙڻ وڏو مشڪل رهيو، خالي جهاتي ڏيکاري ڪري غائب، انجي لاءِ تجربا، انتظار، ماٺ ۽ ڪجھ ورهين لڳا تہ هي معلوم ٿئي تہ خلي ۾ ٿي ڇا رهيو آهي، ڊي اين اي جي لفظن کان پروٽين بڻجڻ جو سفر ڇا آهي 

خلي جي نيوڪلئيس ۾ ڊي اين اي آهي، هي ڪڏهن ان کان ٻاهر ناهي نڪرندو، بلڪ پنھنجي ڪاپي آر اين اي جي صورت ۾ بڻائي ڪري اماڻيندو آهي، انجي هڪ ڌاڳي کان هي ڪاپي بڻجي ويندي آهي، ۽ نيوڪلئيس کان ٻاهر نڪري ويندي آهي، ٻاهر اچڻ وارن کي پيغام رسائي آر اين اي چيو ويندو آهي، انکان اڳئي ڀيري پروٽين بنائڻ جي فيڪٽري رائيبوزوم جي آهي 
رائيبوزوم ان پيغام رسائي آر اين اي کي هڪ منهن کان پڪڙي وٺندي آهي ۽ انجي هڪ وقت ۾ ان جا ٽي لفظ (ٽرپلٽ) وٺندي آهي، ان وقت هڪ آر اين اي جي ٻئي قسم ٽرانسفر آر اين اي ان وٽ ايندي آهي، هر ٽرانسفر آر اين اي جا ٻہ حصا آهن، هڪ اڳتي لڳل ٽرپلٽ جيڪو ڪنھن سمنڊي جهاز جي کوهو، مستول جيان ٻاهر نڪتل هوندو آهي، ۽ انجي پويان امينو ايسڊ جيڪو هي ڪنھن سامان جيان ڇڪي ڪري کڻي ايندو آهي، ڪيترائي ٽرانسفر آر اين اي رائيبوزوم جي چونڊيل ٽرپلٽ سان گڏ جڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر خالي هڪئي اهڙو ٿي سگهي ٿو جنھن جو ميل اتفاق ان سان گڏ ميچ ڪري وڃي، جڏهن هي ٿي ويندو تہ رائيبوزوم انجو امينو ايسڊ پڪڙي وٺندو 
هاڻي ٽرانسفر آر اين اي هلائيندو، پيغام رسائي آر اين اي جا اڳيان ٽيان لفظ پڙهيا ويندا، انھن سان گڏ وارو نيو امينو ايسڊ ميچ ڪيو ويندو ۽ ٻئي امينو ايسڊ لاٿو ويندو ۽ جڳھ تي لڳي ويندو، اهو ئي ورجائيندي امينو ايسڊ جي زنجير بڻجي ويندي، هي زنجير پروٽين آهي، هي پروٽين فولڊ ٿي ويندي آهي پروٽين جو هي ماليڪيول خلين ۾ ڪم ڪرڻ وارا گهوڙا آهن، جسم جا عضوا ۽ ٽشو جا اسٽرڪچر، فنڪشن ۽ ريگوليشن انھن سان هوندي آهي، ڪنھن بہ ٽرپلٽ سان گڏ صرف ۽ صرف هڪ امينو ايسڊ جڙيل آهي، ان لاءِ انفارميشن ڊي اين اي کان آر اين اي ۽ پوءِ پروٽين تائين صحيح طريقي سان پهچي ويندي آهي 1958ع ۾ فرانسس ڪرڪ جن ڊي اين اي کان آر اين اي ۽ آر اين اي کان پروٽين بڻجڻ کي ماليڪيولر بائيولوجي جو مرڪزي ڊاگما ڪوٺيو


تہ پوءِ هڪ سياستدان، گل لالہ جا گل، گهوڙا، ڏيڏر ۽ ڪالرا جا جراثيم ۾ ڇا ڪامن آهي؟ 
انھن سڀني ۾ ڊي اين اي جي بناوت، ان مان پيغام رسائي پروٽين بڻجڻ جو طريقو، ان مان رائيبوزوم تائين وڃڻ، ان مان انفارميشن کي ٽي لفظ ڪري پڙهڻ، انھن جو ترجمو ويھ امينو ايسڊ ۾ هئڻ، ان سان پروٽين بڻجڻ، ان سڀ عمل ۾ ڪنھن بہ جاندار ۾ ڪو بہ فرق ناهي، هي بلڪل هڪ ئي طرح هلندو آهي، هڪ سياستدان ۽ ڏيڏر جي صورت م بناوت هڪ ئي طرح ڇو ناهي؟ ڇوجو ڊي اين اي ڪوڊ مختلف هئڻ جي وجھ سان انهن جو ترجمو ڪري بڻجڻ وارا پروٽين مختلف آهن 

امينو ايسڊ ويھ ئي ڇو آهن؟ هڪ ٽرپلٽ سان گڏ هي 64 ٿي سگهن ٿا، جارج گامو، جن جي شهرت بگ بينگ ۽ ريڊيو ايڪٽيويٽي تي ڪم ڪرڻ جي وجھ سان آهي، انھن ان ڪوڊ جو پتو لڳائڻ جي لاءِ آر اين اي ٽائي ڪلب بڻايو، ان ۾ چوويھ بائيولوجسٽ ۽ فزسٽ هئا، رچرڊ فائمين، ڪرڪ ۽ واٽس بہ ان ڪلب جو حصا هئا، ان دور ۾ فزڪس ايٽم بم بنائڻ جي وجھ سان موت جي سائنس سمجهي وڃي رهي هئي، بائيولوجي زندگي جي سائنس هئي، انجي وجھ سان ڪيترا فزسٽ بائيولوجي ۾ ڪم ڪرڻ گهرن پيا، هي ڪلب ان ڪوڊ کي ڳولهڻ چاهي پيو، ان ڪلب طرح طرح جا ڪوڊ ڏٺا، ڪوڊ جيڪي پنهنجي مرمت ڪري سگهن، سيڪورٽي ڪوڊ، ڊائمنڊ ڪوڊ، اما ڪوڊ، مثلث ڪوڊ، ڪوڊ جو وڌيڪ انفارميشن رکي سگهن 

 ان سڀ جو ڪو نتيجو نڪتو، ويھ امينو ايسڊ هئڻ جي ڪا گهري وجھ نہ هئي، هي ڊيزائن زندگي جي شروعات جو هي ڪي بورڊ هاڻي بدل نٿو سگهي، انجي ايتري ئي تعداد هئڻ ۾ ڪا خاص گهرائي نہ نڪتي 

جيتوڻيڪ ان ڪلب جا ڪيا ويندڙ ڪمن کان ڪو ڪم وارو نتيجو نہ نڪتو پر ڪا بہ مايوسي جلد ختم ٿي وئي، ڊي اين اي ۽ آر اين اي جي ڳجهائي حل ڪرڻ سائنسدانن کي جينيات جي پراڻي بحٽ طئي ڪري ڇڏي، ڇا جين انفارميشن آهي يا جين ڪيميڪل آهي؟ انجو جواب”ٻنهي“ جي صورت ۾ ملي ويو، ڊي اين اي ڪوڊ 64 امينو ايسڊ ڇو ناهي استعمال ڪندو؟ انجو جواب بہ بائيولوڪرپٽو گرافر ڄاڻيندا آهن، فينسي ڪوڊ سٺا فيچر تہ ڏيندا آهن پر جيترو ڪوڊ فينسي ٿي وڃي، ڪنهن غلطي سان انجو ٽٽي وڃڻ ۽ وڏي خرابي پيدا ڪري ڏيڻ سولو ٿي ويندو آهي، ڊي اين اي جي ڪوڊ ۾ پاتي ويندڙ ريڊنڊنسي جي وجھ سان ميوٽيشن ڦير گهير ٿي وڃڻ وجھ سان جاندار جي مضر اثرن کان محفوظ رهڻ جو امڪان وڌيڪ ٿي ويندو آهي، انجو ساڌو لڳائڻ ۽ وڌيڪ گهرائي نہ هئڻ انجي ڪاميابي جي هڪ وجھ آهي، زمين تي چار ارب سال کان زندگي جي کڙڪي ٽوڙ ڪاميابي انجو واضح ثبوت آهي

خوبصورت دريافت جين
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2705124479769626/

#DNA #RNA #Protein #Sciencejedunya

No comments:

Post a Comment