Sunday, 23 February 2020

فضائي ڌوڪو سرعام

فضائي ڌوڪو سرعام
”دريا خان“

اوهان اهو تہ ٻڌو هوندو تہ زندگي ۾ ڌوڪو ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهون ايندا آهن جيڪي ڏک جو سبب بڻجندا آهن پر ڇا اوهانکي اها خبر آهي تہ زميني فضا، جنھن جي وجھ سان ان سياري تي جاندار موجود آهن، بہ اسانکي ڌوڪو ڏيندي آهي.! جي بلڪل، جيڪا شيءِ اسان زميني مٿاڇري تي ڏسندا آهيون، اصل ۾ ان جڳھ تي ڪا شيءِ موجود ناهي هوندي، اهو ڪو سازشي نظريو ناهي بلڪي ان ڳالھ کي سائنس بہ ثابت ڪندي آهي، ڪيترن ئي ماڻھن پنھنجي ننڍپڻ ۾ اهو تجربو لازمي ڪيو هوندو تہ، جيڪڏهن هڪ گلاس ۾ پاڻي ڀري ڪري ان ۾ ڪنھن بہ روشن شيءِ کي ڏٺو وڃي تہ ان شيءِ جي شڪل گھڻي بگڙيل ڏسڻ ۾ ايندي، انکان سواءِ اها شيءِ بہ ڏٺي ھوندي تہ جيڪڏهن اوهان پاڻي سان ڀريل گلاس ۾ هڪ پنسل وجھو تہ ڏسڻ ۾ ائين لڳندو جھڙوڪ پنسل اڌ مڙيل هجي پر جڏهن اوھان پنسل کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍيو ٿا تہ اوهانکي پنسل پھريان جيان سڌي ئي ملندي،

 تہ اهڙو ڇا آهي جو هڪ ئي شيءِ جون ٻہ صورتون اسانکي ڏسڻ لاءِ ملنديون آهن؟ سائنسدانن ان عمل کي”ڪرڻن جي موڙ Refraction“ جو نالو ڏنو آهي. سائنسي اصطلاح ۾ Refraction هڪ اهڙو عمل آهي جنھن موجب جيڪڏهن روشني هڪ واسطي Medium کان ٻئي واسطي ۾ داخل ٿيندي تہ اها هڪ سڌ ۾ نہ رهندي بلڪي هڪ مخصوص زاويي ۾ مڙي ويندي، پر هڪ شيءِ ۾ روشني جي شعائن جو زاويو هڪ ئي رهندو آهي، واسطو  ڪا بہ شيءِ ٿي سگھجي ٿي جنھن ۾ گيس، پاڻياٺ حالت ۽ سخت شيون شامل آهن، اسان سڀ ڄاڻون ٿا تہ زميني فضا ۾ ڪيتريون ئي گيسون موجود آهن ۽ ان سان گڏ آبي بخارات بہ موجود آهن ان لاءِ جڏهن روشني زمين جي فضا ۾ داخل ٿيندي آهي تہ ان ۾ بہ هڪ کان ٻئي جڳھ جي جھڪڻ جو عمل ٿيندو آهي جنھن کي”فضائي Atmosphere Retraction“ چيو ويندو آهي، روشني جيئن ئي فضا ۾ داخل ٿيندي آهي تہ اها تقريبن 0.0567 ڊگري جي زاويي تي مڙي ويندي آهي مثال جيڪر اوهانکي سج آسماني گھيري افق کان 20.567 ڊگري مٿان کان ڏسڻ ۾ اچي تہ حقيقت سج  آسماني گهيري افق کان 20 ڊگري مٿان کان هوندو، هي 0.567 ڊگري جو فرق فضا جي وجھ سان پيدا ٿيندو ان لاءِ سائنسدان جڏهن بہ فلڪياتي حساب ڪندا آهن تہ اهوئي ان فرق کي ضرور نظر ۾ رکندا آهن ڇالا جي ان ٿوري بہ فرق جي وجھ سان گھڻيون وڏيون تبديليون ٿي سگھن ٿيون، مثال جڏهن زمين کان”جونو“ خلائي گاڏي کي سياري جوپيٽر تائين اماڻيو ويو تہ سائنسدانن انجي وڃڻ جو رستو اڳ ئي ڪاغذ تي ٺاهي ڇڏيو هو جنھن ۾ اهو فرق بہ غور هيٺ ورتو ويو، جيڪڏهن هي 0.567 ڊگري جو فرق نظر انداز ڪيو وڃي تہ خلائي گاڏي سياري جوپيٽر کان هٽي ڪري ڪنھن ٻئي پاسي هلي وڃي ها. انهيءَ طرح هي ڳالھ بہ گھڻي حيرت جوڳي آهي تہ سج جي وقت جيڪڏهن اسانکي سج عين آسماني گھيري افق تي يعني زيرو ڊگري زاويي تي نظر اچي رهيو هجي ۽ جيڪڏهن اسان هي نظارو بنا فضا جي ڏسون تہ سج جو آسماني گھيري افق کان 0.567 ڊگري هيٺ ڏيکاربو، يعني اسانجي پاسي اڃان آيو ئي نہ هوندو، اها ئي ڳالھ سج جي ٻئي پاسي جي لاءِ بہ صحيح آهي تہ جڏهن اسان سج کي آسماني گھيري افق تي ڏسندا آهيون تہ اصل ۾ اهو آسماني گهيري افق کان هيٺ وڃي چڪو هوندو آهي، ان سان گڏوگڏ اڄ اسانکي اهو پتو آهي تہ زمين جي گهمڻ جي رفتار ايتري آهي جو زميني مٿاڇري ۾ سج اسانکي 0.25 ڊگري جو ذاويو هڪ منٽ ۾ پورو ڪندي ڏيکاربو آهي ان حساب سان سج 0.567 ڊگري جو زاويو تقريبن ٻہ کان ٽي منٽ ۾ پورو ڪندو. هاڻي جي اسان مٿي ڏنل مثال کي ئي وٺون تہ ان طرح اسانکي اهو پتو پوندو تہ سج حقيقتن ٻئي پاسي ٿيڻ کان 2.5 منٽ اڳ ئي آسماني گھيري افق تي ڏيکاربو آهي ۽ انهيءَ طرح شام جي وقت سج حقيقتن ٻئي پاسي ٿيڻ جي 2.5 منٽ کانپوءِ بہ اسانکي آسماني گهيري افق تي ڏيکاربو آهي انهيءَ طرح پوري ڏينھن جي گذرڻ ۾ 5 منٽ جو اضافو ٿي ويندو آهي، ڪجھ ماڻھن جي ذهن ۾ اها ڳالھ هلي رهي ھوندي تہ جيڪڏهن اسانجي فضا اسانکي نظر جو ڌوڪو ڏئي ڪري ڏينھن جو دورانيو 5 منٽ وڌائي سگھي ٿي تہ ڇا اسان جيڪو سج صبحو جو نظر ۽  ٻئي پاسي وڃڻ جي وقت جو حسابن جي ذريعي ڪڍيندا آهيون اهو اصل ۾ سج صبحو جو نظر طلوع ۽ ٻئي پاسي وڃڻ جو وقت هوندو آهي يا فضا جي موجودگي ۾ سج صبحو جو نظر ۽ ٻئي پاسي صبحو سانجھي جي وقت ڪڍيندا آهيو پر جيڪڏهن اسان خلا ۾ ڪو مشن اماڻيو هجي تہ ان خلائي گاڏي جي لاءِ رستي جي چونڊ ڪندي اهو فرق حسابن مان ڪڍيو ويندو آهي تہ جيئن اسانکي ڪنھن بہ فلڪياتي جسم جي اصل جڳھ خبر پئي، ائين اهڙي ڪا شيءِ ناهي جنھن بابت انسان غور ۽ فڪر نہ ڪري ڇالا جو انساني دماغ ڪائنات جي کوجنا ۾ جيسي آهي تيسي مصروف رهندو

No comments:

Post a Comment