شمسي طوفان
”دريا خان“
اڄ زمين تي جيڪا بہ زندگي موجود آهي اها سج ڪارڻ آهي ڇالا جو خوردبيني ٻوٽن کان وٺي ڪري انسانن جي واڌويجھ ڪندو آهي ان روشني سان ٻوٽن ۾ روشنائي ترڪيب جو عمل Photosynthesis جيڪو اهڙو ڪيميائي عمل آهي جنھن ۾ ٻوٽا فضا مان ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ، پاڻي ۽ روشني حاصل ڪري گلوڪوز ۽ آڪسيجن ٺاهيندا آهن، ڪري فضا ۾ آڪسيجن کي نيڪال ڪندا آهن پر ڇا سج اسانجي لاءِ هميشہ فائديمند ئي ثابت ٿيو يا خطرناڪ بہ آهي، ڪجھ ماڻھون اهو سوچيندا آهن تہ سج تہ زمين کان تقريبن 1.5 ارب ڪلوميٽر پري آهي انڪري انجي حرارت ئي زمين تائين پھچي سگھي ٿي، انکان سواءِ ڪيترن ماڻھن جا هي خيال بہ هجن ٿا تہ جيئن تہ سج تي هر وقت ڪيترائي ڌماڪا ٿي رهيا هوندا آهن تہ اهوئي سڀ کان خطرناڪ ثابت ٿي سگھن ٿا، پر سج ۽ زمين جي وچ خلا هئڻ جي وجھ سان اسانکي انجي خبر بہ ناهي، ائين سج کان اسان زميني تي رهندڙن واسين کي بنا ڪنھن نقصان جي صرف فائدو ئي آهي پر اهو سوچڻ غلط آهي. جيئن تہ اسان ڄاڻون ٿا تہ سج ان نظام شمسي جي پھرين چار سيارن، مرڪري، وينس، زمين ۽ مريخ جيان پڪي سطح ناهي رکندو بلڪي هي مختلف گيسن سان ملي ڪري بڻيو آهي انھن گيسن ۾ سڀ کان وڌيڪ هائيڊروجن ۽ هيليئم موجود آهن، ان ٻنھي گيسن جي وجھ سان سج ۾”فيوزن ريڪشنز جوهري ردعمل “ ٿي رهيا آهن، سائنسي اصطلاح ۾ فيوزن ري ايڪشن اهڙي ڪيميائي عمل کي چئبو آهي، جنھن ۾ هائيڊروجن جا ايٽم ملندا آهن ۽ ان سان نيا هيليئم ۽ هائيڊروجن ايٽم وجود ۾ ايندا آهن، ان ڪيميائي عمل جي نتيجي ۾ گھڻي ڀاڱي توانائي نيڪال ٿيندي آهي، ۽ اها ئي وجھ آهي جو سج جي سطح جو پد حرارت تقريبن ڇھ هزار ڊگري سيلسيس سي آهي، سج جو پد ڄاڻڻ کانپوءِ اهو سوال پيدا ٿي ٿو تہ ان حالت ۾ تہ زندگي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿي پر پوءِ بہ زمين تي زندگي ڇو موجود آهي، تہ انجي وجھ هي آهي تہ زمين سج کان هڪ مخصوص وٿي تي آهي جتي سج کان ايندڙ روشني جو پد حرارت ايترو گھٽ ٿي ويندو آهي جو جيڪا زندگي جي واڌويجھ جي لاءِ سٺي آهي سائنسي اصطلاح ۾ ان وٿي کي”مناسب حيات منطقہ Habitable Zone“ چئبو آهي، جيئن تہ مضمون جي شروعات ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ سج گيسن سان ملي ڪري ٺهيو آهي تہ اها ڳالھ بہ غور ڪرڻ وٽان آهي سج جي ڪشش ايتري وڌيڪ آهي جو ان ۾ موجود پنھنجا ئي ايٽم هڪٻئي کي ڦاڙي ڇڏيندا آهن ۽ هاڻي اهوئي ايٽم ناهين رهندا بلڪي ان ۾ مثبت يا منفي چارج اچي ويندو آهي، ائين سج انھن چارجز جو پيالو آهي،
اڄ اسان سڀ ڄاڻون ٿا تہ بجلي ۽ مقناطيسي قوت جو پاڻ ۾ گھڻو گهرو واسطو آهي، مطلب تہ جيڪڏهن ڪنھن تاري مان بجلي گذري رهي آهي تہ ان جي ويجھو مقناطيسي فيلڊ موجود هوندو، انھي طرح سج ۾ موجود انهن چارجز جي هڪ کان ٻئي جڳھ حرڪت جي وجھ سان جنھن کي سائنيسي اصطلاح ۾ ڪرنٽ چيو ويندو آهي ان حصي ۾ مقناطيسي فيلڊ بہ وجود ۾ ايندا آهن، اها ئي مقناطيسي فيلڊ جنھن سان ئي سج جي ٻاهرين سطح تائين پهچائيندو آهي تہ هڪ پڇ ايتري طاقت نيڪال ڪندي آهي جو انجي وجھ سان سج جو پلازما، جيڪو مادي جي اهڙي قسم آهي جنھن ۾ چارجز موجود هوندا آهن، خلا ۾ گھڻي تيزي سان نڪرندو آهي ۽ سج جي ويجھو ڦھلجي ويندو آهي، پر ڇا ٿي جو جيڪڏهن هي قوت ايتري وڌيڪ هجي جو هي مادو سج کان اربن ڪلوميٽر پري ڦھلجي وڃي تہ.! ائين گھڻا ڀيرا ڏسڻ ۾ آيو آهي تہ سج جي مقناطيسي فيلڊ جي وجھ سان ايتري طاقت پيدا ٿيندي آهي جو هي مادو زمين، چنڊ، مريخ ۽ ٻين سيارن تائين، جيڪي سج کان گهڻو پري پهچي ويندو آهي، ان مادي جو جيڪو ڪيترا چارجز جو مجموعو هوندو آهي،”شمسي هوائون“ بہ چيو ويندو آهي، جڏهن سج ايتري وڌيڪ قوت سان هي مادو خلا ۾ اڇلائيندو آهي تہ انکي فلڪياتي اصطلاح ۾”شمسي طوفان“ جو نالو ڏنو ويندو آهي، تازو ئي زمين ان شمسي هوائن جي نشاني تي هئي، ۽ هي هوائون زمين کان پنج ۽ ڇھ مئي 2018ع جو ٽڪرائون هيون، انھن هوائن سان ڪيترائي ئي اثر پيدا ٿيندا آهن، اسان ڄاڻون ٿا تہ زمين جي پنھنجي مقناطيسي فيلڊ آهي جيڪا انجي ويجھو هڪ” مقناطيسي گولو“ بڻائيندي آهي، حيراني جي ڳالھ اها آهي تہ انجي وجھ سان اسان انھن شمسي هوائن کان بچيل رهندا آهيون، جيڪڏهن هي مقناطيسي فيلڊ نہ هجي ها جنھن طرح مريخ ۽ چنڊ کي مقناطيسي فيلڊ گھڻي گھٽ آهي، تہ هي شمسي هوائون فضا کي ختم ڪري ڇڏين ها، ۽ زمين تي زندگي ممڪن ئي نہ هجي ها، زمين جي قطبين تي هي مقناطيسي فيلڊ گھڻي وڌيڪ آهي ۽ انھي جڳهن تي انھن شمسي هوائن ۾ موجود چارجز زمين جي مقناطيسي فيلڊ سان ملندا آهن، ان ملڻ جي نتيجي ۾ زميني مٿاڇري ۾ رنگينيون روشنيون نظر اينديون آهن جن کي” Aurora يا اتري روشنيون“ بہ چئبو آهي، هي روشنيون اتر کان ڏکڻ قطبين ۾ نظر اينديون آهن، انھن شمسي هوائن جي رفتار گھڻي ڀاڱي تيز هوندي آهي، جنھن جي وجھ سان چارجز جھڙا ئي زميني فضا ۾ داخل ٿيندا آهن تہ مختلف سگنلنگ جو نظام خراب ڪري ڇڏيندا آهن. ان وجھ سان ڪيترن ئي سيٽلائيٽس کان زميني رابطو ڪٽجي ويندو آهي، انھن سيٽلائيٽس ۾ جي پي ايس سسٽم، ٽيلي ويزن سيٽلائيٽس ۽ موسمي سيٽلائيٽون شامل آهن، انھن شمسي هوائن مان بجلي جي تارن ۾ پاور گهڻي بہ ٿي سگھي ٿي جنھن جي وجھ سان ڪڏهن ڪڏهن وڏا فيڊرز ٽرپ ڪري ويندا آهن، 1959ع ۾ انھي طرح جو هڪ شمسي طوفان جڏهن زمين سان ٽڪرايو هو تہ انھن علائقن ۾ بجلي جو نظام تباھ ٿي ويو جتي ان وقت ڏينھن ھو، سج جتي زمين تي زندگي پيدا ڪندڙ آهي اتي ئي انجا ڪجھ منفي اثر بہ زمين تي پوندا آهن پر پوءِ بہ سج مان حاصل ٿيڻ وارا فائدا نقصانن کان گھڻا وڌيڪ آهن
No comments:
Post a Comment