جین جي صدي، جین (4)
مينڊيل جن وارثت جو قانون دريافت ڪري ورتو هو پر ڪيترن ڏهائن تائين هي گمنام پيل رهيو، مينڊيل جي حوصلا افزائي ڪرڻ واري سائنسدان ناگيلي جي شاگرد ڪارل ڪورنز، ڊچ ماهر نباتاب ڊي ورائز ۽ ويانا سان واسطو رکندڙ واري شيمارڪ جن انهن کي ٻيهر الڳ الڳ دريافت ڪيو، اهوئي بہ ان طرح جي نتيجن تائين پهچي رهيا هيا، مينڊيل جا تجربا واپس منظر تي اچي ويا، مئي 1900 ۾ وليم بيٽسن جن ريل تي سفر ڪندي وقت مينڊيل جو ڪم پڙهيو، جڏهن اهوئي ريل کان لهي ڪري ليڪچر هال ۾ پهتا تہ چوندا آهن” منهنجو مٿو ڦري رهيو هو هي غير معمولي ڪم هو ۽ ان مان غيرمعمولي هي هو تہ انکي نظرانداز ڪيو ويو، هي هاڻ منهنجو ذاتي مشن هو تہ انکي ڪڏهن نظراندار نہ ڪيو وڃي،”بيٽسن جن پهريان انجي نتيجن کي تجربي وسيلي پڪ ڪيو ۽ پوءِ جرمني، فرانس، اٽلي ۽ آمريڪا جو سفر ڪيو جنهن ۾ انکي ونڊيو، بيٽسن پنهنجي ان مشن جي وجھ سان” مينڊيل جا بلڊاگ" چورائيا، انھن لکيو،”وارثت جي ڳجھ حل ڪرڻ انسان جو هن دنيا جي باري ۾ نقطو نظر بدلي ڇڏيندو، اهو فطرت تي اهڙي طاقت ڏئي سگهي ٿو جيڪا انکان پهريان ڪڏهن ناهي ملي، “
ان نئي شعبي جو نالو بيٽسين جن 1905ع ۾ Genetics جينيات رکيو، انهي سال پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو ”هڪ شيءَ يقيني آهي، جيڪڏهن برطانيا ۾ ناهي تہ ڪنھن ٻئي ملڪ ۾، ماڻهون پنهنجي ماضي سان رشتو ٽوڙڻ گهرندا، فطرت سان کيڏڻ چاهيندا، خبر ناهي انجو نتيجو ڇا هوندو، جڏهن ڪا طاقت انسان وٽ ايندي آهي تہ انسان انکي استعمال ڪندو آهي، وارثت جي سائنس وڏي پيماني تي طاقت ڏئي سگهي ٿي، جلد يا دير، ان سان قومون جي جوڙجڪ بہ ڪري سگهجي ٿي، جنھن اداري وٽ هي طاقت اچي وئي، اهو سٺي طريقي سان استعمال ڪندو يا خراب طريقي سان، اهو الڳ سوال آهي
بيٽسن جن جين جي صدي جي پيشنگوئي ڪري ڇڏي هئي
جيڪڏھن وراثتي قائدن جو علم ٿي ويو ۽ انجو استعمال ڪري وٺجي تہ سٺي انساني نسل تيار ڪري سگهجي ٿي؟ هي ”خطرناڪ خيال“ سڀ کان پهريان فرانسس گالٽن پيش ڪيو، جيڪڏهن اسان سٺا ڍور ۽ ٻوٽا ان مدد سان پيدا ڪري سگهون ٿا تہ سٺا انسان ۽ سٺي قوم ڇو نہ؟ ڪوئٽلٽ جن فوجين جي سينا ۽ قد ماپي ڪري 5738 فوجين جي پيمائش جو ٽيبل پڌرو ڪيو هو، هي سڀ هڪ بيل ڪيو بڻبو آهي، وڌيڪ ماڻهون سراسري جي ويجھو ۽ پوءِ انجي وچ هڪ طريقي سان ڦهليل، گالٽن جن انکي ڏسي ڪري سوال ڪيو تہ ڇا ذهانت ۽ سندرتا جهڙي خاصتين کي بہ ان طرح پيمائش ڪري سگهجي ٿي؟ ڇا ان گراف کي آبادي ۾ تبديل ڪيو وڃي سگهجي ٿو
بيٽسن جين جي تصوير جي پرچار ۾ تہ مصروف هيا پر اڃان انجي تعريف صرف ان مان ٿيندي هئي تہ جين ڪندي ڇا آهي، جين ڇا آهي؟ انجي ڪيميڪل يا فزيڪل نيچر ڇا آهي؟ جينياتي انسٽرڪشن (جينوٽائپ) ڪيئن فزيڪل خاصيت (فينوٽائپ) ۾ تبديل ٿيندي آهي؟ هي اڳتي ڪنهن طريقي سان منتقل ٿيندي آهي؟ رهندي ڪٿي آهي؟ ريگوليٽ ڪيئن ٿيندي آهي؟ جيڪڏهن هي ڊسڪريٽ آهي تہ پوءِ قد، چمڙيِ جو رنگ هڪ مسلسل پيچ ۾ ڇو آهي؟ انجون حدون ڇا آهن؟ انجي تالي کولڻ جي چاٻي ڪٿي آهي؟
هي سڀ نامعلوم ھو
جين جي سائنس اسانکي پنهنجي تاريخ کان بہ آگاھ ڪيو، زندگي جا راز کوليا، اهم ترين علاج ۽ دائون ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي، پر انکان پهريان جين جو نالي تي ۽ جين جي خلاف... وارثت يا ترتيب... ويهي صدي جي ڪاري باب جين ئي لکڻا هيا
جنهن طرح زراعت علم نباتات جي اپلائيڊ شڪل آهي، ائين ئي جينيات جي اپلائيڊ شڪل يوجينڪس جو تصور گالٽن جن ڏنو،” فطرت سست، ظالم ۽ انڌي آهي، انساني ان عمل کي مرضي سان سمت ڏئي سگهي ٿو“، هي گالٽن جو لندن ۾ 1904ع ۾ ڏنو ويو ليڪچر هو،” هڪ صحتمند هڪ بيمار کان بهتر آهي، ڇا اسان نہ چاهينداسين تہ ايندڙ نسلون صحت مند، توانا، ذهين ۽ وڌيڪ قابليت واريون هجن؟ ڇا ايئن ڪرڻ اسانجي اخلاقي ذميواري ناهي؟. ” گالٽن جن تجويز پيش ڪئي تہ صحتمند ۽ مضبوط ماڻهن جي نسل اڳتي وڌائي وڃي، جيڪڏهن صحيح شوشل پريشر وڌو وڃي سگهجي ۽ معذور يا ڪمزور ماڻهن جي نسل وڌائڻ کان روڪي وڃي سگهجي تہ هڪ سٺو معاشرو ٺاهڻ ڏا پير کڻي وٺنداسين“.
گالٽن جو ليڪچر ٿيڻ کان پهريان ئي هال سرخيون شروع ٿي ويون هيون، پهريون حملو هڪ سائيڪيٽرسٽ هندر ماڊسلي ڪيو” نارمل والد جي گهر شٽزوفرينيا جو شڪار ٻار پيدا ٿيندا آهن، عام گهرن ۾ غير معمولي ماڻهون پيدا ٿيندا آهن، هڪ گمنام دستاني ٺاهڻ واري جي گهر انگريزي زبان جو سڀ کان مشهور اديب پيدا ٿيندا آهن، انجا پنج ڀائر هيا پر خالي وليم ئي غير معمولي نڪتو، نيوٽن هڪ بيمار ۽ ڪمزور ڇوڪرو هيو، جان ڪيلون دمي جو مريض هو، ڊارون کي ڪيترائي عارضا هيا، هربرٽ اسپنسر جن پنهنجي زندگي جو وڏو وقت بيمارين ۾ گذاريو.“
بيٽسن جي تقرير سڀ کان آخر ۾ هئي”گالٽن جي خيالن جي بنياد ئي غلطي تي هئي، هو فينوٽائپ ڏسي رهيا هيا، انفارميشن ان ۾ ناهي جينوٽائپ ۾ هوندي آهي، وزن، قد، سندرتا، ذهانت جينياتي خاصيتن جا عڪس آهن. “
تاريخ جي بدترين ظلم ڪنهن عظيم مقصد ۽ سٺائي جي نالي تي ٿيندا رهيا آهن، گالٽن جو خيال ان وقت پسند نہ ڪيو ويو پر خطرناڪ خيال جو ٻج پوکيو ويو
گالٽن جي مرڻ جي هڪ ورهين کانپوءِ 24 جولائي 1912ع جو يوجينڪستي پهرين انٽرنيشنل ڪانفرنس لنڊن جي سيسل هوٽل ۾ ٿي، ان ۾ ڏنيون ويندڙ ٻہ تقريريون خوفناڪ حد تائين جوشيليون هيون ۽ اچڻ واري وقتن جو ٻڌائي رهيون هيون، پهرين جرمن سائنسدان الفريڊ پلوٽز جي” نسلي هائي جين“ تي، ان ۾ ٻڌايو ويو هو تہ جرمني ۾ ڪيئن نسلي صفائي جي لاءِ طريقڪار واضح ڪرڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي، ٻئي آمريڪي وفد جي طرف کان تہ آمريڪا مان ڪيئن جينيات ۾ ۽ خراب مال ڪڍڻ تي ڪوشش ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي، Leprosy ڪوڙھ وارا، ڏوهاري، گونگا ۽ ٻوڙا، ذهني ڪمزوري جو شڪار، خراب اکين وارا، ڄامڙا، خراب هڏين وارا، اَڻپور عقل، چريا، ڊيپريشن وارن جي نسل اڳتي وڌائڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڪالونيون ٺاهڻ جي پلاننگ پوري آهي، ڏھ سيڪڙو آبادي ڪمزور ماڻهن جي آهي، هي سٺي ماڻهن جا والدين نٿا بڻجي سگهن، اٺ رياستن ۾ ان باري ۾ قانون منظور ٿي چڪا آهن، سٽيريلائزيشن ڪئي وئي آهي، ۽ انھن آپريشنز مان بہ ڪو نقصانڪار اثر ناهي نڪتو، اسان ذميواريون ۽ گهڻي احتياط سان گڏ بائيولوجي جو استعمال ڪري هڪ سٺي نسل تيار ڪرڻ جي قابل ٿي ويا آھيون
آمريڪا ۾ 1920ع جي ڏهائي ۾ يوجينڪس جو خيال مشهور ٿيڻ لڳو، انجي حق ۾ ۽ خلاف ٿيڻ وارن مظاهرن جي وچ يوجينڪس جي تحريڪ، قيد مان سٽيريلائزيشن ۽ سٽيريلائزيشن کان مارڻ جي پاسي ڏا وڌي رهي هئي، رياستي حڪم تي ڪنھن کي انجي مرضي کانسواءِ سٽيريلائز ڪري سگھجي پيو سٹیریلائز
چيو ويندو آهي تہ”شيطان سندرتا عڪس ۾ ايندو آهي“ جينياتي فٽنس جو خوفناڪ خيال هڪ خطرناڪ بيماري جيان انٽارڪٽيڪا پار سڄي کنڊ کي پنھنجي رتيل چنڀي جي سوگهو ۾ وٺي رهيو هو
هلندڙ....
گڏ لڳل تصوير يوجينڪس جي هڪ پراپيڪنڊا پوسٽر جي آهي
No comments:
Post a Comment