مکين جا ايڪسرا - جين (7)
جينيات جي اڀياس ۾ مکين واري ڪمري جو هڪ خاص مقام آهي، ڳريل سڙيل ڪيلا ۽ مکين جون برنيون، بائيولوجي جي اهم دريافتن جو ڪارڻ بڻيا، وڌيڪ هيٺ ڏنل ڪڙي تان- ان ڪمري ڪيترن ئي ماڻهن کي نوبل انعام جو حقدار بڻايو جن مان هڪ ٿامسن ميولر هئا، جينيات پڙهڻ وارن جي لاءِ ميوٽيشن، ڦير گهير واريون مکيون اهم هيون، پر هي ڪڏهن ڪڏهن ئي پيدا ٿينديون هيون، ميولر جن سوچيو تہ ڇا ان عمل کي تيز ڪري سگھجي ٿو، گرمي سان؟ روشني سان؟ يا توانائي جي تيز برسٽ سان؟
انجي لاءِ ميولر جن ايڪسري استعمال ڪئي، جن تي ڪيا ويا هيا، اهوئي مري ويون، انجي ڊوز گهٽ ڪري تجربو ڪيو، هي اڳئي نسل هلائڻ جي قابل نہ رهيا، 1926ع جي ٿڌ ۾ هڪ ٻيو تجربو انکان بہ گهٽ ڊوز جي ذريعي ڪيو، ايڪسري وارن نرن جو ملاپ مادي سان ڪرايو ۽ کير جي بوتلن ۾ انھن جا ٻچا پيدا ٿيا، ڏسندي گڏ ئي هڪ ڊارمائي نتيجو نظر اچي رهيو هو، ميوٽيشن، ڦير گهير واري مکين جو ريشو گهڻو وڌيڪ هو، پوئين ٽن ڏهائن ۾ پنجاھ ميوٽنٽ پيدا ٿيا هيا، ان هڪ رات ۾ پنجويھ.!
ميولر کي ان دريافت مان عالمي شهرت ملي وئي، ان مان بہ نتيجا نڪرندا هيا، پهريون هي تہ جين مادي شيءَ آهي، آخرڪار، ريڊي ايشن خالي توانائي ئي تہ هئي، ان کان پهريان گرفٿ جينز کي هڪ جڳھ کان ٻئي جڳھ کڻي وڃي چڪا هيا، ميولر جن جين کي تبديل ڪري ڇڏيو هو. جين، جيڪو بہ آهي، حرڪت ڪري سگھي ٿي، منتقل ٿي سگهي ٿي ۽ توانائي ان ۾ تبديلي ڪري سگھي ٿي، هي خاصيتون ڪيميائي مادي جي آهن
پر جيڪا شيءَ سائنسدانن جي لاءِ سڀ کان حيران ڪندڙ هئي، اها جين جي بدلڻ جي خاصيت هئي، ان ڀاڳي تيز رفتار تبديلي؟ بائيولوجي جي اسڪيم ۾ جاندار شيون عام طور تي جينياتي لحاظ سان تبديل نہ ٿينديون هيون، فطري چونڊ مان ارتقا جي رفتار گهٽ يا وڌيڪ ٿي سگهي پئي، پر ميولر جي تجربن ظاهر ڪري ڇڏيو هو تہ ميوٽيشن، ڦير گهير جو ريٽ پاڻ بہ ساڳيو ناهي، هي تيزي سان تبديل ٿي سگهي ٿو،” فطري ۾ ڪنھن بہ شيءَ ۾ مستقل اسٽيٽس جو ڪو تصور ناهي، ايستائين تائين جو تبديلي جي رفتار بہ مستقل ناهي، مستقل تبديلي فطرت جو قانون آهي، انجو متبادل ناڪامي ۽ ختم ٿي وڃڻ آهي“ ميولر جن پوءِ لکيو، ميوٽيشن--ڦير گهير ريٽ کي تبديل ڪري ۽ ويري انٽ جي چونڊ ڪري ميولر جن اندازو لڳايو تہ هو ارتقائي چڪر کي تيز رفتار ڪري سگهن ٿا، نئي قسم بڻائجي وڃي سگهجن ٿيون
جيڪڏھن مکين ۾ تبديلي ڪري سگهجي ٿي تہ ڇا انسانن ۾ بہ؟ هي فطري طور تي اٿندڙ ٻيو سوال هو، تبديلي انساني هٿن ۾؟ پنھنجي دور جي سائنسدانن ۽ شوشل سائنٽسٽ جيان ميولر بہ يوجينڪس مان متاثر هئا، توڻي جو طالب علم، مثبت يوجينڪس کي سپورٽ ڪندا رهندا هيا، پر يوجينڪس جو عملي ظهور ڏسي ڪري ذهن بدلجي رهيو هو، ڪٿي ڪا بنيادي غلطي تہ ناهي؟ ميولر ان خيال جي حق ۾ هيا تہ جينيات مان تڪليفن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، پر ڪنھن قسم جي معاشري ۾ ائين ٿيڻ ممڪن آهي؟ جيڪڏهن معاشري ۾ غير مساوات ٿيندي تہ غريب ٿيڻ، اڻپڙهيل بہ جينياتي خامي چورائبو؟ يوجينڪس تحريڪ جو خيال هو تہ جينيات تبديل ڪري ڪمزور معاشري کي طاقتور ڪري سگهجي ٿو، ميولر جو خيال انجي ابتڙ هو، جيڪڏهن انصاف نہ ٿي تہ جينيات تي ڪنٽرول معاشري تي طاقتور ماڻھن جو ڪنٽرول مضبوط ڪري ڇڏيندو
ميولر جو سائينسي ڪيريئر عروج تي هو، اهو پنهنجي معاشري مان تنگ اچي چڪو هئا، اهو اهڙي خراب سياست وارو خود غرض معاشرو چوندا هيا، ( انهن جي خودڪشي جي ڪوشش ڪامياب نہ رهي هئي) انهن آمريڪا ڇڏي ڪري برلن وڃڻ جي چونڊ ڪئي، هڪ لبرل جمهوريت جتي شوشلزم جي طرف جهڪائو هو، ٽوين موجب اهڙو شهر جتي سائنسدان، اديب، فلسفي ۽ دانشور مستقل جو معاشرو بڻائي رهيا هيا، 1932ع ۾ انهن سامان ٻڌو، ڏھ ھزار شيشي جي ٽيوبون، هڪ هزار بوتلون، هڪ مائيڪرواسڪوپ گڏ رکيون ۽ قيصر ولهلم انسٽي ٽيوٽ روانو ٿيا، انھن کي خبر نہ هئي تہ انھن جو نئو ڏيرو جينيات جي سائنس جو بدترين منھن سامهون وٺي ڪري اچڻ وارو آهي، انجي بنياد انهي اداري سان رکي ويندي جتي انھن جي وڃڻ جي چونڊ ڪئي هئي
هلندڙ....
مکين وارو ڪمري تي
https://sciencejeduniya.blogspot.com/2020/05/blog-post_4.html
No comments:
Post a Comment