عارضي جسم
”ترجمو: امتياز علي“
ٻُڌو..!! توهان هي پنهنجو جسم ڪنهن کان ورتو آهي!؟ جي جي، اهيو ئي جسم جنهن جي اندر اوهان هينئر آهيو!؟ ۽ ها اهيو نہ چئجو تہ هي هميشہ کان اوهان وٽ ئي هو. ڇو تہ شايد پوءِ اوهان کي اوهان جي جسم جي خبر نہ هئي. ان ۾ جيڪي ماليڪيول يا ايٽم آهن، هي ايندا ويندا رهندا آهن. اوهان کائيندا پيئندا آهيو، ساھ کڻندا آهيو، شيون جذب ڪندا آهيو. ڪجھ دير هي استعمال ٿيندا آهن پوءِ هي جوڙي ويندو آهي، ساھ سان گڏ وات مان نڪري ويندو آهي. اڄ کان هڪ مهينو پوءِ اوهان جي جسم جو وڏو حصو اهو نہ هوندو جيڪو اڄ آهي. ڪنهن پاڻيءَ جي لهر جيان اوهان هڪ عارضي ترتيب آهيو.
هر سيڪنڊ ۾ توهان جي جسم ۾ رت جا ويھ لک نوان خليا ٺهي رهيا آهن. روز هزارين ميل وڏو نئون ڊي اين اي ٺهي رهيو آهي، جسم جا اربين خليا مري رهيا آهن ۽ ان جي جڳھ تي ٻيا خليا جاءِ والاري رهيا آهن. رت چار مهينن ۾ تبديل ٿي چڪو هوندو آهي. چمڙي چار هفتن ۾ مڪمل طور سان بدلجي ويندي آهي. معدي جي لائننگ پنج ڏينهن ۾ بدلجي ويندي آهي. جگر ڪڏهن بہ پنهنجي سالگرھ ناهي ملهائيندو. هڏيون بہ ڪنڪريٽ جهڙي بناوت ناهي. هي بہ بلدبيون رهنديون آهن. جيڪڏهن هڪ هڪ عضوي کي الڳ الڳ ڏٺو وڃي تہ توهان تمام ننڍي عمر جا آهيو.
جيڪي خليا جلدي تبديل ٿيندا آهن، انهن جو مسئلو وڌيڪ الڳ هئڻ جي وجھ سان تقسيم جي غلطي هجڻ جو وڌيڪ امڪان آهي. جيڪي دير تائين هوندا آهن، انهن جي لاءِ ماحولياتي اثرن جي وجھ سان پهچڻ واري نقصان کي گڏ ڪرڻ آهي. خلين کي نقصان پهچائڻ ۾ جتي ريڊي ايشن يا ٽوڪسن آهن، اتي هڪ وڏي شيءِ آڪسيجن آهي. جسم ۾ هئڻ وارا ڪيميائي عمل ۾ آڪسيجن آزاد ريڊيڪل پيدا ڪندي آهي جيڪي غير مستقل ماليڪيول آهن ۽ اهڙي ڪيميائي ري ايڪشن ڪري سگهو ٿا جيڪو ڊي اين اي ۾ مداخلت ڪري سگهن ٿا ۽ خلين کي نقصان پهچائي سگهن ٿا. ڊاڪٽر بروگلي جي موجب، ”جيڪڏهن اوهان آڪسيجن کان بچي سگهو ٿا تہ اوهان دير تائين جوان رهي سگهو ٿا“. آڪسيجن اسان کي زندھ رکندي آهي، آڪسيجن اسان کي پوڙهو ڪري ڇڏيندي آهي.
اسان جي جسم جا مادا گهڻو ڪري هوا سان ايندا آهن. هي زمين جي سائيڪلن جو نتيجو آهي. 1945ع کانپوءِ اڳئين ويھ سالن تائين فضا ۾ ڪيل ايٽمي تجربن دنيا جي فضا کي تبديل ڪري ڇڏيو. ان فضا اسان کي بدلائي ڇڏيو. تابڪار عنصر جسمن جا حصا ٿي ويا. هي ٽُٽندا ويندا آهن پر عنصر جسم ۾ رهجي ويندا آهن. انهن کي وقت ۾ ٽريڪ ڳولھا ڪري عنصرن جي جسم ۾ رهڻ جو صحيح وقت بہ ڪڍي سگهجي ٿو. ڪاسمڪ شعائون فضا جي ٻاهرين تھ ۾ ڪاربن 14 ٺاهينديون آهن. هي هر وقت تازو ٿيندي جسم جو حصو ٿيندا ويندا آهن. پراڻي باقيات کان ڪنهن جي مرڻ جو وقت ان بنياد تي ڪڍيو ويندو آهي تہ مئل پنهنجي جسم کي روز تبديل نٿا ڪري سگهن.
اسان جو هر وقت نئون هوندو جنم جهان تازو رکندو آهي. اتي هي اسان جي قسمت لکندو آهي. ري پليس هئڻ وارو هي عمل تمام ئي گهٽ غلطيون ڪندو آهي. ايتريون گهٽ جو اسان جو ٺاهيل بهترين کان بهترين صنعتي پراسس بہ ان کان وڌيڪ غلطيون ڪندو آهي پر هي عمل پاڻ بہ مڪمل طور تي پرفيڪٽ ناهي. سست هئڻ، وارن ۾ لهندڙ چاندي، ڪينسر، سڀ ان وري جوان هئڻ واري عمل جا نتيجا آهن. سال گذرندا آهن، خليا فھرست گڏ ڪندا آهن. جسم جا عضوا ساٿ ڇڏي ويندا آهن. پوءِ اهو وقت اچي ويندو آهي جڏهن قصو ختم. اهوئي واري اڳئين نسل ۾ هلي ويندي آهي.
ان گھڻي پرفيڪٽ عمل هئڻ واري ڪڏهن ڪڏهن واري غلطي .…… ڇا هي ان عمل جي خامي آهي؟ نہ. هي اصول تہ زندگي جي رنگيلي بنياد آهي. ان کانسواءِ سڀ ڪجھ بي رنگ ٿيندو ۽ سڀ ڪجھ هڪجهڙو. هڪ خليي کان ٻئي ۾ ڪاپي جي دوران هئڻ واريون غلطيون هي تہ ارتقا جي عمل جي بنياد آهن. جيڪڏهن اهيو نہ ٿئي ها تہ سڀ ڪجھ بس پهرئين خليي وانگر رهجي وڃي ها. ان کان سواءِ ڪجھ بہ ڪڏهن بہ نٿو ٿي سگهي. اربن سالن کان جاري ان ڪمال جي راند اڄ جي دنيا ٺاهي آهي. اڄ جي زندگي جو هر رنگ روپ انهي جو نتيجو آهي. ۽ جڏهن اسان چوندا آهيون تہ انسان غلطي جو پتلو آهي تہ هي رڳو محاورو ناهي. اسان اربن سالن کان زندگي جي پنهنجو پاڻ کي تازو رکڻ جي عمل جي دوران هئڻ وارين غلطين جا نتيجا آهيون.
مٽي کان وٺي مٽي هئڻ جي وچ جي وقت جي هڪ خوبصورت چال، بدلجندڙ مادي جي عارضي ترتيب. هي اوهان جو جسم آهي. ان ترتيب تي گذريل تجربا ۽ ان جون يادون، ان مان اڀرندڙ سوچن جو تسلسل .... هي اوهان آهيو.
اوڪ رِج جا ڊاڪٽر ايبرسولڊ ريڊيو آئسوٽوپس جي ذريعي هي تجريو پهريون ڀيرو ڪيو هو. ان مان نتيجو نڪرندو آهي تہ هن وقت 98 سيڪڙو ايٽم اڳئين سال تائين اوهان جي جسم جو حصو نہ هوندا....!!!
No comments:
Post a Comment