Thursday, 7 May 2020

نيٽ ورڪ - انفارميشن جي ٽپال

نيٽ ورڪ - انفارميشن جي ٽپال
”امتياز علي“
 
ڊيجيٽل انقلاب ۾ پراسسنگ، سنسرز، سافٽويئر ۽ اسٽوريج سڀ اهم هئا پر جيستائين شيون پاڻ ۾ جُڙي نٿيون وڃن، انهن مان اهو فائدو نہ وٺي سگهون ها. ترقي جي هي پکيڙ نيوٽ ورڪنگ جي جدت آهي. ۽ هن ۾ چيهله جي هڏي سمنڊ جي هيٺيان ۽ زمين تي وڇايل فائبر آپٽڪ جا تار آهن. پوين پنجويھ سالن ۾ ان ۾ هئڻ واري ترقي بہ مورز لاءِ جي رفتار جي ويجھو سان رهي آهي.
آمريڪا جي شهر چٽانوگا ۾ الٽرا هاءِ اسپيڊ فائبر آپٽڪ ڪيبل جي مقرري ڪئي وئي. گڪ گيگا بٽ في سيڪنڊ تي ڊيٽا جي رفتار هڪ عام آمريڪي شهر کان 30 دفعا وڌيڪ هئي. هن جي نمائش ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪنسرٽ جو انتظام ڪيو ويو. چار هزار ماڻهن جي سامهون 13 آڪٽوبر 2014 تي ٻن موسيقارن ملي ڪري پرفارم ڪيو. انهن مان هڪ چڪ ميڊ هئا جيڪي اسٽيج تي هئا ۽ ٻيا ٽي بون برونٽ هئا جيڪي ٻہ هزار ميل پري لاس اينجلس ۾ هئا ۽ اسڪرين تي نظر اچي رهيا هئا. هن تيز رفتار نيٽورڪ هي ممڪن بڻايو تہ هي ٻئي ايتري گهڻي فاصلي جي باوجود هي ڊوئٽ پرفارم ڪري سگهن. آڊيو ۽ ويڊيو جي پهچڻ ۾ دير 67 ملي سيڪنڊ هئي. ايترا گهٽ جو ڪنهن بہ انسان جو ان فرق کي محسوس نہ ڪري سگهندو هو. اک ڇنڀڻ جي وقت جو هڪ چارائي.

هي ڊوئٽ ان لاءِ ممڪن ٿيو تہ فائبر آپٽڪس جي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ ان جي پوين سالن ۾ ڪئين بريڪ ٿِرُو ٿيا هئا. جيڪڏهن هڪ ڪمپيوٽر سائٽسٽ هي چيڪ ڪرڻ کپن تہ ٻيو ڪمپيوٽر جاڳيو ويٺو آهي تہ ان جي لاءِ استعمال ڪئي ويندڙ واري ڪمانڊ "ping" آهي. هي هڪ برقي پيغام آهي جيڪو ٻئي ڪمپيوٽر جي پَتي تي موڪليو ويندو آهي. ٻئي سان ٽڪراءُ ڪري واپس ايندو آهي ۽ ان دوران هي بہ ٻُڌاءِ ڇڏيندو آهي تہ انهن سڀني ۾ ڪيتري دير ٿي. ان ڪمانڊ کي 1980ع جي ڏهائي کان استعمال ڪيو ويو آهي.

سٽينفورڊ يونيورسٽي جي سائنٽسٽ فِل بڪسبام چوندا آهن تہ انهن پنهنجي گهر کان دنيا جي ڪمپيوٽرن کي پنگ ڪرڻ شروع ڪيو. اين آر بر، لنڊن، تل ابيب ايڊليڊ جي ڪمپيوٽرن ٻيا نتيجا ڏٺا، جيڪي حيران ڪندڙ هئا. هي روشني جي رفتار جي اڌ جي ويجهو هئي. يعني بڪسبام جا ڪمپيوٽر مان پيغام ان جي مقامي فائبر آپٽڪ ڪيبل تائين ويو. ان کانپوءِ زميني ڪيبل ۾، پوءِ هيٺ سمنڊ ڪيبل ۾، پوءِ دنيا ۾ ڪٿي پري هڪ ڪمپيوٽر ۾. ۽ هي سڀ ايتري رفتاري سان ٿيو تہ قانونن فطرت جي حد جي اڌ جو وقت هو. هي وڏا انقلاب ڪميونيڪيشن ۾ مورز لاء سان ممڪن ٿيو.

جنهن رفتار سان ڊيٽا هيٺ سمنڊ تار جي ذريعي موڪلڻ ممڪن ٿي رهيو آهي، هي مسلسل وڌي رهي آهي. ان ڪهاڻي جو ٿورو خلاصو هي آهي تہ پهريان آواز ۽ ڊيٽا تانبي جي تارن تي موڪليو ويندو هو. جنهن ۾ ڊجيٽل ريڊيو فريڪوئنسي استعمال ڪئي ويندي هئي. انهي کي ايگزئيل تار کي دنيا سڄي ۾ آواز ۽ ڊيٽا موڪلڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.

اسٽينفورڊ ۽ بيل ليبز ۾ ڪجھ سائنسدان ليزر سان کيڏڻ شروع  ٿيڻ جي آواز ۽ ڊيٽا کي روشني جي ذريعي آپٽيڪل ريشن سان ڪيئن موڪلي سگهجي ٿو. هي آپٽيڪل فائبر بنيادي طور تي وڏي، سنهڙي ۽ لچڪدار شيشي جون ٽيوب هيون. ان جي ترقي ٿيندي ٿيندي 1990ع جي ڏهائي جي شروع ۾ هي نئون اسٽينڊرڊ بڻجي ويو. شروعاتي فائبر آپٽڪ تارون زنجيرن جي شڪل ۾ هيون ۽ سگنل کي وڌيڪ پري تائين نہ پئي وٺي وڃي سگهيون. سگنل ڪمزور پئجي ويندو هو. ۽ ان کي هڪ ايمپلي فائر ڊي سان گذاريو ويندو هو. هتي هي روشني مان برقي سگنل ۾ تبديل ٿيندو هو، ايمپلي فاءِ هوندو هو ۽ پوءِ واپس روشني جو سگنل بڻجندو هو ۽ اڳيان موڪليو ويندو هو. وقت سان گڏوگڏ هن صنعت کي اڇوت طريقا ملندا ويا. ان کي ٺاهڻ جو طريقو ۽ ڪيميڪل استعمال ڪرڻ جي لاءِ طريقا جنهن ۾ سگنل ڪمزور نہ بڻجندو هو.

هي سڀ وڏو بريڪ ٿُرو هو. سامهون لڳل ايمپلي فاءِ ڪرڻ وارين ڏٻن مان ڇٽڪاري ملي وئي ۽ هڪ پوري تار ڀلي اها چين کان آمريڪا جي وچ هجي يا آفريقا ۽  Atlantic Ocean جي وچ ، سگنل سواءِ ڪنهن پراسسنگ ڪرڻ ممڪن ٿي پيو. ان وڌيڪ استعمال ممڪن بڻايو. براڊ بينڊ انٽرنيٽ انهن مان هو. ان جي وجھ هي هئي تہ برقي سگنل جي حدن مان ڇوٽڪارو ملي ويو هو. ليزر جي خاصيتن مان الهائي سارا ڪم وٺي پئي سگهيا. ليزر ۽ شيشي ۾ وڌيڪ کان وڌيڪ انفارميشن گذارڻ ممڪن ٿي ويو. روشني جو بند ٿيڻ ۽ کُلڻ اهيو سگنل هيو. ان ۾ وقت جي ورڇ جي بنياد تي الهائي چينل ٺاهڻ ممڪن ٿيو. ليزر جي پلس سان ان جي ڪيپيسٽي ۾ اضافو ٿيو. روشني جي الڳ ويولينٿ جر بنياد تي هڪئي وقت ڪئين سگنل موڪلي پئي سگهيا. سولي مثال جي لاءِ: جيڪڏهن اسان هڪ فون ڪال جو سگنل بليو رنگ جي روشني ۾ موڪلي رهيا آهيون ۽ هڪ پيلي رنگ جي روشني ۾ تہ هي ٻئي هڪ ئي وقت ۾ هڪ ٻئي کي ڇيرڻ کان سواءِ هڪ ئي تار ۾ سفر ڪري سگهن ٿيون.

ان ۾ هئڻ واري جدتن جي رفتار ۾ گهٽتائي ناهي آئي. روشني جي خاصيتن کي استعمال ڪندي ان ۾ وڌيڪ کان وڌيڪ انفارميشن پيڪ ڪئي پئي وڃي. هڪ هيٺ زمين ڪيبل هڪ سيڪنڊ ۾ ڪئين ٽريلين بِٽ وٺي ويندي آهي. ڪنهن وقت اسان فزڪس جي قائدن جي حد تائين پهچڻ لڳنداسين پر اڃان ان کان پري آهيون. ليزر جي ڪيترين خاصيتن جي وجھ جي ڪري تجرباتي بنياد تي موجوده رفتار سان لکين ڀيرا رفتار حاصل ڪئي وئي آهي. 

تقريبن لامحدود ڊيٽا جي ٽپال تقريبن مفت. هتي اسان تقريبن جي تعريف وڌائيندا پيا وڃون. انفارميشن جي ٽپال جي هي رفتار اسان جي زندگي ۽ سوچ کي تبديل ڪري چڪي آهي. وڌيڪ تيزي سان تبديل ڪري رهي آهي...!!!

No comments:

Post a Comment