زندگي بائيولوجي، ڪيمسٽري، فزڪس
”ترجمو دريا خان“
خليا پنھنجي زندگي جي لاءِ ڪيميائي ري ايڪشنز تي تابعدار آهن، مثال طور ڪسرت جي دروان، شوگر ڪيميائي طور تي آڪسيجن سان ملندي آهي، ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ ۽ توانائي پيدا ٿيندي آهي، هي ري ايڪشن اوچتو ناهي ٿي ويندو، جيڪڏهن ايئن هجي ها تہ اسانجو جسم سڙندڙ شوگر جي ڌپ ۽ باھ جي مچ ۾ هجي ها، پروٽين جسم ۾ هئڻ واري بنيادي ري ايڪشنز کي ڪنٽرول ڪندا آهن ڪنھن جي رفتار تيز ڪري، ڪنهن جي رفتار سست ڪري، هي سڀ هڪ لي ۾ ٿيندو رهي تہ جيئن زندگي هلندي رهي
زندگي ڪيمسٽري آهي، پر هي ڪيمسٽري جي هڪ خاص شڪل آهي، جاندار ان لاءِ موجود ناهين جو هي ڪيميائي ري ايڪشن ٿي سگهن ٿا بلڪ ان لاءِ جو هي ري ايڪشن مشڪلن ٿي سگهن ٿا ۽ مشڪلن هتي گهڻو اهم لفظ آهي، گھڻو ري ايڪٽويٽي هجي تہ ڪجھ بہ قابو نٿو ڪري سگھي، ۽ اسان سڙي ڪري خاڪ ٿي وينداسين، گهڻي گهٽ ري ايڪٽويٽي هجي تہ اسان ٿڌا ٿي ڪري مري وينداسين، پروٽينز ان مشڪل ممڪن ري ايڪشنز کي ٿيڻ ۾ سهولت ڏيندا آهن ۽ ائين، اسان ڪيميڪل انٽروپي جي حد تي زندگي گذاريندا آهيون، جنھن کي گهڻي ئي سنهڙي برف جي تھ تي اسڪيٽنگ Skating ڪري رهيا هجون، خطرن کان خالي لڳڻ واري پر هلندڙ،
پروٽين خلين جي بناوت شيوُن بڻائيندي آهي، وارن جي تار، نهن، نرم هڏي، يا وري اهو ڄار جيڪو خلين کي ٻڌندا آهن، خلي جو ڪو فنڪشن، ميٽابولزم، خلياتي ورڇ، دفاع، ڇڻي جو نيڪال، وڌڻ، رطوبت، نڪرڻ، پيغام ڏيڻ، ڪسرت ائين جو خلي جي موت.
پروٽين کانسواءِ نٿو ٿي سگھجي، بائيو ڪيميڪل دنيا ۾ پروٽين ڪم ڪرڻ وارا گهوڙا آهن
ال ارلچ جن چيو هو تہ”زندگي ڪيمسٽري آهي“، ڪيميادانن خلين کي کولڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، شوگر مان توانائي، فيٽ کان انجو ذخيرو، پروٽين مان ڪيميڪل ري ايڪشن جو چست ٿيڻ، رفتار ڪنٽرول ٿيڻ ۽ بائيومڪينيڪل پراسس ڪنٽرول ٿيڻ، پروٽين بائيو لوجيڪل دنيا جو سوئچ بورڊ آهن، پر هي پروٽين ڪم ڪندا ڪيئن آهن؟ انجي مثال هيموگلوبن سان ڏسي وٺون ٿا. هيموگلوبن رت مان آڪسيجن کي وٺي ڪري ويندي آهي، هي فزيولوجي جو سولو ۽ اهم فنڪشن آهي، جڏهن آڪسيجن جي سطح وڌيڪ هجي تہ هيموگلوبن آڪسيجن سان گڏ جوڙي ويندو آهي، جڏهن ڪنهن اهڙي جڳھ تي ويندو آهي جتي آڪسيجن گهٽ هجي تہ آڪسيجن کي الڳ ڪري ڇڏيندو آهي، هيموگلوبن جي هي خاصيت آهي جنھن جي وجھ سان آڪسيجن جي منتقلي ڦڦڙن کان دل ۽ دماغ تائين ٿيندي آهي، پر هيموگلوبن ۾ اهڙو ڇا آهي جو انکي آڪسيجن جي لاءِ سواري بڻائي ڇڏيندو آهي
انجو جواب اُهي ماليڪيول جو ماڊل، هيموگلوبن جي شڪل چار گلن وري پتن جهڙي آهي، انجا ٻہ”پتا“ هڪ پروٽين مان بڻيل آهي جيڪو الفاگلوبن آهي، باقي ٻہ هڪ ۽ پروٽين مان جيڪو بيٽاگلوبن آهي، انجي مرڪز ۾ هڪ ڪيميڪل آهي جنھن ۾ آئرن موجود آهي، هي ڪيميڪل هيم heme آهي ۽ آڪسيجن ان سان گڏ جڙي ويندي آهي، جهڙو انکي زنگ لڳي ويندو آهي، هڪ ڀيرو آڪسيجن ان تي بار ٿي ويندي آهي تہ ھي پتا ڄار جيان بند ٿي ڪري انکي پڪڙي وٺندي آهي
جڏهن انجي لھڻ جو وقت ايندو آهي، يعني اها جڳھ ايندي آهي جتي آڪسيجن گهٽ آهي، تہ آڪسيجن جو هڪ ماليڪيول هيم کان ڌار ٿي ويندو آهي، ماليڪيول کان ڌار ٿيڻ ان ڄار کي کولي ڇڏيندو آهي، چار ئي پتا کلي ويندا آهن ۽ هيموگلوبن پنهنجو سامان لاهيء ڇڏيندو آهي، لوھ ۽ آڪسيجن جو ڪنٽرولڊ طريقي سان ملڻ ۽ ڌار ٿيڻ، زنگ لڳڻ ۽ لهڻ جو هي سائيڪل جسم جي ٽشوز آڪسيجن جي پهچائڻ جو سائيڪل آهي
هيموگلوبن جي وجھ سان ممڪن ٿيندو آهي تہ رت جي وسيلي آڪسيجن جي ڪيپيسيٽي ستر سيڪڙو ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ايئن نہ ٿي ها تہ جسم ۾ پري وارين جڳهن تي آڪسيجن پهچائڻ جو نظام نہ هجي ها تہ جسم ٿڌو ۽ ننڍو هجي ها، جهڙوڪ ڪيڙن ۾ هيموگلوبن ناهي تہ انھن جو جسم وڏو نٿو ٿي سگهي، انجي لاءِ آڪسيجن وٺڻ جو عمل مرڪزي جڳھ تي نٿو ٿي سگهي
هيموگلوبن جي فارم انکي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيندي آهي، فزيڪل ماڊل انجي ڪيميڪل نيچر کي چست ڪندو آهي، ڪيميڪل نيچر انجو ڪم ڪرڻ ممڪن بڻائيندي آهي ۽ ان فزيولوجي مان بائيولوجيڪل ايڪٽويٽي ٿيندي آهي
جاندار شين جو ڳجھو واسطو انھن تهن ۾ فزڪس ڪيمسٽري کي ممڪن ڪندي آهي ڪيمسٽري فزيولوجي کي
فزيولوجي ۾ ان فورم ۽ فنڪشن جي ان سندرتا ميچنگ جو خيال گهڻو پراڻو آهي، ارسطو جيترو پراڻو، ارسطو جو چوڻ هو تہ زندھ شيون شاندار مشينون آهن جن جي بنياد ميڪانيڪي آهي، وچولي عمر جي بائيولوجي ان روايت کان هٽي وئي ۽ پرسرار پاڻيٺ يا وائٽل فورس جهڙن خيالن جي سمت نڪري ويون، پر بائيوفزسٽ بائيولوجي جي ميڪانيڪي وضاحت کي واپس ڪري رهيا آهن، فورس، موشن، ايڪشن، موٽر، انجن، ليور، پُلي ڄار جا قائدا صوف کي زمين تي ڪرائيندا آهن، اهوئي ان صوف جي وڻ کي وڌائڻ ۾ بہ استعمال ٿيندا آهن
اڻويھ صدي ۾ بائيو ڪيمسٽري ۽ ويهين صدي ۾ بائيوفزڪس، انھن ٻنھي شعبن جي سائنس ۾ اچڻ بدلجندڙ وقتن جو نشان هو، ان لاءِ نہ تہ بائيولوجي کي فزڪس ۽ ڪيمسٽري جي نظر سان سمجهڻ جو مطلب بائيولوجي کي بي رنگ ڪندو آهي، بلڪ هي فزڪس ۽ ڪيمسٽري کي ڪيترو ئي گهڻو دلچسپ بڻائي ڇڏيندو آهي
No comments:
Post a Comment